سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :2

 

ڇا گرنٿ ۾ شامل ڪلام بابا فريد جو آهي؟

 

ڪن محققن جو چوڻ آهي ته گرنٿ ۾ بابا فريد جي نالي سان شامل ٿيل ڪلام بابا فريد گنج شڪر جو نه آهي پر سندن ٻارهين سجاده نشين شيخ ابراهيم ڪبريا جو آهي، جنهن کي فريد ثاني به سڏيندا هئا. گرونانڪ پاڪ پتڻ ۾ شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪئي هئي. ٻنهي بزرگن هڪ ٻئي سان ڏوهيڙن ۾ ڳجهه جون ڳالهيون به ڪيون هيون. شيخ ابراهيم شاعر هو ۽ ”فريد“ تخلص سان شاعري ڪئي هئي. جڏهن گرونانڪ، شيخ فريد ثانيءَ سان ملاقات ڪئي تڏهن گرونانڪ شيخ کان سندس ڪلام ورتو ۽ اهڙيءَ ريت شيخ ابراهيم جو ڪلام گرنٿ ۾ شامل ٿيو. جيئن ته شيخ ابراهيم جو تخلص فريد هو انڪري ماڻهن شيخ ابراهيم جي ڪلام کي بابا فريد جو ڪلام سمجهيو.

سڀ کان پهرين جنهن اها ڳالهه ڪئي سو مڪالف آهي ۽ پوءِ ديسي اديبن ۽ محققن سندس ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌي. پنجابيءَ جي محقق پروفيسر محمد آصف خان ان ڏس ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري ثابت ڪيو آهي ته بابا فريد نه رڳو عربي ۽ فارسي زبانن جو شاعر هو پر هندي ۽ پنجابي زبانن جو به شاعر هو ۽ گرنٿ ۾ فريد جي نالي سان شامل ڪيل ڪلام شيخ ابراهيم فريد ثانيءَ جو نه پر بابا فريد جوئي آهي. ان لاءِ هن هيٺيان دليل ڏنا آهن:

(1) قديم تذڪرن ۽ ٻين ڪتابن ۾ بابا فريد جي عربي، فارسي، هندي ۽ پنجابي شاعريءَ جا نمونا ملن ٿا ۽ پر ڪنهن به ڪتاب مان شيخ ابراهيم فريد ثاني جي ڪلام جو نمونو نٿو ملي، جنهن مان هن جي شاعر هجڻ جو ثبوت ملي.

(2) حافظ محمود شيراني ۽ مولوي عبدالحق بابا فريد جي ابتدائي اڙدوءَ ۾ چيل ڪلام جا نمونا ڏنا آهن.

(3) امير خورد پنهنجي ڪتاب ”سيرالاوليا“ جيڪو هن شيخ ابراهيم فريد ثانيءَ کان ڏيڍ سؤ ورهيه اڳ لکيو تنهن ۾ هن بابا فريد جو هڪڙو پنجابي دوهو ڏنو آهي جيڪو فارسي اکرن ۾ لکيل هجڻ ڪري پوريءَ طرح پڙهڻ ۾ نٿو اچي، اهو دوهو هيءُ آهي:

ڪُنت نهوتبن کارري، ناڪان هٿ منان[1]،

بس ڪندلي  مڌن  گر، هورين  لہ  ڪها.

انهن دليلن مان ثابت آهي ته بابا فريد عربي، فارسي، هندي، پنجابي ۽ سرائڪيءَ جو شاعر هو ۽ گرنٿ ۾ شامل دوها بابا فريد جا ئي دوها آهن.

 

بابا فريد ۽ گرو گرنٿ صاحب

 

گرونانڪ سکن جو روحاني پيشوا آهي. سندس پيدائش عيسوي سن 1469ع ۾ ٿي. هر وڏي ماڻهوءَ وانگر گرونانڪ جي ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ جي باري ۾ عالمن ۾ اختلاف آهي. ڪن سک عالمن جي خيال ۾ سندس ڄمُ ڪاتڪ شدي پورنماشيءَ ۾، ۽ ڪن جي خيال ۾ بيساکيءَ جي ڏينهن ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس ڄم جي هنڌ جي باري ۾ ڪن جو خيال آهي ته رائي پوئي جي تلونڊي ۾ ٿيو جنهن کي اڄڪلهه ننڪاڻا صاحب سڏيو ٿو وڃي. ڪن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي  ناناڻن ۾ پيدا ٿيو ۽ ان ڪري ئي سندس نالو نانڪ رکيو ويو جنهن جي معنيٰ آهي نانڪي يعني ناناڻن ۾ پيدا ٿيل. گرونانڪ جي زندگيءَ جو وڏو حصو سفر ۾ گذريو. سندن سفر کي ”اُداسي“ سڏيو ويندو آهي. سکن جي ڪتابن ۾ سندس سفرن کي چئن پنجن ”اُداسين“ ۾ ورهايو ويو آهي. انهن اُداسين ۾ پاڻ هنگلاج، مڪي ۽ مديني ويا. مڪي ۾ پاڻ هڪ سال رهيا.

گرونانڪ ننڍپڻ ۾ فارسيءَ جي تعليم هڪڙي مسلمان عالم مير سيد حسن کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ قرآن مجيد ۽ ٻين اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ڪيائون. پاڻ پڪا توحيد پرست هئا. سندن وفات 40-1539ع ڌاري درياهه واريءَ جي ڪناري ڪرتارپور ۾ ٿي. اهو ڳوٺ گرونانڪ آخري عمر ۾ پاڻ ٻڌايو هو. گرونانڪ کان پوءِ هيٺيان گور هڪ ٻئي پٺيان گاديءَ تي ويٺا:

(1) گرو اگند جي

(2) گرو امرداس جي

(3) گرو رامداس جي

(4) گرو ارجڻ جي

(5) گرو هرگوبند جي

(6) گرو هر راءِ جي

(7) گرو هر ڪرشن جي

(8) گرو تيغ بهادر جي

(9) گرو گوبند سنگهه جي

گرو نانڪ سميت ڪل ڏهه گور ٿيا آهن.

ڏهين گرو گوبند کان پوءِ گوريائيءَ جو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ سکن جي مقدس ڪتاب گرنٿ کي گرو ڪري مڃيو ويو ۽ گرنٿ، گرو گرنٿ صاحب سڏجڻ لڳو. ان موقعي تي سکن ۾ ٻه فرقا پيدا ٿيا، جن گرنٿ کي گرو مڃڻ کان انڪار ڪيو. هنن جي خيال ۾ انسان نموني جو محتاج آهي ۽ ڪوبه ڪتاب انسان لاءِ نمونو ٿي نٿو سگهي. انسان کي سنئين واٽ ڏيکارڻ لاءِ انسان ئي نمونو ٿي سگهي ٿو. انڪري هو گرو گوبند کان پوءِ به گرن جا قائل آهن ۽ هنن جا پنهنجا پنهنجا گرو آهن. انهن مان هڪڙي فرقي جو نالو ”تام ڌاري“ ۽ ٻئي جو ”نرنڪاري“ آهي.

 

گرنٿ جي ترتيب ۽ تاليف

 

گرنٿ کي پنجين گروءَ تائين ”پوٿي صاحب“ سڏيو ويندو هو، نائين گروءَ تائين ”گرنٿ صاحب“ ۽ ڏهين گرو گوبند جي دور ۾ ان کي ”گرو گرنٿ“ سڏيو ويو. گرنٿ سارو نظم ۾ آهي ۽ ايڪويهون راڳن ۾ ورهايل آهي. هن ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين گروءَ کانسواءِ سڀني گرن جو ڪلام شامل آهي. ڏهين گروءَ جو رڳو هڪ اشلوڪ شامل آهي.

گرو نانڪ جيڪو ڪلام چيو ان کي ٻئي گرو اگند جي ”پوٿيءَ“ ۾ سهيڙيو. ٽئين گرو امرداس جي ڪلام کي رامداس جي سهيڙيو. پر گرنٿ جي ترتيب ۽ تاليف جو اصل سبب گديءَ لاءِ گرو صاحبن جو خانداني اختلاف آهي جنهن جي شروعات گرو رامداس کان ٿي.

اصل ۾ گرو رامداس گديءَ جو حقدار نه هو. سندس زال بيبي ڀانيءَ کيس گروءَ واري گدي ڏياري. بيبي ڀاني ٽئين گروءَ جي ڌيءَ هئي. گروامرداس پنهنجي ڌيءَ جي محبت کان متاثر ٿي گرو واري گادي پنهنجي ناٺي رامداس کي ڏني، گرو امرداس پنهنجي پوٽي سنس رام کي گرو صاحبن جي ڪلام سهيڙڻ جو ڪم سونپيو هو. سنس رام گرو نانڪ، گرو اگند جي ۽ پنهنجي ڏاڏي امرداس جي، جي ڪلام کي ٻن جلدن ۾ سهيڙيو. گرنٿ ۾ سک گرو صاحبن کان سواءِ ”ڀڳت باڻيءَ“ جي عنوان هيٺ پندرهن ڀڳتن جو ڪلام پڻ ڏنل آهي جن مان ٻه ڀڳت مسلمان آهن. هڪ بابا فريد گنج شڪر ۽ ٻيو ڀيڪن“ انهن کانسواءِ ڪن ڀٽن جو ڪلام به ڏنل آهي.

بيبي ڀانيءَ جي مڙس گرو رامداس پنهنجي وڏي پٽ پرٿي چند جي بدران پنهنجي ننڍي پٽ ارجڻ کي گدي ڏني جنهن جي ڪري گرو پرٿي چند پنهنجي ننڍي ڀاءُ گرو ارجن جو دشمن ٿي پيو ۽ سندس مخالفت شروع ڪري ڏنائين. هن به نانڪ تخلص اختيار ڪيو ۽ گرو صاحبن جي نموني ٻاڻيون چوڻ لڳو. سندس پوئلڳن جو ٽولو سندس ڪلام ڳائيندو وتندو هو ۽ سکن لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو ته ڪهڙو ڪلام گُرن جو آهي، ۽ ڪهڙو ڪلام پرٿي چند ۽ سندس پٽ سوڍيءَ جو. ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ گرو ارجن گرو صاحبن جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو. هن گوئندوال جي بابا موهن کان سنس رام جون مرتب ڪيل ٻئي پوٿيون جن کي ”گوئندوال ڪي سينچيان“ چيو ويندو هو، حاصل ڪيون. تنهن کان پوءِ هن پريان پريان کان سک درويشن کي سڏايو ۽ هنن جي واتان گرو صاحبن جو ڪلام ٻڌي، ڀيٽ ڪري گرنٿ مرتب ڪيو. گرنٿ ۾ هن ڀڳتن ۽ ڀاٽن جي ڪلام کي به شامل ڪيو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته بابا فريد جو ڪلام گرو ارجن گرنٿ ۾ شامل ڪيو يا هن کان گهڻو اڳ گرو نانڪ بابا فريد جو ڪلام شيخ ابراهيم کان حاصل ڪري پوٿيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. سک عالمن جو چوڻ آهي ته گرو نانڪ جيڪي سفر ڪيا هئا، انهن ۾ هن صوفين ۽ درويشن جو ڪلام گڏ ڪري پوٿيءَ ۾ شامل ڪيو هو[2].

بابا فريد جو هڪڙو سلوڪ گرنٿ ۾ هن ريت آهي:

سوهري ڍوئي نه لهي، پيئي ناهي ٿانءُ،

پر واتئين  نه  پڇئي،  ڌڻ  سهاڳڻ نانءُ.

گرو نانڪ بابا جي دوهي جو جواب لکيو جيڪو گرنٿ ۾ شامل آهي:

سوهري، پيئيي، ڪنت ڪي، ڪنت اگم اٿاه،

نانڪ  سو  سهاڳئي،  جو   ڀاوي  بي  پرواه.

ان مان ثابت ٿو ٿئي ته گرو نانڪ ئي بابا فريد جو ڪلام ڪٺو ڪيو هو ۽ ان ڪري ئي هن بابا فريد جي دوهي جو جوابي دوهو لکيو[3].

هاڻي ڏسڻو آهي ته بابا فريد جي ڪلام جي ٻولي پنهنجي اُچار جي لحاظ کان اصل حالت ۾ آهي يا گرنٿ تائين پڄندي پڄندي ان ۾ ڪا ڦيرگهير به آئي آهي.

بابا فريد جن 1188ع ۾ پيدا ٿيا ۽ 1280ع ۾ فوت ٿيا. گرو نانڪ جن 1469ع ۾ پيدا ٿيا ۽ 40-1539ع ۾ وفات ڪيائون. بابا فريد جي وفات  ۽ گرو نانڪ جي ڄم جو وچ وارو عرسو 189 سال آهي. جيڪڏهن گرو نانڪ 25 سالن جي عمر ۾ به شاعري شروع ڪئي هوندي ته به بابا فريد جي وفات ۽ گرونانڪ جي جوانيءَ جي وچ ۾ 214 سالن جو فاصلو آهي. ان عرصي ۾ بابا فريد جي ڪلام ۾ ڳائڻن ۽ درويشن يقين سان ڦيرگهير آندي هوندي. سک عالمن کي به ان ڳالهه جو احساس آهي ته وقت سان گڏ بابا جي ڪلام ۾ ضرور ڦيرگهير آئي هوندي. انڪري ئي سکن ۾ روايت مشهور آهي ته جڏهن گرو ارجڻ ڀڳتن جي ڪلام کي گرنٿ ۾ شامل ڪيو، تڏهن هن سوين سال اڳ فوت ٿي ويل درويشن جي روحن کي عالم برزخ مان سڏائي انهن جي واتان سندن ڪلام ٻڌو ته جيئن ڪنهن به غلطيءَ جو امڪان نه رهي[4].

ڪن سک عالمن جو خيال آهي ته گرنٿ ۾ شامل ڀڳت ٻاڻي گرو ارجڻ پاڻ چئي آهي[5].

ڪي ائين به چون ٿا ته گرو ارجڻ ڀڳت واڻيءَ ۾ پنهنجن خيالن مطابق ڦيرگهير ڪئي آهي[6]. گياني گيان جيءَ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي.

مٿين حوالن مان هڪ ڳالهه جي پڪ ٿي ٿئي ته گرو ارجڻ تائين پڄندي پڄندي بابا فريد جي ڪلام ۾ ڦيرگهير آئي آهي.


 

[1] هي دوهو سنڌي ٿي سگهي ٿو، پهرين سٽ جي پڙهڻي هيئن ٿي سگهي ٿي:

ڪنت نهوڙي گاروڙي، ناگان هٿ مَ لاءِ.

[2] رسالو ”پنجابي ساهت“، جنوري 1947ع.

[3] آکيا بابا فريد.

[4] گردواري درشن، 134، گور پرتاب سورج گرنٿ راس.

[5] گور مت نرني ساگر اور ڀڳت باني

[6] رساله ”سنت سپاهي“، اپريل 1953.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org