سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :2

 

ٽڪنڊو چھرو (منھن)

ھن قسم جا چھرا ٽڪنڊا ھوندا آھن. ھنن جي مٿي جي ويڪر سڄي منھن جي نسبت وڏي ھوندي آھي. ھيٺئين ڄاڙيءَ جي ھڏي مٿئين ڄاڙيءَ ۽ مٿي جي ھڏيءَ جي نسبت گھڻو گھٽ ويڪري ھوندي آھي.

ھنن جي کاڏي ٿوري ٻاھر نڪتل ھوندي آھي ۽ ڳل بھ کاڏيءَ طرف جھڪيل ھوندا اٿن. اھڙي چھري جي شخصيت وارا ذھني طور تي تيز ۽ جذباتي طور تي تڪڙي ڪاوڙ کائڻ وارا ۽ ھر معاملي ۾ لڳ ڀڳ تيز ھوندا آھن.

ھن چھري وارا ماڻھو زندگيءَ جي ھر قدم تي مڪمل يقين ڀروسي کان ڪم وٺندا آھن، فيصلي ڪرڻ جي طاقت ھنن ۾ گھٽ ھوندي آھي. ھي ماڻھو جذباتي طور تي جلد تپي باھھ ٿي ويندا آھن. ان ڪري پنھنجي گھر وارين سان ڪاميابي زندگي گذاري نھ ٿا سگھن. اھڙي چھري وارا مرد پنھنجي گھر واريءَ کي سمجھي نھ سگھندا آھن ۽ تڪڙ ۾ غلط قدم کڻي ويھندا آھن. ان کان پوءِ بھ ھنن ۾ پڇتاءُ جو عمل تمام گھٽ ھوندو آھي، ھنن کي جڏھن بھ ڪنھن ڳالھھ جي ڪري ڪا پريشاني ھوندي آھي، تڏھن بھ پنھنجي فيصلي کي بلڪل صحيح سمجھندا آھن ۽ چوندا آھن تھ اسان غلط نھ آھيون.

قدرتي طور تي اھڙو چھرو رکندڙ عورتون مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ جذباتي ۽ حساس ھونديون آھن. ھن قسم جون عورتون پنھنجي جذبن جو اظھار چڱيءَ طرح سان ڪنديون آھن ۽ اظھار وقت ڪو آر محسوس نھ ڪنديون آھن.

 

چورس چھرو

ھن چھري جي ٽنھي ھڏين جي ويڪر لڳ ڀڳ ھڪ جيتري ھوندي آھي. يعني ھنن جي مٿي واري ڄاڙيءَ ۽ کاڏيءَ جي ھڏين جي ويڪر ۾ ڪو خاص فرق نھ ھوندو آھي. جڏھن تھ چھري جي ڊيگھھ بھ ان جي ويڪر جيتري ھوندي اٿن. اھڙي چھري وارن ماڻھن جي بنيادي خاصيت ھيءَ ھوندي آھي، تھ ھي ذھين، قابل، محنتي ھوندا آھن، پيدائشي طور تي ھنن ۾ اھي خاصيتون موجود ھونديون آھن.

ھي ماڻھو جيڪو فيصلو ڪندا آھن، ان کي پوري ڪرڻ جي ھميشه ڪوشس ڪندا آھن.

ھي ماڻھو ڏکاين کي نھايت ئي صبر سان سھندا ۽ حل ڪندا آھن، ھنن جي ڪاميابيءَ جو راز ھي ھوندو آھي تھ ھي ڪنھن ٻئي جو مشورو سوچڻ سمجھڻ سواءِ ايترو جلدي قبول نھ ڪندا آھن.

ھن چھري وارا ماڻھو ڪاوڙ کائڻ وارا ھوندا آھن. پنھنجي عزت کي ٻين جي عزت کان وڌيڪ سمجھندا آھن، پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي ذات کي وڏي اھيمت ڏيندا آھن.

چورس چھري واريون عورتون پنھنجي فيصلن کي ٻين مٿان مڙھنديون آھن. جڏھن تھ ھن چھري وارا مرد پنھنجي مرضيءَ جي خلاف ڪنھن کي بھ عمل ڪرڻ نھ ڏيندا آھن. بلڪ ٻين کي مجبور ڪندا آھن، تھ ھو ھنن جي سوچ مطابق عمل ڪن. ھو پنھنجي سوچ کي وڏي اھميت ڏيندا آھن.

جذبن جي اظھار ۾ ھي ماڻھو ٿڌا ۽ صبر وارا ھوندا آھن. گڏيل مفاد جا حامي ھوندا آھن. پر ھن قسم جي ماڻھن تي گھڻو ڪري منفي سوچ جا جزا حاوي ٿي ويندا آھن.

شاعراڻي طبيعت ھوندي اٿن. خوبصورتيءَ جا مداح ھوندا آھن. ھر دلعزيز ھئڻ سان گڏوگڏ وڏائي وارا بھ ھوندا آھن. آمريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن انھيءَ چھري جو تازو مثال آھي. جڏھن تھ برطانيھ جي اڳوڻي وزيراعظم مسٽر ونسٽن چرچل ۾ بھ اھي ئي خاصيتون ھيون.

ھن طرح جي چھري جا ماڻھو ترقي پسند بھ حد کان وڌيڪ ھوندا آھن.

 

ڊگھو ٽڪندو چھرو

ھن قسم جو چھرو ڊگھو ۽ ٽڪندو ھوندو آھي. ھن ۾ بھ چھري جون ٽئي ھڏيون لڳ ڀڳ ھڪ جيتريون ھونديون آھن. پر ان جي ڊيگھھ وڌيڪ ھوندي آھي، انھن چھرن تي ظاھري طور تي سڪون ۽ ماٺار نظر ايندي آھي، پر اندر ئي اندر ڀرپور جذباتي ھوندا آھن، ھن قسم جا ماڻھو دنيا ۾ ايترو مشھور نھ ٿيندا آھن. ھي ڏاڍيءَ سست رفتار سان ترقي ڪندا آھن.

ھن قسم جا ماڻھو ذھني طرح بھ ايترا ذھين ڪونھ ٿيندا آھن. ھي ماڻھو قدرتي طور وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا آھن، جيڪي اڪثر کين کان پوريون ٿي ناھن سگھنديون.


 

بيضوي چھرو

اھڙي چھري وارا ماڻھو ڏاڍا سخي ھوندا آھن ۽ ھمدرد ۽ ھڏڏوکي پڻ ھوندا آھن. طبيعت ۾ عيش پسند ۽ سندن خيال بھ تمام اوچا ھوندا آھن ھر معاملي ۾ جذباتيت جو مظاھرو ڪندا آھن.

مزاج ۽ طبيعت جي روءِ کان فنڪارن جھڙي زندگي گذارڻ چاھيندا آھن. پر گھڻو ڪري عوامي زندگي گذاريندا آھن. خوش مزاج ۽ لطيفن جا ڪوڏيا ھوندا آھن. حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ جوش سان ڀريل ھوندا آھن.

عورتن ۾ بيضوي چھرو خوبصورتي جي علامت ھوندو آھي. اھڙو چھرو رکندڙ عورتون ملڻ جلڻ کي گھڻو پسند ڪن ٿيون.

بيضوي چھري ۾ نازڪ نڪ ۽ ويڪري پيشاني انفراديت جي علامت آھي.

 

ڪتابي چھرو

اھڙو چھرو رکندڙ عورتون خوش طبيعت ھونديون آھن. فطري طور مستقل مزاج ۽ صبر واريون ھونديون آھن.

اھڙا مرد خوش مزاج ۽ سھل پسند ھئڻ ڪري ڏاڍا دلعزيز ھوندا آھن. ھن چھري ۾ ڳل تي ڪاري تر کي خوش بختيءَ جي علامت سمجھيو ويندو آھي. اھڙا ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن انداز ۾ ڪھڙي طرح بھ ھر ڪم ڪار ۾ پنھنجي لاءِ نئين جاءِ ٺاھي وٺندا آھن ۽ ھڪ منفرد حيثيت رکندا آھن.

اھڙا ماڻھو تخليقي قابليت رکندڙ ھوندا آھن ۽ اڪثر نيون شيون ايجاد ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳا پيا ھوندا آھن.

 

گول چھرو

ھن قسم جو چھرو رکندڙ عورتون خاموش طبيعت واريون ھونديون آھن ۽ گھڻ-ڳالھائو، گھڻا سوال جواب ڪنديون آھن، انھن جي گھرائي ۽ معنيٰ خيز نظرن ۾ سڪ سمايل ھوندي آھي. ھيءُ پنھنجي مڙس سان وفاداريءَ کي خاص اھميت ڏينديون آھن، ھميشه پنھنجي جيون ساٿيءَ جي ڳولا ۾ مگن رھنديون آھن. جيڪر ھنن کي پنھنجي جيون ساٿيءَ تي ذرو بھ شڪ ٿيو تھ ھي پنھنجيءَ گھريلو زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏينديون آھن.

ھن چھري وارين عورتن جو نڪ ٿورو دٻيل ھوندو آھي، اھي ھر ڳالھھ ۾ ماڻھن کي منجھائينديون آھن.

ھن چھري وارا مرد مھذب ۽ رومان پسند ھوندا آھن، وڏا حساس ھوندا آھن، انھن جون خوبيون ۽ انھن جون خاميون ھنن جي چھري مان صاف ظاھر ٿينديون آھن. ھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ۽ صبر کان ڪم وٺندڙ ھوندا آھن. پنھنجي تعريف پسند ڪندا آھن. عام طور ھنن ۾ جنسي خواھش ۽ جنشي جذباتيت نمايان ھوندي آھي.

ھن چھري وارا مرد جن جو نڪ ٿورو دٻيل ھوندو آھي، سي ظاھر ۽ باطن ۾ ساڳيا ھوندا آھن يعني صاف ڳالھائيندڙ ھوندا آھن. ھر معاملي ۾ صفائي پسند ھوندا آھن.

 

اساطيري يا ماھھ رخ چھرو

ھن چھري کي ديو مالائي چھرو چوندا آھن. جڏھن تھ اسان وٽ عام طرح ھي چھرو ماه رخ چورائيندو آھي.

ھن قسم جو چھرو اڪثر عورتن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آھي ۽ اھڙا چھرا عام ڪونھ ھوندا آھن، بلڪ ورلي نظر ايندا آھن.

چھرا شناس جو چوڻ آھي تھ ھي چھرو رکندڙ عورتون ڏاڍيون حسين ھونديون آھن ۽ ڏاڍيون ڳجھيون ھونديون آھن ۽ ڳجھھ لڪائڻ جو اھڙو ڏانءُ ھوندو اٿن، جو ھنن سان گڏ ساري عمر گذري وڃي، پر سندن اندر جي انت جي صحيح خبر ڪانھ پوندي. ھن قسم جو چھرو رکندڙ عورتن جي زندگي شاھاڻي طريقي سان گذري ٿي ۽ ھنن جي شادي شده زندگي ڏاڍي خوشگوار گذرندي آھي. ھي پنھنجي دل جون ڳالھيون پنھنجي خوبصورت مسڪراهٽ جي روح ۾ لڪائينديون آھن. ھنن جي ڪاوڙ ڏاڍي خطرناڪ ھوندي آھي. ھي جڏھن ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي وينديون آھن تھ پوءِ ڪجھھ بھ ڪري سگھن ٿيون.

 

چنڊ نما چھرو

ھن طرح جو چھرو عقل منديءَ ۽ ذھانت جي علامت آھي.

ھن چھري وارا ماڻھو گھٽ ڳالھائيندڙ ھوندا آھن.

عورتن ۾ ھي چھرو حاڪميت وارو رجحان رکندڙ ھوندو آھي، اھڙي چھري وارن ۾ ھر دلعزيز ٿيڻ جي صلاحيت ھوندي آھي. ھنن جي دوستي جو دائرو وسيع ھوندو آھي. پنھنجي مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ عملي ڪوشش ڪندا آھن. ھي ماڻھو ڪفايت پسند ھوندا آھن.

 

چھرو ۽ مزاج

چھري شناسي ۽ مزاج جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي. چھرا شناسي ماھرن جو چوڻ آھي تھ چھري جي نقشن سان گڏ انسان جي مزاج کي سمجھڻ نھايت ضروري آھي ۽ ھن سلسلي ۾ مزاج جا ٽي قسم بيان ڪريون ٿا، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:

1.      توانائي سان ڀرپور زندگي

2.      تحريڪي

3.      ذھني

انھن ٽنھي مزاجن جو نفسياتي تجزيو چھرا شناسيءَ جي ماھرن ھن طرح ڪيو آھي، تھ انسان جي اندروني ڪيفيت سندس ٻاھرينءَ حالتن مان ظاھر ٿيندي آھي.

جڏھن تھ چھرو اھو آئينو آھي، جنھن ۾ انسان جي دلي، ذھني ۽ جسماني ھر حالت جو عڪس نظر ايندو آھي. ۽ ائين چھري جو مطالعو، انسان جي پوريءَ زندگيءَ جو مطالعو آھي ۽ انھن مزاجن جي ماڻھن جا تفصيل بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي ھيٺ ڏنل آھن:

1.        توانائيءَ سان ڀرپور زندگي

اھڙي مزاج رکندڙ ماڻھن جو نفسياتي تجزيو ھن طرح ڪيو ويو آھي:

1.        تندرست ۽ توانا.

2.       خوش شڪل، خوش گفتار، خوش پوشاڪ، خوش مزاج.

3.       صاف دل، نيڪ نظر.

4.       ھر حال ۾ خوش رھڻ وارا.

5.        جوشيلي طبيعت وارا.

6.       محفل جا مور.

7.       سڀني سان ملي جلي رھڻ وارا.

8.       نھايت حساس.

9.       مھذب.

10.   رومان پسند/ محبت ڪندڙ.

اھڙي چھري واريون مشھور شخصيتون

1.      رچرڊ برٽن

2.      پرنس چارلس

3.      چيانگ ڪائي شيڪ

4.      مادام ڪيوري

5.     چارلس ڊيگال

6.      جارج ايسٽ

7.      اندرا گانڌي

8.      بلي گراھم

9.      گريس ڪيلي

10.  رابرٽ ڪينيڊي

11.  پنڊت جواھر لعل نھرو

12.  ميرنيا مور

13.  پبلو پڪاسو

14.  جم بشپ

15.  برطانوي وزير مارگريٽ ٿيچر

اھڙي چھري وارن لاءِ مناسب ڪرت

1. فن تقرير

2. ادب ۽ صحافت

3. کوجنا ڪندڙ

.4آثار قديم

5. اڪائونٽس

6. تعميرات

7. انجنيئرنگ

8. سرجري

9. اقتصاديات

10. نفسيات

 

 .1توانائيءَ سان ڀرپور مزاج وارن جون بيماريون

1. سنڌن جو سور

2. مٿي ۽ ڳلي جون بيماريون

3. ھاضمي جي خرابي

4. معدي جي سوڄ

5. پيچش/ قبضي

 6. مثاني جون بيماريون

7. زڪام/ نزلو

 8. نڪ جون بيماريون

 2. تحريڪي مزاج

1.  چورس چھرو ڄاڙي جون ھڏيون واضع.

2. عملي ماڻھو.

3. بھترين منصوبھ ساز.

4. فھم وارو، فھميندو، معاملن کي سلجائيندڙ، ڊگھي نظر رکندڙ.

5. متاثر ڪندڙ.

6. بھترين رانديگر، فنڪار، سياستدان، سياح.

7. ھي مزاج رکندڙ عورتون سٺيءَ شخصيت جون مالڪ ھونديون آھن. ملازمت ڪندڙ عورتن ۾ ھنن جو تعداد وڌيڪ آھي.

8. اھڙيون عورتون عمل پسند ھونديون آھن، ڪنھن ھڪ شعبي سان ھنن جي گھري دلچسپي ھوندي آھي. ڪنھن اداري جي سنڀاليندڙ، ڊانس جي ماھر، فنڪار، دڪاندار ۽ ڪنھن بھ تجارتي اداري کي سٺي طرح سنڀالي سگھن ٿيون. بھرحال ھي ڪٿي بھ ھجن، وڌ کان وڌ جستجو ۾ رھن ٿيون.

9.  ھن مزاج واري عورت ڪنھن مشھور سياسي اڳواڻ جي گھر واري بھ ٿي سگھي ٿي.

10. ھن مزاج واري عورت ايتري ڀرپور ۽ خوبصورت ھوندي آھي ۽ سندس شخصيت ايتري تھ پرڪشس ھوندي آھي جو مرد ھڪ ئي نظر ۾ سندس ديوانھ ٿي پوندا آھن ۽ سندس خدمت لاءِ راضي ٿي ويندا آھن.

11. اھڙي مزاج جي عورت خوش مزاج يا ٿڌيءَ طبيعت واري ھوندي آھي، ھيءَ عورت گھٽ ڳالھائيندڙ ۽ سڀني کان الڳ رھڻ پسند ڪندي آھي. ھيءَ پنھنجي زندگيءَ جو ساٿي اھڙو چونڊيندي آھي، جنھن جي ڪري ھن کي فخر پلئھ پوي ۽ جيڪو ھن جي ٻارن جو سٺو ۽ باوقار پيءُ ثابت ٿئي.

12. اھڙيون عورتون گھڻو ڪري تھ نوڪري ڪندڙ ھونديون آھن. محبت ۽ شادي ھنن لاءِ ھميشه ٻئي درجي جي اھميت رکندي آھي. ھي ملازمت کي اوليت ڏينديون آھن، ڇو تھ انھن کي ملازمت سان معاشي تحفظ جو احساس ٿئي ٿو.

13. ھن مزاج جا ماڻھو تحفظ، اختيار، عزت ۽ وقار توڙي سماجي حيثيت کي زندگيءَ جو اھم مقصد قرار ڏيندا آھن، پوءِ کڻي تحفظ، اختيار، عزت ۽ سماجي حيثيت ھنن کي اسڪول ٽيچر يا ڪنھن بھ اداري جي اعليٰ آفيسر جي روپ ۾ ملي يا وري ڪنھن گھر واري يا ڪنھن گھر واريءَ جي پيار ۾ جنھن ۾ ڪو سماجي رتبو ھجي.

14. اھڙي طبيعت رکندڙ عورتن جي اھا خصوصيت ھوندي آھي تھ اھي ٿيٽر سان وابستھ ھجن يا فلمي دنيا سان يا دنيا جي قديم پيشي سان، ھو پنھنجي پيشي کي پوءِ کڻي فلم يا ٿيٽر جي مالڪ يا فلم جي پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر سان شادي ڪري پنھنجي پيشي کي ختم ڪري ڇڏينديون آھن.

15. اھڙي مزاج جون عورتون ترقي پسند ھونديون آھن، ھنن جي شروعاتي زندگي ڪيتري بھ خراب گذري ھجي، پر ھو انجام سٺو چاھينديون آھن.

16. اھڙي مزاج جا ماڻھو خاموش ۽ پروقار ھوندا آھن، ھي ھنگامن کي ھرگز پسند ناھن ڪندا.

مشھور شخصيتون

1. جم برائون

 2. فرانس بيڪن

3. چارلس ڊارون

 4. ٿامس ايڊيسن

5. جينا لولو برجڊا

6. ڪلارڪ گيبل

7. شرلاڪ ھومز     

 8. جارج جيفرسن

9. ابراھم لنڪن

10. جنرل ڊگلس

11. ميڪ آرٿر      

 12. سمرسٽ ماھم

13. ڪم نويڪ

 14. پال نيو مين

15. ڪلارمن روڪ ويل

16. فيرينڪلن

17. بل رابسن

 18. ورجينا وولف

19. جوھن وارنر 

 20. پرنس ڪيروين آف موناڪو

مناسب پيشھ

1. ادب ۽ صحافت 

2. سياست

3. طب ۽ ڊاڪٽري

4. کوجنا ڪندڙ

5. درس ۽ تدريس 

6. سياحت

7. رقص ۽ موسيقي

 8. اداڪاري

9. ريڊيو 

10. ٽيلي ويزن

11. تعميرات

12. رانديون

13. طباعت ۽ شايع ڪرڻ    

14. اشتھار/ ماڊل

15. عام تعلقات

16. پرپراٽي ڊيلر

17. سماجي خدمت جا ادارا

 18. تخليق ۽ ايجاد جي

متعلق سڀ شعبا

بيماريون

1. دل جي تڪليف

2. چيلھھ جي مٿئين

 .3حصي ۾ سور

3. بي خوابي 

4. ٽنگ جو زخم

5. مثاني جي بيماري

6. اعصابي بيماريون

 

3. ذھني

اھڙي مزاج جا ماڻھو ڏٻرا/ سنھا ھوندا آھن. ھنن جو چھرو آفتابي، گول، ڊگھو يا مستطيل ھوندو آھي، ڳلن ۽ نرڙ جون ھڏيون نمايان ھونديون اٿن.

ھن طبيعت جا ماڻھو سٺا جيون ساٿي ثابت ٿيندا آھن. ھن مزاج جون عورتون ذھين ۽ رحمدل ھونديون آھن ۽ سليقي واريون بھ ٿينديون آھن. ذميدار مائرون ۽ پنھنجي پيشي کي چڱيءَ طرح نڀائينديون آھن ۽ گفتگو جي فن کان سٺي طرح واقف ھونديون آھن.

ھي مزاج رکندڙ عورتون بيماريءَ ۾ ڏاڍيون سٺيون خدمتگار ثابت ٿينديون آھن. ھو جيڪي ڪجھھ چونديون آھن، اھي ائين ڪري ڏيکارينديون آھن.

غور ۽ فڪر جون قائل ھونديون آھن، ھنن جي جنسي زندگي قابل رشڪ ھوندي آھي، خلوص ۽ محبت جا نوان انداز پيش ڪنديون آھن.

ھن مزاج جا ماڻھو ڪفايت پسند ۽ خوش طبع ھوندا آھن.

مناسب پيشا

1. سياحت

 2. اداڪاري، موسيقي، مصوري، مجسمھ سازي

3. ادب ۽ صحافت 

4. سيلزمين

5. تدريس ۽ تعليم

 6. ھٿ جا ھنر (ھينڊي ڪرافٽ)

7. ايجادات

8. فلم ساز ۽ دوا ساز

9. نفسياتدان

10. سياستدان

11. صنعتڪاري

12. سماجي بھبودي

بيماريون

1. دل جون بيماريون

2. ڳلي جون بيماريون

3. مثاني جو سور

4. چيلھھ جي ھڏيءَ جا مرض

5. السر

6. ڪن جون بيماريون

7. اعصابي بيماريون

8. مختلف بخار

9. ڌڪ ۽ مختلف قسم جا زخم

  10. ھاضمي جي خرابي

11. ڪنڌ جي تڪليف

12. ڪن رڳ جو سور

13. ھڏن جو سور

شخصيتن جون بيماريون

1. دل جون بيماريون (فلم اسٽار)

2. ڳلي جون بيماريون (عظيم سائنسدان)

3. مثاني جو سور  (فلمي اداڪار)

4. چيلھھ جي ھڏي جا مرض  (اديب)

5. السر (جاسوسي ناول نگار)

6. ڪن جون بيماريون (مصور)

طبيعت

گھڻا ماڻھو مليل جول وارو مزاج رکندڙ ھوندا آھن. يعني ھڪڙو ئي ماڻھو ٻھ الڳ الڳ طبيعتون رکي ٿو، جنھن جو تفصيل ھيٺئين چارٽ ۾ بيان ڪيون ٿا.

زندگيءَ سان ڀرپور مزاج

ذھني مزاج

تحريڪي مزاج

ذھني مزاج

تحريڪي مزاج

ذھني مزاج

زندگيءَ سان ڀرپور مزاج

ذھني مزاج

تحريڪي مزاج

زندگيءَ سان ڀرپور مزاج

اھڙا ماڻھو يعني مليل جليل مزاج جا ماڻھو، ٻٽي شخصيت رکندا آھن ۽ انھن خوبين، خامين ۽ خرابين وارا ھوندا آھن، جن جو ذڪر اڳ ڪري چڪا آھيون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org