سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :10

 

 

61

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

صاحب دي ڪر چاڪري دل دي لاهِ ڀراندِ،
درويشان نون لوڙهي، رکان دي جيراند.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

صاحب دي ڪَرِ چاڪري، دل دي لاءِ ڀراندِ،
درويشان ڪون لوڙهيئي، رُکان دي جيراند.
 

سنڌي ترجمو:

صاحب جي ڪري چاڪري، دل جا لاءِ گمانَ،
ڳولهي لَهُه درويش سي، جي وَڻَ سمان.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀراند = وهم گمان. رکان = وڻن. جيراند = جگر حوصلو.

 

62

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪالي ميڏي ڪپڙي ڪالا ميڏا ويس،
گنهي ڀريا مي ڦران لوڪ ڪهي درويش.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪالي ميڏي ڪپڙي، ڪالا ميڏا ويس،
گناهين ڀريا مين ڦران، لوڪ ڪهي درويش.
 

سنڌي ترجمو:

ڪارا منهنجا ڪپڙا، ڪارو منهنجو ويس،
مان گناهن سان ڀريل، لوڪ چوي درويش.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ميڏي = منهنجا. گنهين = گناهين.

 

63

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

تتي توءِ ن پلوي جي جل ڻبي دهي،
فريدا، جو ڏهاڳن رب دي، جهوريندي جهور هي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

تتي توءِ نه پلئي، جي جَل ٽٻي ڏي،
جو ڏهاڳن رب دي، جهرندي جهري.
 

سنڌي ترجمو:

تتيءَ تي جي پاڻي وجهبو، ٿڌي مور نه ٿيندي،
مولا جي جا ڏهاڳڻ آهي، سدا سا جهرندي رهندي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

توءِ = توڙي نه ڏئين توءِ، توج تنهنجو آسرو. (قاضي قادن)

پلئي = سنڀلجي. جهوريندي جهري = نه تو سنبل تات، نه جهوري تو آهه ڪا. (قاضي قادن)

 

64

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جان ڪنواري تان چاو ويواهي تان ماملي،
فريدا ايهو پڇتاوء وت ڪنواري نه ٿئي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جن ڪنئاري تان چاوء، ويواهي تان معاملي،
فريدا ايهه پڇتاوء، وَتِ ڪنئاري نه ٿئي.
 

سنڌي ترجمو:

ڪنواري هئي ته چاهُ، پرڻي وڌيا معاملا،
هاڻِ اهو پڇتاوء ٻيهر ڪنواري ڪيئن ٿيان.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ويواهي = پرڻي. وَتِ = وري.

 

65

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪلر ڪيري ڇپڙي آءِ اُلٿي هنجهه،
چنجُو بوڊنهه ن پيوهِ اُڏن سندي ڏنجهه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪلري ڪيري ڇپڙين، آءِ الٿي هنج،
چنجو ٻوڙن نه پيونِ، اُڏڻ سندي ڏنجهه.
 

سنڌي ترجمو:

سينو سارو سَرُ، اچي لٿا هَنجَ،
چهنب ٻوڙن نه پيئن، اُڏن سندي ڏنجهه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪيري = جي. ڇپڙين = ڍوري ۾. اُلٿي = لٿا.

اکيون پسڻ کي پرين،

پري   الٿيان   منجهه. (دادو ديال)

اکيون آڪاسان فوجون ڪري اُلٿيون،

جنهن مک مرانءِ، اهي الٿي اکڙئين.

چنجو = چهنب. ڏنجهه = ايذاءُ، پَسي پَرَ پرين جي، ڏور ٿيا سڀ ڏنجهه. (شاهه)

 

66

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

هنس اُڏرِ ڪوڌري پيا لوڪ وڏارڻ جاءِ،
گهلا لوڪ ن جاڻدا هنس ن ڪوڌرا کاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

هنج اُڏر ڪوڌري پيا، لوڪ اُڏارڻ جاءِ،
ڳهلا لوڪ نه ڄاڻدا، هنج نه ڪوڌرا کاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

ان تي لٿا هنجَ، ماڻهو هڪلڻ هليا،
ماڻهوڙا بي سمجهه، هنج ته موتي کائن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪوڌر = ان جو قسم. وڏارڻ = اُڏارڻ. ڳهلا = نادان.


67

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

چل چل گئيان پنکيان، جني وسائي تل،
فريدا سر ڀريا ڀي چلسي ٽهڪي ڪَوَ اڪل.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

چل چل ڳئيان پنکيان، جنهين وسائل تَل،
سَر ڀريا ڀي چلسي، ٽهڪي ڪَنوَر اڪل.
 

سنڌي ترجمو:

اُڏي وياسي هنجَ، سَرَ ۾ جن جو واسو،
سڪي ويندو سو سَرُ، کڙندو ڪنول اڪيلو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پنکيان = پکي. جني = جنهن، جِنِ. تل = تلاءُ. سر = تلاءُ. ٽُهڪي = کڙي. وسي ٿو وڏو ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون. (شاهه)

ڪنور = ڪوئل، ڪنور پاڙون پاتار ۾ ڀنور ڀري آڪاس. (شاهه)

اڪل = اڪيلو.

 

68

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، اِٽِ سراڻي پوءِ سَوَڻ ڪيڙا لڙيو ماس،
ڪيتڙيا جُڳ واپري، اڪت پيا ماس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اِٽُ سرهاڻي، ڀونءِ سَوَڙِ، ڪيڙا لڙيو ماس،
ڪيتڙيان جُڳ واپري، اڪت پيا پاس.
 

سنڌي ترجمو:

سِرَ ويهاڻو، مٽي بستر، ڪينئان ماس کائيندا،
هڪڙي پاسي ليٽي ليٽي، جڳ ڪي گذري ويندا.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اِٽَ = سِرَ. پوءِ = ڀونءِ، مٽي. سوڻ = سَوَڙِ. ڪيڙا = ڪينئان. ڪيتوڙيا = ڪيترا. واپري = گذري. اڪت = هڪ. پاس = پاسي.

 

69

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، ڀني گهڙي سَوَ نوي، ٽوٽي ناگر لڄ،
عزرائيل، فريشتا، ڪين گهر نائي اڄ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڀَني گهڙِ سَوَ نوي، ٽوٽي ناگر لڄ،
عزرائيل، فرشتا، ڪين گهر نائي اڄ.
 

سنڌي ترجمو:

ڀڳي گهڙولي رنگا رنگي، ٽٽي سهڻي ڏوري،
ڏسون ته عزرائيل اچي ٿو، ڪنهن جو ناٺي ٿي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڀني = ڀڳي. گهڙي = گهڙولي، گهاگهر. سَوَنوي = سون رنگن واري. ناگو لڄ = سهڻي ڏوري. ناٺي = ناٺي.

 

70

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڀني گهڙي سَوَنوي، ٽوٽي ناگر لڄ،
جو سڃڻ ڀُءِ ڀار ٿي، سي ڪيو آوه اڄ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڀني گهڙي سَوَ نوي، ترٽي ناگر لڄ،
جو سڄڻ پونءِ ڀار ٿئي، سي ڪيون آون اڄ.
 

سنڌي ترجمو:

ڀڳي گهڙولي رنگارنگي، ڇڳي آ ڏوري سُهڻي،
ڪنئن اچي سو يار جو ٿيڙو، مٽيءَ منجهه مٽي.

71

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا بي نواجا ڪتيا ايهه ن ڀلي ريت،
ڪڀي چل ن آاِيا پنجي وکت مسيت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

بي نمازا ڪتيا، اي نه ڀلي ريت،
ڪڀي چل نه آئيا، پنجئي وقت مسيت.
 

سنڌي ترجمو:

بي نمازي ڪتا، اها نه چڱي ريت،
ڪڏهن هلي نه آئين، پنج ئي وقت مسيتِ.
 

72

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

اٺ فريدا اُجو ساج صبح نواج گزار،
جو سِرُ سائين نا نوي سو ڪپ اُتار.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اٿ فريدا، وضو ساز، صبح نماز گزار،
جو سِرُ سائين نه نوي، سو سِرُ ڪپ اتار.
 

سنڌي ترجمو:

اُٿ فريدڻ، وضو ڪر، صبح جي پڙهه نماز،
جهڪي نه جيڪو سائينءَ آڏو، سو ڪنڌ ڪَپِ تون يار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اجو = وضو. ساج = ڪو. نواج = نماز. گوار = پڙهه.

 

73

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

جو سِرُ سائين نا نوي سو سر ڪيجي ڪاءِ،
ڪُٽي هيٺ جلائييي، ٻالڻ سندي ٿاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جو سِرُ سائينءَ نه نوي، سو سرُ ڪيجي ڪائين،
ڪٽي هيٺ جلائييي، ٻالڻ سندي ٿائين.
 

سنڌي ترجمو:

جهُڪي نه جيڪو سائينءَ آڏو، سو ڪنڌ آ بيڪار،
اهڙو ڪنڌ آ ڪهڙي ڪم جو، تنهن کي چلهه ۾ ساڙ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪائين = ڇا. ٻالڻ = ٻارڻ. ٿائين = جاءِ تي.

 

74

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ڪٿي تيڏي ما پيا جنهي تو جڻيوه،
تي پاسي اوءِ لد گني تو اجي نه پتيڻيوهِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪٿي تيڏي ماپيو، جنهين تو ڄڻيو،
تين پاسو او لڏ گئي، اچي نه پتيڻيوءِ.
 

سنڌي ترجمو:

جنم ڏنو هو توکي جن سي، ڪٿا ويا پيءُ ماءُ،
هو ته ڪڏهين جو لڏي هليا ويا، ڪيو نه تو ويساهُ.
 

75

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا من ميدان ڪر ٽوئي ٽبي لاءِ،
آگي مُولِ ن آوسي دوجڪ سندي باه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا من ميدانُ ڪر، ٽوئي ٽبّي لاءِ،
اڳي مول نه آوسي، دوزخ سندي باه.
 

سنڌي ترجمو:

فريدڻ مَنُ ميدان ڪر، دڙا دڪيون ڊاهِ،
ڪڏهن نه تنهنجي ويجهو ايندي دوزخ سندي باه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ٽوئي ٽبي = دڙا دڪيون. مول = مور. آوسي = ايندي. دوجڪ = دوزخ.

 

76

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا ج ده نالا ڪپيا جي گل ڪپهه چُک،
پونهِه ن اتي معاملي، سهان نه اتي دُک.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

جنهن ڏينهن نالا ڪپيا، جي ڳل ڪپي چُک،
پونءِ نه اتي معاملي، سهان نه اِتي ڏک.
 

سنڌي ترجمو:

جنهن ڏينهن ناڙو وڍيو، ڪَنڌ ڪپي ها ڪو،
هجن نه ها پو معاملا، ڏک نه هجي ها ڪو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

نالا = ناڙو.

چک = هيم هوتن سين چُکَ، سڄو سَڱ نه ساريان.

ٻيون سڀ سڱيڻيون، مون چک سين چاهه. (شاهه)

 

77

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

چبڻ چلڻ رتڻ سي سڻيئر ڀي گئي،
هيڙي مٿي ڌاه، سي جاني چلي گئي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

چٻڻ، چلڻ، رتن، سي سڻيئر، ڀي گئي،
هينئڙي متين ڏي، سي جاني چلي گئي.
 

سنڌي ترجمو:

اکين، ڏندن، ڪنن، پيرن، سڀني ساٿ ڇڏيو،
پيارا ساٿ ڇڏي ويا، دل کي سمجهايان ويٺو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

چٻڻ = ڏند. چلڻ = پير. رتڻ = اکيون. سڻيئر = ڪن. متين = متيون. ديهه = ڏي.

 

78

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، بري دا ڀلا ڪر غصه منِ ن هڊهاءِ،
ديهي روگ ن لک اي پلي سڀ ڪڄ پاءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

بري دا ڀلا ڪر، غصه مَنِ نه هنڊاءِ،
ديهي روڳ نه لڳئي، پلئه سڀ ڪجهه پاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

بڇڙن سان به ڪر تُو ڀلائي، ڪڏهن نه ڪاوڙ ڪَرِ،
پوءِ روڳ نه لڳندءِ، ڪوئي، سڀ ڪي پَلوَ ۾ ڀر.
 

79

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا پنک پراهڻي، دُني سُهاوا باغ،
نوبت وجي صبح سون، ڄلڻ ڪاڪر ساج.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا پنک پروهڻين، دُني سهاوا باغ،
نوبت وڄي صبح سون، ڄلڻ دا ڪر ساج.
 

سنڌي ترجمو:

رنگا رنگي باغ آ دنيا، پکيئڙا مهمان،
نوبت وڳي صبح جي، سهيڙ تون سامان.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پنک = پکي. پروهڻين = مهمان. سهاوا = سهڻو، وڻندڙ. سون = سان، کان. ساج = تياري.

 

80

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا رات کٿوري ونڊييي ستيا ملي ن ڀاوء،
جنهان نيڻ ننڊاولي، تنهان ملڻ ڪواوء.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

رات کٿوري ونڊييي، ستيان ملي نه ڀاوء،
جنهان نيڻ ننڊاولي، تنهان ملي ڪياوء.
 

سنڌي ترجمو:

رات وراهيون خوشبو ننڊ سان، ڪڏهن ملي نه پيار،
جن جا نيڻ ننڊاکا تن کي، ملندو ڇا اي يار.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ونڊيئي = وراهجي. ڀاوء= رس، ڀاوء. ستيان = سمهڻ سان. ننڊاولي = ننڊاکا.

 

81

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، هي جاڻيا دُک مجهه ڪو دُک سباني جڳ،
اوچي چڙه ڪي ديکيا تان گهر گهر ايها آگ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

مين ڄاڻيا ڏک مجهه ڪون، ڏک سڀائي جڳ،
اوچي چڙهه ڪي ڏيکيا، گهر گهر ايها آگ.
 

سنڌي ترجمو:

مون ڀانيون ڏک مون کي آهن، ڏک ۾ ڏيهه آ سارو،
گهر گهر ڏک جي باهِ ٻري ٿي، مون جو ليئڙو پاتو.
 

82

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪنڌي واهڻ ن داه تو ڀي ليکا ڏيوڻا،
جڌر رب رضاءِ، وهڻ تداوء گو ڪري.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪنڌي واهڙ نه ڊاهِ، تو ڀي ليکا ڏيوڻا،
جڌرِ رب رضاءِ، وهڻ تداوء گو ڪري.
 

سنڌي ترجمو:

واهُڙَ ڪنڌي نه ڊاهِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،
تيڏانهن وهڪ سنندياءِ، جيڏانهن رضا رب جي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

واهڻ = واهڙ. داهه = ڊاهه. جڌر = جيڏانهن. تداوء = تيڏانهن. گو = هلڻ، وهڻ.

واهُڙَ ڀريون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،

سدا سانوڻ ڏينهڙا،  هيئين نه هونداءِ،

وهاڻي  وينداءِ،   اُوڀَرَ  اوتاهان  لهي. (شاهه)

 

83

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا دکا سيتي دِهُ گيا سولان سيتي راتِ،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر واتِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڏکان سيتي ڏينهن گيا، سولان سيتي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
 

سنڌي ترجمو:

ڏکن سندو ڏينهن ويو، سورن سندي رات،
پيو پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر واتِ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سيتي = سان. پاتڻي = وانجهي.

ڏينهن لٿا، سنجها پئي، اڳئون آئي رات،

کڙا  پڪاري   پاتڻي،   ٻيڙا  ڪپر  وات. (قاضي قادن)

 

84

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

لمي لمي ندي وهي ڪنڌي ڪيري هيت،
ٻيڙي نون ڪپر ڪيا ڪري جي پاتڻ رهي سچيت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

لمي لمي ندي وهي، ڪنڌي ڪيري هيٺِ،
ٻيڙي ڪون ڪپر ڪيا ڪري، جي پاتڻ رهي سچيت.
 

سنڌي ترجمو:

درياه جي ڏس وِهڪَ فريدڻ، ڪنڌي ڪيري هيٺ،
ٻيڙي کي سو ڇا ڪندو جي، مانجهي رهي سُچيت.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لمي = ڊگهي. پاتڻ = مانجهي. سچيت = هشيار.

سامونڊي سچيت، ٿي ته پهچين پار کي. (شاهه)

 

85

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، گليين سُجڻ ويهه اڪ ڍونڍيندي ن لهان،
دکان جيو ماڻليهه، ڪارن تنها ماٻري.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڳلئين، سُجهن ويهه، اڪ ڍونڍيندي نه لهان،
دکان جيو ماليهه، ڪارڻ تهان، مان، پرين!
 

سنڌي ترجمو:

ڳلئين سُجهن ويهه، هڪ ڳولهيندي نه لهان،
دُکان جنين ماليهه، ڪارڻ تهان، مان، پرين.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ماليهه = ٻارڻ. تهان = اوهان.

 

86

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، ايهه تن ڀوڪڻا نت نت دکي ڪوڻ،
ڪٺي بجي دي رهان، ڪتي وگي پون.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا اي تن ڀونڪڻا، نت نت دکن ڪَنَ،
ڪنين ٻجي ڏي رها، ڪتي واڳ پون.
 

سنڌي ترجمو:

فريدڻ هي تَنُ ڀونڪڻو، ڪيسين ڀونڪ ٻڌان،
ڪنن ۾ ڏيان ڪپهه سائين، ڪتي، واڳ وجهان.
 

87

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، رب کجوري پڪيان ماکيانئي وَهَن،
جو جو ونجي ڏينهڙا، سو عمر هٿ پونهِه.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

رب کجورين پڪيان، ماکيان تئن وهن،
جو جو وڃي ڏينهڙا، سو عمر هٿ پون.
 

سنڌي ترجمو:

ربَ کجورون پڪيون، ماکيءَ نئن وهي،
جو جو لنگهي ڏينهڙو، عمرِ هٿ پوي.
 

88

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا تن سڪا پُنجُر ٿيا، تليان کونڊهِ ڪاگ،
اجي سُ رَبُ ن باهڙيو، ديک بندي ڪي ڀاڳ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

تَنُ سُڪا پنجر ٿيا، تليان کونڊن ڪاگ،
اجي سون ربُ نه بوهڙيو، ديک بندي دي ڀاڳ.
 

سنڌي ترجمو:

تَنُ سڪي پڃرو ٿيو، کائڻ لڳا ڪانگ،
رب کي نه ريجهايئه، هائي بندي جا ڀاڳ!
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پنجر = پڃرو. تليان = پاسيريون. کونڊن = چهنب هڻي کائن. بوهڙيو = ڳولهيو. اجي سون = اڃا تائين.

 

89

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪاگا ڪرنگ ڍڍوليا سگلا کايا ماس،
اي دُءِ نينان مت ڇهيو پر ديکڻ دي آس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪاگا، ڪرنگهه ڍنڍوليا، سگلا کايا ماس،
اي دُءِ نيڻ نه ڇوهيو، پر ڏيکڻ دي آس.
 

سنڌي ترجمو:

کاڌءِ سارو تن اي ڪانگل، کاڌءِ سارو ماس،
هي ٻه نيڻ نه کائجانءِ، پرين ڏسڻ جي آس.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سگلا = سارو. دُءِ = ٻه

سڄڻ دُرِ ڄڻ دُءِ ڪهي، چٽ نه ڪيجي ڀنگُ. (قاضي قادن(

ڪرنگ = ڪرنگهو. ڍنڍوليا = ڳولهيئه. پر = پرين.

 

90

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

کاگا چونڊن پنجرا بسي تَ اُڏر جاهِ،
جِتِ پنجري ميرا سُهه وسي ماس نَ تدو کاهِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

کاگا، چونڊِ نه پڃرا، بسي ته اُڏرِ جاءِ،
جِتِ پڃري ميرا شوه وسي، ماس نه تدِو کاءِ.
 

سنڌي ترجمو:

ٿي سگهئي ته اُڏر اي ڪانگا، چونڊي کاءُ نه ماهُ،
جنهن پنڃري ۾ پرين وسي ٿو، ماس نه تنهنجو کاءُ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

بسي = وس هليئي ته، ٿي سگهيئي ته. شوهه = پرين. تدو = تنهنجو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org