سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :11

 

 

91

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا گور نماڻي سڏ ڪري نگهريا گهر آوء،
سر پر مين ٿي آوڻا مرنهن ڊرياوء.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

گورَ نماڻي سڏ ڪري، نِگهريا گهرِ آءُ،
سَرِ پَرِ مين ٿي آوڻا، مرڻئون نه ڊرياءِ.
 

سنڌي ترجمو:

قبر نماڻي سڏ ڪري، بي گهر تون گهرِ آءُ،
مون وٽ نيٺ ته اچڻو آهين، موت کان خوف نه کاءُ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

گور = قبر. نگهريا = بي گهر. سَرِپَر = نيٺ. مين ٿي = مون وٽ. آوڻا = اچڻو.

 

92

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ايني لوئڻي ديکديا ڪيتي چل گئي،
فريدا لوڪان آپڻو آپڻي، مين آپڻي پئي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

انهين لوئڻين ڏيکديان، ڪيتي چل گئي،
لوڪان آپڻو آپڻي، مين آپڻي پئي.
 

سنڌي ترجمو:

منهنجي اکڙين آڏو ماڻهو، ويا لڏي پرلوڪ،
مون کي پنهنجو فڪر ۽ هوڏانهن، فڪر ۾ آهي لوڪ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

لوئڻين = اکين سان. ڏيکديان = ڏسندي. ڪيتي = ڪيترا.

 

93

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

آپ سنوارهِ مي ملهه مي کليا سک هوءِ،
فريدا جي تو ميرا هوءِ رهُ سڀ جڳ تيرا هوءِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

آپُ سنوارين، مين ملان، مين مليا سک هوءِ،
جي تون ميرا هوءِ رهين، سڀ جڳ تيرا هوءِ.
 

سنڌي ترجمو:

پاڻ سنوارين مون ملين، ملانءِ ئي سُکُ،
تون جي منهنجو ٿي وڃين، تنهنجو ٿي سڀ جڳ.
 

94

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪنڌي اُتي رُکڙا ڪچرڪ بنهي ڌيرُ،
فريدا ڪچي بانڊي رکيي ڪچر تاڻي نير.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪنڌيءَ اتي رکڙا، ڪچرڪ بنهي ڌيرُ،
ڪچي ڀانڊي رکيي، ڪچر تائين نيرُ.
 

سنڌي ترجمو:

ڪپر مٿان وڻ اڪيلو، ڪيسين بيٺو هوندو،
ڪچي ٿانوَ ۾ پاڻي رکبو، جهُري سو آخر پوندو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

رُکڙا = وڻ. ڪچري = ڪيستائين. بنهي = ٻڌي. ڌير = تسلي.

ڏيهه سڀوئي هيڪڙو، ڌير لدوسين پاڻ. (قاضي قادن)

نير = پاڻي. تو پڌر هي ٻيڙا تري، جِه ٿانءُ نير ڪو. (قاضي قادن)

 

95

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا محل نِسکڻ ره گئي، واسا آيل تَلِ،
گوران سي نماڻيان، بهسن روحان مِلِ،
آکين شيخا بندگي، چلڻ اڄ ڪ ڪَلِ.
 

سنڌي ترجمو:

سکڻا محل ۽ ماڙيون، مٽيءَ ۾ آ گهرڙو،
قبرن ۾ ئي آخر سڀني، ماڻهن جو آ ديرو،
شيخن کان وٺ موڪل هاڻي، ڄاڻ آيئه وارو.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

نسکڻ = خالي. واسا = رهڻ. تَلِ = زير زمين. گوران = قبرون. بهسن = ويهندا.


 

96

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

اڪنان نو سڀ سوجهي آئي، اڪ ڦردي وي پرواها،
عمل ج ڪيتي دُني وچ سي درگهه اوگاها،
فريدا موتي دابنا ايوي جيو دريا جي ڍهاها،
اَگني دوجڪ بليا سيڻي هول پوي ڪهاها.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اڪنا نون سڀ سوجهي آئي اڪ ڦردي ويپرواها،
عمل ڪو ڪيتي دُني وچ، سي درگاهه اوگاها،
موتي داٻنان ايوين، جيو درياوي ڍاها،
اڳي دوجڪ تپيا سڻيي، هول پوي ڪهاها.
 

سنڌي ترجمو:

ڪي ٿا اڳُ پٺُ سوچن سمجهن، ڪي هن بي پرواه،
عمل ڪيا جي، ڪم ايندا سي، سائين جي درگاه،
موتُ پائي ٿو جندڙيءَ کي جيئن، ڪنڌيءَ کي درياه،
ڪنبي ٿو تنُ منُ جو اڳتي آ، دوزخ سندي باه.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

اڪنان = ڪن کي، ويپر واها = بيپرواهه. اوگاها = شاهد. ڍاها = ڀڃي. ڪهاها = شور.

 

97

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا دريا دي ڪنهي بگلا بيٺا ڪيل ڪري،
ڪيل ڪريدي هنجهه نو اچنتي باز پئي،
باز پئي تِس رب دي ڪيلان وسريان،
جو مَن چت نه چيتي سنِ، سو ڳالهين رب ڪيان.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

فريدا، درياوي ڪنهين هنج، بيٺا ڪيل ڪري،
ڪيل ڪريندي هنج نون، اچنتي باز پئي،
باز پئي تِس رب دي، ڪيلان وسريان،
جو مَنِ ڇِتِ نه چيتي سن، سي ڳالهين رب ڪيان.
 

سنڌي ترجمو:

نديءَ ڪناري هنج فريدڻ، ڪري ٿو ويٺو ناز،
ناز ڪندي تنهن هنج تي آيو، اوچتو شهباز،
رب کان نه آيو باز ته هن کان، وسريا ناز خوشي،
جيڪا ڳالهه نه سوچيائين ٿي، سائي رب ڪئي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

درياوي = درياهه جي. ڪنهي = ڪُنڌيءَ. ڪيل = خوشي. اچنتي = اوچتو. تِس = تنهن.

ڪپر سندي دانهن، مت اچنتي اُلهئه (قاضي قادن)

 

98

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ساڍي تري من ديهڙي ڄلي پاڻي انِ،
آيو بندا دني وچ وَتِ آ سوڻي بنهِه،
ملڪ الموت جا آوسي سڀ دروازي ڀنهِه،
تنهان پياريان ڀائيان، آگي دِتا بَنِ،
ديکهه بندا چليا چَهُه ڄڻيان دي ڪنهِه،
فريدا عمل جو ڪيتي دُني وچ، درگهه آئي ڪَمِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ساڍي تري مڻ ديهڙي، ڄلي پاڻي انِ،
آيا بندا دُني وچ، وَتِ آسوڻي بَنِ،
تنهان پياريان ڀائيان، اڳي ڏتا بَنِ،
عمل وجو ڪيتي دُني وچ، دَرِگهه آئي ڪَمِ.
 

سنڌي ترجمو:

ساڍا ٽي مڻ بوتو تنهنجو، کاڌو ان ۽ جل،
بندو آيو دنيا ۾، کڻي آس اَجهل،
در دروازي ڀڄي ايندءِ، جڏهن يار اَجل،
مٽ ۽ مائٽ ڪم نه ايندءِ، تنهن گهڙي تنهن پل،
ڏس ته بندو هليو آخر، چئن ڪلهن تي سوار،
جڳ ۾ جيڪي ڪم ڪيائين، نيائين سي آخرڪار.
 

99

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا هو ٻلهاري تنهه پنکيا جنگل جنهان واسُ،
ڪڪُر چڱن ٿلِ وسن رب نه ڇوڏن آس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

هون ٻلهاري تِن پنکيان، جهنگل جنهان واس،
ڪَڪُر چڳن، ٿل وسن، رَبِ نه ڇڏن آس.
 

سنڌي ترجمو:

تِنِ تان قربان پکي جي، بر ۾ واسو ڪن،
پَٿَر چوڳو، واس ٿرن ۾، رب ۾ آس رکن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

هون=مان. صفت تنهنجي راڄيا، تون هون ڪينئن ڪران. (قاضي قادن) بلهاري = قربان. تنهه = تنهن، تِن. پنکيان = پکي. پنکڙيان دڄنهه، ڀَوء ڀلان ئي نه لهي. (قاضي قادن)

 

100

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريد رُت ڦري وَڻُ ڪنبيا پت جهڙي جهڙ پاهِ،
چاري ڪنڊان ڍونڍيان وسڻ ڪٿان ناهِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

رُت ڦري وَڻَ ڪنبيا، پت جهڙين جهڙ پاءِ،
چاري ڪنڊان ڍونڍيان، وسڻ ڪٿان ناه.
 

سنڌي ترجمو:

رتُ ڦري، وَڻَ ڪنبيا گهليو پن ڇڻ واءُ،
چارئي ڪنڊان ڳولهيم، رهڻ ڪٿي به ناه.

101

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا پاڙ پٽولا ڌج ڪري ڪنبلڙي پهريو،
جنهن وسيي سُه ملي سيني ويس ڪريو.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڦاڙ پٽولا ڌَڄِ ڪري، ڪنبلڙي پهريو،
جنهن ويسين شوه ملي، سي ئي ويس ڪريو.
 

سنڌي ترجمو:

پَٽ پٽولا ڦاڙِ فريدڻ ڦاٽل الفي پاءِ،
ويس جنهين سان پرين مليئي سوئي ويس هنڊاءِ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پٽولا = پٽ پٽولا. ڌڄ = ڌڄيون، ليڙون. شوه = پرين.

 

102

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا تنهان مک ڊراوڻي جنا وساريو ناوء،
ايٿي دک گهڻيريا آگي ٺور ن ٺاوءن.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

تنهان مک ڊراوڻي، جنهان وساريو ناوءن،
اٿي ڏکَ گهڻيريا، آگي ٺور نه ٺاوءن.
 

سنڌي ترجمو:

تِنِ جا منهن ڀوائتا، يار وساريو جن،
هتي ڏاڍا ڏک ڏسن ٿا، اڳتي واهَ نَه تن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڊراوڻي = ڀوائتا. ايٿي = هتي. گهڻيريا = گهڻيئي. ٺور نه ٺاوءن = ڪو ٺڪاڻو نه آهي.

 

103

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا پڇلِ راتِ نه جاڳيوه جيو دڙو مُيوهِ،
جي تي رب وساريا ربَ ن وسريوهِ.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

پِڇَلِ راتِ نه جاڳيون، جيوندڙو مُيون،
جي تين ربُ وساريا، ربَ نه وِسِرِيون.
 

سنڌي ترجمو:

پوئين پَهَر نه جاڳئين، جيئرو ئي مئين،
تو ته ربُ وساريو، ربَ کان نه وسرئين.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

پڇل = پوئين. جاڳيون = جاڳين. جيوندڙو = جيئري. ميوه = مئين. تي = تو. وسريوه = وسرين.

 

104

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا دل رتا اس دُني سيو دُني نه ڪتي ڪم،
مثل فقيران گاکڙي سُ پانيي پور ڪرم.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

دل رتا اس دُني سيون، دُني نه آئي ڪم،
مثل فقيران گاکڙي، سوڀائِيي پورُ ڪرم.
 

سنڌي ترجمو:

دلڙي ڦاٿي دنيا سان ۽ دنيا ڪم نه آئي،
ڪرم سندءِ سان ملي وڃي، واٽ فقيرن واري.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

دني = دنيا. دني ڪسونڀي رنگ جيون، ويندو ٿي واٽي. (قاضي قادن) رتا = رتي. سيون = ساڻ. ڪيتي = ڪيا. گاکڙي = مشڪل. پور ڪرم = پوري ڪرم سان.

 

105

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

پهلي پهري ڦلڙا، ڦل ب پڇا رات،
جو جاگنهه لهن سي ساني ڪنو دات.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

پهلي پهرين ڦلڙا، ڦل نه پڇا رات،
جو جاڳن لهن سي، سائينءَ ڪنون ڏات.
 

سنڌي ترجمو:

پهرين پهرين ڦلڙا، ڦلُ به آڌيءَ رات،
جي جاڳن لهن سي، سائينءَ وٽان ڏات.

106

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڍوڍيندي سهاگ ڪُو تو تِن ڪاني ڪور،
جهنا ناوء سهاڳڻي تنها جهاڪ ن هور.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڍونڍيندي سهاڳ ڪون، تو تَن ڪائي ڪور،
جنهان نانءُ سهاڳڻي، تنهان جهاڪ نه هور.
 

سنڌي ترجمو:

ڳولين ٿي تو پريتم پنهنجو، تو ۾ ڪائي ڪسر،
جيڪي سدا سهاڳڻيون، تِنِ سان تِنِ جا وَر.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڍونڍيندي = ڳوليندي. ڪون = کي. ڪور = ڪسو. جهاڪ = ڊپ. هور = هولَ. هُنَ ڀَرِ سندو هور، مئان ٿو معاف ٿئي. (شاهه)

لاٿا تهين لوڪ تان، هڙي ڌڻيءَ هورَ. (شاهه)

 

107

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

صبر منجهه ڪمان اي، صبر ڪانيهڻو،
صبر سندا ٻاڻ، خالق خطا ن ڪري.
 

سنڌي ترجمو:

صبرَ منجهه ڪمان، صبر ڪانيئڙو،
صبر سدا ٻاڻ، خالق خطا نه ڪري.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪانيهڙو = ڪانئيڙو، ڪان جو اسم تصغير. اي = هن اکر جو واڌارو ڪيل آهي.

 

108

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

صبر اندر صابري تَنُ ايوي جالينهه،
هون نجيڪ خداءِ دي، ڀيت نه ڪسي ڏين.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

صبر اندر صابري، تن ايوين جالين،
هُوَنِ نجيڪ خداءِ دي، ڀيد نه ڪسي ڏين.
 

سنڌي ترجمو:

صَبَر اندر صابري، ائين ٿا جالين،
ويجها آهن رب کي، ڀيد نه ڪنهن کي ڏين.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ايوين = ائين. نجيڪ = نزديڪ، ويجها. ڀيت = ڀيد.

 

109

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

صبر ايهه سآوء جي تون بندا دِڙ ڪرِه،
وڌ ٿيو درياهُ، ٽٽ نه ٿيوَهِه واهُڙا.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

 

سنڌي ترجمو:

صبر ايءُ سهاءُ، جي تون بندا دِڙ ڪرين،
وَڌِ ٿي وَهُ درياهُ، ٽٽ نه ٿي وَهَ واهڙ.
 

110

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

فريدا، در در وسيئي گاکڙي، چوپڙي پريت،
اڪن ڪني چاليئي درويشان دي ريت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

در در وسيئي گاکڙي، چوپڙي پريت،
اڪن ڪنين چاليهي، درويشان دي ريت.
 

سنڌي ترجمو:

درويشيءَ جي واٽ اڻانگي، لوڀ ڀريل آ پريت،
چاليهن مان ڪو هڪ ئي ڄاڻي، درويشيءَ جي ريت.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

گاکڙي = مشڪل. چوپڙي = سڻڀي. اڪن = هڪ. ڪنين = وَٽِ مان.

 

111

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

تَنُ تپي تنورِ جيو، ٻالڻ هڏ ٻلنهه،
پيرين ٿڪان سرِ ڄلا جي مون پرين ملن.
 

سنڌي ترجمو:

تَنُ تپي تنور جينئس، ٻارڻ هڏ ٻرن،
پيرين ٿڪان، سرِ هلان، جي مون پرين ملن.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

جيو = جيان تن ۾ پلئه مشڪلان، سندان سپرين.

ٻالڻ = ٻارڻ جان جان پريان نه مڙيئه، تَنُ ڪاٺي ڄئن ٻال.

ٻانهه = ٻرن مون تنهائي سندي بُک، جنهين مشڪ مئي ٻلئه.

ڪڏهين ڪنهين نه ڪيو، ڄلڻ منجهان ڄاڻ. (شاهه)

ڄُلان = هلان.

 

112

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

سرور پنکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
ايهه تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

 

سنڌي ترجمو:

جر ۾ پکي هيڪڙو، پاهڙي پنجاه،
تن لهرن سان گڏ ٿيو، تو ۾ آس الله.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سرور= ڍنڍ، تلاءُ. پنکي= پکي. ڦاهيوال  ڦسائيندڙ. ايهه= هي.

جر ۾ پکي هيڪڙو، پاهيڙي پنجاهه.

رکي آس  الله،  لڏي  لهرن  وچ  ۾. (شاهه)

 

113

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ڪوڻ سُ اکر ڪوڻ گڻ ڪوڻ سُ مڻيا منت،
ڪوڻ ويسو هو ڪري جت وس آوي ڪَنت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

ڪوڻ سو اکر، ڪوڻ ڳڻ، ڪوڻ سو مڻيا منت،
ڪوڻ سو ويسو هو ڪري، جو وَسِ آوي ڪَنت.
 

سنڌي ترجمو:

ڪهڙو اکر، ڪهڙو ڳڻ آ، ڪهڙو سو ماڻڪ،
ڪهڙو ويس ڪري جو هن کي، ملي پرينءَ جي سڪ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڪوڻ = ڪهڙو سُو ويلا، وخت ڪوڻ، ڪوڻ ٿِتِ ڪوڻ وار. (ڇپ جي) سُ = سو جت سچ سنسار سان، سُ جي ساڻ هوءِ. گڻ= ڳڻ. مڻيا= مڻيو. موتي مون تنها سندي بک، جنهن جي تسڪ مڻي ٻلئه. منت= هن کي وڻندڙ. برهم گياني ڪي چنت، برهم گيلاني ڪا نرمل منت. (سکمڻي) انت نه ڇاپي ڪيا من منت (ڇپ جي) هو=هوءَ. جت =جو، جنهن سان. ڪنت = ڪانڌ.

 

114

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

نِوَڻُ سُ اکرُ کوڻ گڻ، جهيبا مڻيا منت،
اي تري ڀيڻين ويس ڪرتان وس آوي ڪَنت.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

نِوَڻُ سو اکر، کِوَڻ ڳُڻُ، ڄِڀَ مڻيا منت،
اي تري ڀيڻي ويس ڪرتان وس آوي ڪَنت.
 

سنڌي ترجمو:

نِوَڻُ سو اکرُ، کِوَڻُ ڳڻ، مٺڙا ٻول ٿي ماڻڪ،
هي جي تون ٽي ويس ڪرين ته ملئي پرينءَ جي سڪ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

کوِڻ= صبر. جيهبا = ڄڀ آ. مڻيا = مڻيو. تان = ته. ڪَنت = ڪانڌ.

 

115

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

ست هوندي هوءِ اياڻا تلڻ هوندي هوءِ نتاڻا،
اڻ هوندي آپ ونڊائي، ايسا ڪوئي ڀڳت سدائي.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

مَتِ هوندي هوءِ اياڻا، تاڻَ هوندي هوءِ نتاڻا،
اڻ هوندي آپ وندائي، ايسا ڪوئي ڀڳت سڏائي.
 

سنڌي ترجمو:

مَتِ هوندي جو ٿئي اياڻو، تان هوندي به ٿئي نتاڻو،
اڻ هوندي به سڀ ڪي ورهائي، سوئي ساڌو ڀڳت سڏائي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

مَت= عقل، سمجهه. اياڻا = اياڻو. تاڻ = طاقت. نتاڻا = ڪمزور. ونڊائي = ورهائي.

 

116

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

اڪ ڦڪان گالهاءِ سڀنا ۾ سچا ڌڻي،
هياوءن ڪيهي ٺاه، ماڻڪ سڀ امولوين.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

اڪ ڦڪا نه ڳالهاءِ، سڀنا ۾ سچا ڌڻي،
هنياوءن ڪيهي ٺاهِ، ماڻڪ سڀ امولوين.
 

سنڌي ترجمو:

هڪ ڦڪو نه ڳالهاءِ، سڀني ۾ سچو ڌڻي،
ڪنهن جو هينئڙو ٺاه، ماڻڪ سڀ املهه ٿي.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

ڦڪا = ڦڪو. سڀنا = سڀني.

هياوءن=جي تون منجهه هنيان وَ، وو سڀ ڪلي پرکڻو (قاضي قادن) امولوين = املهه. اُمل آڇ مَ ان کي، جي نه پروڙين مَٽِ (شاهه)

 

117

گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏنل دوهو:

سڀنان مين ماڻڪ، ٺاهڻ مول مچنگوا،
جيهه تو پريان دي سڪ، هياؤن ٺاهي ڪهيندا.
 

دوهي جي امڪاني پڙهڻي:

سڀنا من ماڻڪ، ڊاهڻ مول مچنگوا،
جي تو پريان سِڪ، هيانءُ ٺاه ڪهيندا.
 

سنڌي ترجمو:

سڀني من ماڻڪ، ڪنهن جو مَنُ نه ڊاهِ،
جي تو پريان سڪ، ته ڊٺل من کي ٺاهِ.
 

ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سڀنان = سڀني.

= هتي غلطي سان لفظ ٺاهڻ اچي ويو آهي. اصل ۾ هت ڊاهڻ هئڻ گهربو هو. ٺاهڻ. مچنگوا = چڱو ناهي. مول = بلڪل. ڪهيندا = ڪنهن جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org