سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻالاپڻ جو ٻوڪ

صفحو :4

هالا

غزل 10

طرح:

پنهجي اڃا به دور ٿي منزل نظر اچي

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

حسنِ نظر تي نظر ٿي مائل نظر اچي

ٿي دِلِ گرفته اڄ سڄي محفل نظر اچي

 

پِيريءَ کان ٿو امنگ جواني جي تون گهرين

موجن جو رنگ ڪئن سرِ ساحل نظر اچي

 

اهڙا به جاده پيما نظر ايندا هت گهڻا

جن کي نه رهنما نه ٿي منزل نظر اچي

 

موجِ بهارِ موجِ صبا موجِ بُوءِ گل

هر دل ڪشي ٿي طوق، وسلاسل نظر اچي

 

تنهجي ادا جو داستان رنگينِ آهي پر

خونِ تمنا منهجو ٿو شامل نظر اچي

 

وٺ ڪشتيءِ حيات جي لاءِ اهڙو ناخدا

طوفان جنهن جي تابع ٿي ساحل نظر اچي

 

راز و نياز عشق جي دنيا کي ڇا خبر

خود عشق ئي ٿو عشق جو حاصل نظر اچي

 

اي هم سفر هتيئي نه کولي ڪمر کي ڇڏ

”پنهن جي اڃا به دور ٿي منزل نظر اچي“

 

رهبر سان هم رڪاب رهڻ جو شرف ملي

منزل نظر اچي يا نه منزل نظر اچي

 

حاڪم هجان جهان ۾ ڪو وس منهجو هلي

سِرُ سو قلم ڪيان جيڪو بي دل نظر اچي

 

پيوسته پاءِ طلب لڳِي جو ڀڄي پوي

سو خار عشق ۾ ٿو رگِ دل نظر اچي

 

ساقي جي اڄ نگاهِ ڪرم آسرو ڏنو

ذري ڏي آفتاب ٿو مائل نظر اچي

 

لازم آ باهمي رهي الفت ۾ اعتماد

هي جوهرِ حيات ڇو زائل نظر اچي

 

ڪجهه حسرتون اڃا به ڪي باقي بچي پون

دل جو بچڻ ته هاڻ ٿو مشڪل نظر اچي

 

ڌمڪائي دل کي درد جا دڙڪا نه ڏي صنم

ويچاري اڳ ٿِي گهُور جي گهائل نظر اچي

 

هن کي اکين وهاري اکيون بند ڪري ڇڏيم

دنيا کي ڪئن ڀلا منهجو قاتل نظر اچي

 

يا پُر اثر صدا نه آ، يا تون ٻڌين نه ٿو

خالي هٿين اڃا به پيو سائل نظر اچي

 

موٽائي منٿون ڪين ها هو منهجو مهه جبين

حرڪت عدو جي ان ۾ ٿي حائل نظر اچي

 

چُڪڙي پيئڻ سان ڪٿ ٿي لطيفي ڪريو مگر

ڪيفِ نظر ٿي ناز جي شامل نظر اچي

قطع

توکي والله طالب الموليٰ جناب

آفتابِ سخن سُونهي ٿو خطاب

ادب پرور قدردان انسان تون

تون ئي نظم و نثر جو رنگِ رباب

ڀٽ شاهه 1983

غزل 11

طرح:

پٿر جي صنم تي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو

زيرِ صدارت: مخدوم امين فهيم هالا لڳ

 

 

ڪو دم جي اڱڻ منهجي دلبر جو بسر ٿيندو

ديدارُ رُخِ دلبر معراجِ نظر ٿيندو

 

انشاءَ الله شبِ فرقت جو جلد سحر ٿيندو

مون ڏي به جئي شَل جي نظرن جو نظر ٿيندو

 

دم عشق ڀرڻ دم دم ڪنهن دم جو جگر ٿيندو

هم دم انهي اسرار جو ڪو فردِ بشر ٿيندو

 

توسان ئي هئي رونق تو بن ڇا باقي رهندو

مرده به شڪل زنده پيو حال بسر ٿيندو

 

دل توکان سوا دلبر سُنسانِ سدا رهندي

تون ايندين تڏهن دل جو آباد هي گهر ٿيندو

 

هو چشمِ غزالان جو محفل جو آهي ساقي

سو رُوئي نگاران خود فردوسِ نظر ٿيندو

 

رنگينهءِ الم ۾ جنهن کي ڏٺو ٿئي اڪثر

اي دل اهوئي جلوو سرمايئه نظر ٿيندو

 

هو پاڻ دل جو دلبر وٺي دار ڏي جو هلندو

سُرهو ۽ سَجايو هي سهڻي سان سفر ٿيندو

 

تون ڪيستائين منهن جي نه دل کي قبوليندين

آخر ته ختم تنهجي نَهه نَهه جو اکر ٿيندو

 

هن سوزِ غمِ فرقت جو نيٺ ڀرم کلندو

اکين ۾ لهو لَڙڪي جو جانِ جگر ٿيندو

 

هٿ دل تي رکي اٿيو ۽ ٿامي جگر ويندو

دلبر تي آه و نالا جو ڪئن نه اثر ٿيندو

 

طولِ غمِ عمر کان گهبرائين ڇو ٿي اي دل

ڇا اهڙي رات ٿي آ جنهن جو سحر نه ٿيندو

 

هي شمع وسامي پئي ۽ دم به لبن تي آ

يارب شبِ فرقت جو اَلئي ڪڏهن سحر ٿيندو

 

نظرن جي زنجيرن سان پابند نه مونکي ڪر تون

خود عڪس سڄڻ تنهجو پابندِ نظر ٿيندو

 

رم جهم ٿي اکيون ٽمنديون برسات مثل وسنديون

هن عشق جي آگم جو ٻيو ڪهڙو اثر ٿيندو

انسانُ برو ناهي صحبت ڪري برو ٿي

تاثير تخم تي ڀي صحبت جو اثر ٿيندو

 

مولا جي محبت ۽ حبِ آلِ محمد سان

دنيا مان لطيفي جو راحت سان سفر ٿيندو

غزل 11 الف

طرحي غزل:

جنهن ڏانهن کيئني نگاه سو مدهوش ٿي ويو

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ هالا

 

ساقي جو حسن سڀن جو سر پوش ٿي ويو

”جنهن ڏي کنيئي نگاه سو مدهوش ٿي ويو“

 

مصروف مَئي اچانڪ ساقي کي جئن ڏٺم

مون ڀانيو ماهتاب ڀي مئنوش ٿي ويو

 

آمد جڏهن ٿي بزم ۾ هن رشڪِ ماه جي

هر دل ٽڙي بصورتِ آغوش ٿي ويو

 

گُنچه دهن ڪئي جڏهن گلريز گفتگو

ماحول مئڪشان سڄو گل پوش ٿي ويو

 

زنجير زلف جا ڏسي ڪارا ڪلهن مٿان

هر دل اسيرِ ڪاڪُلِ بردوش ٿي ويو

 

جو تنهجي زيرِ سايهء اَلفت رهي سدا

سو بخت آسمان سان همدوش ٿي ويو

 

شهداءِ راههِ دوست ۾ نالو لکائي هو

قدمن ۾ پئي شڪستهِ پاپوش ٿي ويو

 

حسرت جگر کي لذتِ تيرِ نظر جي هئي

پر زخمِ دل ڏسند ئي خاموش ٿي ويو

 

هئن عقل بس زمشربِ يڪ جام گم ٿيو

ڪجهه هوش ٿورو هو ڀي ته روپوش ٿي ويو

 

شايد ته هو پيل درِ مئخاني تي ملي

جو ناز پيئندي بزم ۾ بي هوش ٿي ويو

قطع

رشڪِ شعرا تنهن تخلص طالب الموليٰ آهي

وڌ اڃا ٿيئي شان شوڪت ناز جي هي دعا آهي

محبتن سان اهلِ دل اهلِ سخن ڀٽ شاهه جي

آفتابِ سخن جو جوڙيو لقب تولا آهي

ڀٽ شاهه 1983

غزل 12

طرح:

هو دُور دُور هوندي بيحد قريب آهي

صاحبِ طرح: طالب الموليٰ

 

تشريف فرما مون گهر اڄ ٿيو عجيب آهي

مقصد مڙئي ملي ويا چمڪيو نصيب آهي

 

هُن جو مزاج عالي آهي رڳو نوازش

افسوس منهن جو پنهجو بگڙيل نصيب آهي

 

جبلن جيڏيون خطائون ڀي درگذر ڪري ٿو

ايڏو فراخ دل هو منهن جو حبيب آهي

 

اهنکي قسم آ رب جو حق جي گواهي ڏيندا

منهجي حبيب جهڙو ٻيو ڪو حبيب آهي

 

هِي اوڏا اوري هوندي ڏسجن ٿا ڏور ڏاڍو

هو دُور دُور هوندي بيحد قريب آهي

 

جئن هو نهاري مشڪيو مان دل وڃائي ويٺس

يارو ادا صنم جي ڇا دل فريب آهي

 

هرڪو ڪِرڻ کان پوءِ ئي ٿو شهسوار بنجي

حاصل فراز جو بس ڏاڪو نشيب آهي

 

ڇو مان حڪيم ڳوليان امراضِ قلب خاطر

دردِ صنم ئي دردِ دل جو طبيب آهي

 

فرقت جو فڪر دل تان جلدي ختم ٿي ويندو

وقتِ وصال دلبر بس عنقريب آهي

 

لک ڀيرا اڄ مبارڪ مونکي ڀلي اوهان ڏيو

منهجو اڱڻ اجارڻ آيو حبيب آهي

 

نيبهه فراز ڪنهن کي ٿيو آ نه ڪڏهن ٿيندو

ڪيڏو ئي پيو اُڏامي آخر نشيب آهي

 

جڏهين به معترض ڪو محفل ۾ مون تي ٿيو آ

محبوب منهجو ڪافي تنهن لاءِ مجيب آهي

 

منهجي ڪکين دبارا سلطانِ حسن ايندو

پيغام هي کڻي اڄ پهتو نقيب آهي

 

ڏينهن رات ٻر اندر ۾ ٻاهر نه ٻاڦ ڪڍ تون

هي مهه جبين جو مون لا فرمان عجيب آهي

 

جهن کي ٻڌي ٻڌائڻ احوال غم ويو وسري

اهڙو سحر بيان هو دلبر خطيب آهي

 

محتاج ڪو گره لا ڪو لک پيو لٽائي

هر ڪنهن جو پنهجو پهجو يارو نصيب آهي

 

هونءَ ناز جو ستارو گردش ۾ رهي ٿو پر

دل جي معاملي ۾ هو خوش نصيب آهي

 

دنيا جي رُستمن کي موجود نه ٿو سمجهي

ڪئن ٿا چئو لطيفي ڏاڍو غريب آهي

هالا

غزل 13

طرح:

شايد فغانِ نيم شبي جو اثر هجي

 

ڪهڙو بيان ڪجي جو قصو مختصر هجي

ڇا هو خبر ڪندو جو خود ئي بي خبر هجي

 

پنهجي ظرف ضمير مطابق ئي ڪم ڪبو

برهم ڀلي انهي تان اميرِ شهر هجي

 

دنيا جهان جون ڳالهيون ٻيون ڇو ٿا ڀلا ڪيو

محفل ۾ ذڪر يار ئي شام و سحر هجي

 

سورن ڏکن جون ساهه سان سانڍي تون رک هڙون

اوکيءَ ۾ ڪم اچڻ جي لا لازم ثمر هجي

 

هن جئن نهاريو منهجي دل قبضي مان هلي وئي

ڀانيان ٿو هن جي نظر ۾ جادو سحر هجي

 

تعجب ٿو لڳي هُن جي ٿا پارت مون کي ڪريو

گهُرندس مَٺو ڪئن هن کي جو نورالبصر هجي

 

هن کان وڌيڪ ڪهڙي ٻي قسمت چڱي ٿئي

جو مهه لقا حَسينُ لِسان العصر هجي

 

جئن اڌ عمر آ تهجي غلامي ۾ ٿي گذر

باقي عمر جو عرصو ڀي تو در بَسر هجي

 

مون وٽ ته هو آ دلربا جي دَزَ جي برابر

دنيا جي نظر ۾ ڪو ڀلي معتبر هجي

 

دل چاڪ چاڪِ جگر کي ڇو ٿا رفو ڪيو

قسمت ۾ لکيل رڻ جو متان ڪو سفر هجي

 

آڌي جو پرين پاڻ طبع پرسي لا آيو

شايد فغانِ نيم شبي جو اثر هجي

 

پاڙيان پرين جي پير جي نه پدم برابر

دنيا جهان جو ڀل اهو شمس و قمر هجي

 

منزل يا سنگِ ميل ڪٿي ٿو نظر اچي

ڪافر جمال جنهن جو ڀلا هم سفر هجي

 

ڇو ٿو اڙائين اکن کي اڻ ڄاڻ هر طرف

بس نازَ لطيفي تنهجو مطمع نظر هجي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org