سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :51

 

علي محمد ”مجروح“

]1926ع – [

علي محمد ولي خير محمد پنهور تخلص ”مجروح“ موجوده دور جي ناميارن غزل گو شاعرن مان آهي. هو ڪراچيءَ جي دريا آباد محلي ۾ رهندو آهي جتي سندس ڏاڏو روزگار جي تلاش ۾ ميهڙ مان اچي مقيم ٿيو هو. مجروح زندگيءَ جا گهڻا لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي. هو ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي مان نڪرندڙ روزانه اخبار ”نئين سنڌ“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. اخبار جي بند ٿيڻ کان پوءِ ڇهه سال حيدرآباد ۾ انفرميشن کاتي ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ هن وقت سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽس ۾ ملازم آهي.

 

مجروح زماني جي گردش ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو آهي مگر سندس مطالعو ڪافي ۽ سندس طبع حساس آهي جنهن شاعري کي چمڪايو آهي. مجروح خوش الحان آهي، پنهنجو ڪلام ترنم سان پڙهندو آهي ۽ پنهنجي آواز سان محفل ۾ جان پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. سندس واسطو ڪراچي جي سڀني بزم مشاعرن جهڙوڪ بزمِ نظامي، محفلِ احباب، بزمِ طالب الموليٰ وغيره سان رهيو آهي ۽ انهن مان ڪن جو عهديدار پڻ رهيو آهي. بزم مشاعرن ۾ چاهه سان دلچسپي وٺڻ ڪري هن جي غزلن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ شوخي پيدا ٿي وئي آهي.

 

ورهاڱي کان پوءِ جن شاعرن سنڌي غزل جي حسن کي وڌيڪ دلفريب بنايو آهي. مجروح انهن مان هڪ آهي. مجروح جي ڪلام ۾ غمِ هجران ۽ غمِ دوران جو عڪس نمايان آهي. وقت جي جفائن جو ذڪر هن نهايت پُرسوز انداز ۾ ڪيو آهي. مجروح جي غزل جو اسلوب وڻندڙ آهي، هن جي غزل ۾ ڪافي شوخي آهي.

ڪلام جو نمونو (1)

 

ستم جيڪي دل تي ٿيا دوستو،

اسان کان ته وسري ويا دوستو.

 

هي واعظ، هي ناصح، هي شيخِ حرم،

سڀيئي پرکجي پيا دوستو.

 

اگر قصرِ سلطان ۾ ڪو بت ڀڳو،

اشارا اسان ڏي ٿيا دوستو.

 

سڏيو ڀل حوادث جي طوفان کي،

اڃا ڪي ٻرن ٿا ڏيا دوستو.

 

سرِ دار پهچي نه پويان ڏسو،

وسيلا وڇڙجي ويا دوستو.

 

زماني سان اکيون ملائي هلو،

زمانا بدلجن پيا دوستو.

-

 

 

هي روز جيئڻ، روز مرڻ، راند ته ڪانهي،

اي منهنجا سڄڻ، پيار ڪرڻ راند ته ڪانهي.

 

دل خون ٿئي ٿي ته وڃي رات کُٽي ٿي،

هن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند ته ڪانهي.

 

هر لفظ تنهنجي سونهن منهنجو ساهه گهري ٿو،

شعرن ۾ اهو رنگ ڀرڻ راند ته ڪانهي.

 

هي عشق جي عظمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي،

سوريءَ تي چڙهڻ، مرڪي مرڻ راند ته ڪانهي.

 

هر لحظي نئون زخم، نئون درد، نئون داغ،

انعام وفائن جو وٺڻ راند ته ڪانهي.

 

مجروح سان ملندين ته هي محسوس ڪندين تون،

انسان جو ٿي شمع، ٻرڻ راند ته ڪانهي.

-

 

 

 

 

 

 


(1)  ”بياض مجرح“ قلمي ملڪيت علي محمد مجروح، ڪراچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org