سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :13

 

 

دوها

1 – 9

 

راڳ آسا

 

1

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

بولي شيخ فريد، پياري الهه لڳي،
ايهه تن هوسي خاڪ، نماڻي گور گهري.،
 

سنڌي ترجمو:

ڳالهه ڪريان ٿو الهه لڳي، ڳالهه تي ڌيان تون ڌر،
هي تن ٿيندو خاڪ فريدڻ، قبر ۾ هوندو گهر.

 

2

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

آج ملا وا شيخ فريد،
ٺاڪم ڪونجان، من منچدُڙيان.
 

سنڌي ترجمو:

ملڻ جو ڏينهن آ، من کي روڪيون،
منُ هرکائن، آس جون ڪونجون.

 

3

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جي ڄاڻا مرجائيي، گهم نه آئييي،
جوٺي دنيا لڳ نه آپ وڄائييي.
 

سنڌي ترجمو:

سڀ کي آخر مرڻو آهه، هجي اها جي ڄاڻ،
پٺيان لڳي هن ڪوڙي جڳ جي، ڇو وڃايون پاڻ.

 

4

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

بولييي سچ ڌرم، جهوٺ نه بولييي،
جو گر دسي واٽ، مريدان جولييي.
 

سنڌي ترجمو:

سچ اسان جو دين ڌرم آ، سچ ڳالهاءِ سدائين،
مرشد جيڪا واٽ ڏسي تون وٺ سان واٽ او سائين.

 

5

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڇيل لنگهيندي پار، گوري من ڌريا،
ڪنچن وٺي پاسي، ڪلوَتِ چيريا.
 

سنڌي ترجمو:

ويندو پار ڏسي سهڻل کي، گجريءَ جو من هرکيو،
سهڻل جي ڏس سونهن ونيءَ جي، ڪئنري من کي چيريو.

 

6

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

شيخ حياتي جڳ نه ڪوئي ٿو رهيا،
جس آسڻ هو بيٺي، ڪيئي بيسٺ گيا.
 

سنڌي ترجمو:

هن جڳ ۾ او يار فريدڻ، جيئڻ ڏينهن ٻه چار،
جاتي ويٺا آهيون تاتي، ويٺا لکَ هزار.

 

7

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪاتڪ ڪونجان، چيٽ ڏينهن، ساوڻ بجليان،
سيالي سونهنديان، پِرِ ڳل ٻانهڙيان.
 

سنڌي ترجمو:

ڪاتڪ ڪونجون، چٽ جا ڏينهن، ساوڻ چمڪن وڄڙيون،
رات سياري، ڳل ۾ سونهن، پرينءَ ڳراٺڙيون.

 

8

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

چلي چلڻ هار، وچاران لئه منون،
ڳنڍينديان ڇي ماه ٽٽنديان هڪ کنو.
 

سنڌي ترجمو:

هليا هلڻ هار، ڏسي ويچارو من،
ڳنڍيندي ڄمار، ٽٽندي هڪ کن.

 

9

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

زمين پڇي اسمان فريدا، کيوٽ ڪٿ گئي،
جالن گوران نال، اُلانڀي جيا سهي.
 

سنڌي ترجمو:

پڇي پئي اڄ ڌرتي اُڀ کان، مانجهي ڪيڏانهن ويڙا،
ستڙا آهن قبرن ۾ سي، چوڌر باه جا اُلا.

 

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org