سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: علم چهرا شناسي

باب: --

صفحو :1

علم چهرا شناسي

حڪيم اعجاز حسين چانڊيو

 

مھاڳ

 

چھرو انسان جي ڪتاب يعني زندگيءَ جو ’مھاڳ‘ آھي. چھري کي پڙھڻ جو فن (Face Reading) ھڪ قديم ۽ زبردست فن آھي، ھن فن کي انساني شخصيت ۽ ڪردار جو ايڪسري (X-Ray) چئجي تھ درست آھي، ڇو تھ چھري جو شخصيت سان تمام گھرو تعلق آھي. انساني چھري جي مدد سان ان جي ڪردار ۽ ذاتي زندگيءَ متعلق ڄاڻڻ جو علم نئون ناھي، پر ھزارين سال پراڻو آھي، ھن علم جا اصل موجد يوناني ڏاھا يا حڪيم بقراط، جالينوس، اسقليبوس آھن. ان دؤر ۾ جڏھن ڪنھن گھر ۾ ٻار ڄمندو ھو تھ والدين ڪنھن ’چھرا شناس‘ جي مدد سان ان جي آئيندي جي متعلق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا ۽ ان ٻار جو چھرو پڙھي، ان جي جنم ڪنڊلي تيار ڪئي ويندي ھئي. ان بعد ھڪ دؤر اھڙو بھ آيو جو ھي علم معاشي مجبوري جي علامت بڻجي ويو ۽ پنھنجي اھميت وڃائي ويٺو، گھڻن جڳاڙي چھرا شناسن ھن فن کي بدنام ڪري ڇڏيو ۽ ماڻھن جو ھن علم تان اعتبار ئي کڄي ويو. جيتوڻيڪ اڄ ھن علم کي ھڪ سائنسي حيثيت حاصل آھي، پر ان باوجود بھ ھن علم جي اھا عظمت نھ رھي آھي، جيڪا اڄ کان ھزارين ورھيھ اڳ ھئي.

ھر ملڪ ۽ تھذيبن جي قديم تاريخن ۾ ھن علم جو زوردار ذڪر موجود آھي، ويجھي دؤر ۾ چين ملڪ ۾ ھن علم کي سٺي ترقي ملي آھي، چيني زبان ۾ چھرا شناسي کي ”سيانگ نھين“ چوندا آھن، ھاڻي اتي ھي علم ھڪ نئين انداز سان عوام وٽ مقبول آھي ۽ ھن ۾ ڪافي تبديليون آنديون ويون آھن ۽ اتي ھي علم ماڻھو ڀرپور طريقي سان سکي ۽ سيکاري رھيا آھن.

اڄ اسان جي ملڪ ۾ ھن فن جا ماھر ناپيد آھن، ان باوجود بھ ماڻھن ۾ ھن علم بابت ڄاڻ رکڻ جو شوق موجود آھي پر مستند استادن جي کوٽ آھي، ڪجھھ عرصو اڳ سنڌ ۾ ھن فن جا ڪافي ماھر موجود ھئا، جھڙوڪ: مخدوم بصر الدين صديقي، خليفو محمد يعقوب ڪوريجو ۽ حڪيم خليفو عبدالمجيد چانڊيي جا نالا قابل ذڪر آھن. ھي صاحب ماڻھن/ مريضن جا چھرا ڏسي مرض/ بيماري تھ ٻڌائيندا ھئا پر اھو پڻ ٻڌائيندا ھئا تھ ھي مريض فلاڻي ڏينھن ۽ فلاڻي وقت تي مري ويندو. گھڻا ماڻھو ان کي ڪرامت سمجھندا ھئا، ڪي علم جفر چوندا ھئا. پر اھو دراصل ھن فن ’چھرا شناسي‘ تي سندن دسترس جو ڪمال ھو.

سنڌ ۾ ھاڻي چھرا شناسي جي مستند ڪتابن جي بنھھ کوٽ آھي، پر سنڌ ۾ ڪن خاندانن وٽ ڪي قديم ڪتب خانا اھڙا بھ آھن، جتي ‘Science of Physiognomy’ جا قديم ڪتاب (ڪي قلمي تھ ڪي ڇپيل) موجود آھن، پر انھن کي نئين سري سان ترتيب ڏئي شايع ڪرائڻ وارو ڪو ڪونھي. مون انھن ڪتابن تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪامي حاصل ٿي. ان باوجود بھ ڪوشش ڪري ڪي ناياب ۽ ڪي ڇپيل ڪتاب دستياب ڪري، انھن مان اھم ۽ ضروري مواد حاصل ڪري، ھي ڪتاب تيار ڪيو اٿم. ھي ھن فن تي ڪو تفصيلي ڪتاب نھ آھي، پر ھن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ اھي جملي نقطا سھيڙيا ويا آھن، جن سان ھن علم کي سکڻ ۾ ڀرپور مدد يا معلومات ملي ٿي.

اميد تھ ھي ڪتاب فن چھرا شناسي سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

                      حڪيم اعجاز حسين چانڊيو

 

 

چھرو دل جو آئينو

 

ھر ماڻھوءَ جي سيرت، صورت مان ظاھر ٿيندي آھي ۽ ھر ماڻھوءَ جو چھرو ان جي شخصيت کي اجاگر ڪندو آھي. چھري تي ئي دل جي ڪيفيت ۽ ان جا تاثرات ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ڪنھن بھ چھري کي ڏسي ماڻھو متضاد ڪيفيتن ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي، ڪنھن چھري کي ڏسي خوشي ملندي آھي تھ ڪنھن چھري کي ڏسي حيرانگي ٿيندي آھي، تھ وري ڪي چھرا ڏسي سنجيده ٿي وڃبو آھي. ان جو سبب ھي آھي تھ چھرا ڏسڻ سان عام ماڻھوءَ جي ذھن ۾ بھ ڪنھن حد تائين ڪونھ ڪو خيال قائم ٿئي ٿو.

چھرا شناسي جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ڪنھن شخصيت جي پوري پروڙ ان جي چھري مان پوندي آھي، ان لاءِ ھن فن يعني ”چھرا شناسي“ جي مڪمل مھارت درڪار آھي. ھڪ ماھر چھرا شناس، چھري جي نشانن ۽ لڪيرن مان ئي ماڻھوءَ جي اندر جو ڳجھھ ڳولي وٺندو آھي ۽ سڄي شخصيت کي ڪجھھ وقت ۾ پرکي پروڙي وٺندو آھي ۽ اھو اندازو 90 سيڪڙو صحيح ھوندو آھي.

اوھان غور سان ڪنھن ماڻھوءَ جو چھرو ڏسندؤ تھ اوھان کي ان جي چھري جي زاويي ۾ پل پل ۾ تبديلي نظر ايندي. ان تي ڪڏھن خوشي، ڪڏھن غم جو پاڇولو پيل ھوندو، ڪڏھن ڪاوڙ جو اظھار ھوندو. ۽ ڪنھن وقت وري ھو مايوسي ۽ محروميءَ جو شڪار نظر ايندو، اھي سڀ دل/ دماغ تي مرتب ٿيندڙ تاثر آھن، پر چھرو انھن کي ظاھر ڪري وجھندو آھي. اھڙي طرح ڪي اڃا بھ اھم ڳجھيون ڳالھيون ھونديون آھن، جيڪي ماڻھو چھري وسيلي معلوم ڪري سگھي ٿو. پر ان لاءِ ھن فن تي مڪمل مھارت حاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏھن اوھان شخص جي چھري جو تجزيو ڪري ان جي باري ۾ صحيح اندازو لڳايو تھ ان ماڻھوءَ جو سمورو ڪردار اوھان جي سامھون ائي اچي ويندو، جيئن آئيني ۾ اصل صورت. پر چھري کي ڏسي بلڪل صحيح اندازو لڳائڻ ھڪ اھڙو فن آھي، جيڪو ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھھ نھ آھي. ڪجھھ ماڻھو ئي ھوندا آھن، جيڪي ھن فن تي مھارت رکندا آھن.

ڀلا! انسان جي چھري کي ڏسي دل جو حال ڄاڻي وٺڻ ڪا معمولي ڳالھھ تھ ڪانھي! چھرا شناسيءَ وسيلي اوھان ڪنھن ماڻھوءَ جو ڌنڌو بھ معلوم ڪري سگھو ٿا تھ ھي ڊاڪٽر آھي، انجنيئر آھي يا فنڪار يا شاعر. ان لاءِ ھن ڪتاب جي مطالعي ۽ مشق جي ضرورت آھي.

ماڻھن جي شڪل يا صورت ۽ جسماني جوڙجڪ مان بھ چھرا شناسي جا ماھر اندازا قائم ڪندا آھن، ڇو تھ جسم جي جوڙجڪ، قد ڪاٺ ۽ اٿڻ ويھڻ مان بھ جذبات جو اظھار ٿئي ٿو ۽ ماھرن جا قائم ڪيل اندازا گھڻي قدر صحيح ثابت ٿين ٿا.

انساني مزاج ٽي حيثيون رکي ٿو:

1.   وائيٽل (Vital)

2. مينٽل (Mental)

3. موٽيو (Motive)

جيئن ھر انسان ھن طرح جا مزاج رکي ٿو، سو سندن چھرا ڏسي، انھن جي ھر عادت ڄاڻڻ، ماھر چھرا شناس لاءِ آسان ڳالھھ آھي. چھري جي مختلف رخن/ ھنڌن کي ڏسي مختلف اندازا ڪيا ويندا آھن. ماضي، حال، مستقبل، فطرت، رھڻي ڪھڻي، زندگيءَ جون مصروفيتون اخلاق ۽ عادتون وغيره جي خبر يقيني طور پئجي وڃي ٿي.

ان ڪر ي تھ اھا چوڻي عام آھي تھ

چھرو دل جو آئينو آھي.

 

ھيري جھڙو چھرو (منھن)

 

ھن قسم جو چھرو (منھن) ھيري جي شڪل جھڙو ھوندو آھي. اھڙن چھرن جي مٿان کان ڄاڙيءَ جي ھڏي ھيٺئين ڄاڙيءَ جي ھڏي سان مليل ھوندي آھي، ۽ ھنن جي کاڏي چڱيءَ طرح ظاھر ھوندي آھي.

اھڙي قسم جو چھرو ماڻھن ۾ تمام گھڻو مقبول ھوندو آھي. ھي چھرا خوبصورتيءَ جي اعتبار کان بھ گھڻا مشھور ھوندا آھن. اھڙن ماڻھن جي زندگيءَ جو پھريون دؤر (حصو) ڏکن ڏاکڙن مان گذرندو آھي. پر پوءِ اھي محنت ۽ صلاحيت سان پنھنجي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائيندا آھن. اھڙي شخصيت رکندڙ، ٻين ماڻھن جي نظر ۾ ھڪ خاص جڳھھ ٺاھيندا آھن.

ھي تمام گھڻا محنتي ھوندا آھن. زندگيءَ ۾ خطرن سان کيڏڻ ۽ انھن جو مقابلو ڪرڻ ھنن جو شوق ھوندو آھي. پر گھڻو ڪري اھي پنھنجي زندگيءَ کي خطرن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آھن.

ھن طرح جو چھرو رکندڙ مرد پنھنجي زندگي، پنھنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ لڳائيندا آھن.

اھڙي قسم جي مردن ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگھھ سگھاري ھوندي آھي، ھو پنھنجي فيصلن تي اٽل رھندا آھن ۽ مستقل مزاج ھوندا آھن.

ھن چھري جون عورتون پنھنجي مڙس مٿان پورو پورو ڪنٽرول رکنديون آھن ۽ وڏيون حوصلي واريون ھونديون آھن.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org