سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :17

هالا- 1975ع

مزاحيه نظم اڻ پيندڙ ساقي جو تخلص سڏائيندڙ

محفل ۾ مئڪشي کان نه نادان نٽاءِ تون

پي پي ۽ پيار پرت جي محفل مچاءِ تون

رندن جي رس رهاڻ کي روح ۾ رچاءِ تون

يا مئڪده مان قدم کي پٺتي هٽاءِ تون

نڪ ناس توکي ناهي نه لڄاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

هي دورِ مئڪشي هي جوان موسمِ بهار

ساقي اڃا پيار جي پيئندڙ ٿا ڪن پڪار

مدهوش هر طرف سڀئي مستي ۾ بي ميار

هر وقت بزم مان آهي تنهجو مگر فرار

چرٻٽ نگر جي چٻ وڃي جهر جهنگ وساءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

رندن جي رات ڀر هي تقاضائي مئڪشي

گوندر غمن کان دور هي مدهوش زندگي

اي بي خبر هي جام آ پيغام آگهي

ساقي جي دستِ مست ۾ رقصان آ هر خوشي

چونڪن تي سيڪرين جا شربت کپاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

قطرو نه ٿيئي نصيب ۽ ساقي سڏائين تون

رندن سان گڏ رهين ۽ پيئڻ کان نٽائين تون

ڪَئِين عُذر داريون ۽ ڪي بهانا بنائين تون

مُنهن جو پڪو ٿي پاڻ کي مئڪش چوائين تون

سرڪس ۾ مسڪري ڪري ناٽڪ رچاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

محفل ۾ هر گهڙي ٿو رهي تنهجو بند ٻٽون

هر دم تون مفت مال جي جهوري ۾ ڏين جهٽون

ڪنجوس پڻ جون روز ٿو ڪوڙين ڪڍين ڪٽون

پيو منهن تي رڪ ٻڌيو هڻين سگريٽ لاسٽون

اڌڙن تي ڪر گذر يا ڪاڀُنگري دکاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

تون يارِ وفا ڪونه ٿئين ڪنهن به يار جو

کائي فريب روبرو جو توسان پيار جو

پرپٺ شڪار سو تنهنجي بڪ بڪ جي وار جو

وجهه سر منڊل ڳچي ۾ پرائي پچار جو

غيبت گلاجي تال تي بغلون وڄاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

مان ٿو وڃان ته منهنجون  تون اهلون ٻڌائين ٿو

ڇو وات جا وڪڙ اڙي واندا وڃائين ٿو

محفل اندر گلا جي ڇو بدبوءِ مچائين ٿو

ڪئن سڀ جي روبرو ايڏيون گئسون کپائين ٿو

اٿ بول کي ڇنڊي ڪو ڌماڪو ٻڌاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

شيرن سان ڇو شغال ٿا ڪن ڇيڙ خانيون

ڪٿ پنجئه ببر ۽ ڪٿي پان دانيون

ڪي عادتون اڃا به رکن ٿا زنانيون

ظاهر ظهور پاڻ ۾ مخنث نشانيون

پانڊي فقير بنجي پوءِ تاڙيون وڄاءِ تون

ڪجهه خيال ڪر جناب نه ساقي سڏاءِ تون

*

قطعِ ناز

 1

جفا جي تيغ اسان تي جي آزمائيندين

غيور ذات کي محڪوم ڇا بنائيندين

جي پيو ضرور ته سر ڏينداسين سر ميدان

اسان ڪا شاخ ناهيو جو تون جهڪائيندين

 

2

اسان جي خون سان ميدان شهر ڀري ڇڏجان

اسان جا لاش پري سر پري پري ڇڏجان

اسان جي ۽ پنهجي تاريخ جو مطالعو ڪر

پوءِ نيست ۽ نابود ڀل ڪري ڇڏجان

 

3

اسان کي خوف نه ڏي تيغ کڻ ۽ هڻندو آ

اسان کي تيغ سان ڪپجڻ به ڏاڍو وڻندو آ

مگر هي خون نه هاڻي وهاءِ ڌرتي تي

اسان جي رت جو قسم آسمان کڻندو آ

 

4

زندگاني به عجب طرح جو مفهوم آهي

جنهن ۾ انسان ڪڏهن حاڪم ڪڏهن محڪوم آهي

ناپسنديده مگر آهي اها طرزِ حيات

جنهن ۾ هڪڙو آ حاڪم ته ٻيو محڪوم آهي

 

5

حقِ انسان حدِ آدمي تقسيم ڪندين

جهن کي مَلڪَن ڪيو سجدو تهن جي تعظيم ڪندين

مان به لک ڀيرا اچي تنهجو پو سلام ڪندس

جڏهن انسان جي عظمت کي تون تسليم ڪندين

 

6

هي سڀ زمين و فلڪ شمس هي قمر مون لا

خدا خلق ڪئي هي شام هي سحر مون لا

اسان جي ذات سان جي دل نه ٿي لڳي تنهجي

رهڻ ڏي دوست نه تڪليف ڪابه ڪر مون لا

 

7

سڄو پروڻ مثل آهي هي جگر منهجو

هي ڏسندي آئي آ ناسور هر نظر منهجو

رهڻ ڏي چوده سو ساله پراڻي زخمن کي

علاجِ درد جگر چاره گر نه ڪر منهجو

 

8

هي ظلم و جور جي روئداد نيٺ ٿيندي ختم

ڏسي پيو رت جي اکن ساڻ سج به رنج و الم

افق تي شام و سحر جا ٿئي ٿي لالائي

فلڪ ٿو روز کڻي خونِ بيڪسان جو قسم

 

9

ابنِ آدم تنهجي عظمت جا عجب رنگ آهن

تنهجي پرواز جا تارن کان مٿي دنگ آهن

هت ته مخلوق جا حاڪم ٿا سڏجن اهڙا

جن کان پنهجي ئي پاڙي جون حدون تنگ آهن

 

10

اسان جي سر کي جُهڪائڻ لئه دنيا ڌوڌ ڌنيا

بجز خدا نه جُهڪياسين سوين هٿيار هليا

اسان جو سجدو به تولا ٿيو واجب تقليد

اسان جڏهن به جهڪياسين ته سِرَ ٻين پي کنيا

 

11

هي وڏائي هي تڪبر رڳو خفقان  آهي

بس مساواتِ انسان منهجو ايمان آهي

ابن آدم لاءِ حياتي آ اها عظمت دار

جنهن ۾ انسان جو نالو فقط انسان آهي

 

12

رسمِ وفا ڪڏهو ڪوئي آهي ختم هتي

مظلوم تي روا آهي هرڪو ستم هتي

ڪم ظرف بنجي ڪن ٿا جي سودو اصول جو

سڀ جي نگاه ۾ آهن سي محترم هتي

 

13

منهن جي جذبن جي ڀلا ڪئن تو راه روڪيندين

جا دل مان اڀري سا ڪئن تون آه روڪيندين

هتي ته سوز ڀي آ همٿ ڀي ۽ غيرت ڀي

ڪنهن ڪنهن کي تون عالم پناه روڪيندين

 

14

لکين دليون ٿيون روئن تنهجي هڪ تبسم تي

ايئن پيو ڪر جئن تسڪين ٿي سگهي تهجي

اچي نه جسين تنهجي هِن مزاج ۾ ڦيرو

خدا ڪري ته ڪا ڪوشش نه اگهي تنهجي

 

15

گڏيا هر گام تي اعداءِ صحبت ليڪن

مونکي هن راهِ حقيقت تان هٽائي نه سگهيا

مونکي مجبور محبت ۾ ڪري ويا هو ضرور

منهجي مجبور محبت کي مٽائي نه سگهيا

 

16

هي سِرَ وقت جي هيبت کان نه خم ٿيندا

اسان جي هٿن ۾ سچائي جا الم هوندا

زوالِ شب آ اونداهي وڃڻ ۾ آ

طلوعِ سحر سان غاصب جا سِرَ قلم ٿيندا

 

17

انسان جي دشمن کي اچو سخت سزا ڏيون

مقتل آ اگر قصرِ سياست ته جلايون

ڇو ظلم سهون ظلم کي تقدير سمجهندين

اڄ ڇو نه وري عزمِ بعاوت کي هوا ڏيون

 

18

آخر زمان امام سوا ڪير آهي ٻيو

جنهن لاءِ جهان اڄ به سڄو منتظر هجي

اُنَ لافتاح علي جو بيان شان ڇا ڪجي

جنهن جو نذير معجزو بحث و نشر هجي

 

19

اسان هر دور ۾ تعمير حق پرستي ڪئي

اسان هر دور جي حاصل جي علامت آهيون

اسان هر عهد جي تاريخ کي اُجاريو

اسان صدين جي ڪتابن جي عبارت آهيون

 


 

ڇهه سٽا

1

تذليلَ مَقامِ بَنِي آدم نه ڪنداسين

تنظيمِ مساوات کي برهم نه ڪنداسين

انصاف کي انڌير اندر ضم نه ڪنداسين

مجرم کي ڪڏهن حال جو مُحرم نه ڪنداسين

هيءَ جان رهي يا نه رهي غم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

2

ٿي دوست رهي يا ٿئي دشمن هي زمانو

حالات فقيري هجي يا رُعب شاهاڻو

تنگ دست رهون يا ڪو ملي مال خزانو

معتوب رهون يا ٿيون حڪومت جو نشانو

هر حال ستم گار کي هم دم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

3

انسان لا خالق ڪئي انسان کي تعليم

هن حڪم ۾ ٿي سگهندي نه ترديد نه ترميم

انسان تي واجب آهي انسان جي تعظيم

جيسين نه ڪندو عظمت انسان کي تسليم

تهذيب جي دشمن سان تڪلم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

4

سودو هي صفا دل سندي بازار ۾ آهي

دم ان جو هڻون ٿا جيڪو اختيار ۾ آهي

مطلب اهو اقرار ۽ انڪار ۾ آهي

جيڪي آهي دل ۾ اهو گفتار ۾ آهي

ڌوڪي کي سچائي تي مقدم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

5

دشمن جو جهان ٻيو آهي يارن جو جهان ٻيو

ٽانڊن جو جهان ٻيو آ ستارن جو جهان ٻيو

پت جهڙ جو جهان ٻيو آ بهارن جو جهان ٻيو

سرمي جو جهان ٻيو آ اڱارن جو جهان ٻيو

جگنو تي گمانِ مهه و انجم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

6

سڀ گردشِ افلاڪ جا آثار مڃون ٿا

ڏيندو آ عدو هر گهڙي آزار مڃون ٿا

ڏک سک کي حياتيءَ سندو سينگار مڃون ٿا

رهندي نه سدا درد جي ديوار مڃون ٿا

اکيون پهجي تڪليف ۾ پرنم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

7

سچن ۽ سچارن سان عقيدت آ ازل کان

مظلوم سان والله محبت آ ازل کان

در حسب نسب نور سان نسبت آ ازل کان

حق لکبو حقيقت سان مودت آ ازل کان

ڪارو رڳو ڪتاب جو ڪالم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

8

رکندا نه اسين آهيون پراون تي ميارون

اغيار کان ٿيندو نه ڪڏهن درد جو دارون

پهن جن جون حياتي ۾ لهن سڄڻ ٿا سارون

دل ۾ به اٿن تن جي لا پلپل ٿيون پڪارون

پَنهن جَن جي ڏنل زخم جو مرهم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

9

جت فاصلا هوندا اتي ڇيڙا به ٿين ٿا

جي سمنڊ عميق آهي ته ٻيڙا به ٿين ٿا

بِر پٽ جتي آهن اتي ميڙا به ٿين ٿا

پنهن جن سان ڪڏهن پيار جا جهيڙا به ٿين ٿا

وسڻو نه جتي هوندو ته آگم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

10

يا سيج هجي سک جي يا سوري هجي سامهون

يا قرب قريبن جو يا دُوري هجي سامهون

دنيا هي عداوت جي لا پوري هجي سامهون

دشمن جي ڀلي فوج سموري هجي سامهون

هر دور جُهڪائون پنهجو پرچم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

11

تو وانگي طفل بنجي ڪا حرڪت نه ڪئي سون

مرضي پنهجي ڪرسيءَ تي فروخت نه ڪئي سون

ڪوڙن تي فدا ڪڏهن حقيقت نه ڪئي سون

ڦل جنهن جو کڻن ٻيا اها محنت نه ڪئي سون

مشغول تماشا ايئن عالم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

12

جد پاڪ اٿو حيدر ڪرار اسان جي

پيغامِ اجل ڪفر لئي للڪار اسان جي

مشهورِ زمانه آهي تلوار اسان جي

آ موت يزيدن جي مٿان هار اسان جي

ٻوڙينداسين پر شورو تلاطم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

13

خالق جي رضا ناز طرفدار اسان جي

سيد آهيون مڃ قوم آ سردار اسان جي

جت سر ٿو جهڪائين اها سرڪار اسان جي

الله جي گهر جي درو ديوار اسان جي

خود پنهجي ئي ديوار ۾ جوکم نه ڪنداسين

ظالم جي اڳيان سر کي ڪڏهن خم نه ڪنداسين

 

ڪافي (1)

ٿلهه:

اڄ ڪهڙي لاچار دلبر رهايو

 

هُو اچڻو ته هو پر اَلئي ڇو نه آيو

 

 

 

ازل کان غمِ دل مقدر ۾ آهي

 

ستايو حسينو ڀلي پيا ستايو

 

 

 

لڪل هو زماني جي نظرن کان جيڪو

 

نگاهِ محبت سو سڀ ڪجهه پسايو

 

 

 

عجب ڪشمڪش ۾ شبِ وصل گذري

 

پرين پي نٽايو اسان پي ستايو

 

 

 

ملي ڄڻ مونکي سڀ زماني جي دولت

سڄڻ جنهن گهڙي دل کي دل سان ملايو

 

 

 

خدا ڪيو بچي ويس ستمگر صنم کان

مٺو موم دل آهي مولا ملايو

 

 

 

رهي هو به بي چين مونکان سوا ٿو

پنهنجو چينِ دل آ مون جنهن لاءِ ڦٽايو

 

 

 

لطيفي ۽ دلبر رهن ٻئي جو خوش ٿا

انهي ساڙ اڄ آ گهڻن کي جلايو

 

ڪافي (2)

خبر ٻي ڇا ڪيان يارو منهجو ماههِ لقا هئي هئي

پرين هئي هئي سڄڻ هئي هئي سندس قرب و عطا هئي هئي

 

عشق آهي خلل ذهني عزيزو مان هيس چوندو

مگر اڄ ڇا ٿيو آهي چوان پيو دلربا هئي هئي

 

پڪا پختا هيا ڏاڍا منهجا ٻئي نيڻ اي واعذ

خدا ڄاڻي ته ڀلجي ڪئن ڪئي ٿن ها ۾ ها هئي هئي

 

بدن نازڪ خمِ ڪاڪل لب و دندان به وهه جا ٿس

گلابي ڳل ڀرون ڀالا اکيون ٻيون سرمه سا هئي هئي

 

نگاهن آ ڇڏيو ماري چپن آ ڪيو جدا چريو

ڇڪيو زلفن جدا مون کي ڪٺو ابرن جدا هئي هئي

 

هيس چوندو اکيون ۽ دل ٻئي پنهجي آهن وس ۾

خبر ناهي ٿيو ٿن اڄ الائي ڇا مان ڇا هئي هئي

 

رڳو مان هت نه هُيس بي وس اوڏانهن هن کي به هو آرو

اسان جي بس نهارڻ تي ڪيائين آ ۾ آ هئي هئي

 

لطيفي جي صنم اڳيان حسن خود ناز فرما آ

قمر سورج شرمندو آ ڪتيون تارا جَهڪا هئي هئي

ڪافي (3)

ٿلهه:   حُسنَ وارا الائي ڇو مون کان مُنهڙو مٽائين ٿو

سڄي دنيا سان راضي پر فقط مون کي ستائين ٿو

 

اهي رمزون عجب واريون مٺا ڪنهن کان سکي ورتئي

ڪڏهن لوڌيو ڪڍين ٻاهر ڪڏهن ڀر ۾ وهارين ٿو

 

ڦـُرين دلڙيون هزارين ٿو ڪرين پيو خون هيڪاندا

اِهي ڦٻندئي ته ڏاڍايون سدائين جي هلائين ٿو

 

نه جي ناتو هلائڻو ٿئي صفا مون کي ٻڌائي ڇڏ

مناسب ناهه هي ڪوڙي تون ها ۾ ها ملائين ٿو

 

خبر ناهي ڪئي ڪهڙي وڏي تقصير تنهجي ٿم

سڄڻ ٿوري سهوَ خاطر ستم ايڏا سهائين ٿو

 

آهي بيٺو هي ساجهر کان توهان جو در وٺيو دلبر

لطيفي ناز کي تون ڇو نه اي سهڻا سڏائين ٿو

ڪافي (4)

ٿلهه:   اچ پرين اوري ته هڪ ٻي ساڻ هيڪر اوريون

        برهه واريون باتڙيون ڪي ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون

 

ٻڌ منهجا منٺار سائين تنهجي فرقت جي سبب

تنهجو ڳالهيون اڄ وڌي مون وٽ ته آهن وڻ ٿيون

 

دلربا تنهجا ڏنل تو کان لڪائي ڪئن نه هي

درد دک ۽ سور ساري ڏس ته ويٺا پاليون

 

ڇا پڇين ٿو يار منهجون ڪئن ٿيون گذرن گهڙيون

ڪهڙو آ گهارڻ ويٺا ٿا ڏينهن جئن تئن گهاريون

 

ڀال تون پنهجا ڀَلائي ميٽ مُنهجون سڀ مديون

مونکي هُوڏي تون نه مُنهن ۾ جي مون آهن ڪالهه ڪيون

 

من منهجي جا ٺار مورڳو منهن نه مون کان موڙ تون

آءُ تون اي ناز منهجا ڪجهه ته دل من ٺاريون

ڪافي (5)

ٿلهه:   مٺا مُنهن کي موڙي نه ماڳهين مٽين ها

جدائي کان اڳ دم ڪو جانب جٽين ها

 

اڃا مس ته آئين ۽ ايندي وڃين ٿو

گهڙي کن ته ويهي اسان وٽ ڪٽين ها

 

عمر ڀر نڀائڻ جا واعدا ها پنهجا

هي سڀ ڪجهه وساري نه پيارا هٽين ها

 

ڪٽيان پيو عمر ڀر جو قيدِ جدائي

اچي موت منهجا ته ڪي ڏينهن ڪٽين ها

 

غمِ دل جي دل سان ڪري دلربائي

دنيا جي مڃيل دلبرن کي لٽين ها

 

تڪي راهون رستا ته تارا ٿا نڪرن

نه تون ويل مون وٽ اچڻ جي مٽين ها

 

جگر جا زخم ۽ هي سرطان دل جو

مسيحائي منهجي ڪري تون مٽين ها

 

پنهجو دل جو دل سان سروبر هو سودو

ڏسي حال هيڻان نه هاڻي هٽين ها

 

جدا اڄ جنازي کان جاني ٿئين ڇو

لطيفي جو تون لوڙهه هٿ سان لٽين ها

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org