سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :32

 

لعلچند ”مجروح“

(1884ع – 17، جولائي 1942ع)

شيخ لعلچند عرف لعل محمد ”مجروح“ لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور سنجوڳي شيخن جي قبيلي مان هو. سندس وڏا اصل سبي جا رهندڙ هئا، جن مان ڪيترا مولوي محمد صديق شهدادڪوٽ جي ڪوششن سان مسلمان ٿيا، جن ۾ لعلچند جا والدين پڻ هئا (1). لعلچند جيتوڻيڪ مسلمان هو ۽ سندس مسلماني نالو لعل محمد هو، پر هو پاڻ کي لعلچند ئي سڏائيندو هو.

 

لعلچند 1884ع ڌاري قنبر ۾ تولد ٿيو جتي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن کي پارسي زبان ۽ طب سان گهڻي دلچسپي هئي، جنهن ڪري ٻنهي ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. هو پرائمري ماستري جي زماني ۾ ڇڄڙا، قنبر، مهي مڪول، ڪوٺي ڪلهوڙي وغيره ۾ استاد ٿي رهيو. آخر هيڊ ماستري جي عهدي تي رسي استعيفا ڏئي حڪمت جو ڪم ڪرڻ لڳو. آخري عمر ۾ شهدادڪوٽ کي پنهنجو گهر بنائي اتي رهڻ لڳو.

 

لعلچند مجروح صحيح العقيده مسلمان ۽ صوفي هو. هو ميان سخي قبول محمد فاروقي درازي واري جو مريد هو ۽ کيس پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت هئي، هن پنهنجي مرشد سان پنهنجي عقيدت جو ذڪر بار بار پنهنجي غزلن ۾ ڪيو آهي.

سخي شاهه سهڻا سدائي سلامت،

هجين شال قائم ابد تا قيامت.

 

چئن ۽ پنجن جو رهي راز توتي،

ڪئي خاص جيلان نوازش نهايت (2).

لعلچند مجروح جي دوستي ميان علي محمد ”قادري“ ۽ ميان غلام سرور ”فقير“ سان نهايت گهري هئي، جيڪي پڻ ميان سخي قبول محمد جا طالب ۽ لاڙڪاڻي شهر جا وڏا شاعر هئا. هو بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو 1915ع کان نهايت ڪارائتو ميمبر هو (1).

”مجروح“ پنهنجي نياڻي جي علاج لاءِ جهرڪن ڏانهن ويل هو جتان واپس ايندي 17 جولاءِ 1942ع جمعي جي ڏينهن ريل ۾ دل ٽٽڻ سبب اوچتو فوت ٿي ويو، کيس غريب الوطني جي حالت ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي دفن ڪيو ويو (2).

مجروح پُرگو ۽ صاحبِ ديوان شاعر هو. سندس ديوان ۾ ڪيترا سو غزل آهن جن جي زبان سادي ۽ خيال تصوف ڏانهن مائل آهن.

ڪلام جو نمونو (3)

غزل

ٻڌائج مان ته تنهنجي ڪاڪلِ شبگون کي ڇا سمجهان،

سيہ بختي مان پنهنجي يا اها ڪاري بلا سمجهان.

 

ڏٺو جنهن وقت ٿي عاشق انهيءَ دم نيم بسمل ٿيو،

تنهنجي مرﱞگان کي سوفار يا تيرِ قضا سمجهان.

 

ڏسي اڄ عاجزي، دلبر ڪيو آغوش ۾ آهي،

خدا جي مهرباني ۽ صنم جي هي رضا سمجهان.

 

ڏٺم اڄ اوچتو سهڻو، مگر منهن جهٽ لڪائي ويو،

رسامو يار جو هي يا وري ناز و ادا سمجهان.

-

محبوب اڄ نوازيو سلطان ڇو نه ٿيندس،

سهڻي سڏي ويهاريو خندان ڇو نه ٿيندس.

 

پيمانه ۽ صراحي ساقي کڻي ته آيو،

ساغر ڀري پياريو مستان ڇو نه ٿيندس.

خمدار زلف کولي مشتاق کي وڪوڙي،

دام فريب سان مان زندان ڇو نه ٿيندس.

 

مشڪي مٺي چيو، تون عاشق ڪٿي گذارين؟

گفتار لب شڪر تان قربان ڇو نه ٿيندس.

 

مرهم وصل رکيائين مجروح جي ڦٽن تي،

اهڙي صفا عطا کان شادان ڇو نه ٿيندس.

-

 

مير علي نواز ”ناز“

(9 آگسٽ 1884ع – 25 ڊسمبر 1935ع)

هز هاءِ نس مير علي نواز ولد مير امام بخش ٽالپر تخلص ”ناز“، ڪوٽ ڏيجي ۾ تولد ٿيو هو ۽ اتي وفات پائي هئائين. ننڍپڻ ۾ تعليم ڪوٽ ڏيجي ۾ حاصل ڪئي هئائين، وڌيڪ تعليم ”چيفس ڪاليج“ لاهور ۾ حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ ڪئپٽن ريلي سان گڏ يورپ جي سفر تي ويو. ڪجهه وقت والد سان ناراض ٿي دهلي هليو ويو ۽ هندستان جي مختلف شهرن جو سير ڪندو رهيو. والد جي وفات کان پوءِ 15 فيبروري 1921ع تي فيض محل ۾ سندس تخت نشيني جي رسم نهايت شان ۽ مان سان ملهائي وئي، جنهن لاءِ درٻار منعقد ٿي. ان درٻار ۾ وائسراءِ هند پاران پوليٽيڪل ايجنٽ سندس گادي نشيني جو پروانو پڙهيو (1). سندس حڪومت جي دور ۾ خيرپور ۾ ڪجهه سڌارا ٿيا. هو شاهه خرچ هو. هن جو هٿ ايترو ڪشادو هو جو رياست جو خزانو خالي ٿي ويندو هو، تنهن ڪري هن جي ۽ حڪومت جي ڪاروبار هلائيندڙ آفيسرن جي ان معاملي تي اڻبڻت ٿي پوندي هئي.

”ناز“ مزاج جون گهڻيون چوٽون کاڌيون جنهن ۾ لاهور جي ڳائڻي بالي وارو سندس عشق ڪافي مشهور آهي. هو راڳ جو نهايت شوقين هو، ڪڏهن ڪڏهن پاڻ يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪندو هو. هن جي وفات ڪوٽ ڏيجي ۾ ٿي، ٿورن ڏينهن کان پوءِ سندس وصيت مطابق سندس ميت کي ڪربلا ۾ دفن ڪيو ويو. نجفي سندس وفات جي تاريخ شعر ۾ هينئن ڪڍي آهي:

قل بفتنا وصول من فوتہ لنا،

بسنت يقال سرُٗ من خلوت القدم. (1)

1935ع

 

”ناز“ کي شعر و شاعري سان عشق هو، ڪيترا اردو ۽ سنڌيءَ جا شاعر سندس مالي ۽ رومالي فيض کان بهره ور ٿيا. هن پارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪلام چيو آهي. هن جي ڪتابن ۾ خلوتِ عشق، طوفانِ عشق، آتشِ عشق، عمر خيام جي رباعين جو ترجمو ”ميڪده ناز“ ڪافي مشهور آهن.

”ناز“ غزلن کان زياده ڪافيون چيون آهن، مگر هن جون ڪافيون سچل سرمست جي ڪافين وانگر غزل جي دائري ۾ اچي وڃن ٿيون. اهي غزل جي جمله لوازمات جي ڪسوٽي تي پوريون آهن.

حاجي محمد حداد ناز جي شاعري تي لکندي چوي ٿو، ”ناز مرحوم غزل ۾ سچل ۽ بيدل جو پيروڪار آهي، انهن بزرگن وانگر سندس غزل مسلسل آهن، انهن ۾ ڪيترين جاين تي ڪجهه عروضي نقص به نظر اچن ٿا جي هن زنده دل فقير بادشاهه جي شخصيت جي مدنظر نظرانداز ڪري سگهجن ٿا“ (2). بهرحال ناز جي غزلن ۾ رواني ۽ سادگي آهي.

 

ڪلام جو نمونو (3)

سوا دلبر جي اڄ يارو جدا جالڻ مون کي مشڪل،

فراقي ٿي ڦرائين پيو، جيئن باغن بنا بلبل.

 

چڙهيون فوجون جو دلبر جون، شڪارِ عاشقان دل تي،

کليو هي جهنگ جهر سارو ڏسي هر رنگ جا گل گل.

 

هوڏهن ساغر صراحي سان، ڏسي ساقي کي آب خود،

پيارو جام الفت جو ته اچي آواز هي قلقل.

 

ڪندين پوءِ ”ناز“ دلبر کان، رکي دل اڄ کون پوءِ ڪاڏي،

ڪهڙي قيمت آ دلبر سان، ڏئي ڇڏ دل کي تون بي مل.

-

بلبل خزان ۾ خار خس ۽ آشيان نه ڳول،

اجڙيل گلن جو تون ڪوئي پتو نشان نه ڳول.

 

هن حسن چند روز تي ايڏو نه ڪر غرور،

رهڻو سدا نه آهي جتي تت مڪان نه ڳول.

 

گردون جي دشمني، ڪيو پائمال آ مون کي،

هاڻي پراڻه ڪينه کي تون آسمان نه ڳول.

 

فاني فنا گذر ۾ ڪم ايندي هت وفا،

اي ”ناز“ راهِ عشق ۾ سود و زيان نه ڳول.

-

جمع خان ”غريب“

]15 جنوري 1885ع  - 7 آگسٽ 1953ع[

جمع خان ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو تخلص ”غريب“، مريد خان لاکير جي ڳوٺ ضلع دادو ۾ تولد ٿيو. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري ماستر ٿيو. پنهنجي شوق سان پارسي ۽ عربي جو به ڪجهه محاورو حاصل ڪيائين ۽ قاضي عبدالوهاب شڪارپوري کان طب جي سند حاصل ڪيائين. هو هڪ ڪامياب استاد هو. 1940ع ۾ پينشن تي اچڻ کان پوءِ حڪمت ڪندو رهيو.

 

”غريب“ کي شاعري جو شوق ”بلبل“ جي صحبت ۾ ٿيو جڏهن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ويو ته محمد صديق ”مسافر“ ۽ ”مخلص“ کان به شعر اصلاح ورتائين. حاجي محمود ”خادم“، لاڙڪاڻي واري کي به پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو.

1915ع ۾ جڏهن بزم مشاعره لاڙڪاڻه شروع ٿيو ته هي به اچي ان ۾ شامل ٿيو. وفات تائين بزمِ مشاعره سان پنهنجي دلچسپي قائم رکيائين. سندس ڪوشش سان ناري شريف ۽ ميهڙ ۾ مشاعره قائم ٿيا (1). هو انجمن آفتاب ادب دادو جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هو. بزم طالب الموليٰ جو بنياد به سندس تجويز سان پيو. جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هيو.

هو اديب سنڌ لاڙڪاڻي جو اپريل 1941ع کان مئي 1945ع تائين ايڊيٽر رهيو. پر پوءِ حاجي محمود خادم سان ادبي اختلافن ڪري کيس ايڊيٽري ڇڏڻي پئي. سندن اختلاف ادبي جنگ جي صورت اختيار ڪئي ۽ ٻه ادبي ڌريون ٿي پيون. خادم جي ڌر الحقيقت ”هفتيوار“ ۽ اديب سنڌ ۾ ۽ غريب جي مسلمان (هفتيوار) حيدرآباد ذريعي ڏي وٺ ڪندي هئي.

دادو ۾ جيڪي ٻه ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون هيون، انهن جي ڪاميابيءَ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي هئي. آگسٽ 1952ع کان سيتاروڊ مان ”طالب الموليٰ“ نالي رسالو ڪڍيائين، پر جلد ئي پاڻ وفات ڪري ويو. هو مارچ 1953ع ۾ بيمار ٿي پيو. کيس پنهنجي وفات جي پڪ ٿي وئي هئي پنهنجي وفات جو تاريخي مادو ڪڍي نوٽ بوڪ ۾ لکيو هئائين:

”بابقا جانِ غريب“ 1372 هه

مولوي اديب فيروزشاهي سندس وفات جي قطعه تاريخ هيئن لکي آهي:

ز ذي قعده در روز بست و ششم،

بحق داد جان آن اديبِ غريب.

 

بهفتاد، دو بعد الف و مہ صد،

بخلدِ برين شد قريبِ حبيب (1).

 

سندس وفات تي عبدالوهاب ناظم شڪارپوري قطعه تاريخ لکيو، جنهن جا ٻه شعر هي آهن:

هاءِ اڄ رحلت ڪري ويو شعر جو سلطان غريب،

ڏيئي ويو ساٿين سڀن کي سوز جو سامان غريب،

 

عيسوي هجري سنن جي لاءِ هيئن هاتف چيو،

فضل ربّي سان جمع خان هو، دهقان غريب (2).

1953ع  1372هه

جمع خان غريب جو ضخيم ڪلام هو جو سندن پوين کان ضايع ٿي ويو آهي، سندس ٻه ڪتاب ڇاپيل آهن.

 

1. گل نو بهار“ (1933ع) شايع ڪندڙ ويڙهومل کٽڻ مل لاڙڪاڻو.

2. ”رسومات تباهي“ (1948ع) زير سايه انجمن آفتاب ادب، دادو.

”غريب“ هر ڪنهن قسم جي شاعري ڪئي آهي. ”قطعه تاريخ جي فن ۾ غريب صاحب جو پايو بلند آهي. ڪيترا تاريخي مادا ڪڍيا اٿس، ۽ علمي ۽ فني طور نباهيا اٿس“ (3). ان هوندي به غريب جو عشق غزل سان هو. هن جي طرز قديم دور جي شاعرن واري هئي، ساڳيا خيال، ساڳيون تشبيهون ۽ استعارا، مگر سندس زبان پنهنجي دور جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سليس هئي.

 

ڪلام جو نمونو (4)

يا الاهي تاقيامت مان هجان دلبر سان گڏ،

سر سندم آغوش ۾ قاتل سندي خنجر سان گڏ.

 

مال هن وٽ حسن جو مون وٽ غريبت عشق جو،

ڇا ٺهي هي ٺاهه ٿو زردار جو بي زر سان گڏ.

 

دل هجي آغوش دلبر ساڻ ۽ يڪجا هجون،

لب هجي لب ساڻ گڏ، سر چشم، چشم ۽ سر سان گڏ.

 

ڪوءِ قاتل ۾ مون ٺاهيو گهر کي پنهنجو قتل گاهه،

منهنجو ٿيو محبوب سان گهر، گهر سان گڏ، در، در سان گڏ.

 

تون غني ۽ پُر عطا برتر ۽ بهتر اي عجيب،

رهه غريب پر خطا ۽ بي نوا برتر سان گڏ.

-

پيار مان پيار يار ساقي ڪو شوق وارو شراب خالص،

شر کي ازخود جدا ڪندس مان، فقط مان پيئندس آب خالص.

لهي ويو ضعف قلب جو ۽ جگر جو ٿيو دفع درد آهي،

مليا جو مرجان، عقيق لاله ۽ موتي شربت عناب خالص.

 

چون ٿا عالم ته عشق انڌو، وڌيڪ انڌي انهيءَ کان بک آهه،

هجي ڪو ڍاول تميز ڌاري ته آهه ڇا ڇا خراب خالص.

 

اتيئي هائو، اتيئي هون هون، اتيئي اُون اُون،

جي آهه هائو ته ڪر به هائو، جي نه ته نه ڪر جواب خالص.

-


(1)  مهرالله شيخ سيٺ شهدادڪوٽ جي روايت.

(2)  فهميده ناز مغل ”لعلچند جي شاعري“ ص 8، قلمي، سنڌالاجي مونو، 1984ع.

(1)  ”اديب سنڌ“ ماهوار، ص 39، ماه آگسٽ 1942ع، لاڙڪاڻو.

(2)  ساڳيو.

(3)  ”ديوان مجروح“ قلمي، ملڪيت غلام نبي شيخ، لاڙڪاڻو.

(1)  ”الوحيد“ سنڌ آزاد نمبر، ص 107، 1936ع.

(1)  حاجي محمد حداد ”رياست خيرپور جي ادبي تاريخ“ قلمي، ص 77، (مونوگراف) 1959ع، سنڌالاجي.

(2)  علي نواز ”طوفانِ عشق“ ص   ، ڪوه نور پرنٽنگ ورڪس، ڪراچي، 1931ع.

(3)  علي نواز (مير) ”طوفانِ عشق“ ڪوه نور پرنٽنگ ورڪس ڪراچي، 1931ع.

(1)  روايت سيد محمد تقي شاهه ناري شريف.

(1)  هي قطعه ”غريب“ جي فرزند ڏانهن لکيل تعزيتي خط مان ورتو ويو آهي.

(2)  ”الرحيم“ سه ماهي، نمبر 3، سال 1966ع.

(3)  ”ويا سي وينجهار“ غلام محمد گرامي، ص 16، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

(4)  ”بياض غريب“ قلمي، ملڪيت عمر علي، مريد لاکير ڳوٺ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org