سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :8

دوها

1-117

 

1

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جت دهاڙي ڌڻِ وري، ساهي لئي لکاءِ،
مَلڪُ جو ڪني سڻيندا، مُهُه ديکالي آءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جِتِ ڏِهاڙي ڌَڻِ وري، ساهي لئه لکاءِ،
مَلَڪُ جو ڪنين سڻيندا، منهن ڏيکالي آءِ.
 

سنڌي ترجمو:

جنهن ڏهاڙي وَرَسان پرڻي، ڏينهن سهاڳ جو آيو،
ملڪ الموت جو نانءُ ٻڌو هئين، منهن ڏِسڻ سو آيو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڌڻ = جوان ڇوڪري، وَري = پرڻي، ساهي = تِٿِ، ملڪ = ملڪ الموت، سڻيندا = ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڏيکالي = ڏسڻ لاءِ

 

2

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جِندُ نماڻي ڪَڍهيي، هڏا هو ڪڙڪاءِ،
ساهي ليکي نه چلڻي، جندوُ ڪون سمجهاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جِند نماڻي ڪڍئي، هڏان ڪُون ڪڙڪائي،
ساهي لکئي نه چلڻي، جندو ڪون سمجهائي.
 

سنڌي ترجمو:

جانِ کي تن کان ڌار ڪري ٿو، هڏن کي ڪڙڪائي،
موت وَرَ سان هلي نه جندڙي، کيس ته ڪو سمجهائي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

جندو = جان، چلڻي = هلڻ واري، هڏان = هڏن کي، ساهي = ٿِتِ

 

3

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جِندُ وهٽي، مَرَڻُ وَرُ، لي جا سي پرڻاءِ،
آپڻ هٿي جول ڪي، ڪي گل لگي ڏاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جِندُ ووهٽي، مَرَڻُ وَرُ، لي جاسي پرڻائي،
آپڻي هٿين ڄول ڪي، ڪنهن ڳل لڳي دانهين.
 

سنڌي ترجمو:

موت جو بنرو جِندُ بنريءَ کي نيندو آخر ساڻ،
پنهنجا پاڻ اماڻيندس پو ڪنهن ڳر لڳندي پاڻ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ووهٽي = زال، لي جاسي = وٺي ويندو، آپڻي = پنهنجي، ڄول ڪي = موڪلي، ڳل = ڳر

 

4

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

والهه نڪي پُرِ سلات، ڪني ن سڻي آءِ،
فريدا ڪڙي پوندي اي، کڙان آپ مهاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

والئون نِڪي پلصراط، ڪنين نه سڻياءِ،
فريدا ڪڙي پوندءِ، کڙا نه آپ مُهاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

هو جا پلصراط ٻڌي ٿئي، وارَ کان وَڌِ جا سنهڙي،
ڇو ٿو پاڻ مهائين ويٺو، پاڻهي خبر پوندي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

والنهون = وار کان وڌيڪ، نڪي = ننڍي، سنهي، ڪڙي = ٻڙڪ. لڙيو چڙهيو چوٽئين، ڪِريو ڪوهه ڪڙن (شاهه

مُهاءِ = تباهه ڪر. سيئي ماءِ مُهن، سي ئي راحت روح جا. (شاهه)

 

5

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا در درويشي گاکڙي، چلان دنيا ڀت،
بنهه اٺائي پوٽلي، ڪٿي ونجهان گهت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا در درويش گاکڙي، چلان دنيا ڀَتِ،
بنهه اُٺائي پوٽلي، ڪٿي وڃان گهت.
 

سنڌي ترجمو:

درويشيءَ جي واٽ ڏکي آ، ڪريان دنيا داري،
ٻڌي کنيم جا سَر تي سا آءُ ڪٿي اُڇلايان ڳنڍڙي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

گاکڙي = ڏکي. ڀت = وانگر، طرح. اهُکي راهه الله جي، اهُکي اهُکي ڀت. (قاضي قادن) پوٽلي = ڳنڍڙي. پلاڻيندو پوٽلي مٿي ڪيندو ڪير (قاضي قادن)

 

6

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪِجُهه ن ٻُجهي ڪجهه نَ سُجهي، دنيا ڳجهي ڀاهِ،
سائين ميري چنگا ڪيتا ناهي ت هنڀي دجهان آڻ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪُجُهه نه ٻُجهي، ڪُجهه نه سُجهي دنيا ڳجهي ڀا،
سائينءَ ميري جنگڱا ڪيتا، ناهي ته هو ڀي دجهان ها.
 

سنڌي ترجمو:

ڪنهن کي سمجهه اچڻي ناهي، دنيا ڳجهڙي باهِ،
مهر نه ٿئي ها مولا جي ته، سڙي وڃي ها ساه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ٻُجهي = سمجهڻ ۾ اچي. مورک مامِ نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن، ڪون ٻُجهن، قدر ڪميا اُن جو (شاهه) ٻيون، ڀا = باههِ. ڪيتا = ڪيو، ڪيل، ڪيتا ٿو لوڙهي سنڌي چوڻي. ناهي = نه ته. هون = مان. پرديسيان پنڌ ڪري هلي آيس هون. اوچو تون عرش تي، آن ڀورو مٿي ڀون. هون آءٌ ونڌان وَڃُ تون، سيڻان ويمَ ڪٿ (قاضي قادن) دجهان = سڙان. ڪوسين ڪوپل نيپجي، ٽاري بن داهي. (قاضي قادن) سچي منگل نه دهئه سچي سرپ نه کاءِ (قاضي قادن)

 

7

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جي ڄاڻان تل ٿورڙي، سمل ٻُڪُ ڀري،
جَي جاڻا سَئهُه ننڍڙا، تان ٿوڙا ماڻهه ڪري.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا جي ڄاڻان تِلِ ٿورڙي، سنڀل ٻُڪُ ڀرين،
جي ڄاڻان شوه ننڍڙا ٿوڙا ماڻَ ڪرين.
 

سنڌي ترجمو:

ٿال ۾ تِرَ جي ٿورا هن ته، سوچي ٻُڪُ ڀَر،
پنهنجي جواڻ جماڻ پرينءَ تي، ايڏو ناز نه ڪر.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

تل = تِر. سنل = سنڀالي. شوه = پرين.

 

8

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جي ڄاڻان لِڙُ ڇڄڻان، پيڍي پائين گنڍ،
تي جي وڏسي ناه ڪو، سڀ جڳ ڏٺا هندِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جي ڄاڻا لڙڇڄڻان، پيڍي پائين ڳنڍ،
تئين جيو شوه ناه ڪو، سڀ جڳ ڏٺا هنڍ.
 

سنڌي ترجمو:

ڳنڍ ٻڌان ها جي ڄاڻان ها، پلئه ڇڏائيي ويندو،
ڳولهيم سڀ سنسار نه مليم، ڪوبه وڏوتو جيڏو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لڙ = لڙ لڳڻ، پلئه. ڇڄڻا = ڇڄڻو. پيڍي = پڪي. پائين = ٻڌين. تئين = تو. جيوهه = جيڏو وڏو. شوهه = پريتم. هنڊ = آزمائي.

 

9

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جي تو عقل لطيف ڪالي لک ن ليک،
آپنڙي گريوان ۾ مين مَهِه سِرُ نينوا ڪر ديک.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، جي تو عقل لطيف، ڪالي لک نه ليک،
آپڻي گريوان ۾ مُنهن نوا[1] ڪر ڏيک.
 

سنڌي ترجمو:

لک نه ڪارا ليک فريدن، ڪجهه ته عقل ڌار،
ڪڏهين ته تون به ڪَنڌ جهُڪائي، پنهنجا عيب نهار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

آپنڙي = پنهنجي. گريوان = گريبان، سنڌيءَ ۾ مروج آهي. سي ڪئن ٻهرِ هڻن باهه، جن گڏيو گر گريوان. (شاهه)

 

10

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جوتَي مارن مُڪيا، تَنهانَ ماري گهُمِ،
آپنڙي گهر جانيي، پير تنها دي چُمِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا جو تئين مارن مُڪيان، تنهان نه مارِين گهمِ،
آپڻي گهر جائيي، پير تنهان دي چُمِ.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا جي ڪو توکي ماري سائين، تنهنکي تون نه مار،
پير چمي تنهن ماڻهوءَ جا تون، گهرجي واٽ نهار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

جو = جيڪي. تئين = توکي. مڪيان =مَڪون. تنهان = تن کي. گهم= موٽائي، موٽ ۾. آپنڻي = پنهنجي. ڇائيي = وڃجي. دي = جا. چُمِ = چمي.

 

11

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جا تو کٽڻ ويل تان تُو رَتا دُني سيون،[1]
مرگ سواني نيهه، جان ڀريا تان لديا.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا جان تو کٽڻ ڏينهن تان تُو رَتا دُني سيون،
مرگ سوائي نينهن، جان ڀريا تان لڏيا.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا، کٽڻ سندي ويل لنگهي ويئي، ڪيئه ڪانه ڪمائي،
موت وڌائي نينهن ته سمجهبو، لڏڻ ويل آ آئي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

رَتا = رتلُ. مرگ = موت. دني = دنيا. سوائي = وڌايل. ويل = گهڙي. جان = جيئن. سيون = سان. تان = تيئن. لديا = لڏيو.

 

12

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ديک فريدا، جُ ٿيا، داڙي هوني ڀُور،
آگهه نيڙآ آ اِيا، پڇار هيا دور.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڏيک فريدا جو ٿيا، ڏاڙهي هوئي ڀُور،
آڳُهه نيڙي آئيا، پڇار هيا ڏور.
 

سنڌي ترجمو:

ڏس ته فريدڻ ڇا ٿيو، اڇي ٿي وئي ڏاڙهي،
آئيا ڏينهن پڇاڙيءَ جا، گذري وئي اڳياڙي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀُور = اڇي. آڳهه = اڳياڙي. نيڙي = ويجهو. پڇا = پيون

 

13

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ديک فريدا جُ ٿيا، شڪر هوئي وسُ،
سائين ٻاجهه آپئي، ويدن ڪهئي ڪس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڏيک فريدا جو ٿيا، شڪر هوئي وس،
سائين ٻاجهون آپڻي، ويڌن ڪهيئي ڪس.
 

سنڌي ترجمو:

کنڊُ به هاڻ ته وِهُ ٿي ويئي، ڇا ٿيو ڏس فريدڻ،
پنهنجي سهڻي سائينءَبنان ٻيوڪنهنکي ڏسيون ويڌن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

جُ = جو. ٿيا = ٿيو. شڪر = کنڊ. هوئي = ٿي. وِس = وِه. ٻاجهون = کانپوءِ، بنان.

 

14

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا اکي ديک پتيڻيان، سڻ سڻ ريڻي ڪن،
ساک پڪندي آئي آ، هور ڪريندي ون.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، اکين ڏيک پتيڻيان، سڻ سڻ ريڻي ڪن،
ساک پڪيندي آئي آ، هور ڪريندي ون.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا،اکين کي ويساهُه[2]اچي ويو، نيٺ ته ڍاپيا ڪَنَ،
پوک پچڻ تي ايندي آ ته، نوان ڪندي آ وَنَ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اکي = اکيون. پتيڻيان = پت ڪيائون، ويساهه ڪيائون. ريڻي = ٽمٽار ٿيا، ڀرجي ويا. ساک = پوک. پڪيندي = پچڻ تي. هور= ٻيو. ڪريندي = ڪندي آ. ون = رنگ.

 

15

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪالي جنهي نه راويا، ڌولي راوي ڪوءِ،
ڪر سائين سيو پرهڙي، رنگ نويلا هوءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، ڪالئين جنهن نه راويا، ڌولئين راوي ڪوءِ،
ڪَرِ سائينءَ سيون پرهڙي، رنگ نويلا هوءِ.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا،ڪارا وارَنه يار رِجهايئه،ٿي ويئه اڇا وار،
جاڳي ڪر تون پرهِ پرينءَسان، رنگ نون ٿي يار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪالي = ڪاري رات معنيٰ جواني جڏهن وار ڪارا هوندا آهن. جنهي = جنهن. راويا = ريجهايو. ڌولي = اڇاڻ جي وقت، معنيٰ جڏهن وارن جو رنگ اڇو ٿيو. زندگيءَ جي شام ٿي. سيون = ساڻ. پرهڙي = پرهه جو اسم تصغير. نويلا = نئون.

 

16

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، جن لونڻ جڳ موهيا سي لوئڻ مين ڏٺُ،
ڪجل ريک ن سهديا، سي پنکي سُوءِ بِٺ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا جن لوئڻ جڳ موهيا، سي لوئڻ مين ڏِٺِ،
ڪجل ريک نه سهنديان، سي پنکيءَ سونهن وِٺِ.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا جن موهيو هي جڳ هو سارو، سي اکيون مون ڏٺيون،
ڪجل ريک سٺي نه جِن ٿي، تن ۾ پکين جون وٺيون.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لوئڻ = اکيون. سنڌيءَ ۾ لوئڻا هڻڻ محاورو آهي. ڏٺ = ڏٺيون. بِٺ = وِٺِ.

 

17

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪوڪينديان چانگينديان متي ڏينديان نت،
جو شيطان ونجهائيا، سي ڪت ڦيرهِ چت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، ڪوڪينديان چانگهينديان، متيان ڏينديان نت،
جو شيطان وڃائيا، سو ڪٿ ڦيري چت.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا،متيون ڏيئي سمجهايائون،ڪري واڪَ وڏا،
جنهن دل ۾ شيطان جو ديرو،ڪئن سمجهي دل سان.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪوڪينديان = ڪوڪيندي. چانگهينديان = وڏا واڪ ڪري. ونجهائيا = وڃائيا.

 

18

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ٿيو پراهي دڀ، جي سائين لوڙهِ سڀ،
اڪ ڇجه پيا لتاڙيه تان سائين دي در واڙياهِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا ٿيو، پواهي دَڀ،جي سائين لوڙهي سڀ،
هڪ ڇنئه،ٻيا لتاڙيئه، تان سائينءَ دي در واڙيئه.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا جي سائين جي سڪ نه ٿيجي،ٻواٽي جو گاهُ،
ڪوئي لتاڙي ڪوئي پٽي ته ملي سائينءَ جو چاه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ٿيو = ٿيءُ. پواهي = رستي جو. درڀ = ڊڀ. لوڙهه = گهرين. ڇجه = ڇنئي. لتاڙيه = لتاڙيئه. واڙياهه = واڙيئه.

 

19

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا خاڪُ نه ننديئي، خاڪو جيڏ نه ڪوءِ،
جيو ديان پيران تلي مويان اوپر هوءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا خاڪ نه ننديئي، خاڪو جيڏ نه ڪوءِ،
جيونديان پيران تلي، موئيان اوپر هوءِ.
 

سنڌي ترجمو:

مٽيءَ وڏو مان فريدا، مٽي نِندِ نه يار،
جيئندي پيرن هيٺ، مرون ته، ٿيان مٽيءَ بار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

نندييي= نندجي. خاڪو = خاڪ، مٽي. جيونديان = جيئندي. تلي = هيٺ. موئيان = مرڻ کان پوءِ.

 

20

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، جالُب تانيهه، ڪيا لُب تاه ڪوڙا نيهه،
ڪچر جهت ڇَتِ لگهائيي، ڇپر تٽي ميهه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، جان لُڀ تان نينهن ڪيا، لُڀ تان ڪوڙا نينهن،
ڪچر ڇَتِ لڳائيي، ڇپر ترٽا مينهن.
 

سنڌي ترجمو:

فريدا،لوڀ جي آ ڪنهن نيهن ۾، سوبه ڪهڙو نينهن،
ڪيسين ڇَتِ لڳائجي،ٽٽندي، وسندو مينهن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

جا = جان. تا = تان. نيهه = نينهن. لب = لوڀ. جهت = ڇت.

 

21

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، جنگل جنگل ڪيا ڀوهِ، وڻ ڪنڊا موڙيهه،
وسي رَبُ هنياليني، جهنگل ڪيا ڍونڍيهه.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، جنگل جنگل ڪيا ڀوه، وڻ ڪنڊا موڙيهه،
وسي رَبُ هنياليئي، جهنگل ڪيا ڍونڍيهه.


سنڌي ترجمو:

فريدا،جهنگ بر۾ ٿوڪنهنکي ڳولين،ڳولين ٿو ڪانڊيرا،
رب جو ديرو دل ۾ آهي، جهنگ ۾ ڪنهنجي ڳولها.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀوههِ= گهمين ٿو. موڙيهه = موڙهيو وتين.

نه سو لاهو نه سرو، نه اوراڙ نه پار،

موڙهيو وتين تِن کي، منجهه نهار. (قاضي قادن)

هنياليي = هانوَه ۾.

 

22

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ايهني نڪي جنگهيي ٿل ڏنگر ڀواوم،
اڄ فريدي ڪُوجڙا، سني ڪوهان ٿي اوم.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، انهي نِڪي ڄنگهئين، ٿل ڏونگر ڀوئيم،
اڄ فريدي ڪُوچڙا، سَئي ڪوهان ٿيئُوم.


سنڌي ترجمو:

فريدا، انهن ننڍڙن ڄنگهڙن سان، ٿر ڏونگر ڳولهيوم،
سو ڪوهن جو سفر فريدڻ، وڃڻ ڏور پيوم.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ايهني = انهن. نِڪي = ننڍن. ڄنگهئين = ڄنگهن. ٿل = ٿر. ڀوئيوم = ڳولهيوم. مئي ڪيو ڀنان. هنجن هاڻان هٿڙا، (شاهه) ڪوچڙا = سفر. سئي = سو.

 

23

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا راتي وڏيان، دکهه دکهه اٺن پاس،
درگ تنهان دا جيويا جنها وِڊائي آس.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا راتين وڏيان، ڌک ڌک اُٺن پاس،
ڌرگ تنهان دا جيوڻا، جنهان وڏائي آس.


سنڌي ترجمو:

فريدڻ راتيون وڏيون دُکي ٿو سارو ماس،
تِنِ جي به ڇا زندگي، جن کي پرائي آس.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

دگ = دُکن. پاس = پاسيريون. راتي = راتيون. درگ = لعنت. تنهان = تن جو. جيوڻا = جيئڻ. وڏائي = پرائي.

 

24

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جي مَي هودا واريا مَتا آنيڙيان،
هينڙا جلي مجيٺ جيون، اوپر انگارا.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، جي مين هوندا واريا، مٽان آئيڙيان،
هينئڙا جلي مجيٺ دا جيون، اوپر اڱاران.


سنڌي ترجمو:

فريدا، پنهنجو پاڻ کي واريان ها، پرين جو آيا ها،
هاڻي آلي ڪاٺيءَ وانگر، دکين ٿو اي جيئڙا.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

مي = مين. هودا = هوندا، هجڻ، وجود. آئيڙيان = اچڻ وارن. مجيٺ = مڄيٺ.

 

25

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، لوڙي داک بجوريان، ڪڪر بيجي جٽ،
هنڊي اُن ڪتائيندا، پيڌا لوڙهي پَٽ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، لوڙهي ڊاک بجوريان، ڪِڪِرُ ٻيجي ڄَٽ،
هنڊي ڪتائيندا، پيڌا لوڙهي پَٽ.


سنڌي ترجمو:

فريدا، پوکي ڪِرڙ ۽ ڊاک گهري ٿو، ڪهڙو نه آ ڄَٽ،
ڪتيل اُن هنڊائي ٿو پر، دل گهريس ٿي پَٽ.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لوڙي = گهري. بجوريان = بجور جي. ٻيجي = پوکي. پيڌا = پائڻ لاءِ. ڪتائيندا = ڪتيل.

 

26

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا گليني چڪڙ دور گهر نال پياري نيهُه،
چلان ت ڀڄي ڪملي رهان ت ٽٽي نيهه.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، ڳلئين چڪڙ، ڏور گهر، نال پياري نينهن،
چلان ته ڀڄي ڪملي، رهان ته ترئي نينهن.


سنڌي ترجمو:

فريدا ڳپ گهٽين ۾، گهر به پري آ، يار سان منهنجو نينهن،
وڃان ته پُسندي ساري چادر،رهان ته ٽٽندو نينهن.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

چڪڙ = گپ. نال = سلڻ.

 

27

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڀجو سجو ڪنبلي، الهه ورسو ميهه،
جاءِ ملان تنها سجڻا، تٽو ناهي نيهه.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڀڄي سڄي ڪنبلي، الههَ ورسايو مينهن،
جاءِ ملان تنهان سڄڻان، ترٽو ناهي نينهن.


سنڌي ترجمو:

ڀلي پسي هيءَ ساري چادر، الله وسايو مينهن،
وڃان پرينءَ سان وڃي ملان، ٽٽو ناهي نينهن.
 

28

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا مَي ڀولاوا پگ دامت ميلي هوجاءِ،
گهلا روحُ نه جاڻ اي، سُر ڀي مٽي کاءِ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، مين ڀولاوا پڳ دا، مت ميلي هوجاءِ،
ڳهلا روح نه ڄاڻئي، سُر ڀي مٽي کاءِ.


سنڌي ترجمو:

فريدا، منهنجي پڳ نه ميري ٿي پئي، هرهر اهوئي اونو،
جنهن مٿڙي تي پڳ پئي آ، مٽيءَ ۾ سو ملندو.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀولاويا = ڀايل. ڳهلا = ڳهلو.

 

29

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، شڪر کنڊ نوات ڳڙ ماکيو مانجها دُڌُ،
سڀي وستو مٺيان رب ن پجن تَدُ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، شڪر،کنڊُ، نبات،ڳُڙُ، ماکيون، مانجها دُڌُ،
سڀئي وستو مٺيان، رَبَ به پڄن تَدِ.


سنڌي ترجمو:

فريدا، مُستي، کنڊ، نبات، ڳڙ، ماکي، کير مٺو،
هرهڪ شيءِ آ ڏاڍي مٺڙي، رب جو مٽ نه ڪو.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

شڪر = ڳڙ جي ڀور، مُستي. نوات = نبات. ماکيون = ماکيءَ جو جمع. مانجها = مينهن جو. دُڌُ= کير. وستو = شيون. تَدِ = ته به، تڏهين به. تون تون تَدِ لڳندءِ، ڪرڦند جيئن. (قاضي قادن)

 

30

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا روٽي ميري ڪاٺ ڪي، لاوڻ ميري بک،
جنهان کاڌي چوپڙي، گهڻي سهن گي دُک.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، روٽي ميري ڪاٺ ڪي، لاهوي ميري بُک،
جنهان کاڌي چوپڙي، گهڻي سهڻ گي ڏک.


سنڌي ترجمو:

فريدا، ماني منهنجي ڪاٺ جي، لاهي منهنجي بُکَ،
جي کائن ٿا سڻڀي ماني، گهڻا سهن ٿا ڏک.

 

[1] بابا فريد جو هي دوهو به گرنٿ ۾ غلط ڇپيل آهي. اصل ۾ هي سورٺو آهي. پهرين مصرع جو قافيو ويل ۽ ٻئي جو نينئه ڏنل آهي. جيڪو غلط آهي، يا ته پهرين مصرع ۾ ويل لفظ غلط يا وري ٻئي مصرع ۾ نينهن. مون نينئه لفظ کي صحيح سمجهي کٽڻ ويل جي جاءِ تي کٽڻ ڏينهن لکيو آهي.

[2] اکين کي دنيا جي بي ثباتيءَ جو ويساهڻ اچي ويو.

 

[1] اصل متن ۾ ”ڪنهن سِر نينوا ڪر“ لکيل آهي جيڪو محاوري جي لحا ظ کان غلط آهي پروفيسر محمد آصف خان اصلاح ڪري ”سر نينوا ڪر“ لکيو آهي پر محاوري ۾ منهن استعمال ٿيندو آهي. ”نينواڪر“ به صحيح به آهي ان ڪري مون ”نِواڪر“ لکيو اهي. نوائڻ اکر بابا فريد هڪڙي ٻئي دوهي ۾ به استعمال ڪيو آهي. جو سِرُ سائين وَنه نِوي، سو سِرُ ڪپِ اُتار.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org