سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :9

غزل 38

طرح:اڄوڪي رات محفل جي فضا ٿي خوشگوار آهي

 

وري آئي اميدن جي گلستان ۾ بهار آهي

اچي ٿو سو سڄڻ جهن جو اسان کي انتظار آهي

 

هو آيو رشڪ گل ساڻس بهارون هم رڪاب آهن

چشم بدور بر دوشِ صبا هسوار يار آهي

 

ڏسي محبوب کي مستن خوشي مان ٿي چيو گڏجي

اڄوڪي رات محفل جي فضا ٿي خوشگوار آهي

 

ادب سان ڪر گذر دولت سراءِ يار جي اڳيان

نسيمِ شب سندءِ شوخي سڄڻ کي ناگوار آهي

 

اي ساقي ڇو نه هي تنهجو رهي آباد مئه خانو

سدا محفل ۾ مشغولِ دعا هر باده خوار آهي

 

سڄڻَ سمجهين ٿو سڀ ڪجهه مان ڀلا توکي ٻڌايان ڇا

سندم هي حالِ دل سارو اوهان تي آشڪار آهي

 

نه ڪُرسِن جي نه القابن وڏن جي ڪا ضرورت آ

اسان جو عاشقن جي لسٽ ۾ نالو شمار آهي

 

اٿيل منهجون اکيون ناهن نڪو پيتل شراب آهي

سندم نيڻن ۾ نِيهَن جي نشي جو ئي خُمار آهي

 

برابر حادثو ڪيو آ لطيفي ناز اڄ دل سان

سزا ڀل ڏيو سزا ڪاٽڻ لا بلڪل هو تيار آهي

هالا

غزل 39

طرح:غضب ٿيو تهن جي واعدي تي اسان کي اعتبار آيو

 

عجب هڪ دلربا سان دل لڳي ظالم تي پيار آيو

وسارڻ ان کي چاهيم پر نه دل تي اختيار آيو

 

مون ڀانيو ديدهِ دلدار سان ڪجهه دل کي چين ايندو

مگر هي تنهجي محفل مان سدائين بي قرار آيو

 

ڪپائڻ ڪنڌ قبوليوسين اصل کان راهِ الفت ۾

شڪر آهي جو قاتل جي ته دل کي ڪجهه قرار آيو

 

پسند آ اي صنم توکي ته عهدو عهد شڪني جو

غضب ٿيو تهجي واعدي تي اسان کي اعتبار آيو

 

خوشي ٿي توکي قاتل آهي خنجر آزمائي جي

قبوليو جن ڪسڻ تن زيرِ خنجر ئي قرار آيو

 

ويو خونِ شهيدانِ وطن جو ريج رنگ لائي

بهار آئي وطن ۾ آهي دور خوش گوار آيو

 

ڀري پيالا خوشي سان ڪم ظرف پياڪن کي پيارئين پي

مگر بارِ گران گذريس جڏهن ٿي منهجو وار آيو

 

الف يا بي هجي ان ڏي خوشيءَ سان ري چيا ويندا

حسينن کي هميشه ئي اسان ڏي ايندي عار آيو

 

گهڻي مدت کان پوءِ هن جوکڻي خط نامبر پهتو

جواباً خط اندر منهجي خطائن جو شمار آيو

 

رحم واري نظر سان نازَ دلبر ماه ڪامل جئن

۽ ڪاوڙ موسمِ گرما ۾ سج نصف نهار آيو

ڀٽ شاهه

غزل 40

طرح:ڪڏهن ته دل جي خزان رسيده چمن ۾ آخر بهار ايندو

 

الاهي هن بي قرار دل کي ڪڏهن اڳي جئن قرار ايندو

ڪڏهن محبت جي عيد ٿيندي ڪڏهن اڱڻ منهجي يار ايندو

 

ڇڏي ڏي ڪوشش تون اي طبيبا زخم ڇٽائيندين ڪهڙا ڪهڙا

ڳڻڻ کان ٻاهر ٿيا ڦٽ اندر جا نه تن جو توکي شمار ايندو

 

انهي لا ظلم و ستم اوهان جا خوشي سان سهندو رهان ٿو سهڻا

ڪڏهن جي محفل ۾ آيو عاشق ته بي خطا بي ميار ايندو

 

هٿان نه دامن اميد جو ڇڏ هي درد ۽ دک سدا نه رهندا

ڪڏهن ته دل جي خزان رسيده چمن ۾ آخر بهار ايندو

 

بلا جا مئه نوش آهيون ساقي پيار پيا ڪن کي تاصبح اڄ

نه جام هڪ سان هي پياس ٻجهندي نه ٻن سان هرگز خُمار ايندو

 

فڪر وفا جي انجام جو ڇا نڀائڻو آهي نڀاءِ پيو تون

انڌي محبت اسان جي ڏسندي پرين کي پاڻهي پيار ايندو

 

هلي مقدر تي وس نه ڪنهن جو لکئي جي فرقت کي سهڻو پوندو

مگر ستارو جڏهن بدلبو خزان بدلجي بهار ايندو

 

رقيبا مستيون ڀلي پيو ڪر تون ستائي سورن ۾ مونکي ساڙي

هينئر اوهان جي هلي ٿي ڏاڍي ڪڏهن ته منهجو به وار ايندو

 

اثر جي آ گرميءَ وفا ۾ ته ٿيندا آگم ڪڏهن لطيفي

ڪڏهن محبت جا مينهن وسندا ڪڏهن اڱڻ منهجي يارَ ايندو

ڀٽ شاهه

غزل 41

طرح:حقِ الفت ادا ڪرين نه ڪرين

 

حقِ الفت ادا ڪرين نه ڪرين

اي ستمگر وفا ڪرين نه ڪرين

 

تو ئي زخمي ڪئي آ دل منهجي

تنهجي مرضي دوا ڪرين نه ڪرين

 

قتلِ اهلِ وفا کان توبه ڪر

ڪم هي آهي بجا ڪرين نه ڪرين

 

منهجي سيني مان وئين لٽي دل کي

دل کي دل کان جدا ڪرين نه ڪرين

 

منهجي آهي دعا ته آباد هجين

منهن جي حق ۾ دعا ڪرين نه ڪرين

 

ڪَرڪي ڳالهيون ڀلا مِٺيون خالي

ظلم مون تان مَٺا ڪرين نه ڪرين

 

اڳ جفا ۾ تو ڇا گهٽايو آ

گهٽ تون هاڻ جفا ڪرين نه ڪرين

 

هوندا ڪنهن بي خطا جي رت جا ڦڙا

پنهجو دامن صفا ڪرين نه ڪرين

 

تو ئي گم گُشته آ ڪيو مون کي

تون ئي، منهجي پڇا ڪرين نه ڪرين

 

ڏاڍو اڳ ۾ به تو ستايو آ

هاڻي جو رو ستم جهَڪا ڪرين نه ڪرين

 

تهجي ڪاڪل جو قيدي آهيان مان

ختم ناز و ادا ڪرين نه ڪرين

ڀٽ شاهه

غزل 42

طرح:مئڪده ۾ رات ڇا چئجي

 

ڪفر سان ملاقات ڇا چئجي

عشق جي ناهي ذات ڇا چئجي

 

هُن رڳو مرڪي مون سان ڳالهايو

ڄڻ ملي ڪائنات ڇا چئجي

 

مصلحتن مون زبان روڪي ڇڏي

بي اصولي جي بات ڇا چئجي

 

زخم تي زخم ويو ڏيئي دل کي

اکن جي عنايات ڇا چئجي

 

صبحِ محشر ٿئي ملتوي شايد

مئڪده ۾ آهي رات ڇا چئجي

 

دوستن مان ڪي پهن جي ضد تي اچي

ٿا چون ڏينهن کي رات ڇا چئجي

 

پوءِ به چوڏهين جي چنڊ مثل آهن

مهه جبين کان مات ڇا چئجي

 

هجي جن جي ٽٽڻ جو خوف سدا

اهڙا نرم تعلقات ڇا چئجي

 

بزم محروم آ چراغان کان

چؤطرف ڪاري رات ڇا چئجي

 

ڏينهن سوري تي رات خارن تي

گذري هِئن پئي حيات ڇا چئجي

 

جان و دل ڏيئي به قرضدار رهيس

عشق جي واجبات ڇا چئجي

 

عمر گذري پئي ڄڻ عبادت ۾

تنهجِي تن ۾ تات ڇا چئجي

 

فرضَ الفت جو پيو لاهبو هردم

ٿي نه ٿي حاصلات ڇا چئجي

 

مون مان بيزار پر منهجي دل ۾

هر گهڙي تنهجي تات ڇا چئجي

 

منهن جي دل ۾ تون مڪين آهين

بي خبر تنهجي ذات ڇا چئجي

 

جنهن جي اميد هئي ته اچڻي آ

نه آئي سا برآت ڇا چئجي

 

حسن جي سلطنت خدا جو ڪرم

قرب جي ڪائنات ڇا چئجي

 

جا عدوءَ تي نرم ۽ مون تي گرم

سا نظر التفات ڇا چئجي

 

ٿي سڀئي ويا هم رڪاب اي ناز

باقي تون باقيات ڇا چئجي

ڀٽ شاهه

غزل 43

طرح:درِ يار جي خاڪ اڪسير آهي

 

فتح دل ڪڏهن ڪئي نه شمشير آهي

قرب سان ئي ٿيو قلب تسخير آهي

 

برائن تي تعميري تنقيد ڪيون ٿا

اها ئي ته شاعر جي شمشير آهي

 

هي عملي طرح منهن جِي ميدان ۾ آمد

مقدر سنوارڻ جي تدبير آهي

 

نه قطري کي دريا چيو ٿم نه چوندس

اها ئي صرف منهجي تقصير آهي

 

گلستان جو مالهي بدستور رهبو

چمن خاص ڪنهن جي نه جاگير آهي

 

ڏسي خود کان زياده مخالف جي طاقت

گهڙي لاءِ به دل ٿي نه دلگير آهي

 

پَڻي هُن جي پيرن جي لايو لڱن کي

درِ يار جي خاڪ اڪسير آهي

 

درِ مئڪده تان چُري ڪين سگهبو

پيل ڪنڌ ۾ ساقيءَ جي زنجير آهي

 

فتح نيٺ عاشق جي ٿيڻي آ ٿيندي

شڪستون رقيبن جي تقدير آهي

 

دٻائي نه سگهندين تون آواز ظالم

منهن جي ماٺ خاموش تقرير آهي

 

جمالِ حسنِ دلربا جي مقابل

شرم سار سج چنڊ جي تنوير آهي

 

رخِ يار قبلي برابر ٿا سمهون

سندس حڪم عاشق لا تڪبير آهي

 

مڃيو سين ته تون آهين معزز گهڻو پر

اسان جي به ڪِين ڪجهه ته توقير آهي

 

گوهر خودِ چمڪ پنهجي اوصاف جي ڪئي

صدف جي انڌيري ۾ تعمير آهي

 

ميان تو ٿي ماريو مونکي ڪان جنهن سان

لڳو توکي پنهن جو ئي سو تير آهي

 

ڪٿي ٿو اسان کي محبت ڪرڻ ڏي

هو هشيار ويٺو جو بي پير آهي

 

اسيريءَ جا آداب ملحوظ آهن

منهن جي آڏو ورنه ڇا زنجير آهي

 

لٽيو ڪاروان آهي منزل جي آڏو

ڪٿي بِگڙي افسوس تقدير آهي

 

ڪندا بندَ تنهجا هي سيلاب کي ڇا

تلاطم ڪڏهن روڪيو زنجير آهي؟

 

ذرا خيال سان مئڪده کي هلايو

سفيرِ عدو ويٺو بي پير آهي

 

جڏهن کان عدالت ٿي مجرم حوالي

سزا ۾ سدائين بي تقصير آهي

 

ٻڌي سڀ ديوانا ڪرين زير زندان

اهڙي ڪابه تو وٽ نه زنجير آهي

 

تلوار قهري ۽ تير ستم جي

رقم خون سان ڪئي مون تحرير آهي

 

نڌڻڪو اڪيلو متان ناز سمجهو

لطيفي سان ساڻي جو شبير آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org