سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :12

 

قـد

انسان جي زندگيءَ ۾ قد جي اھميت بھ آھي، جتي چھرا زندگيءَ جي ھر ڪارگذاريءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا، اتي قد بھ انھن ڳالھين کي سمجھڻ ۾ ڪافي مدد مھيا ڪري ٿو. مثلا

1.           ڊگھو قد

2.          بونو قد

3.          بي ڍنگو قد

4.          وچولو قد

5.          ننڍو قد

ھنن جي باري ۾ معلومات ھيٺ ڏجي ٿي.

 

1. ڊگھو قد

جن ماڻھن جو قد ڊگھو ھوندو آھي، اھي ماڻھو حسن پرست ھوندا آھن. اگر ھي ماڻھو مضبوط جسم رکن ٿا، تھ اھي امن سان رھڻ پسند ڪندا آھن

ھي ذھني جنگ وڙھڻ پسند ڪندا آھن. ھي وڏا ملنسار، کلڻ ۽ کلائڻ وارا توڙي خوش اخلاق ھوندا آھي. ھي کل ڀوڳ کي پسند ڪندا آھن ۽ پنھنجو تعارف جلدي ڪرائيندا آھن. محبت ۾ ھنن کي 85 سيڪڙو ڪاميابي ملندي آھي.

ھن قسم جون عورتون محبت ۾ مردن ڏانھن تڪڙو ڇڪجي اينديون آھن ۽ مرد بھ عورتن جي محبت ۾ بي تاب ٿي سندن طرف وڌي ايندا آھن. ھي پنھنجي شخصيت سان ٻين کي پاڻ ڏانھن مائل ڪري انھن جي مٿان ڇانئجي ويندا آھن.

ڊگھو قد رکڻ وارن ماڻھن ۾ تمام گھٽ اھڙا ھوندا آھن، جن جو قد ضرورت کان وڌيڪ ڊگھو ھوندو آھي. گھر ۾ ۽ ٻارن تي ھنن جو ڪنٽرول گھٽ ھوندو آھي ۽ ھي ماڻھو وچولي قسم جي زندگي گذاريندا آھن.

 

2. بونو قد

جن ماڻھن جو قد بونو ھوندو آھي، اھي چست ۽ چالاڪ ٿيڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪندا آھن ۽ ٻين جي کل جو باعث بڻجندا آھن. ھنن کي ڪيترن قسمن جون بيماريون لڳي وينديون آھن. ھي پرھيز نھ ڪندا آھن. پنھنجن خواھشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ھنن کي پنھنجي قد کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آھي. ھي ٻين جي رحم ڪرم ۽ حالتن جي سھاري زندگي گذاريندا آھن. ھنن جي پنھنجي ذاتي راءِ ڪا ڪانھ ھوندي آھي. ٻين جي راءِ تي عمل ڪندا آھن ۽ جيئن تين زندگي بسر ڪندا آھن. معاشري ۾ ھنن کي ڪا اھميت ناھي ملندي. ويچارا ھڪ پٿر وانگر ھيڏي ھوڏي پيارا ڌڪبا آھن.

 

3. بي ڍنگو قد

جن ماڻھن جو قد بي ڍنگو ھوندو آھي، اھي ھر قسم جي موسم ۾ بيزار رھندا آھن ۽ بي چيني ھنن کي گھيري رکندي آھي. ھي ٻين تي تنقيد ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندا آھن. ٻين جي سٺي صحت کان ھنن کي نفرت ھوندي آھي، ڇو تھ ھنن جي پنھنجي صحت خراب رھندي آھي. ڪنھن جي محفل کي ھي پسند نھ ڪندا آھن. ھي ملڻ جلڻ کي بھ پسند نھ ڪندا آھن. جھڙيءَ طرح ھنن جو قد بي ڍنگو ھوندو آھي، اھڙي طرح ھنن جي گفتگو بھ بي ڍنگي انداز واري ھوندي آھي. ھي ماڻھو ڪڏھن بھ مقبوليت حاصل نھ ڪندا آھن. ھنن جي شادي شده زندگي پريشانيءَ ۾ گذرندي آھي.

ھي پنھنجي زندگيءَ کان بيزار بيزار رھندا آھن. زالون اھڙن مڙسن کي سٺو نھ سمجھنديون آھن، جڏھن ھنن جو اولاد جوان ٿي ويندو آھي، تھ سندن چوڻ ناھي وٺندو ۽ ھنن کان بيزار رھندو آھي.

ھي ماڻھو ڪڏھن ترقي نھ ڪري سگھندا آھن. ڪو نمايان ڪارنامو نھ ڏيکاريندا آھن. ھي مشڪوڪ قسم جي طبيعت ۽ مزاج رکندڙ ھوندا آھن. ھي ڪنھن بھ شيءِ کي مڪمل نھ سمجھندا آھن. جھڙيءَ طرح ھنن جي زندگي اوڌوري ھوندي آھي، ھي پڻ ھر شيءِ کي نامڪمل يا اڌورو سمجھندا آھي. ھي ذرو بھ ادبي ذوق نھ رکندا آھن، تصويرون ٺاھڻ ۽ مصوريءَ ۾ دلچسپي وٺندا آھن. سياست پسند نھ ڪندا آھن. مذھب سان بھ ھنن کي ڪو لڳاءُ نھ ھوندو آھي. بي چين، بيزار ۽ ناڪام قسم جي زندگي گذاري ٻئي جھان ڏانھن روانا ٿي ويندا آھن.

 

4. وچولو قد

ھن قد وارا ھر ڪم سوچي سمجھي ڪرڻ پسند ڪندا آھن، يعني ڪم گھڻي غور فڪر کان پوءِ ڪندا آھن. ھر مرحلي تي احتياط سان قدم کڻڻ کي ھي پنھنجو فرض سمجھندا آھن.

اھڙن ماڻھن کي مذھب ۽ پنھنجي فرقي سان محبت ھوندي آھي ۽ ھي انھيءَ طرف وڌيڪ مائل ٿي ويندا آھن. ھي پراڻن قدرن جا پاسبان ھوندا آھن. رسم ۽ رواج کي نڀائيندا آھن. جنھن کي ھڪ دفعو پنھنجو بڻائيندا آھن، ان جا ئي ٿي رھندا آھن.

ھي مطالعي جو شوق رکندا آھن. مذھبي گڏجاڻين ۾ بھرو وٺندا آھن. ھنن سان دوستي رکڻ ۾ ڪنھن قسم جو نقصان نھ ھوندو آھي. ويتر ھي دوستن جي ڪم ايندا آھن. ماڻھن جي غم ۽ خوشيءَ کي شيئر ڪندا آھن. ھنن ۾ انسانن لاءِ ھمدرديءَ وارو جذبو سمايل ھوندو آھي. ھي طنزيھ گفتگو نھ ڪندا آھن. ھي ماڻھو ڪنھن تي طنز ڪرڻ جو مادو گھٽ رکندا آھن ۽ اھڙي عمل سان کين رنج رسندو آھي.

ھي ھر شعبي ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي وٺندا آھن، پر ملازمت ھنن کي وڌيڪ پسند نھ ھوندي آھي ۽ انھيءَ ۾ تڪڙي ترقي ڪري سٺي عھدي تائين پھچي ويندا آھن، ھنن کي راندين سان لڳاءُ ھوندو آھي.

ماڻھو ھنن جي شادي شده زندگيءَ جا مثال ڏيندا آھن ۽ ھي ماڻھو پنھنجي زندگي خوشحال ۽ خوشگوار طريقي سان گذاريندا آھن.

ھي ماڻھو فنون لطيفھ ڏانھن بھ مائل ھوندا آھن. ھي ڏاڍي خوبصورت گفتگو ڪندا آھن. ھي گڙدي جي سور ۾ ھميشه مبتلا رھندا آھن. ھي جوانيءَ ۾ بھ معدي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا. ھنن جا اعصاب پڇاڙيءَ ۾ ڪمزور ٿي ويندا آھن. ھي پنھنجي زال ۽ ٻارن سان بيحد محبت ڪندا آھن ۽ انھن سان نھايت بھتر سلوڪ ڪندا آھن. ھنن جو خاندان سک سان زندگي گذاريندو آھي. ھي ماڻھو ٻين لاءِ مقدس جذبو رکندا آھن. ۽  ھنن کي پاڪيزه زندگي گذارڻ جو بي حد خيال رھندو آھي.

ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جي شعبي ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندا آھن. سادو رھڻ پسند ڪندا آھن. وقت ۽ حالتن سان سمجھوتو ڪندا آھن. ھي گھڻي دير تائين ڪنھن شيءِ کان متاثر رھي نھ سگھندا آھن. ھي جلدي پنھنجي واٽ بدلائي ڇڏيندا آھن. ھر حالت ۾ رھڻ ھنن کي خراب نھ لڳندو آھي، ھي پاڻ کي حالتن مطابق بڻائي ڇڏيندا آھن. پاڻ خوش رھندا آھن ۽ ٻين کي بھ خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

 

5. ننڍو قد

جيڪي ماڻھو ننڍو قد رکندا آھن، اھي ماڻھو اڪثر شوخ لباس پائيندا آھن، عمدي خوراڪ کائيندا آھن ۽ شاندار رھائشگاھھ ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن.

ھي ھر وقت شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيندا آھن. ھي وڏا تيز، ھوشيار ۽ چالاڪ ھوندا آھن.

ھي ڏاڍيءَ تيزيءَ سان پنھنجو ڪم مڪمل ڪندا آھن ۽ ٻين کان وڌيڪ محنت ڪندا آھن. ھي سٺي زندگيءَ کي نھ رڳو پسند ڪندا آھن، بلڪ ان سان بيحد لڳاءُ ۽ محبت رکندا آھن. ھنن ۾ ذھانت تمام گھڻي ھوندي آھي.

ھنن جو ذھن تيز ھوندو آھي ۽ سوچيل منصوبي تي تيزيءَ سان عمل بھ ڪندا آھن. ننڍي قد وارن ماڻھن ۾ وڏيون صلاحيتون ھونديون آھن. ترقي ۽ تعمير جي ميدان ۾ ھي ماڻھو وڏيءَ تيزيءَ سان اڀري سامھون ايندا آھن ۽ صف اول جي طاقت بڻجي ويندا آھن.

ھنن ماڻھن جي گفتگو تيز ۽ تحرير طاقتور ھوندي آھي. ھي وار جي کل لاھڻ وارا ھوندا آھن. ھنن ۾ طنز جو عنصر موجود ھوندو آھي. ٻين تي گھٽ اعتماد ڪندا آھن. ھي اڪثر پنھنجو پاڻ تي بھ يقين، ڀروسو ۽ اعتماد نھ رکندا آھن تھ پوءِ ھو ٻين جي ذات تي ڪھڙو اعتماد ڪندا.

سوچ ويچار جي ڪري ھنن جي زندگي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندي آھي. ھي بي چين رھندا آھن. ھي ھر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جا ماھر ھوندا آھن. ماڻھو ھنن جي ڪارڪردگي سمجھي نھ سگھندا آھن. ھي عجيب قسم جي نوعيت جا ڪم ڏيکاريندا آھن. ھي ٻئي ڪنھن جي ڳالھھ توجھھ سان نھ ٻڌندا آھن، پنھنجي ڳالھھ ٻڌائڻ جي تڪڙ ھوندي اٿن. ھي سياستدان گھٽ ھوندا آھن، ٻين جي راءِ ۽ مشورن کي ذرو بھ پسند نھ ڪندا آھن. ھي پنھنجي سوچن تي ئي عمل ڪرڻ پسند ڪندا آھن. ھي ڪنھن ٻئي جي نظريي سان متفق گھٽ ٿيندا آھن.

ڪوبھ فلسفو ھنن کي متاثر ناھي ڪندو. ھي پنھنجي ئي فلسفي تي ھلڻ پسند ڪندا آھن. ھنن کي گھٽ ئي ڪو واقعو يا ڪا ڳالھھ متاثر ڪندي آھي. دراصل ھي ماڻھو محنتي ھوندا آھن. ان ڪري نمايان ترقي جو باعث بڻجندا آھن. ھنن جي شادي شده زندگي خوشگوار نھ ھوندي آھي، بلڪ ٿڪل ٿڪل گذرندي اٿن. ھي دٻيل دٻيل رھندا آھن. ھي پنھنجي زالن ۽ ٻارن سان گڏ خوشيءَ واري زندگي گذاري نھ سگھندا آھن.

ھي شگر، بلڊپريشر ۽ ڪينسر جي مرض کان گھٻرائيندا آھن ۽ ھنن کي انھن قسمن وارا مرض جلدي لڳي سگھن ٿا. ھي جوانيءَ ۾ ئي بي خوابي زندگي گذارڻ لڳندا آھن. ھنن کي ننڊ گھٽ اچڻ لڳندي آھي ۽ آخري عمر ۾ ھي بلڪل بي خوابيءَ جو شڪار ٿي ويندا آھن. ترقي جي راھھ ۾ ماڻھو ھنن لاءِ بي شمار رڪاوٽون کڙيون ڪندا آھن. پر ھي انھن رڪاوٽن کي ٽوڙي حيرت انگيز انداز ۾ ترقي ڪري وٺندا آھن ۽ ھنن جا مخالف ڏسندا رھجي ويندا آھن. سندن ڪجھھ بھ بگاڙي نھ سگھندا آھن. ڪاروبار ھجي يا ملازمت، ھنن لاءِ ساڳي ڳالھھ آھي. ھي خوب محنت ڪندا آھن، ان ڪري ھر شعبي ۾ نمايان ترقي حاصل ڪندا آھن ۽ ڪامياب زندگي بسر ڪندا آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org