سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :15

 

غزل جو بنيادي موضوع عشق جي مختلف وارداتن ۽ ڪيفيتن جي ترجماني آهي. محبت ئي آهي جيڪا انسان جي زندگيءَ تي وڌ ۾ وڌ اثرانداز ٿئي ٿي. ان جي نتيجي ۾ دل ۾ جيڪي جذبا ۽ احساس پيدا ٿين ٿا غزل انهن کي وڻندڙ نموني بيان ڪري ٿو. سانگيءَ جو دور مجاز جو دور آهي، هن دور جي شاعرن حسن ۽ عشق جي پرستش ڪئي آهي تنهن ڪري هنن جي مجاز جي جذبن ۾ اوجر پيدا ٿي ويو آهي. هن دور جي شاعرن حسن ۽ عشق جي حڪايتن کي پنهنجو خاص موضوع بنايو آهي ۽ غمِ جانان جون مختلف ڪيفيتون نهايت جوش ۽ جذبي، سوز ۽ گداز سان ذري پرزي بيان ڪيون آهن، انهيءَ ڪري هنن وٽ حسن ۽ عشق جي مدح ۽ ثنا، راز ۽ ناز، جفا ۽ وفا، وصل ۽ وڇوڙي، عنايتن ۽ عتابن جا مختلف موضوع ملن ٿا. هن دور جي غزل ۾ داخليت ۽ خارجيت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وک وڌائينديون نظر اچن ٿيون. هيٺين شعرن ۾ هن دور جي شاعرن جي قلب جي وارداتن، دل جي احساسن ۽ جيءَ جي جذباتن جون مختلف تصويرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

 

سڙي، کامي، پچي ٿي آتشِ فرقت ۾ جانان جي،

دلِ پرداغ سبقت ٿي رکي، سروِ چراغان تي.   (گدا)

 

لٿو سوز سيني مٿان فدوي جي،

ملڻ لئي اڱڻ جنهن جي منٺار آيا.  (فدوي)

 

ڪين وسرين ٿو جي وسارين ٿو،

يار ڏي پرت سان پيام ڪيم. (سانگي)

 

تو کان دلبر خدا جدا نه ڪندم،

آسمان جي ڪندم خدا نه ڪندم. (مرتضائي)

 

بي وفا، بي مهر اهڙو او بتِ بي پير آهه،

ائن نه هرگز ٿو پڇي تا ڪنهنجو هي دلگير آهه.   (مخلص)

 

وري اڄ دوست دلبر ياد آيم،

وري اڄ روز محشر ياد آيم. (علي سبزپوش)

هن دور جي شاعرن جتي غزل کي مجاز جو آئينه دار بنايو آهي، اتي هنن سنڌي غزل ۾ ڪيترا نوان تجربا ڪري غزل جي دامن ۾ نون موضوعن جا موتي ميڙيا آهن. سانگيءَ جي دور کان اڳ جي شاعرن خاص طرح ٽن موضوعن مجاز، تصوف ۽ اخلاق کي اهميت ڏني آهي، هنن وٽ مجاز ۾ هڪ تفريح آهي نه ڪه دل جي دانهن، سانگي جي دور جي شاعرن سياسي، سماجي، واقع نگاري، تصوف، اخلاق ۽ مجاز جي موضوعن کي معراج تي پهچايو آهي. هن دور جي شاعرن وٽ انگريزن جي حڪومت خلاف احساس ملي ٿو سڀ کان زياده سانگي وطن جي آزادي جي خاتمي، پنهن جي خاندان جي اجڙڻ ۽ ملڪ جي بدلجندڙ حالتن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جيئن سندس هيٺين شعرن مان معلوم ٿئي ٿو.

 

جهانگير آهي اڄ فوجِ فرنگ،

به مال و متاع و به توب و تفنگ.

 

سروسمن وسوسن و صد برگ ٿاسڪن،

سانگي سمورو آهي ويو سينگار وطن جو.

 

هت دردن جا ته دڪان هئا، هت سورن جا ته سامان هئا،

وڏا شوقن جا هت شان هئا، جي هاڻي ماڳ مٽائي ويا.

سانگي جي دور جي شاعرن تي گل ۽ قاسم جي دور جي شاعرن وانگر تصوف جو رنگ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هن دور جا شاعر مجاز جي تار ۾ تري رهيا آهن، هنن جي ميڙي چونڊي سڀ مجاز آهي، هنن پنهنجو سمورو زور رومانيت تي صرف ڪيو آهي.

 

هن دور جي شاعرن جهڙي طرح تصوف ڏانهن گهٽ توجهه ڏنو آهي، اهڙي طرح هنن وٽ اخلاقي قدرن جو پرچار به گهٽ آهي، هنن جي غزل ۾ ڪٿي ڪٿي اخلاقي قدرن جا شعر ملن ٿا نه ته بس، مرزا قليچ بيگ ئي هن دور جو اهڙو شاعر آهي جنهن جي ديوان ۾ اخلاقي قدرن جا ماڻڪ گهڻي قدر جڙيا پيا آهن. هن دور جي شاعرن اخلاقي قدرن جا جيڪي سنيها ڏنا آهن تن جو انداز بيان پراثر آهي.

نوڙت ڪجي، نياز ڪجي، نفس مارجي،

شاهي هجي، تڏهن به گدا ٿي گذارجي.   (گدا)

 

ڪين سٿرو ٿيڻ آهي سردار،

بار آهي بزرگواري ۾. (سانگي)

 

دنيا پرست جي ٿيا، سي ٿيا هوا پرست،

آهن جي خود پرست، نه ٿيا سي خدا پرست.     (قليچ)

هن دور جي شاعرن پنهن جي خوش ڪلامي سان غزل ۾ شگفتگي ۽ طراوت پيدا ڪئي آهي، هنن جي غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪو مزاحيه ۽ ظريفانه رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، رقيب، زاهد، شيخ، محتسب سان ڇيڙڇاڙ شاعرن جو پسنديده مشغلو رهيو آهي پر هن دور جي شاعرن انهن سان گڏ ڪن ٻين نون موضوعن ۾ به مزاح پيدا ڪئي آهي:

 

پنهنجو پيارو پرين تڏهن پرتو،

آهي ڏاڙهي سڄي جڏهن ٿي ڪپاهه. (سانگي)

 

ويا شوخن جي اڳيان شان نڪري شاندارن جا،

ڏٺم راهه محبت ۾ مٿا ڪوڙيل متارن جا.  (سانگي)

 

عشق ڪيو مون کي ان طرح قابو،

چور کي جيئن وٺي ٿو چوڪيدار.  (گدا)

اربع عناصر آهي، منجهس ٻي نه ڳالهه ڪا،

آتش ۽ خاڪ آب هوا دار آهي حقو. (مرتضائي)

شمس الدين ”بلبل“ ۽ محمد هاشم ”مخلص“ هن دور جا مشهور مزاحيه ۽ ظريف شاعر آهن، بلبل جي نظمن توڙي غزلن ۾ طنز ۽ مزاح جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر مخلص جتي نظمن ۾ مزاح، هجو ۽ شوخي جا واهڙ وهايا آهن اتي هن غزل کي مجاز تائين محدود رکيو آهي ۽ ظرافت کان ڪناره ڪش رهيو آهي. بلبل جي مزاح ۾ ظرافت ۽ سندس فطرت ۾ طنز ۽ مزاح سمايل هئي تنهن ڪري هن سنڌي غزل ۾ طنز ۽ مزاح جو هڪ نئون تجربو ڪيو ۽ ان کي ڪامياب نموني سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪيائين. هو پنهن جي سنڌ جي تهذيب کي مغربي تهذيب ۽ تمدن اڳيان تباهه ٿيندو ڏسي رهيو هو، هو ڏسي رهيو هو ته مغربي تهذيب جي گندگي سنڌي معاشري کي به گندو ڪري رهي هئي تنهن ڪري هن پنهن جي نظمن ۽ غزلن ذريعي مغربي اثرن خلاف آواز اٿاريو نه صرف ايترو پر هن کي سنڌي معاشري ۾ جيڪي اوڻايون نظر آيون ته ان جي اوگهڙ ۽ عيب جوئي ڪندو رهيو. هن مغربي تهذيب ۽ ان کي اختيار ڪندڙن جو نقشو هنن لفظن ۾ بيان ڪري چٿرون ڪيون آهن:

 

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا اي يار، مان سنڌي آهيان،

خاص لنڊن سان آ ناتو ٿيو نيشن منهنجو.

 

وهارڻ اٿارڻ ڪيو انگلش سان،

هلائي پٽن کي لنڊن ۾ پڙهايو.

 

هئي هئي، مسن اسان کي مسٽر بنايو آهه،

صد شڪر آ اڳي کان بهتر بنايو آهه.

 

مٽائج ويس، ڪوڙج وار يا پتلون ڇا پروا،

صفائيءَ ڪاڻ هٿ ۾ جي کنيم ڪاڳر ته ڇا ٿي پيو.

ڪڏهن ڪڏهن هن پارسي جي استاد شاعرن جي مشهور ۽ مقبول غزلن تي سنڌي مصرعون تضمين ڪري انهن ۾ طنز ۽ مزاح پيدا ڪئي آهي:

صفائي سر کي ڏئي پتلون پاتم

بحمد الله نڪو ڪردارم امشب.

 

ڏاڙهيءَ ۾ هٿ جئين جو، پادر پرين جو سر تي،

گر تو نمي پسندي، تغيير ڪن قضا را.

هن دور جي شاعرن جتي پنهن جي غزل ۾ غمِ جانان کي جاءِ ڏني آهي اتي هنن غمِ دوران کي به نه وساريو آهي. مخلص پنهن جي شاعري ۾ سياست کي اهم جاءِ ڏني ۽ هن حالي ۽ اقبال جي انداز ۾ مسلمانن کي بيداري جو پيغام ڏنو پر سندس اهو رنگ سندس نظمن تائين محدود رهيو ۽ سندس ان رنگ غزل ڏانهن وک نه وڌائي.

سنڌي شاعري جو دامن شروع کان وٺي هوس، لذت ۽ عياشي جهڙن خيالن ۽ جذبن کان پاڪ هو پر هن دور جي غزل گو شاعرن سنڌي شاعري کي مجاز کان به اڳتي لذت ۽ عياشي جهڙن خيالن سان آشنا ڪيو ۽ پنهن جي غزلن کي ڀاڪرن، چمين ۽ معامله بنديءَ جي ٻين مضمونن سان ڀري ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن هو پنهن جي محبوب جي مختلف عضون کي اهڙي هوس ڀريل انداز ۾ بيان ڪن ٿا جو سندن پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي پڻ ساڳيو جذبو ڇانئجي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هن دور جي اڪثر شاعرن جي ديوانن ۾ اهڙا داستان ملن ٿا پر سانگي سڀ کان گوءِ کنيون بيٺو آهي. گدا ڀاڪر ۽ چمين جو چسڪو هن انداز سان وٺي ٿو:

 

قاصد قريب کي چئج منهنجو تون پيام،

آءُ يار گلعذار ته هڪ ٻئي کي ٻک وجهون.

 

چاشني چاهه مان چمين جي چکاءِ،

ڪانه ٻي منهن جي ميهماني ڪر.

ڏسو سانگي پنهن جي محبوب سان ڀاڪر ۽ چمين جو ذڪر ڪهڙي نموني ڪري ٿو:

 

سمجهه يقين تون اي صنم، نانگي تڏهن ٿي باطرب،

توسان جڏهن ٿي دمبدم، سينه به سينه لب به لب.

 

ٿيو چميءَ کان ڪو اي پرين نقصان

لال لب ٿيا چمڻ کان وڌيڪ.

مرزا قليچ بيگ هڪڙي چميءَ مان هڪ وقت ٽي انعام حاصل ڪرڻ ٿو گهري.

 

انعام ٽي ڏي، چپن ٻن مان، هڪڙي بوسي سان،

عقيق هڪڙو، ٻيو پستو ۽ ٽيون شڪر.

هن دور جي شاعرن چمين ۽ ڀاڪرن سان گڏ محبوب جي ڇاتيءَ جو ذڪر به نهايت مزي سان ڪيو آهي:

 

سرو ساجن جي نونهال اتي،

آهي شايد انار جي آمد. (بلبل)

 

آهن انار يار جي پستان سان هم شبيهه،

آءٌ ڪيئن چوان انار کان افضل ٿيون نارنگيون    (گدا)

 

نار پستان يا کير پڙا،

ناهن اهڙا ڪي به نار لذيذ. (سانگي)

خليفي گل جتي سنڌي غزل جي پرورش ڪئي هئي اتي هن ان ۾ سنڌي ماحول قائم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، سنڌ جا غزل گو شاعر جيئن پوءِ تيئن پارسي اثر هيٺ ايندا ويا ۽ پنهن جي ماحول کان پري ٿيندا ويا. هن دور جي شاعرن ۾ حافظ حامد ۽ سانگي ٻنهي گل جي روايتن کي گهڻي حد تائين قائم رکيو آهي. سانگيءَ تي جيتوڻيڪ پارسي روايتن جو اثر آهي پر هن پنهن جي سنڌي روايتن کي به نباهيو آهي، هن جي ڪيترن غزلن جي فضا ۽ اسلوب ٻئي سنڌي آهن. حامد ۽ سانگي جي غزلن ۾ ٿرن برن، مينهن جي وسڪارن، سانوڻ جي نظارن، مارن ۽ سانگين جو بيان ۽ سنڌ جي سورهين سسئي، سهڻي، مارئي، وغيره جو افسانوي رنگ ملي ٿو. ٻنهي شاعرن جي هيٺين شعرن مان سنڌي ماحول جو رنگ نمايان آهي:

 

سڪ سندو سانوڻ سدا ناهي بڊو ڪو برهه کي،

مند محبت جي مڙائي ات سڀو آکاڙ ڄيٺ.  (حامد)

 

ڪالهه جن لئه ٿي ڪتيم، هوت هت هاريون نه اڄ،

ڪس اچي ڪيچن سوا ڀنڀور بازاريون نه اڄ.  (حامد)

 

وساري جي آهيان ويڙهيچن ته ڇا،

ويڙهيچا ڀلا مون کان ڪيئن وسرندا. (سانگي)

 

سهڻي چيو وڇان ٿي محبت جي موج ۾،

تانگو ۽ تار يار جي خاطر تريو تريو. (سانگي)

قاسم جي دور جي شاعرن پنهن جي غزلن ۾ فطرت نگاري کي جاءِ ڏني هئي ۽ هنن گهڻو ڪري باغ ۽ بهار جي ئي تصوير ڪشي ڪئي هئي پر اها تصوير ڪشي ان ڪري مصنوعي هئي جو ان جو چٽيل نقشو ۽ ٻولي ٻئي اوپرا هئا، هن دور جي شاعرن خاص طرح حامد ۽ سانگي سنڌ جي مختلف نظارن کي وڻندڙ نموني بيان ڪيو آهي. حامد اکين کان نابين هو تنهن ڪري هو فطرت جي سونهن ۽ قدرت جي حسن کي ڏسي نه ٿي سگهيو، تنهن ڪري هن وٽ منظر نگاري جي گهڻائي ڪانهي پر هن جيڪي به منظر بيان ڪيا آهن تن ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجو ماحول آهي. سانگي پنهن جي غزل ۾ دل کولي منظرنگاري ڪئي آهي، هن فطرت جي سونهن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي. هو شڪار جو شوقين هو تنهن ڪري سنڌ جي جهنگ جهر، ٿر بر، ڪوهه جبل، ندين نارن، ڪچن ۽ ڪيٽين کي ويجهو وڃي ڏٺو هو، هن جيڪي ڏٺو هو تنهن جي هن پنهن جي غزلن ۾ تصوير ڪڍي انهن کي امر بنائي ڇڏيو آهي. هو مهراڻن جي ڪيٽي جو نظارو بيان ڪندي چوي ٿو:

واهه مهراڻن جي ڪيٽي خوش نما

سير گهاري جو آهي راحت فزا.

 

سبز ڪانڊيرا قطار اندر قطار

تن وري ڳاڙها عجائب گل جهليا.

 

چو طرف آهن وليون سرسبز ٿيون،

سرخ گل تن ۾ ته گونٽن جيئن کليا.

 

لوڏ ڪيو ٻٻرن ۾ پلڙا ٿا لڏن،

ڪيترن ڪنڊن ۾ آهن پور ٿيا.

ڪوهستان ۾ مينهن واري موسم جو نظارو بيان ڪندي چوي ٿو:

 

وسيو وڏ ڦڙو، آهه ابر بهار

سڄي سبز ٿي دامنِ ڪوهسار.

 

آهن پاڪ پاڻي پٽن تي پيا،

سڄيون ساريون آهن ترايون ٿيون تار.

 

هڻڻ لنب لهرون ٿا ميدان ۾،

ته ڄڻ موجزن بحر ٿيو بي ڪنار.

 

ڦٽا ڦوڳ ۽ ڦار، ساوا ٿيا سَر،

جهليا ٻور ٻٻرن، ليارن ليار.

سنڌي شاعرن پنهن جي وقت جي حاڪمن ۽ اميرن جي مدح ۽ ٻين ملڪن جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ قصيدا چيا آهن، پر هن دور جي شاعرن پنهن جي غزلن ۾ مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ مير الهه بخش شهواڻي ”معروف“ جي نوازشن ۽ مهربانين سان گڏ خاص طرح سانگيءَ جي شاعري ۽ سخن سنجي جي پڻ تعريف ڪئي آهي. ائين کڻي چئجي ته هنن نوازشن حاصل ڪرڻ لاءِ غزل کان قصيدي وارو ڪم ورتو آهي. گدا، سانگي ۽ ميرالهه بخش جي تعريف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

امير ذوالڪرم مير عبدالحسين خان

هجي فرزند پنهن جي سان سلامت.

 

سخن سنج و سخن فهم و سخن دان

فقيدالمثل سو صاحب فضاحت.

 

محمد مصطفيٰ ان جو مددگار،

علي جي ان کي هئي هردم حمايت.

 

”گدا“ ان جو دعاگو آهيان دل سان،

ڪري ٿو شاهه منهنجو مون تي شفقت.

 

”گدا“ جو هي غزل چوندا قصيدو،

سخن سنجانِ سڀ اهلِ بلاغت.

-

مير الله بخش خان شهواڻي،

مرتبو جنهن جو برتر از هوشنگ.

 

در سخاوت چيون ابر نيسان است،

آهه جواد بيمثل سو جنگ.

مرتضائي، ”سانگي“ ۽ مير الهه بخش جي واکاڻ ڪندي چوي ٿو:

 

مسڪين نوازي ۾ ڏسان مير الهه بخش،

ڪو ”مرتضوي“ اهڙو ڏٺوءِ فيض رسان ڇا.

-

اي صبا حضرتِ سانگي کي رسائج تون سلام،

مرتضائي ٿو رهي، تنهنجو ثناگر پيدا.

مرزا دوست محمد ”دوست“ سانگي جي سخا ساراهيندي چوي ٿو:

مير عبدالحسين صاحبِ جود،

سڀڪو ان جي سخا کان شادان ٿيو.

هن دور جي شاعرن لفظن خاص طرح ٽه حرفي لفظن جهڙوڪ قلب، زهر، دهر، قبر، عقل، عشق وغيره جي حرڪات ۽سڪنات جو پورو خيال نه رکيو آهي تنهن ڪري انهن جي غزلن ۾ حرڪات سڪنات جون اوڻايون رهجي ويون آهن.

 

چميون پائي ڀاڪر وجهي دل ڏئي،

حسن جي حسينن کان ورتم خراج.  (سانگي)

پوئين مصرع ۾ حسن ”س“ جي کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، جو ساڪن آهي:

ڪرڻ لاءِ پرواز پرين طرف،

هي بلبل پر وبال آهي عبث.  (بلبل)

مٿين مصرع ”طرف“، جي ”ري“ کي متحرڪ ڪيو ويو آهي جا ساڪن آهي.

هن دور جي شاعرن وزن جي پورائي خاطر ڪيترن لفظن جا حرف خاص طرح حروف علت حذف ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري شعر جي فصاحت تي اثر پوي ٿو.

دردن ڪي ڌوم ڌام دلِ ناتوان تي،

صدما هزار منهن جي رسيا آهن جان تي.

پوئين مصرع ۾ ”آهن“ کي ”آن“ ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.

 

هر دم هنجون وهائي، ڪري ياد توکي دل،

ڳالهيون ڪري هزار، ڳڻن جون ڳري ڳري.   (قليچ)

پوئين مصرع ۾ ”ڳالهيون“ کي ”ڳالون“ ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.

ڪيترن شاعرن وزن جي پورائي لاءِ ڪن حرفن کي مشدد ڪري وزن جو پورائو ڪيو آهي.

عجيبن ڏٺي مون عمر ٿي دوبالا،

مسيحا صفت جي جيار آيا. (فدوي)

پوئين مصرع ۾ ”جي“ ۽ ”جيار“ جي ”ي“ کي مشدد ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.

ٿي اچي پوري اُها اول جا آندي يار رٿ،

برخلاف ان جي برابر منهن جي دل جي ڌار رٿ.  (مرتضائي)

مٿئين مصرع ۾ ”اول“ جي ”و“ کي مشدد ڪيو ويو آهي. مٿي بيان ڪيل اوڻايون اهڙيون آهن جن سان سنڌي غزل جو دامن اڄ تائين تر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org