سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :14

مٽياري

غزل 78

طرح:

جهان جي روپ ظاهر ۾ ڪئين دانا بدلجي ويا

صاحبِ طرح: بهاول جان سرهندي مٽياري

 

آئي جا موسمِ گلِ مست مستانا بدلجي ويا

بيابان ۾ رسيا مجنون ته ويرانا بدلجي ويا

 

آيو آ دور اهڙو دوست يارانا بدلجي ويا

ورهين جو دوستيون ۽ يار يگانا بدلجي ويا

 

اُٿي ادبن ڏنيون ڳنڍيون چريَن چاڪِ گريبان کي

ڏسڻ سان دلربا دلبر کي ديوانا بدلجي ويا

 

چيو مون ڪين ٿي منهن جو پرين جانِ بهار آهي

جئن ئي رشڪ بهار آيو هو ويرانا بدلجي ويا

 

ڪيا ڪم ظرف ڀرتي بزم ۾ پيرِ مغان جڏهين

تجارت جا دڪان بنجي هي مئخانا بدلجي ويا

 

نه آهي انتظاري بي قراري آهه و زاري اڄ

اڳيان رنگ ڍنگ عشاقن جا مجازانا بدلجي ويا

 

پتنگ ڇو سوجهري کان پياگهمن پاسيرا پاسيرا

شمع ۾ يا ڪَشش ڪانهي يا پروانا بدلجي ويا

 

 

غلامِ آل محمد حضرت بِهلول دانا جئن

جهان جي روپ ظاهر ۾ ڪيئي دانا بدلجي ويا

 

هيا ڀيڻيون ۽ ڀاڻا جت سندا هنجن جي ٻولي جا

اهي ڪانگن جي ڪانگيري ۾ ڪاشانه بدلجي ويا

 

عشاقن ۽ هي معشوقن ۾ ڪهڙو قحط آيو آ

سڃيون ٿيون عشقَ اوطاقون صنم خانا بدلجي ويا

 

وفا ۽ بي وفا جو فرق مٽجي ويو زماني مان

پيار ۽ پرت جي پرکڻ جا پئمانا بدلجي ويا

 

حسن اڄڪلهه عشاقن جي فقط آ وندر جو سامان

حسن جي پوڄا ٿيندي هئي سي افسانا بدلجي ويا

 

محبت جي مدرسي ۾ سڪڻ ٿا محب سيکارن

ڏٺاسين ڪَئين اُتان نادانَ ٿِي دانا بدلجي ويا

 

جنهن کي ڪجهه ڪين سمڌو سين اُهي ڀَورائي ڪم آيا

فخر هو جن جي صحبت تي سي فرزانا بدلجي ويا

 

سوا نبضن تپاسَڻ جي هڻن حاذق به ڀالا ٿا

حڪيمن خود جا نسخا ڀي حڪيمانا بدلجي ويا

 

وڏوئي ناز هو پهن جن عزيزن ۽ قريبن تي

ملي اغيار سان پنهجا ٿي بيگانا بدلجي ويا

ڀٽ شاهه

غزل 79

طرح:

قدم کڻبو ته منزل جو ملڻ آسان ٿي ويندو

صاحبِ طرح: حميد شهيد

 

ختم دُورِن رُسامن جو گڏيل اعلان ٿي ويندو

نَهه مان ها ڪرڻ جو ڪم حتي الامڪان ٿي ويندو

 

رقيبِ رو سياه جا چشم ٻئي کلندا ۽ روئندا پيا

اسان جو يار سان پختو پڪو پيمان ٿي ويندو

 

محبت جا سمورا معاملا ٿي حل ويا آهن

تعجب ۾ وجهڻ جهڙو سگهو اعلان ٿي ويندو

 

سڄڻ توکي ڏسڻ لائي تنهجو زخمي آهي زندهه

اهو جي آسرو لهندو ته هو بي جان ٿي ويندو

 

تنهجي آئي ته مس مس مَنُ ٿيو مسرور آ منهجو

ايڏو جلدي نه وڃ منهجو جهان ويران ٿي ويندو

 

پنهجي مشقِ ستم کان يارُ شايد بي خبر آهي

دلِ عاشق جا ڏسنديَ زخم هو حيران ٿي ويندو

 

پڇين ٿو مونکان منهجي يارَ جو ڪهڙو حسن آهي

صنم جي تون ڏسين تهجو خطا اوسان ٿي ويندو

 

سندم دل جو ڌڻي اهڙو ته سلطانِ حسن آهي

ڏسڻ سان واعذِ بي پير ڀي مستان ٿي ويندو

 

اي پوڄاري حسن جا حل ته ڪوئي حُسن ۾ وڙڪون

چڱو خاصو پياسن جو اُتي گذران ٿي ويندو

 

اڃا ڪجهه ماڻهپي جي جهلڪ ڏسجي ٿي دنيا اندر

صبان قحط الرجالي جو هتي بحران ٿي ويندو

 

جي راجا خود اچي مسڪين پرجا جي خبر لهندو

انوکو هي دنيا وارن جي لا بُرهان ٿي ويندو

 

ستم گر تون ستم پنهجي تي ڇالا ٿو ٿِئين نادم

ستم اهنجو دلِ بيمار جو درمان ٿي ويندو

 

وڏو ماڻهو رڳو سکڻو ئي هٿ ۾ هٿ ملائي جي

فقير بي نوا لاهي به هڪڙو دان ٿي ويندو

 

وهڻ سان ور نه ملندو ۽ نڪي سُتي پرين لهبو

قدم کڻبو ته منزل جو ملڻ آسان ٿي ويندو

 

مٺا غيرن جي اڳيان ناز کي ڀر ۾ وهاريندين

ته عاشق بي نوا جو معاشري ۾ مان ٿي ويندو

 

ايڏو سينگار جي ڇو ٿو مٽين بازار مان سهڻا

نظر بد ناظرو جو توڏي پيارا ڌيان ٿي ويندو

 

هالا

غزل 79 الف

طرحي غزل

جئـٖـين شال مونڏي به هڪڙي نظر

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

نوازيا نگاهن سان تو لک نڌر

جئين شال مونڏي به هڪڙي نظر

 

مَدائن کي ميٽي ڏيئي محب معافيون

خدارا خطا ڪار جي لهه خبر

 

فڪر فاصلن جا ٿين دل تان دُور

هجن جي هميشه سڄڻ هم سفر

 

سڄا ڏينهن توبن ڏڪاريل ڏٺم

اڱڻ تون جي آئين سوين ٿيا سُڪر

 

وئين دل کسي دل کسي وين ايئن

خبر ڪانه پئي ڪا نه پئي ڪا خبر

 

سَوين سور آيا سٺا سين مگر

جگر دردِ جو آهي دردِ جگر

 

دلن ڪين ڇڏيو درِ دِلبران هو

ڪيون دلبرن پر دليون دربدر

 

کوڻ جئن کَوَنِ دل تي وڄ جئن وسن

نِهان جي نظر ۾ ڪڪوريل ڪڪر

 

نهارن ته پُرنور لک نرگسون

کلن ٿا چمن در چمن ديدور

 

پڙهن ناز پرور جي ڪاڪل سندا

قصا جُهڙ جي جهونگر ۾ ڪارا ڪڪر

ڀٽ شاهه

غزل 80

طرح:

زمانا عجب رنگَ تهجا رهن ٿا

صاحبِ طرح: جميل سائين

 

قطري کي دريا نه جيڪي سڏن ٿا

انهن کي دنيا وارا پاڳل چون ٿا

 

جي ڪمزور ڪيڙي کان هردم ڪنبن ٿا

تني جي اڳيان نانگ ڪارا نمن ٿا

 

اهڙو بي قدر اڄ زمانو اچي ويو

هتي بي بهاڀي بها سان کپن ٿا

 

اها روشني آهي آئي، جو اڄ ڀي

دهلن پراون تي دوسو نچن ٿا

 

گهر ۾ نه نالو وٽي تي آ جهن جو

اُهي ٻانهن ڏاڍي شهر ۾ هڻن ٿا

 

گهر ۾ ته ويهي ڦَني خان ٿين ٿو

خبر ٿئي ٻهر تولا ڇا ڇا چون ٿا

 

رستم زمان ٿو اجايو سڏائين

ميان توکان ڇا گهر جا ٻلا ڏجن ٿا

 

ڪٿي انگ ڦاٽل ڪي بخمل ٿا پائن

زمانا عجب رنگ تنهجا رهن ٿا

 

سڄي عمر تهجي غلامي ۾ گهاريون

تڏهن ڀي سڄڻ تهجا ٿورا رهن ٿا

 

خدا جي خلق ۾ مساوات ناهي

ڪٿي گبر سيٺيون ڪي پِندَي پَرن ٿا

 

سک ۾ ته ساٿي رهن گڏ ٿا ليڪن

آئـٖـي وقت تي هو نه ڳولهيو لڀن ٿا

 

محبت تهجي بي مثالي کي ڏسندي

تنهجا خارَ مان مونکي گهُوري ڏسن ٿا

 

نهاريان ٿو توڏي جي رشڪِ غزالان

تهجي نظر جا تير گهايو وجهن ٿا

 

هو ساڌن سان سنمک آ پينچن سان پورو

مگر ناز سان پوءِ به ماڻهو وڙهن ٿا

 

نظم ڀٽ شاهه

فيض ڪل ڪل فيلاسدڪ اسدفج

ادف لاڪدف

فيض ڪُل ڀٽ شاهه ۾ فيض رَسان ڀٽ شاهه ۾

آ بحر انوارِ رحمت جو روان ڀٽ شاهه ۾

 

هر دُکي بيمار مجنون هت سوالي ٿو ڏسان

آهي بي آرام لا آرام جان ڀٽ شاهه ۾

 

بخشي جنهن هر دور ۾ علم و ادب کي روشني

ادب جو اڀريو سو مهرِ درخشان ڀٽ شاهه ۾

 

ورتو تنهن دنيا اندر جيئريئي جنت جو مزو

ڀٽ ڌڻيءَ جنهن کي ڏياريو آستان ڀٽ شاهه ۾

 

جنهن جي حشمت جو نقارو ٿو وڄي هر روز و شب

محوِ راحت آهي اهڙو پهلوان ڀٽ شاهه ۾

 

پا برهنه تاج لاهي ٿا اچن شاهه و گدا

حڪم رانن جو رهي ٿو حڪم ران ڀٽ شاهه ۾

 

ملڪ جي ڪُنڊَ ڪڙڇ مان غيبي صدائون ٿيون اچن

آستل سنڌي زبان جو پاسبان ڀٽ شاهه ۾

 

ناه سنڌي کي هينئر جدت طرازي جو ضرور

وئي ملي ان کي حياتِ جاودان ڀٽ شاهه ۾

 

جي ڪلامِ شاه کي جدت پسند سمجهي سگهن

شاهه وٽ جهڪندو ڏسين سارو جهان ڀٽ شاهه ۾

 

حشر تڪ ڦٽنديون ڪلامِ شاهه مان ڪيئن جدتون

پرورش پائن ٿا سنڌي نوجوان ڀٽ شاهه ۾

 

غالب و اقبال و رومي ۽ چوي حافظ به ٿو

آ ادب ۽ شعر جو دريا رون ڀٽ شاهه ۾

 

ٿا عدو جئن جئن سڙن اي ناز شهرِ تان

ٿو ڏسان تئن تئن نظارا نت نوان ڀٽ شاهه ۾

 

نظم حياتي

آ ڪوڙي ڪهاڻي جو نالو حياتي

ٻري ۽ اُجهاڻي جو نالو حياتي

 

سڄو سور جو مختصر سلسلو آ

ندوريءَ نماڻيءَ جو نالو حياتي

 

سڙي پئي سدا پر ٻهر ٻاڦ ناهي

آ کوريءَ ۾ کاڻي جو نالو حياتي

 

گهڙي پل نه هر گز خوش: جي ڪا سنڀري

دکن درد هاڻي جو نالو حياتي

 

اجائي عمر هُو جا غيرن سان گذري

پرين وٽ پڄاڻيءَ جو نالو حياتي

 

ڪٿي انگ ڦاٽل تي اڳڙي نه آهي

ڪٿي راڄ راڻي جو نالو حياتي

 

ٽڪر ڀُورَ لا ڪا ڳهي ۽ وهي پئي

بنان ملهه وڪاڻي جو نالو حياتي

 

ڪو ماڻهو آ انسان نيت لئه طعنو

ڦڏن ۽ ڦٽاڻيءَ جو نالو حياتي

 

ڪا جانب جي غم ۾ جلي ۽ جيئي پئي

آ سورن ۾ ساڻيءَ جو نالو حياتي

 

ڪا در در گدا ٿي صدا ڏي سفر ۾

انهي داڻي پاڻي جو نالو حياتي

 

ڪٿي پيٽ خاطر ٿي پورهئي ۾ پوري

ڪمن منجهه ڪُماڻي جو نالو حياتي

 

فڪر فاقو آهي مرڪ زندگيءَ جو

نه دولت شهاڻي جو نالو حياتي

 

مزا اڻ ميا ڪا پئي ماڻي هميشه

ڀليءَ ڀت سان ڀاڻي جو نالو حياتي

 

ڪا سکڻي به سڄڻن جي در دم تڳائي

اِنهي پر اگهاڻي جو نالو حياتي

 

تڪبر فنا شيءِ تي جائز نه آهي

اٿوَ وَئي وِهاڻي جو نالو حياتي

 

مسئلا ۽ مشڪل جتي ٿيا اوطاقي

انهي گهر ڌياڻيءَ جو نالو حياتي

 

عقل ناز آ زندگيءَ لاءِ زيور

صدوري سياڻي جو نالو حياتي

 

نظم سهڻي

پرچم عشق جي آذادن جا لهرن تي لهرائي ويئي

واهڙ وهڻ جنازو جوڙي ڪانڌي ڪنگ بنائي ويئي

مُهن زوري مهراڻ جي منهن تي اڻ ٿيڻي اٽڪائي ويئي

سهڻي نينهن نڀائي ويئي سهڻي ننهن نڀائي ويئي

*

سهڻي خود کي منزل سڪ جو سنگ راهه بنائي ويئي

پيار جي الفا بي جي پٽي پرت سان پاڻ پڙهائي ويئي

ساغر سير جي سيني اندر عشق جو مچ مچائي ويئي

سهڻي نينهن نڀائي ويئي، سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

لوڪَ ميارن مور نه موڙي ساهڙ ڄام جي نيهن نهوڙي

ڄاڻي تن مَنُ تار وڌائين ڀيلي جي ڀُلڪار نه ٻوڙي

جڳ ساري سان جهيڙو جوٽي هڪ ميهار ملهائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نينهن نڀائي ويئي

*

ڌُم ڌڙڪا ڌڌڪار لنگهي ويئي ڪوڙين ڪُن ڪڙڪار لنگهي وئي

پيهي منجهه پاتاران پهتي پاس پرينوٽ پار لنگهي وئي

موجن منجهه ميهار لڌائين لوڪوئون ڳالهه لڪائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي، سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

دهشت ڌوم دريا جا ڌيڙا- ڪير ڪُنن سان جوٽي جهيڙا

غرق غراب هزارين ٿي ويا ڪين جهليئون گرداب جاگيڙا

جاڳيڙا

واڳن وات وجود کي ڏيئي تو ڏي نامُ تڳائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي- سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

چڙن جي چڻ ڀُڻ چوري ڇڏيس عشق اندر اندام سڀيئي

برسر ڀايئين روح جي راحت غم وَهم آلام سڀيئي

تن ۾ تونس پرين جي پائي لنوءُ لطيفي لائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي- سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

سِرُ گهَرُ مُحب ميهار تان صدقي ساهڙ جي سينگار تان صدقي

قبل جو ڪُنفيڪون کان مليم دم دم تنهن ديدار تان صدقي

ساهڙ ڪاڻ سڪِي جڳ سارو ساهڙ ڪاڻ سڪائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

پاڻُ جو گهورنِ ساهڙ تان جي ساهڙ جون سي سدا سڏائن

پرت ۾ جيڪي پَڪَا پڇائن ڪوڙيون آهن ڪوڙيون آهن

بحر کي بره جو آگم ڏيئي محبت مچ مچائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

ميثاقان محبوب جا هن کي سهئسين ٿيا سينگار نصيب

موجن ۾ مهراڻ اندر مَرُ مرڪي ٿيس ميهار نصيب

ڌمَ جا ڏمر اجايا هئا هي ازلئون انگ اڙائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

سهئين ٻوڙيون سائر ليڪن مُنڌَ ٻوڙي مهراڻ ڇڏيو

سير ۾ ٿابت سئر قبولي پيار جي خاطر پاڻ ڇڏيو

توڙئون توڏي طالب حق جي واهڙ وک بنائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائ ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

نالا نيڪ گهڻن جا هوندا عشق ڇڏيا سڀ اڌ ۾ رُوندا

آڌيءَ رات وفا جي خاطر ري ترهي ڪي تار ۾ پوندا

سهڻي بيشڪ سهڻي سڏبي نام جو ڀرم رکائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

عاشق ڪڏهين ٻڏندا ناهن ڪُن ڪَر ڳل ۾ ڪُڏندا آهن

اهن جن سچ سير تي ٻيڙا لڏندا آهن ٻڏندا ناهن

لڙ لهريون لس ليٽ لتاڙي برهه جو بند ٻڌائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

جُوڙ ٻاهياري جر سان جوڙيو واهڙ ڪنهن هن وانگ نه ووڙيو

لهرن پاس لڳي ويچاري جو تقدير لکيو سو لوڙيو

وِيرن سان وهنوار وهائي آبَ جو آبُ وَڌائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

ڪوه ڪريندو دريا دريا ري ساهڙ سڀ صحرا صحرا

اونهي آب عميق کان آهن گهاءَ پرين جا گَهرا گَهرا

جر مهراڻ جي جانارن کي بره جو باب پڙهائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

جئن جانارن اوڏي آئي تئن توڏي کي تانگهه سوائي

ڪاري رات ڪنن جو ڪڙڪو ساهڙ پاس سڪڻ پهچائي

لهر لهر جي آڏو اُڀري نعرو نيهن لڳائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

*

عشق اي ناز اڙانگو آهي سڀ ڪنهن سر جو سانگو آهي

توڏي جي تڪ مور نه پيئي اونهو آهي تانگهو آهي

جيءَ کي جوکي وات ڏيئي هوءَ جرسان جشن ملهائي ويئي

سهڻي نيهن نڀائي ويئي سهڻي نيهن نڀائي ويئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org