سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :9


31

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

رکي سڪي کاءِ ڪي ٺنڊا پاڻي پيءُ،
فريدا ديک پرائي چوپڙي، نا ترسائي جيءُ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

رُکي سکي کاءِ ڪي، ٺنڊا پاڻي پيءُ،
فريدا، ڏيک پرائي چوپڙي، نه ترسائين جيءُ.


سنڌي ترجمو:

رُکي سُکي ماني کائي، ٿڌو پاڻي پيءُ،
ڏسي پرائي سڻڀي ماني، ڇو تون سڪائين جيءُ.

32

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

اج نه ستي ڪنت سيو انگ مڙي مڙجاءِ،
جاءِ پڇهه ڏوها ڳڻي، تم ڪيو ريڻ وهاءِ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اجُ نه ستي ڪنت سيون، انگ مڙين مڙجاءِ،
جاءِ پڇيو ڏهاڳڻيءَ، تم ڪيو ريڻ وهاءِ.


سنڌي ترجمو:

اڄ نه ستي ڪانڌ سان، هر هر موڙي ڪَرَ،
ڪيئن وهائي رات ڏهاڳِڻ، جيڪا بنان وَرَ.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪنت = ڪانڌ. سيون = ساڻ.

 

33

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ساهُري ڍوئي نالهي پيئيي ناهي ٿاؤ،
پر واتڙي نه پڇئي، ڌڻ سهاڳڻ ناؤ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ساهرين ڍوئي نه لهي، پيئيي ناهي ٿانءُ،
پِرُ واتئين نه پڇئي، ڌڻ سهاڳڻ نانءُ.


سنڌي ترجمو:

ساهرين گهر ۾ مان نه جنهن جو پڇيس پيءُ نه ماءُ،
گهوٽ به گهر ۾ پڇي نه جنهنکي، سڏائي سهاڳڻ نانءُ.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڍوئي = سهارو. ٿانءُ = جاءِ. پيئيي = پيءُ وٽ. ڌڻ = نوجوان عورت.

 

34

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ناتي ڌوتي سنبهي ستي آءِ نچند،
فريدا، رهي س ٻيڙي هنگ دي، گئي کٿوري ڳنڌ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

نهاتي ڌوتي، سنبهي، ستي آهِ نچند،
فريدا، رهي سو ٻيڙي هِڱ دي، گئي کٿوريءَڳنڌ.


سنڌي ترجمو:

وهنجي سهنجي سيجَ سُتي آ، ڪيڏو سک آرام،
هتي هئي هِڱ جي ٻيڙي وانگر، وئي ته هئي گلفام.

35

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جوڀن جاندي ن ڏران جي سهہ پريت نه جاءِ،
فريدا ڪِني جوبن پريت بن سُڪ گئي ڪملائي.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جوڀن جاندي نه ڏران، جي شوه پريت نه جاءِ،
ڪني جوڀن پريت بِن، سُڪ گئي ڪملاءِ.


سنڌي ترجمو:

پرواه ناهي وڃي جي جوڀن، رسي نه شل هو يار،
ڪيڏا جوڀن ڪوماڻيا هن، مليو نه جن کي پيار.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

شوهه = پرين. ڪئي = ڪيترا. ڪملائي = ڪوماڻيا.

 

36

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، چنت کٽولا واڻ دُک برهَ ۽ وڇاوڻ ليس،
ايهه همارا جيوڻا توُ صاحب سچي ويک.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

چنت کٽولا، واڻ ڏک، برو وڇاوڻ ليف،
ايہ همارا جيوڻا، تُو صاحب سچي ڏيک.


سنڌي ترجمو:

سوچ کٽولو، واڻ ڏک، وِره جو بستر آ،
اها اسان جي زندگي ڏس، صاحب او سچا!

37

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

برها[1] برها آکيي، برها تُو سلطان،
فريدا، جت تن برهُ ن اوپجي سوتن جاڻُ مساڻ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

برهَ برهَ آکيئي، برها! تون سلطان،
جس تن برهَ اوپجي، سوتن ڄاڻِ مساڻُ.


سنڌي ترجمو:

نانءُ چپن تي عشق جو، عشق ته آ سلطان،
جنهن دِل عشق نه اُپجي، سا دل ڄاڻِ مساڻ.

38

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا اي وِسُ گندلا دريان کُنڊ لواڙِ،
اڪ راهيندي رهِ گئي، اڪ راڌي گئي اُجاڙِ.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا اي وِسُ گندلان، ڌريان کُنڊ لواڙ،
اڪ راهيندي ره گئي، اڪ راڌي گئي اُجاڙ.


سنڌي ترجمو:

وِهُ جا آهن ڳنَرَ جن تي، چڙهيل آه  ميٺاج،
ڪي پوکيندائي رهيا، ڪن پوکيل ڪئي تاراج.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

وِسُ = وهُه. گندلان = ساڳ جان ڳنَرَ. ڌربان = رکيل. لواڙ = لوئاڙي. راهيندي = پوکيندي. رڌي = پوکيل.

ڪيئي سادي هٺ ۾، رڌي اجاڙين. (قاضي قادن)

 

39

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا چار گوايا هنڊڪي، چار گوايا سَمِ،
ليکا رب منگيسيا تُو آهون ڪير هي ڪم.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

چار گنوائيان هنڊڪي، چار گنوائيا سم،
ليکا رب منگيسيا تون، آيون ڪهڙي ڪم.


سنڌي ترجمو:

چار پهر تو ننڊَ ۾ گهاريا، چار پهر تو کلندي،
ليکو گهرندءِ رب ته بندا، آئين تون ڪمين ڪهڙي.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

هنڊڪي = هنڊائي. سم = سمهي. منگيسيا = گهرندءِ.

 

40

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا دَرِ دَروازي جاءِ ڪي، ڪيون ڏٺو گهڙيالُ،
ايهه ندوسا ماريي هم دوسان دا ڪيا حال.


دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

درِ دروازي جاءِ ڪي، ڪيون ڏٺو گهڙيال،
ايهه نِدوسا مارئي، هم دسان دا ڪيا حال.


سنڌي ترجمو:

اي فريدڻ دروازي تي، ڏٺو هو مون گهڙيال،
بي ڏوهيءَ تي چوٽ پئي ٿي، ڏوهي جو ڇا حال.


ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ندوسا = بي ڏوهي. دوسان = ڏوهارين.


41

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

گهڙييي گهڙييي مارييي، پهري لهي سزاءِ،
سو هينئڙا گهڙيال جيو، ڏکي ريڻ وهاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

گهڙيين گهڙيين مارئي، پهرين لهي سزاءِ،
سو هينئڙو گهڙيال جيون، ڏکي ريڻ وهاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

پهر پهر تي چوٽ پيس ٿي، هر هر سزا ٿو کائي،
هينئڙو ڄڻ ته گهڙيال آ سائين، ڏکي ريڻ وهائي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

گهڙيين = گهڙيءَ گهڙي. جيون = جيان.

اهو دوهو دادو ديال جي نالي سان به منسوب آهي.

گهڙيين گهڙيين گهاريان، پيرين لهان سجاءِ،

مون هينئڙو گهڙيال  جيون،  ڏکئه ريڻ وهاءِ.

 

42

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

بُڊا هوا شيخ فريد، ڪنبڻ لگي ديهه،
جي سَو ورهيا جيوڻا، ڀي تن هوسي کيهه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ٻڍا هويان شيخ فريد، ڪنبڻ لڳي ديهه،
جي سَو ورهيان جيوڻا، ڀي تن هوسي کيهه.
 

سنڌي ترجمو:

شيخ فريدڻ پوڙهو ٿي وئين، ڪنبڻ لڳين ديهه،
سو ورهيه جي جيئندي ته به، نيٺ ته ٿيندي کيهه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ورهيان = ورِهه. جيوڻا = جيئڻو. ڀي = به. کيهه = مٽي.

کُهِجُ مَ اُجها کيهه، گردِ پسڻ گگن جي.

 

43

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، بار پرائي بيسڻا، سائين مجهي نه ديهه،
جي تون ايوين رکسي، جيو سريرهُ ليهه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

بارِ پرائي ٻيسڻا، سائين مجهي نه ڏي،
جي تون ايوين رکسين، جيو سريرون لي.
 

سنڌي ترجمو:

اهڙو وقت اچي سائين، ويهان ٻئي در تي،
اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ئي، جيڪر موت اچي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

بار = دروازو. ٻيسڻا = ويهڻ. ايوين = ائين. رکسين = رکندين. جيو= ساهه.

 

44

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪنڌ ڪهاڙا سر گهڙاوڻ ڪي سر لوهار،
فريدا، هو لوڙي سَهُه آپڻا، تو لوڙهه انگيار.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪنڌ ڪُهاڙا، سَرِ گهڙا، وَڻ ڪي سَرِ لوهار،
فريدا، هو لوڙهي شوه آپڻا، تون لوڙهين انڱيار.
 

سنڌي ترجمو:

ڪنڌ ڪهاڙو، وڻ وڍڻ لاءِ، آيو آ لوهار،
وڻ کي گهرجي پريتم، هن کي، ٽانڊا ۽ اڱار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لوڙهي = گهري. شوهه = پرين. انڱيار = اڱار.

 

45

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، اڪنها آٽا اگلا اڪنها ناهي لوڻ،
اگي گئي سنجهاپسنهه چوڻا کاسي ڪون.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اڪنان آٽا اَگلا، اڪنان ناهي لوڻُ،
اڳي ڳئي سڃاپسن، چوڻا کاسي ڪوڻ.
 

سنڌي ترجمو:

ڪن وٽ ناهي لوڻ ته ڪن وٽ، اٽي جا هن ڍير،
اڳتي سڀ سڃاتا ويندا، چوڻون کائيندو ڪير.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اڪنان = هڪڙن. اگلا = اڻ ميو. سڃاپسن = سڃاتا ويندا. چوڻا = چوڻون.

 

46

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

پاس دمامي ڇت سِرِ ڀيري سڏ ورڏ،
جاءِ سُتي جيران مهه ٿييي اتيمان گڏ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

پاس دمامي، ڇتِ سِرِ، پيرين سڏ وَرڏِ،
جاءِ سُتي جيران ۾، ٿئي اتيمان گڏِ.
 

سنڌي ترجمو:

در تي جن جي دهل دمامان، دولت جا مانڊاڻ،
نيٺ پيا سي قبرن ۾، سُتا سي مُردن ساڻ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

دمامين = دهل دمامان. ڀيرين = ڀيرون. سڏ ورڏ = مال ڪمال. جيران = قبرستان. اتيمان = يتيمن سان.

 

47

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، ڪوٺي منڊپ ماڙيا اُساريدي به گني،
ڪوڙا سودا ڪر گني، گوري آءِ پئي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪوٺي، منڊڀ، ماڙيان، اُسايندي ڀي ڳئي،
ڪُوڙا سودا ڪر ڳئي، گورين آه پئي.
 

سنڌي ترجمو:

لڏي ويا جن محل اڏيا ٿي، وڏا ها جن جا شانَ،
ڪوڙو وڻج ڪري ويا هاڻي، قبرن جا مهمان.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪوٺي = بنگلا. گورين = قبرن ۾.

 

48

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا کنٿڙ ميخا اگليا جند ن ڪائي ميخ،
واري آپو آپڻي، چلي مشائخ شيخ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

کنٿڙ ميخان اگليان، جِند نه ڪائي ميخَ،
واري آپو آپڻي، چلي مشائخ شيخ.
 

سنڌي ترجمو:

گُدڙي ٽاڪن سان ٽاڪيل، جند نه ڪو ٽاڪو،
شيخ مشائخ واري وٽيءَ، هليو هتان سڀ ڪو.
 

49

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، دُهُ ديوي بلنديا ملڪ بيٺا آه،
گڙ لٽيا گهٽ لٽيا ديوڙي گيا بجهاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڏون ڏيوي ٻلنديان، ملڪ ٻهٺا آه،
ڳڙه لٽيا، گهٽ لٽيا، ڏيوڙي ڳيا ٻجهاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

ڏيئا به ٻرندا رهيا، آيو ملڪ الموت،
ڪوٽ ڪيرائي گهر لٽيائين، وسائي ويو سو جوت.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ٻلنديان = ٻرندي. گهٽ = اندر.

پريان سندي ڳالهڙي، رهي نه اندر گهٽ. (شاهه)

 

50

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ديک ڪپاهي ج ٿيا جو سر ٿيا تلاه،
ڪمادي را ڪاگدي ڪني ڪوئلياه،
مندي عمل ڪريديا ايهه سزا تناه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڏيک ڪپاهين جو ٿيا، جو سر ٿيا تلان،
ڪمادي اور ڪاگدي، ڪُنين، ڪوئليان،
مندي عمل ڪرينديان، ايهه سزا تنهان.
 

سنڌي ترجمو:

ڏس ته فريدڻ ڇا ٿيو، ڪپهه تِرُنِ ساڻ،
ڪمند، ڪاغذ، ڪُني، ڪوئلي جو تون حال سڃاڻ،
ڪُڌا ڪَم ڪرن ٿا جيڪي، تن جو انت هي ڄاڻ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪپاهين = ڪپهه سان. تلان = ترن سان. ڪمادي = ڪمند سان. ڪاگدي = ڪاغذ سان. ڪني = ديڳڙي. ڪوئليان = ڪوئلن سان. مندي = خراب. ڪرينديان = ڪندي. ايهه = ايها. تنا = تن کي.

 

51

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪَنِ مُصلا صوف گلِ دل ڪاتي ڳڙا واتِ،
ٻاهر ڏسي چانڻا دل انڌياري رات.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪنڌِ مصلا، صوف ڳَلِ، دل ڪاتي، ڳُڙُ وات،
ٻاهر ڏسي چانڻا، دل انڌياري رات.
 

سنڌي ترجمو:

نيڪ نمازي، گيڙو ڪپڙا، دل ۾ ڪاتي، واتِ مٺاڻ،
دل ۾ ڪاري رات آ، منهن تي چوڏهينءَ جي چانڊاڻ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪُهه = ڪلهي. صوف = اوني ڪپڙا. چانڻا = چانڊاڻ.

 

52

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا رتي رت نه نڪلي جي تن چيري ڪوءِ،
جو تن رتي رب سيو تنِ تنِ رت ن هوءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

رتي رَتُ نه نڪلي، جي تَنُ چيري ڪو،
جو تنَ رتي رَبَ سيون، تِنِ تَنِ رَتُ نه هوءِ.
 

سنڌي ترجمو:

رتي رَتُ نه نڪري، جي تَنُ چيري ڪوءِ،
جي تَنَ رتا رب سين، تِنِ تَنِ رت نه هوءِ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

رتي = رتا. سيون = سان.

 

53

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڀي پيي تن کيڻ هوءِ لوڀُ رتُ وچہ جاءِ،
جيو بنسيتر ڏات، سُڌ هوءِ[1].
 

سنڌي ترجمو:

مٽي پئي ته مٽي ٿئي، تَنُ، رهي لوڀ نه رَت،
ڌاتو وجهيو باه ۾ سائين، ٿيندو باه سو انت.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀي = ڀي جي معنيٰ ڀوَ يا ڊپ آهي. پر منهنجي خيال ۾ هي لفظ ڀي نه پر ڀون آهي. پيي = پئي. کيڻ = کاڌو، غذا، خوراڪ.

 

54

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، سوئي سرور ڍونڍ لهُه جٿهُه لڀي وِٿُ،
ڇپڙ ڍونڍي ڪيا هووي چڪڙ ڊبي هَٿُ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

سوئي سرورُ ڍونڍ لهه، جٿئون لڀي وٿ،
ڇپڙ ڍونڍي، ڪيا هووي، چڪڙ ڊبي هٿ.
 

سنڌي ترجمو:

سَرُ ڪو اهڙو ڳولهه فريدڻ، جتان لڀي وٿ،
ڍوري مان تو ڇا هٿ ايندو، گپ ۾ پوندءِ هٿ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سرور = سَرُ، تلاءُ. جٿئون = جتان. ڇڀڙ = ڍورو. چڪڙ = گپ. ڊبي = ٻڏي.

 

55

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ننڍي ڪنت ن راوي وڏي ٿي مئي آس،
ڌڻ ڪوڪيندي گور ۾، تي سهه نا ملي آس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ننڍي ڪَنتُ نه راويو، وڏي ٿي مُياس،
ڌڻ ڪوڪيندي گور ۾، تنهن شوه سان نه ملياس.
 

سنڌي ترجمو:

جوڀَن ڏينهن نه ڪانڌ رجهايم، وڏي ٿي مئياس،
آخر قبر ۾ ڪوڪيندي ته، پِر سان نه ملياس.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪنت = ڪانڌ. راويو = ريجهايو. ڌڻ = جواڻ جماڻ. گور = قبر. شوهه = محبوب.

 

56

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا سِرُ پليا داڙي پلي مڇان ڀي پليان،
ري من گهلي بانوري، ماڻهه ڪيا رليان.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

سِرُ پليا، ڏاڙهي پلي، مڇان ڀي پليان،
ري من ڳهلي بانوري، ماڻين ڪيا رليان.
 

سنڌي ترجمو:

اڇي ڏاڙهي، اڇو مٿو، مڇيون به اڇيون،
اڃان چئين ٿو من اياڻا!! مزا ڪي ماڻيون.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پايا = اڇو ٿيو. ڳهيلي = اياڻي. رليان = مزا.

 

57

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪوٺي دُکنِ ڪيڙا، پر نيندڙي نوارِ،
جو دهِ لڌي گانوڻي، گني ولاڙ ولاڙ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪوئي دُکن ڪيتڙا، پرڻيندڙي نهار،
جو ڏينهن لڌي ڳانوڻي، ڳئي وِلاڙ ولاڙ.
 

سنڌي ترجمو:

ڏس پرڻجي ويئي جنهن جي، سڱ گهرڻ لاءِ ميڙا،
کيڏڻ جا ڏينهن چار مليا هئا، سي به گذري ويڙا.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

دُکن = سڱ گهرڻ لاءِ وڃڻ. ڪيتڙا = ڪيترا. پرڻيندڙي = پرڻجي ويندڙ. لڌي = مليا. ڳانوڻي = ڳائڻ لاءِ. ولاڙ = جلدي، ترت. توڙي ولاڙون ڪرين، توڙي هلين وک. (شاهه)

 

58

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، ڪوٺي منڊپ ماڙيا ايت ن لاتي چتُ،
مٽي پني اتولوين ڪوءِ ن هوسي مٽُ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪوٺي، منڊپ، ماڙيان، ايت نه لائين ڇِتُ،
مٽي پئي اتولوين، ڪوئي نه هوسي مِٽ.
 

سنڌي ترجمو:

هي جي منڊپ ماڙيون، تن سان لاءِ نه چت،
مٽي پوندءِ اڻ مئي، ڪوئي نه هوندءِ مِٽ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اتولوين = اڻ مئي.

 

59

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، منڊپ مالُ ن لاءِ مرگ سٽاڻي چت ڌر،
سائي جاءِ سمهال جٿي هي تو ونجهڻان.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

منڊپ مال نه لاءِ، مرگ سٽاڻي چِتِ ڌَرِ،
سائي جاءِ سنڀال، جٿي هي تو وڃڻان.
 

سنڌي ترجمو:

ماڙئين مالُ نه لاءِ، ڪر ڪو موت جو ڌيان،
ڌيان ۾ رک سا جاءِ، جاتي توکي وڃڻو آهي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سٽاڻي = اچن ٿا  آواز. سٽاڻي سمنڊ ڇا. (شاهه)

لالن لايئه ڏينهڙا، ڪنهن سٽائي سانگ. (شاهه)

چت ڌر = ڌيان ۾ رک. مرگ = موت.

 

60

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا جنهي ڪمي ناه گن تي ڪمڙي وسار،
مت شرمندا ٿيو هي، سائين دي درٻار.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جنين ڪمين ناهِ ڳڻ، ڳڻ سي ڪمڙي وسار،
مت شرمنده ٿيوئين، سائين دي درٻار.
 

سنڌي ترجمو:

جيڪي چڱا ڪم نه آهن، سي تون ڪم وِسارِ،
ته جيئن ٿئين نه شرمندو، سائين جي درٻار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

تي = سي.

 

[1] هي دوهو گرنٿ ۾ غلط ڇپيل آهي جو ٻئي مصرعي جي آخري چوڻ ۾ نه وزن آهي ۽ نه قافيو.

[1] جا گهٽِ پريم نه اوپجي، سا گهٽ ڄاڻ مساڻ،

   جيسي کال لوهار ڪي، سانس ليت بِن پراڻ. (تلسي داس)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org