سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :4

 

چپ

انساني چھري ۾ چپ بھ مختلف نمونن جا ٿين ٿا. ھنن جا بھ گھڻا ئي قسم آھن ۽ ھر قسم جا چپ پنھنجي بناوٽ ۽ طريقي سبب ھڪ ٻئي کان مختلف خوبين ۽ خامين وارا ٿين ٿا. جنھن جو تفصيل ھيٺ بيان ڪريون ٿا.

 

پنکڙي چپ

انھن چپن کي مکڙيءَ جھڙا چپ چوندا آھن.

اھڙن چپن کي دلفريب ۽ سھڻا چپ چون ٿا.

ھي چپ گلاب جي پنکڙين وانگر نظر ايندا آھن.

چھري شناسن موجب ھنن جو تجزيو ھيٺ ڏجي ٿو.

1.           زندگيءَ ۾ نمايان تبديليءَ جي علامت.

2.          خوشگوار گھريلو زندگيءَ جي علامت.

3.          دنيا ۾ نالي ڪمائڻ جي علامت.

4.          اھڙا چپ رکندڙ عورتون جذباتي ھونديون آھن.

5.          مرد، نظم و ضبط جا پابند ھوندا آھن.

6.          ھر چيز کي پنھنجي جاءِ تي ترتيب سان رکڻ وارا.

7.          فن لطيف سان دلچسپي رکندڙ.

8.          مخلص ۽ وعدي جا سچا.

9.          انھن جو حسن تيز ھجي ٿو.

10.        اڪثر ذھين ھوندا آھن.

11.        انھن جي ڪردار ۾ مضبوطي ھوندي آھي.

12.        خوش گفتگو ڪرڻ وارا ٿين ٿا.

13.        فطري طور امن پسند ٿينديون آھن.

14.        ھنن جي مزاج ۾ توازن ھوندو آھي.

15.        شديد جذباتي ھونديون آھن.

16.       باصلاحيت ھونديون آھن.

17.        نازڪ مزاج ھونديون آھن.

18.        ھر ڳالھھ ۾ نفاست پسند ھونديون آھن.

 

سپ جھڙا چپ

چپن جا ڪجھھ نمونا اھڙا آھن، جيڪي صرف عورتن لاءِ ئي مخصوص آھن. اھڙا چپ عورتن جي چھرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آھن. سپ جھڙا چپ بھ انھن مان آھن. سپ جھڙن چپن جي بناوت جا تفصيل ڪجھھ ھن طرح آھن.

1.           اھڙا چپ رکندڙ عورتون تمام جلدي اندروني يا ٻاھرين تحريڪ قبول ڪن ٿيون.

2.          اھي ڏاڍيون نازڪ مزاج ٿينديون آھن.

3.          اھي معمولي ڳالھين ڪري پريشان ٿي وينديون آھن.

4.          تمام جلدي ڪوبھ فيصلو ڪري وٺنديون آھن.

5.          انھن جي شخصيت پياري ۽ دل موھيندڙ ھوندي آھي.

6.          تقريبن ۾ وڃڻ جون شوقين ٿينديون آھن.

7.          پنھنجي لباس ۾ ھڪ خاص معيار قائم رکنديون آھن ۽ ان کي ھر طرح سان نڀائينديون آھن.

8.          ھنن ۾ رنگن جي سڃاڻپ جو گھڻو شوق ھوندو آھي.

9.          فطري طور فنڪارانھ مزاج رکندڙ ھونديون آھن. موسيقي، مصوري، اداڪاري جو پيشو اختيار ڪنديون آھن ۽ ان ۾ وڏو نالو ڪمائينديون آھن.

10.        روزمره زندگيءَ ۾ وڌيڪ وقت پنھنجي ٺاھھ ٺوھھ ۾ صرف ڪن ٿيون.

11.        معاملن کي حل ڪرڻ واريون ھونديون آھن.

12.        اھي پنھنجي ٻارن لاءِ وڏيون مھربان ۽ پيار ڪرڻ واريون ثابت ٿينديون آھن.

13.        ھنن جي سڄي زندگي عيش ۽ آرام سان گذرندي آھي.

 

للي چپ

1.           ھي عورتون ھار سينگار جون بيحد شوقين ٿين ٿيون.

2.          اھي وڏيون نفاست پسند ٿين ٿيون.

3.          اھڙين عورتن جي مزاج ۾ ھيٺ ڏنل خصوصيتون موجود ھونديون آھن:

š         پنھنجي ۽ پنھنجي گھر جي سجاوت ڪرڻ.

š         نوڪرن سان سٺو سلوڪ.

š         لطيف فن يعني راڳ، رقص، مصوريءَ جون شوقين.

š         نمائش جا دل پسند طريقا اختيار ڪرڻ.

š         مٽن مائٽن سان دلي محبت جو اظھار.

š         معاشري ۾ ھڪ خوبصورت بڻجي زندگيءَ گذارڻ جي تمنا.

š         جديد فيشن وارا ڀڙڪيدار ۽ شوخ لباس پائڻ جي شوقين.

š         سندن شخصت ڏاڍي پياري ۽ من موھيندڙ ھوندي آھي.

š         ھر محفل ۾ باغ ۽ بھار ٿي وينديون آھن.

š         عام ڳالھين کي وسيع دائري ۾ پيش ڪن ٿيون.

š         ھنن جو گفتگو جو انداز دل کي موھيندڙ ھوندو اٿن.

š         اڪثر آزاد خيال، روشن دماغ ۽ کليل دل جون مالڪاڻيون ھونديون آھن.

š         پنھنجي مرضيءَ سان ڪم ڪرڻ چاھينديون آھن ۽ دل گھريو ڪم دل لڳيءَ ۽ محنت سان ڪنديون آھن.


للي چپ (ٻي مختلف راءِ)

1.           ھي چپ شدت، جذبات ۽ محبت کي پسند ڪرڻ جي علامت آھن.

2.          ذھني صلاحيت، ڪاروبار، فني لڳاءُ ۽ آرائش کي ظاھر ڪن ٿيون.

3.          ھمت، جوشيلي زندگي سان مقابلو ڪرڻ جي علامت آھي.

4.          خيالن، رومانس ۽ فطرت جي ڦيرڻ جي علامت آھي.

5.          ذھانت ۽ ڪاميابيءَ جي علامت آھي.

6.          خواھشن ۽ ٻين تي غالب ٿيڻ جي آرزو.

7.          اھڙن عورتن زندگيءَ جي جدوجھد، مايوسين ۽ ناڪامين کي مردانھ طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آھي.

8.          زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ دل ۽ جان سان محنت ڪن ٿيون.

9.          اھڙين عورتن ۾ ترقي ڪرڻ جي فطري خواھش ٿئي ٿي.

10.        آخري عمر ۾ ھنن جو معدو ۽ ھاضمو خراب ٿي ويندو آھي. تنھنڪري ھنن کي زندگيءَ ۾ کائڻ پيئڻ جي سلسلي ۾ محتاط رھڻ گھرجي.


 

فنڪارانھ چپ

2.          فنڪارانھ چپ رکندڙ عورتن جو مزاج پڻ فنڪارانھ ھوندو آھي، اھي موسيقيءَ، مصوريءَ، اداڪاريءَ، گلوڪاريءَ، پروڊيوسريءَ ۾ وڏو نالو ڪمائين ٿيون.

3.          اگر اھڙن چپن سان گڏ چھري ۾ نرگسي اکيون ھجن، تھ اھڙيون عورتون پنھنجو رقص سان شروع ڪن ٿيون ۽ انھيءَ ئي فن ۾ بلنديءَ تي پھچي وڃن ٿيون ۽ وڏو نالو ڪمائين ٿيون.

4.          ھنن اندر دنيا ۾ بلند مقام حاصل ڪرڻ جو جذبو ڏٺو وڃي ٿو.

5.          ھي پنھنجي کاڌي پيتي، رھائش ۽ سينگار ۾ بھتر کان بھتر کي پسند ڪن ٿيون.

6.          آزاد خيال، روشن دماغ ۽ کليل دل جون مالڪ ھجن ٿيون.

7.          خاموش طبيعت ٿين ٿيون.

8.          اھڙا چپ رکندڙ عورتن ۾ ھيٺيون خصوصيتون ملن ٿيون:

š         عيش پرست.

š         رومان پسند.

š         عشق باز.


 

جادوئي چپ

1.           اھڙن چپن واريون عورتون جادوئي قوت واريون ٿين ٿيون.

2.          گھريلو زندگيءَ ۾ بھترين زال ثابت ٿيندي آھي.

3.          اگر ڪو پيشو اختيار ڪنديون آھن تھ ان ۾ وڏي ترقي ڪن ٿيون ۽ وڏو نالو ڪمائين ٿيون.

4.          ڏاڍيون جذباتي ھونديون آھن.

5.          اھڙا چپ رکندڙ عورتن ۾ ھڪ خاص ڪشش ھوندي آھي، جنھن جي ذريعي ھو ٻين کي پنھنجو بڻائي ڇڏينديون آھن.

6.          اھڙا چپ شھريت ۽ ماڻھن ۾ نالي پيدا ڪرڻ جي خواھش جو اظھار ڪن ٿا.

7.          اھڙن چپن کي ھر معاملي ۾ وڏي شيءِ نشاني تصور ڪيو وڃي ٿو.

8.          اھڙيون عورتون خوبصورت شين کي ڏاڍو پسند ڪن ٿيون.

9.          اھڙيون عورتون فنڪارانھ ماحول ۾ زندگي بسر ڪن ٿيون.

10.        اھڙيون عورتون فطري طور خوش مزاج ھونديون آھن ۽ ھنن جي شخصيت چپن جي ڪري من موھي ڇڏيندي آھي.

11.        اھڙيون عورتون وڏيون مھربان، شفيق ۽ مددگار ثابت ٿينديون آھن.

12.        اھڙيون عورتون محبت ۽ نفرت ڏاڍيءَ شدت سان ڪنديون آھن.

13.        ھر ڳالھھ ۾ انتھا پسندي جو اظھار ڪن ٿيون.

14.                  اصولي طور اھڙيون عورتون عوامي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي رکن ٿيون.

15.        پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينھن گھڻو ڪري لڪل جڳھين تي گذارينديون آھن.

 

ماکي مٺا چپ

1.           ھنن چپن جو تعلق ذھن سان ٿيندو آھي. ھي چپ رکندڙ ماڻھو حاضر جواب، حاضر دماغ، سخي ۽ رواني سان گفتگو ڪرڻ وارا ٿين ٿا. ھي ڪاروبار، سائنس ۽ ڪنھن فن کي جلدي سکي ويندا آھن.

2.          اھڙن چپن وارا ماڻھو ٻن مزاجن وارا ٿين ٿا، ھي چپ رکندڙ ھر راءِ جي مخالف راءِ رکندڙ ھوندا آھن. اھڙيءَ طرح ھي پنھنجي مقصد ۾ تسلسل قائم نھ رکڻ ڪري اڪثر ناڪام ٿيندا آھن.

3.          اھڙن چپن واريون عورتون مستقل مزاج رکندڙ ھونديون آھن.

4.          اھڙيون عورتون ٻين مان عيب ۽ خاميون ڪڍن ٿيون، ٻين جي متعلق پنھنجي راءِ وڏي بيدرديءَ سان بيان ڪن ٿيون.

5.          ھي چپ رکندڙ عورتون اڪثر زڪام ۾ مبتلا رھن ٿيون.

6.          اھڙيون عورتون اعتماد واريون ٿين ٿيون.

7.          مزاج ۾ گھڻي قدر تڪبر واريون ھونديون آھن.

8.          پنھنجي حال ۾ مست رھن ٿيون.

9.          تمام سٺي منصوبھ بندي ڪندڙ ھونديون آھن.

10.        پراسرار ماحول پسند ڪن ٿيون.

11.        جيڪڏھن مصور ھونديون، تھ ھنن جي مصوريءَ تي معجزن جو اثر نمايان نظر ايندو.

12.        خيالي دنيا ۾ گم رھن ٿيون.

13.        ھو شان ۽ بي نيازيءَ سان زندگي گذارن ٿيون.

14.        اھڙي قسم جا چپ رکندڙ ماڻھو پوءِ کڻي مرد ھجن يا عورتون، عملي زندگيءَ ۾ ٻين ماڻھن کان الڳ ٿلڳ رھن ٿيون.

15.        ھنن جي وڏي خصوصيت ھيءَ آھي تھ پاڻ کي حالاتن جي مطابق بنائي ڇڏيندا آھن.

16.       ڪنھن بھ فن کي اختيار ڪرڻ وقت ڪا ڏکيائي محسوس نھ ٿيون ڪن، ان ڪري ھنن جي قسمت ۾ تقدير ۽ دولت گھٽ ئي ٿي.

17.        ڪنھن ھڪ شيءِ تي وڌيڪ غور نھ ڪنديون آھن.

18.        معاشري جي رسمن جي پرواھھ نھ ڪنديون آھن.

19.       انفرادي طبيعت جون مالڪ ۽ مٿي ڦريل ھجن ٿيون.

20.       محبت ۾ ڏيکاءُ پسند ناھن ڪنديون، مگر جڏھن محبت ڪنديون آھن تھ ان تي قائم رھنديون آھن.

21.        جيڪو فيصلو ھرڀرو ڪري ڇڏينديون آھن، ان تي قائم رھن ٿيون.

 

شتر چپ (ا ٺ جھڙا چپ)

ھي چپ اٺ جي منھن سان مشابھت رکن ٿا. اٺ جي چپن وانگر ھنن چپن ۾ ھيٺيون خصوصيتون ھجن ٿيون:

1.           خشڪ خيال

2.          شڪ شبھا رکندڙ

3.          دل ۾ ڪينو رکندڙ

4.          غدار، بيوفا، بي نيمڪا، سازشي

5.          اعصابي مريض

6.          ٻئي تي ٽوڪ ڪندڙ

7.          ترقي ڪرڻ جي صلاحيت بلڪل گھٽ

8.          جنوني ۽ گندا خيال رکندڙ

9.                     اھڙا ماڻھو عام ماڻھن کان ھٽي ڪري، گھمڻ ڦرڻ جي تمنا رکندا آھن.

10.        جيڪا ڳالھھ ڪندا، انھيءَ تي بيھي رھندا. مطلب پنھنجي ڳالھھ کي وڌيڪ اھميت ڏيندا.

11.        محنتي ھوندا آھن.

12.        اھڙن چپن واريون عورتون اڪثر سنڍ ھونديون آھن، يعني اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناھن رکنديون.

13.        ھي عورتون بداخلاق ھونديون آھن.

14.        اندر ۾ ساڙ رکندڙ ھونديون آھن.

15.        بدمزاج، بدڪلام، بدنظر، بدفطرت ھونديون آھن.

 

لڙڪيل چپ

اھڙا چپ رکندڙ شخص گھڻو ڪري پراڻن خيالن وارا ھوندا آھن.

1.           اھڙا چپ رکندڙ ماڻھو عادت ۽ رواج توڙي نظم ۽ ضبط جا پابند ھوندا آھن.

2.          ھنن جي طبيعت ۾ سڀ ڪجھھ سمائجي ويندو آھي.

3.          قانون ۽ حڪمن جا پابند ٿين ٿا.

4.          رسمن ۽ رواج جا غلام ھوندا آھن.

5.          ھي فطري طريقن بجاءِ دليلن جا قائل ھوندا آھن.

6.          ھي پنھنجي ڪم ۽ عادتن ۾ خاص سليقو اختيار ڪن ٿا.

7.          پنھنجو ڪم وڏي چاھھ سان ڪندا آھن.

8.          مذھب ۾ انتھا پسند نھ ٿا ٿين.

9.          ظاھري بجاءِ اصليت تي يقين رکندا آھن.

10.        عوام ۽ ماڻھن ۾ گھلي ملي نھ ٿا سگھن.

11.        ھنن ۾ انفراديت جو لاڙو موجود ھجي ٿو.

12.        زراعت ۽ واپار کي پسند ڪندڙ ھجن ٿا.

13.        پنھنجي گھر ۽ گھريلو فرض سان محبت ڪندا آھن ۽ پنھنجي ٻارن سان محبت سان پيش نھ ٿا اچن.

 

ڊولائتا چپ

ڊولائتن چپن وارا ماڻھو

1.           اھڙا چپ رکندڙ ماڻھو حڪم مڃڻ وارا ھوندا آھن.

2.          مقرر ڪم مقرر وقت تي سرانجام ڏيڻ جا پائبند ھوندا آھن.

3.          روايتن جا پابند ھوندا آھن.

4.          حڪم مڃيندڙ ھوندا آھن.

5.          نظم ۽ ضبط جا پابند ھوندا آھن.

6.          سندن طبيعت ۾ سڀ ڪجھھ سمائجي وڃي ٿو.

7.          ھر شيءِ کي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکڻ جا شوقين ھوندا آھن.

8.          رسم رواج جا غلام ھوندا آھن.

9.          پنھنجي عادت ۽ ڪم ۾ خاص سليقو اختيار ڪندڙ ھوندا آھن.

10.        ھو جھڳڙالو ناھن ھوندا.

11.        ھنن ۾ صبر جو مادو تمام گھڻو ھوندو آھي.

12.        ھو ڪم ۾ لڳاءَ جو مظاھرو ڪندا آھن.

13.        ھنن کي شاعري ۽ ادب سان ڪا خاص دلچسپي ڪانھ ھوندي آھي.

14.        ھو مادي ڳالھين تي يقين رکندا آھن ۽ عملي لحاظ کان سوڀارا ٿيندا آھن.

15.        مذھب ۾ انتھا پسند ناھن ھوندا.

16.       ھو ڏيکاءَ بجاءِ حقيقت تي يقين رکندا آھن.

17.        ھنن ۾ انفراديت رکڻ وارو رجحان ملي ٿو.

18.        ھو عملي سائنس ۾ دلچسپي رکن ٿا.

19.       زالن لاءِ سٺا مڙس ثابت ٿيندا آھن.

20.       پنھنجي گھر ۽ گھريلو فرضن سان محبت ڪندا آھن.

21.        سچا ۽ پڪا دوست ثابت ٿيندا آھن.

22.       اصولن جا پختا ۽ رک رکاءَ وارا ۽ نيڪ نيت ھوندا آھن.

23.       ڪاروبار ۾ دوکو نھ ڏيندا آھن.

24.       تنگ نظر نھ ھوندا.

25.       خيال پرست ھجڻ بجاءِ حقيقت پسند ھوندا آھن.

26.       گھڻي دولت ميڙيندا آھن.

27.       ھنن جو مزاج فلاسافرن جھڙو ھوندو آھي.

28.       ڪنھن سائنسي اداري ۾ نوڪري ڪرڻ پسند ڪندا آھن.

 

مناسب چپ

اھڙي بناوت وارا چپ رکندڙ ماڻھن ۾ ھيٺيون خاميون ۽ خوبيون ھونديون آھن.

1.        عمل ۽ ڪم لاءِ محبت ۽ جذبو رکندڙ ھوندا آھن.

2.        پنھنجي خدا داد صلاحيتن سان زندگي ۾ اڳتي وڌڻ وارا ھوندا آھن.

3.        ھر ڪم ۾ پنھنجي انفراديت مڃرائيندا آھن.

4.        عام طور وقت کان پھرين پيدا ٿيندا آھن.

5.        آزاد خيال ھوندا آھن.

6.       عام ماڻھن کان ھٽي ڪري ھلڻ جي تمنا رکندا آھن.

7.        انساني نسل جي اصل نسل جي مطالعي سان دلچسپي رکندا آھن.

8.        زندگيءَ جي عملي حقيقتن تي يقين رکندا آھن.

9.       صبر وارا ۽ رضا تي راضي رھڻ وارا ھوندا آھن.

10.     ھو عمر ڀر طالب علم (سکر وارا) ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ سلجھائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھندا آھن.

11.      سنجيده طبيعت ھوندا آھن.

 

سنجيده چپ

1.           اھڙن چپن وارا انسان گھڻو ڪري طبيعت ۾ سنجيده ڳوڙھا ھوندا آھن. ان ڪري اھڙن چپن کي فلسفي يا مفڪر چپ چوندا آھن. ھنن چپن تي مسڪراھٽ گھٽ نظر ايندي آھي. ھنن جي کليل مسڪراھٽ ۾ بھ ھڪ قسم جي سنجيدگي سمايل ھوندي آھي.

2.          ھي معمولي موقعي ملڻ تي بھ انتھائي بلنديءَ تائين پھچي ويندا آھن.

3.          اھڙن چپن وارا انسان وڏين خوبين وارا ھوندا آھن.

4.          مضبوط قوت ارادي جا مالڪ ھوندا آھن.

5.          جذبن جا غلام نھ ٿيندا آھن.

6.          معمولي ڳالھين تي پڻ وڏو غور فڪر ڪندا آھن.

7.          رک رکاءَ وارا، آدابن جا پابند، خاموش طبيعت ۽ سٺو سلوڪ ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

8.          ھنن چپن وارا ماڻھو ھرفن مولا ھوندا آھن. زندگيءَ جھڙي طريقي سان بھ گذري ھو ان طرح گذريندا آھن.

 

مثبت چپ

چپن جي ھيءَ بناوٽ ھن طرح ھوندي آھي جو ھيٺيون چپ گھڻو وڏو ۽ ھيٺ جھڪيل ۽ مٿيون چپ ننڍو ۽ مٿي ڇڪيل ھوندو آھي.

1.           ھي چپ رکندڙ ماڻھو ھر وقت تبديل ٿيندا رھندا آھن. ھڪ ھنڌ ناھن ٽِڪندا.

2.          ھر موضوع تي گفتگو جا ماھر ھوندا آھن.

3.          ھرفن مولا ٿيندا آھن.

4.          ذھن جلدي سمجھڻ وارو ھوندو اٿن.

5.          ڪنھن ھڪ شيءِ بابت گھڻو غور فڪر ڪرڻ وارا نھ ھوندا آھن.

6.          محتاط ھوندا آھن ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رھندا آھن.

7.          آزادين، آزاد خيال، آزاد ڪردار وارا ھوندا آھن.

8.          پنھنجي ذھني صلاحيتن مان پورو پورو فائدو وٺندا آھن.

9.          عوام ۽ ملڪ سان محبت ڪندڙ ھوندا آھن.

10.        ھر ڪم ۾ دل سان جنبي ويندا آھن.

11.        جيڪو بھ فيصلو ڪندا آھن ان تي اٽل رھندا آھن.

12.        ھو پنھنجي ڪم ۾ ٻين جي مداخلت پسند نھ ڪندا آھن.

 

ويڪرا چپ

1.           ھي چپ رکندڙ ماڻھو وڏا محتاط ھوندا آھن، ھر قدم سوچي سمجھي کڻندا آھن.

2.          جنگ جي دوران ھي مضبوط ۽ سخت ثابت ٿيندا آھن.

3.          محبت ۾ ظاھر پسند نھ ھوندا آھن، مگر محبت جڏھن بھ ڪندا آھن، ان تي سختيءَ سان قائم رھندا آھن.

4.          جھڙيءَ طرح ھو پنھنجي ماتحت کي سوگھو/ قابو رکندا آھن، اھڙيءَ طرح پاڻ کي پابند رکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

5.          ھر قدم تڪي توري کڻندا آھن ۽ ان ۾ غلطيءَ جو امڪان تمام گھٽ ھوندو آھي.

6.          ھو عملي طور پنھنجي وطن ۽ گھر مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪندا آھن.

7.          منصوبھ ساز ھوندا آھن.

8.          مذھبي معاملات ۾ گھري دلچسپي نھ وٺندا آھن.

9.          ارادي جا پڪا ھوندا آھن.

10.        ھي چپ رکندڙ ماڻھو جيڪڏھن پوليس جو آفيسر ھوندو، تھ جاچ ڪندي سمجھي ويندو تھ اصلي ڏوھي ڪير آھي.

11.                   ھو ڪنھن بھ معاملي ۾ تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪوشش نھ ڪندا آھن.

12.        اگر سائنسدان آھن تھ ڪم کي سؤ سيڪڙو درست طريقي سان سرانجام ڏيندا آھن.

13.        مخلص ۽ وعدي جا سچا ھوندا آھن ۽ دوستي ۾ ڀروسي جوڳا ثابت ٿيندا آھن.

14.        ڪاروبار ۾ دوکو نھ ڏيندا آھن.

15.                  جنھن شيءِ بابت ھنن کي ڳالھھ سمجھھ ايندي آھي، تھ ان تي يقين نھ ٿا رکن.

 

نمايان چپ

1.           اھڙا چپ رکندڙ بحري جھاز ران، نئين زمين ۽ ملڪ جي تلاش ۽ نئين دريافت ڪندڙ ھوندا آھن.

2.          آزاد انسان ھوندا آھن. عام دائري کان ٻاھر رھندا آھن، حالتن کي نئون رخ ڏيندا آھن.

3.          ھو وڏا ماھر انجنيئر ھوندا آھن.

4.          ھو ان رستي تي ھلڻ جا قائل نھ ھوندا آھن، جنھن تي عام ماڻھو ھلندا آھن.

5.          ھو وڌيڪ عمل ڪرڻ وارا ھوندا آھن، اگر ھو موجد آھن تھ پنھنجي ذھانت سان ھيٺين مان ڪنھن نئين ايجاد جي ڌن ۾ لڳا رھندا آھن. ريلوي انجڻ، بحري جھاز، ھوائي جھاز، ڳوري مشين، بلڊوزر، ٽريڪٽر، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻيا انساني ڀلائيءَ وارا اوزار.

 

بي ڊولا چپ

1.           اھڙي قسم جا چپ رکندڙ ماڻھو تمام جلدي اندرين يا ٻاھرين تحرڪ کي قبول ڪندا آھن.

2.          ھو معاشري ۾ مقرر رسمن جي پرواھھ نھ ڪندا آھن.

3.          مطلب پرست ھوندا آھن.

4.          ھر ڪم ۾ پنھنجو مفاد سامھون رکندا آھن.

5.          ھو پنھنجي مٿان ڪيل ظلم جي دانھن ڪندا آھن، پر جڏھن ھنن کي ظالم ٿيڻ جو موقعو ملندو آھي تھ پوءِ سڀ کان وڏي ظالم جي روپ ۾ سامھون ايندا آھن.

6.          ھو ڏاڍا بزدل بھ ٿيندا آھن.

7.          اھڙي بناوت جا چپ ظلم ڪندڙن طور دليل آھن.

8.          ھو پنھنجي معاملي کي حيواني طريقي سان حل ڪندا آھن.

9.          ھنن جي عادت ۾ اھا نفاست نھ ھوندي، جيڪا انساني ھجڻ ناتي ھنن ۾ ضرور ھجڻ کپي.

10.        ھن قسم جا ماڻھو ڪنھن بھ دليل جا قائل نھ ھوندا آھن.

11.        اھڙي بناوت جا چپ حيواني طاقت جو مظھر آھن.

12.        ھي طبيعت ڪمزور ھوندا آھن.

13.        اھڙا چپ ڪند ذھنيت جي علامت آھي.

14.        ھي ماڻھو مرڻ ۽ مارڻ جھڙو ڏوھھ بھ ڪري ويھندا آھن.

15.        ھنن ۾ اخلاقن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي صلاحيت نھ ھوندي آھي.

16.       ھي طاقت جا قائل ھوندا آھن.

17.        ھو ٻين تي حڪمراني ڪرڻ جا خواھشمند ھوندا آھن.

18.        اھڙا ماڻھو تنھائي پسند، مغرور، خاموش ۽ محنتي طبيعت جا مالڪ ھوندا آھن.

19.       ھي چپ ذھني صلاحيتن لاءِ سٺي علامت نھ آھن.

20.       ھي ماڻھو نون خيالن کي سمجھڻ ۾ دير ڪندا آھن.

21.        ھي وڏا محتاط ھوندا آھن ۽ ھو جيڪو ڪجھھ پھريون ڄاڻيندا آھن ان کي ئي مناسب ۽ بھتر سمجھندا آھن.

22.       ھي ڪنھن بھ راءِ کي مڃڻ کان انڪار ڪندا آھن.

23.       ضدي ۽ ھٺيلا ھوندا آھن.

24.       آزاد خيال ھوندا آھن.

25.       پاڻ کي حالاتن کان بي نياز ظاھر ڪندا آھن.

26.       ھو ڪنھن رڪاوٽ يا مجبوريءَ کي خيال ۾ نھ آڻيندا آھن.

 

ڪشاده چپ

اھڙا چپ بناوت ۾ ڪشاده ۽ خوش نما ھوندا آھن.

1.           ھنن چپن وارا ماڻھو ڪنجوس نھ ھوندا آھن.

2.          فراخ دل ۽ سخي ھوندا آھن.

3.          ڏک ۽ تڪليف ۾ ٻين جي ڪم ايندا آھن.

4.          آزاد خيال ھوندا آھن.

5.          ارادي جا پڪا پختا ھوندا آھن.

6.          ڪاروبار ۾ دوکو نھ ڏيندا.

7.          ڪٽنب جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھوندا آھن.

8.          اولاد لاءِ محبت ڪندڙ پيءُ ثابت ٿيندا آھن.

 

ٿلھا چپ

1.           مٿيون ۽ ھيٺيون چپ ٻئي ھڪ جيترا ٿلھا ھجن تھ اھي ماڻھو وقار، رعب تعاب وارا ھوندا آھن.

2.          اھڙا چپ رکندڙ ماڻھو حڪم ڪندڙ ذھن جا مالڪ ھوندا آھن.

3.          وجداني طبيعت وارا ھوندا آھن.

4.          ھو معمولي جھڳڙن کان بي نياز ھوندا آھن.

5.          اھڙي قسم جا ماڻھو ڪاروباري ادارن ۾ شامل ٿي وڃن، تھ رڪارڊ کان لاپرواھھ، ڪاغذن کان بي نياز ۽ شاھي طبيعت رکندڙ ھوندا آھن.

6.          پنھنجي لاپرواھين جي باوجود ھو نظم ۽ ضبط جا قائل، پرسڪون ۽ ادب ڪرڻ وارا ھوندا آھن.

7.          گھرو زندگيءَ ۾ رعب کان ڪم وٺندا آھن.

8.          گھرو ضرورتن طرف خاص ڌيان ڏيندا آھن.

9.          اولاد سان ضرورت آھر ميل جول پسند ڪندا آھن.

 

ٽيڏا چپ

ھن چپن جي بناوت ۾ ٿوري ڦڏائپ ھوندي آھي، جيڪا ڪن چپن ۾ نمايان ۽ ڪن ۾ غير نمايان ھوندي آھي.

1.           ھي چپ نفرت ۽ حقارت کي ظاھر ڪندا آھن.

2.          اھڙي بناوت رکندڙ چپن واريون عورتون، اڪثر گھرن ۾ ويھڻ پسند ڪنديون آھن ۽ سامان ۾ سنھيون ۽ نازڪ خوبيون ۽ خاميون تلاش ڪنديون آھن.

3.          اھڙي بناوت رکندڙ چپن وارا اداڪار پنھنجي ڪريڪٽر کي خوب سمجھندا آھن ۽ ان کي نھايت خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آھن.

4.          اھڙا چپ رکندڙ ماڻھو معمولي ڳالھين ڪري پريشان نھ ٿيندا آھن.

5.          تمام جلدي ڪوبھ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آھن.

6.          گفتگوءَ دوران وڏيون ڳالھيون ڪندا آھن.

7.          ڪنھن حد تائين مطلب پرست ھوندا آھن.

8.          اھڙي نموني جي چپن ۾ ڦڏائپ کان علاوه اگر ھيٺيون چپ ٿلھو بھ ھجي تھ شھواني مزاج جي علامت آھي.

9.          اھڙي بناوت ۾ اگر مٿيون چپ گھڻو ٿلھو ھجي تھ اھي ماڻھو دماغي طور تي اعليٰ صلاحيت وارا ھوندا آھن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org