سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :2

1970

غزل 1

طرحي غزل:

جي هڪ تنهجو واعدو وفا ٿي پوي ها

صاحبِ طرح: ناز لطيفي

 

”جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها.“

ته ڪجهه دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها.

 

رهين ڪين ڪڏهين ڪا هڪ رات مون وٽ

جي ترسي پوين ها ته ڇا ٿي پوي ها

 

بِلو ٿي پوي ها غمِ دل جو جيڪر

بِمائل ڪرم دلربا ٿي پوي ها

 

پِرين ڪِئن پري ٿي وڃي ها نظر کان

جي منظور منهنجي دُعا ٿي پوي ها

 

کڻين هان نه خنجر تون گردن تان قاتل

ڀلي ڌڙ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها

 

رکي سِرُ درِ يار تي پوءِ کڻان ڪيئن

نمازِ محبت قضا ٿي پوي ها

 

پُڇي ڀي نه ها ڪو دنيا ۾ خوشي کي

زمانو جي درد آشنا ٿي پوي ها

 

جي سمجهين ها دل گهر خدا جو اي واعذ

ته دلبر کي سِجدو روا ٿي پوي ها

 

جي گهوريان ها سر هُن جي ناز و ادا تان

ته الفت جو ڪجهه حق ادا ٿي پوي ها

 

پڇان ها پرين کان مون ڪهڙي خطا ڪئي

مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها

 

کُلن ها خوشيءَ جا خزانا اسان لاءِ

جي چشمِ ڪرم تنهنجي وا ٿي پوي ها

 

سخا ڇا چوان شاههِ خُوبان جي يارو

ٻُڌي ها جي حاتم گدا ٿي پوي ها

 

چڱو ٿيو نقابن ۾ آئين صنم تون

هتي ورنه قيامت بپا ٿي پوي ها

 

لبن ساڻُ لب جي ملائين ها دلبر

تهجي ڪهڙي اربع خطا ٿي پوي ها

 

ڪاوڙ مَنجهائِي نهاريو ته ها پيا

اها شوخ اَهنجي ادا ٿي پوي ها

 

اجايو لطيفي کي، پيارا ٿا ماريو

هو از خود اوهان تان فدا ٿي پوي ها.

 

1973

غزل 2

طرح:

دلِ نادار وٽ دولت اڃا تائين اها آهي

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

سڄڻ ڏي شوق جي شِدت اڃا تائين اها آهي

دلِ ناڪامَ جي حسرت اڃا تائين اها آهي

 

اوهان ئِي حد لتاڙي آهي پيارا بي نيازي جي

اسان وٽ نياز ۽ نوڙت اڃا تائين اها آهي

 

بدلجي ويا گهڻن جا گردشِ افلاڪ ۾ طالح

صنم جي اوج جي رفعت اڃا تائين اها آهي

 

سندءِ عاشق کي اي دلبر ڇڏي جنهن حال ۾ ويو هُئين

رحم جوڳي سندس حالت اڃا تائين اها آهي

 

ڏنا سورن سندا سامان سوغاتون ڪري سڄڻن،

دلِ نادار وٽ دولت اڃا تائين اها آهي.

 

حَسينَنِ پهجو دنيا ۾ قدر پاڻهي گهٽايو آ

عُشاقن وٽ سَندن عزت اڃا تائين اها آهي

 

صُبح ۽ شام هُن جو نام ئي وردِ زبان آهي

صنم جي طلب ۽ طاعت اڃا تائين اها آهي

جفا جُو يار کي اڄ ڀي وفا جي ڏيون سلامي پيا

سڄڻ ڏي روح جي رغبت اڃا تائين اها آهي

 

ڪڏهن آيو نه پهجي روز جي معمول ۾ ڦيرو

غريبي حال موڙهي مت اڃا تائين اها آهي

 

به ظاهر زاهد و عابد اندر بدخواهي خلقت جي

پراڻي شيخ جي عادت اڃا تائين اها آهي

 

دلِ ويرانَ جي جهن دردِ الفت سان ٿي آبادي

اُنهي آزار جي عزت اڃا تائين اها آهي

 

ڪري پنهجو وڌايو قدر منهجو جئن پرين پياري

حياتي منهجي خوش قسمت اڃا تائين اها آهي

 

زيارت روز ٿي ٿِي پر پري کان پهجي پياري جي

فراقي حال ۽ فرقت اڃا تائين اها آهي

 

ذري ڀر جي نه دل ۾ آهي ڪا پرواز جي حسرت

قفس سان بچپني الفت اڃا تائين اها آهي

 

گهڻائي انقلاب آيا زمانا ويا بدلجي پر

نگاهِ ناز جي نسبت اڃا تائين اها آهي

1973

غزل 3

طرح:

مدت کان بعد اڄ وري محفل ڪئي اٿئون

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

دِل دِل نظر نظر جي مقابل ڪِئي اٿئون

”مدت کان بعد اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.“

 

هيڻان اسان جا حال اصل کان هئا مگر

دلبر جي دلُربائي ڏسي دل ڪئي اٿئون

 

هاڻي وڌي اوهان به ڪا نظرِ ڪرم ڪيو

ديواني دل هي عرض لا مائل ڪئي اٿئون

 

خونِ جگر پياري وفا کي جياري اڄ

دل مس وڃي ڏسڻ جي هي قابل ڪئي اٿئون

 

ڪو حوصلو رهيو نه ميرِ ڪاروان ۾ آ

بدنام مفت ۾ رڳو منزِل ڪئي اٿئون

 

جهوليون ڀري اُميد جون اُٿنداسين هِن دفعي

دِلِ اهڙي آستانَ تي سائل ڪئي اٿئون

 

تشريف آوري تي ڪيون ڪهڙي ٻي خوشي

راهن تي رَقصانَ اڄ دلِ بسمل ڪئي اٿئون

 

حافظ خدا چئي دلِ بسمل کي پيارَ مان

تيرِ نظر جي نيئي مقابل ڪئي اٿئون

 

منَ اڄ حُضور مان ڪري خارج نه رشڪِ ماه

دعوا وصال جي وري داخل ڪئي اٿئون

 

ويندي نظر ڪندو وري ايندي نظر ڪندو

بس رهه گذارِ دوست تي منزل ڪئي اٿئون

 

سورن وارا اچو ته ڪريون سورَ جي پچار

”مدت کان بعد اڄ وري محفل ڪئي اٿئون“

 

محتاج ٿي ٻِين جي اڳيان سوال پيا ڪيون

هٿ سان ڪمائي پهجي جو زائل ڪئي اٿئون

 

چئبو اِنهي کي پنهجي ئي اعمال جي سزا

شامت مٿي تي پاڻ ئي نازل ڪئي اٿئون

 

بحرِ بِرههُ وڻي ٿو ڀلي سِيرَ ۾ رهون

ڪشتي ڪڏهن نه طالبِ ساحل ڪئي اٿئون

 

سَچُ پَچُ قتل ٿيڻ ۾ مزو هاڻ ئي ته آ

تُهن جِي نگاهِ ناز جو قاتل ڪئي اٿئون

 

1984

غزل 4

طرح:

زوالِ حسن جي آيو ته ديوانا ڇڏي ويندا

صاحبِ طرح: ناز لطيفي

 

ڪَئِي ايندا پيا روزانو ڪي روزانا ڇڏي ويندا

ڪي تاريخون لِکي ويندا ڪي افسانا ڇڏي ويندا

 

لِڪي لوڪان نه چشمِ نازنين ٿا وارداتون ڪن

نشانيون دل جي ڌاڙي جَون، دليرانا ڇڏي ويندا

 

گل و بلبل هجن يا باغبان صيادُ يا گل چِين

چمن ۾ اثر پهجو سڀ جداگانا ڇڏي ويندا

 

پڇو ٿا وَرثو تَرڪو ۽ مَڏِي ڪهڙي پياڪن جي

صُراحي مَئي ۽ مينا چند پئمانا ڇڏي ويندا

 

تون ساقي مئڪشن جو وارُ بدلي جن کي پيارين ٿو

اُهي ڍُڪ جام جا پي بهڪي خُم خانا ڇڏي ويندا

 

وري موسم بهار آيو وري اهل جُنون اُٿندا

هو شوقِ دشت پئمائي ۾ ڪَاشانا ڇڏي ويندا

 

خدايا رونقون قائم تون رکجان دشتِ ويران جون

”زوالِ حسن جي آيو ته ديوانا ڇڏي ويندا.“

 

هلڻ صحرا ڏي وحشت ۾ جگر اهلِ جنون جو آ

هي عاقل اَور تي بيهِي ڏيئي طعنا ڇڏي ويندا

 

چمن ۾ باغبانو آمدِ صياد کي روڪيو

وگر مرغِ چمن مجبور آشيانا ڇڏي ويندا

 

صنم بيمار پهجي ڏي رڳو مُرڪي نگاهون کڻ

هي دردِ دل جگر ٻيئي دلِ جانا ڇڏي ويندا

 

لب و رخسار ۽ دامن جي داغن تي نه برهم ٿي

نشان مستي جا شاهد ڪي ته مستانا ڇڏي ويندا

 

ڏيڻ ڪم ظرف کي ساغر اِها توهينِ رندان آ

ڏنئي ٻيهر جي ساقي رندَ مئخانا ڇڏَي ويندا

 

اَسان جت سجدو ڪيو هيڪر سدا اُت سرجهڪيل هوندو

حرم وارا ڏيئي سجدا درِ جانا ڇڏي ويندا

 

عجب الفت عجت ڪلفت آهي مهجي عجيبن جي

ڪڏهن پيا جان ڏيندا ۽ ڪڏهن جانا ڇڏي ويندا

 

هي ليلائي غزل روئندي اڪيلو پاڻ کي سمجهي

جڏهن ڪنهن موسمِ گِل ۾ هي ديوانا ڇڏي ويندا

 

جي واعذ جي چوڻ تي بزم  ۾ پيرِ مغان هلندين

لطيفي ناز جهڙا يارَ مستانا ڇڏي ويندا.

 

1984ع

غزل 5

طرح:

روانو سوئي منزل ٿيو سخن جو ڪاروان آهي

صاحبِ طرح: ناز لطيفي

 

شروع ٿيو ذڪر جت ڀي جلوءِ شُعله رخان آهي

رَسِي منهجي تخيل جي زمين بر آسمان آهي

 

نگاهن جو تصادم ٿيو صنم سان ناگهان آهي

دلِ ناشاد ٿي وئي شاد ٿِيو جذبو جوان آهي

 

تغافل در نظر پنهان شڪايت بر زبان آهي

چشم بَدور پئدا ڇا نه ڇا ٿيو درميان آهي

 

اِهئي ڪک هئا سرمايو منهجو باغِ عالم ۾

بنايو حادثن ان کي به پهجو آشيان آهي

 

اسان کي خاڪ اميدِ وفا احباب ۾ ٿيندي

”اسان پنهجي وفا ڄاتي متاعِ رائگان آهي“

 

گهڻائي مئڪدهه ۾ هون موالي پياڪرن ليڪن

ڏسڻ جهڙو وقارِ لغزشِ پيرِ مغان آهي

 

سدا دارو رسن هُن کي عزيزو آهي للڪاريو

جڏهن ڀي اهلِ دل کولي زماني ۾ زبان آهي

 

قفس ۾ جا اسان ڪئي دوستو طرزِ فغان پئدا

اها مرغِ چمن جي وات اڄ نوڪِ زبان آهي

 

نشانِ پا جي ذريعي ڀي وڃِي منزل تي رسجي ٿو

مزو ڪجهه ٻيو مگر فيضانِ ميرِ ڪاروان آهي

 

جنوني حرڪتِ وحشت تي طَعنه زن جهان هوندي

سندم عزمِ سفر ساڳيون بيابان ڏانهن روان آهي

 

نه آبوءِ وفا رنگِ محبت جو ذور جنهن ۾

چمن اهڙي ۾ قسمت ٺاهيو منهجو آشيان آهي

 

ڏٺو اهڙي طرح اڄ پيار مان پياري پرين مونکي

دلِ مايوس جي ٻيهر تمنا ٿي جوان آهي

 

قفس ٽوڙي مان نڪتُس پرڪيان ڇا بدنصيبي کي

بچي شاخِ چمن هڪڙي نه بهرِ آشيان آهي

 

ڀنڀوليل وارَ دامن چاڪ ڏسندئي چيو دلبر

جهليو دربانو هن کي هي چريو آيو ڪٿان آهي

 

دڙا واريءَ جا ڍِرڪي خود هوا لڳندي ڊهي پوندا

مٿاهين هر بلنديءَ کي نه سمجهو آسمان آهي

 

شڪسته آرزو کي ڪَئين ويا آهن ورهيه گذري

اڃا تائين نگاههِ ناز مون کان بدگمان آهي

 

”وڏن آسن اميدن سان فروغ و ادب لايارو

روانو سوئي منزل ٿيو اسان جو ڪاروان آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org