سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :15

نظم ياراڻيون

ڪڏهن ٿيون دربدر بر ۾ ڪڏهن بردار ياراڻيون

نه ٿيون پر ترڪِ الفت تي ڪڏهن تيار ياراڻيون

 

نه مقصودِ جهان باقي نه مال و زر نگهباني

همه درڪار ياراني جني درڪار ياراڻيون

 

هوئڻ هستي دغا واريون مديون جن من اندر ماريون

انهن جون اڄ به اوساريون در و ديوار ياراڻيون

 

وفاتي سر ڏيڻ خاطر جفا وارن سان جنگ جوٽڻ

انهن اکرن رهيون دنيا اندر دشوار ياراڻيون

 

تلاطم خيز طغيانن مان ترهو عشق جو تاري

ڇڏي وييون قيامت تائين هر آثار ياراڻيون

 

عميقي عشق جن آيو سدا مند سمنڊ سوجهڻ جو

پيهي پاتار آڻينديون املهه انوار ياراڻيون

 

مڙي مچ تي سڙي سچ تي پروڙيو پهه هي پروانن

خودي کائي چڙهن پروان ٿيون خود دار ياراڻيون

 

رُٺل راڻا نه پرچائي سگهيون ٿيون بخت بي ياور

سڙي سوڍن سان گڏ ٿيون نيهن ۾ نروار ياراڻيون

 

مليراڻي محبت کي ڪري ڏس بند ڪوٽن ۾

کَسي سگهندا نه کاهڙ جون زرو دينار ياراڻيون

 

پنهل جي عشق ۾ پيادا پُرڻ بنتِ ڀنڀور آيو

جبل جهاڳڻ ٿيون سمجهن سڪ اندر سينگار ياراڻيون

 

لڪي لوڪان کٿوري رمز سان رانجهن کي ريجهائي

هليون ڪي هِيرَ جئن هر هنڌ ڇڏي هٻڪار ياراڻيون

 

نظر آئي جي صورت ساز ۾ سوزِ محبت جي

ڏيئي سِرُ سُرَ جي خاطر ڪن کليو کيڪار ياراڻيون

 

جني جون پرت مان پازيون اُڀيون ڪن سمنڊ تي آزيون

تني جون منجهه تڙن تازيون بندر بازار ياراڻيون

 

الک جي عشق ۾ پختا پچي ٿيا جوڳ ۾ جوڳي

رکي روزا محبت جا نه ڪن افطار ياراڻيون

 

آ مشڪل مفت جس ماڻن ۽ سلطاني سُهاڳ آڻڻ

زمانو سک ستو سارو رهيون بيدار ياراڻيون

 

نه روڪيو عشق ابراهيم کي ڪنهن نار نمرودي

جهنم کي بنائي ويون گل و گلزار ياراڻيون

 

سچن سان صدق دل جن جي سدا سلمانَ جئن ثابت

اٿي منڪر نڪير آڏو سي ڪن تڪرار ياراڻيون

 

ڪري درس وفا جاري رسيون معراج اِلفت تي

ڪنديون ويون عشق کي سجدا تههِ تلوار ياراڻيون

 

غضب جي پياس ۽ بک ۾ ستم سهندي قتل ٿيندي

برابر ٿيون نه يادِ يار کان بيزار ياراڻيون

 

تنوارون جن جون تن من لا دوا آهن شفا آهن

ڪٿي ڳولهيان ڀلا سي اي دل بِيمار ياراڻيون

 

نه منهنجي قتل تي نادم ٿيو سرڪار مان صدقي

اسان اقرار مان سمڌو ڪنديون انڪار ياراڻيون

 

محبت ۾ لطيفي عهدو پيمانِ وفا کان پوءِ

ٻڌيون سين ڪين ڪڏهين بر سَرِ پيڪار ياراڻيون

 

محبت آ عداوت لا عداوت آ محبت لا

پسايون دورِ حاضر نازَ پُراسرار ياراڻيون


 

 

نظم راجا ساءِ پير جو ڳوٺ

حرن جي حميعت جو نالو آ راجا

ڪنگري جي قوت جو نالو آ راجا

وڏن جي شباهت جو نالو آ راجا

۽ سورهيه جي صورت جو نالو آ راجا

شهنشاهه سلامت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

شهاڻي شرافت جو نالو آ راجا

امن جي ضمانت جو نالو آ راجا

سگهاري جميعت جو نالو آ راجا

جو مسلم قيادت جو نالو آ راجا

پرجا جي قسمت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

بهاري جي رنگت جو نالو آ راجا

نظارن جي حيرت جو نالو آ راجا

ستارن جي فطرت جو نالو آ راجا

حَسينن جي حسرت جو نالو آ راجا

لطيفي لطافت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

هو نظر جي نائڪ جو بسمل ٿو ڏسجي

غمِ حسن فطرت جو گهايل ٿو ڏسجي

هو مظلوميت ڏانهن مائل ٿو ڏسجي

خدا ڄاڻي هو ڇو دکايل ٿو ڏسجي

ڳجهي ڪنهن بغاوت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

صبح جي گهڙي آهي هن جي شهاڻي

مگر شام گذريس ٿي درد هاڻي

لڳي ٿي طبع هن جي ڏاڍي نماڻي

عجب منهنجي ممدوح جي آ ڪهاڻي

حساسي طبيعت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

اکيون شاه مردان جي تمثيل آهن

رخ جَدِ امجد جي تڪميل آهن

مثالِ حسن ۾ ڪنول جهيل آهن

سدا حسن و سيرت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

اکن ۾ انوکا ڪي ارمان هنکي

لڪل سور جا دل ۾ سامان هنکي

رهن جيءَ ۾ مخفي ڪي ارمان هنکي

قريبن جا ڌڪ دل ۾ مهمان هنکي

شڪايت ۽ حسرت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

عجب جهڙي طرزِ حيات آهي هنجي

ڀريل قرب سان ڪائنات آهِ هنجي

ڇا رشڪِ زمانا صفات آهي هنجي

شهر روشنائن جو رات آهي هنجي

طراوت لطافت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

ڪڏهن خوش ڪڏهن سخت غمگين آهي

غضب ڪٿ ڪٿي دل جي تسڪين آهي

مٺائي سان گڏ ڪڏهن نمڪين آهي

سندس شخصيت جاه و تمڪين آهي

عجب جهڙي صحبت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

هو بزدل دغاباز جو آهي دشمن

وفادار ماڻهن جي لاءِ آهي گلشن

سندس اهل دل جي دلن ۾ نشيمن

وفائن سان ڀرپور آهُن جو دامن

عجيبن جي الفت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

دنيا کان غمن کي لڪائي پيو گهمندو

نه ڪڇندو نه پڇندو رڳو پيو آ هلندو

اچانڪ مگر جي ڪو انسان آ ڏسندو

خموشي کي ٽوڙي انهي سان آ کلندو

انهي خاص خصلت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

ڪڏهن تنگ ڪرڻ لاءِ چوريندو ويٺو

سڳو خوش مزاجي جو سُوريندو ويٺو

ايئن حوصلا ڪنهن جا توريندو ويٺو

رهي بي خبر جيءُ کي جهوريندو ويٺو

انهي نياري حرڪت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

مذاقن ۾ مارڻ به هنکي اچي ٿو

مئن کي جيارڻ به هنکي اچي ٿو

ڪيل قولُ پارڻ به هن کي اچي ٿو

۽ دشمن سان گهارڻ به هن کي اچي ٿو

مزاجي شناخت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

پراون کي پنهجو بنائي ٿو ڄاڻي

۽ پنهن جن کي سڪ ۾ سڪائي ٿو ڄاڻي

نڀي جئن به جڳ سان نڀائي ٿو ڄاڻي

مگر ڳالهه پهجي مڃائي ٿو ڄاڻي

انهي علم و حڪمت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

اچي جيڪو هڪوار هن سان آ ملندو

عمر ڀر سو گرويدو ٿي هن جو رهندو

پلڪ لاءِ به هن کان پري ڪين ٿيندو

ڪڙي قرب جي ۾ جڪڙجي آ ويندو

شهد جي حلاوت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

هو ڪنهن ڀي مخالف کان مغلوب ناهي

دغا باز طالب جو مطلوب ناهي

فريب زماتا سان منسوب ناهي

هو يارَن جي دشمن جو محبوب ناهي

هماليه جي هيبت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

سدائين دلن تي حڪومت آ هنجي

عجب هي مقدس سياست آ هنجي

زماني تي ثابت شرافت آ هنجي

سچائي وفائي طبيعت آ هنجي

انهي بامروت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

زمانو زيارت لا حيران آهي

پسڻ هڪ جهلڪ لا پريشان آهي

دکايل دلن جو هو درمان آهي

سندس ڀاڳ ۽ بخت دربان آهي

سدا زيب زينت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

ٿئي قرب حاصل زهي خوش نصيبي

ته وسري وڃي ٿي اميري غريبي

مسيحا مثل هيءَ طبع آ طبيبي

سندس ذات ۾ آ هدايت حبيبي

انهي رب جي نعمت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

آ شجر طبيعت ثمر جهڙو روشن

اسم آ دعا جي اثر جهڙو روشن

ضمير آهي نور سحر جهڙو روشن

سدا رخ آ شمس وَ قمر جهڙو روشن

نزاڪت نفاست جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

هي محسوس ٿي ٿِي ڏسڻ جي نه آهي

سندس قرب جي تند ٽٽڻ جي نه آهي

زماني ۾ ملهه سان وٺڻ جي نه آهي

کپائڻ سان جيڪا کپڻ جي نه آهي

انهي دل جي دولت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

اشاري سان هن جي لکين سر کي وارن

هزارين ٿا هر روز چؤکٽ ٻُهارِن

اچي بخت پنهجي کي هت ٿا سنوارن

ڪروڙين ٿا هر روز واٽون نهارن

اکن جي طراوت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*

اسان باده خوارن جو پير مغان آ

زمين هن جي محفل جي ڄڻَ آسمان آ

رهيو مئڪشن تي سدا مهربان آ

فد پنهجي ساقي تي پيرو جوان آ

خمارن جي خلوت جو نالو آ راجا

سراپا محبت جو نالو آ راجا

*


 

 

نظم شيرِ سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر مرحوم

 

نالو نشان بر پڌرو هن جو

دامن صاف ۽ سٿرو هن جو

جاءِ پناهه هو حُجرو هن جو

کاتو سدائين اجرو هن جو

يارَ هئا بس هن جو ناڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

خوش ٿيندو هو ڪم ڪرڻ ۾

هن ۽ هن جي ڳالهه ٻڌڻ ۾

خط لکڻ ۽ فون ڪرڻ ۾

منصف ٿي انصاف ڪرڻ ۾

خلقن جو ٿي عرض اگهاڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

عمر گذارئين کلندي کلندي

راند بخت سان رهندي رهندي

حاڪم کي حق چوندي چوندي

مسڪينن لاءِ وڙهندي وڙهندي

پاڻ رکيئين ٿي سدا اياڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

وڏن ماڻهن جي لاءِ وڏو هو

پاڻ ننڍن کان هوندو ننڍو هو

ظالم جابر لاءِ ڪنڊو هو

زورن زبرن لاءِ ڏنڊو هو

طبع فقيري رعب شاهاڻو

مير هو مهجو موتيءَ داڻُ

*

مرڻ سندس تي تخت رنو پي

اوچتي موت تي لخت رنو پي

پار ڪڍيو ڇا وقت رنو پي

ڀنڻ ڪيو ات بخت رنو پي

ڇو ٿي ڪيئي مهمير لاڏاڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

فخر مٿس ڪيو سندس قرابت

سهڻي لڳي ٿي هن جي رقابت

وَڻندڙ هن جو زورِ خطابت

شان واري هئي هن جي سياست

اڄ جي ڏاهن کان هو سياڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

فاتحا ڪنهن جي ڪين رهايئين

شادي مرادي ڪين ڇڏيائين

غريب غُربي سار لڌائين

سڀ سان وڌ ۾ پير ڀريائين

شيرِ سنڌ هو راڄ جو راڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

قرب منجهان ٿي ڀاڪر پاتئين

سڀني کي ٿي ڪرسي آڇئين

اڌ ڳالهائي ٿي مشڪل لاٿئين

اٿڻ مهل ٿي ڇاتيءَ لاتئين

ڪين ڏيکارئين ڏيکُ ميراڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

ٻيا ئي جو هُن ورق نه ڄاتو

اڇن ڪارن جو فرق نه ڄاتو

دوکي جو پڻ سبق نه ڄاتو

هن جهڙو ڪهن خلق نه ڄاتو

قائم رکيائين شان ميراڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

ڏسڻ سان ئي ٿي کِلي ڏنائين

ڪين مدي ٿي منهن ۾ ڏنائين

سور ويريءَ جا ڀي ٿي ٻڌائين

جو هُئس وس ۾ سو ٿي ڪيائين

ڪين ڪيائين ڪڏهين ماڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

پيرَ ڀري جو هُن وٽ آيو

ڪونه ڏٺئين ٿي پنهجو پرايو

صرف چيئين ٿي سچ ٻڌايو

پنهجا پنهجا سور ونڊايو

هر ڪنهن جو هو ڄاڻو واڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

ڪين آئي کان ذات پڇئين ٿي

هر ماڻهوءَ کان بات پڇئين ٿي

ظلم سندي ظلمات پڇئين ٿي

ان جو حل حالات پڇئين ٿي

پاڻ توڻي هو دردن هاڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

بي واهن جي واه هيو هو

بي ساهن جو ساهه هيو هو

هيڻن جو همراه هيو هو

ماڻهن جو ويساه هيو هو

سنڌ جو خدمت گار پراڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

سدا هَو حق جو پاسو وٺندو

سڀ کي منهن تي سچ هو چوندو

هيڪر جنهن سان گڏ هو بيهندو

پير نه پوئتي پوءِ هو هٽندو

سياست ۾ ڀي ڪين وڪاڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

يارن جو هُو يار هو سائين

پيارن لاءِ هو پيار هو سائين

سڀ جي هئين جو هار هو سائين

ٻارن سان هو ٻار هو سائين

دل جو دلبر ساهه سيباڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

مسڪينن جا روشن هئا گهر

وريتن جا زندهه هئا وَرَ

جڳ کي آٿت هن جي هئي پَرَ

هُن جي وڃڻ سان ڪَرين پئي ڪَرَ

ڏيئو جڳ جو يار اجهاڻو

مير هو منهجو موتي داڻو

*

بي وڙن سان وڙ ڪيائين

اگلن سگلن ساڻ نڀايئين

ڇنڻ وارن سان ڀي نه ڇنائين

پاڻ انهن کي گهڻو ڀايائين

ڪين ڪڏهن ڪيئن ڪهن سان رُساڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

*

حيدر مير رفيق سلامت

پاڻَ ۾ رهندن قرب محبت

ججهي ملندن رب کان عزت

ناز لطيفيءَ جي آهن طاقت

سدا وسي پيو مير جو ڀاڻو

مير هو منهجو موتيءَ داڻو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org