سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :19

 

عبدالحسين ”سانگي“

(1851ع – 12 جون 1924ع)

مير عبدالحسين تخلص ”سانگي“ ولد مير عباس علي خان ولد مير نصير خان جيڪو ٽالپر گهراڻي جو سنڌ جو آخري حڪمران هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ اسيري واري زماني ۾ هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان مير عبدالحسين سانگي 1851ع ۾ تولد ٿيو. سندس ولادت کان ڇهه ڏينهن پوءِ سندس والده وفات ڪئي ۽ هو جڏهن چئن پنجن سالن جو ٿيو ته سندس والد شڪار تي ويندي پنهنجي بندوق جو شڪار ٿي وفات ڪري ويو، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس پرورش سندس چاچي مير حسن علي خان ڪئي.

 

سانگي جي شروعاتي تعليم ڪلڪتي ۾ ٿي، سندس تدريس لاءِ مرزا حسن علي عرف بزرگ ”وفا“ کي مقرر ڪيو ويو جنهن کيس قرآن شريف پڙهائڻ ۽ پارسي پڙهائڻ شروع ڪئي. سانگي اٺن ورهين جو هو جو ميرن کي 1859ع ۾ سنڌ وڃڻ جي اجازت ملي ۽ هو حيدرآباد هليو آيو. هتي سندس ڏاڏي بيبي شهربانو سانگيءَ جي پڙهائڻ لاءِ آخوند مقرر ڪيو جنهن بعد اعليٰ تعليم آخوند احمد سانوڻي کان حاصل ڪيائين، جنهن جي نگراني هيٺ هن کي فارسي زبان ۽ ادب ۾ دسترس حاصل ٿي ۽ آخوند جي شاعرانه طبيعت جو مٿس اثر پيو ۽ سندس طبيعت شاعري ڏانهن مائل ٿي (1).

 

سانگي جڏهن اڻويهن سالن جو هو ته مهراڻن جي ڪيٽي ۾ شڪار ڪندي هڪڙي مهاڻي ڇوڪري، جنهن جو نالو حاجران هو، جي اکين جو شڪار ٿي ويو.

پاڻ آهيان شڪار ٿيو هاڻي،

سانگي ڪهڙو وڃي شڪار ڪريان.

سندس چاچي سندس محبت جو مان رکيو ۽ سانگي جي شادي حاجران سان ڪرائي ڇڏي. هن جي حاجران سان ايتريقدر محبت هئي جو هر جمعي رات ٻئي ڄڻا گهوڙن تي سفر ڪري ڀٽائي جي روضي جو ڀيرو ڪري ايندا هئا. سندن شادي کي اڃا چار سال ڪين گذريا هئا جو حاجران وفات ڪري وئي ۽ کيس شاهه عبداللطيف جي روضي جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. حاجران جي وفات سانگيءَ کي فقير بنائي ڇڏيو ايتريقدر جو هو حيدرآباد ۽ شاهه جي ڀٽ جي وچ ۾ اگهاڙي پيرين ايندو ويندو هو ۽ راتين جون راتيون گنجي ٽڪر تي سسئي وانگر پير پٿون ڪندو رهندو هو (1). پنهنجي غم جي اظهار لاءِ هن سانگي جي تخلص سان ڏک ڀريون ڪافيون چوڻ شروع ڪيون.

1877ع ۾ سانگي پنهنجي دوست مير گل حسن ٽالپور ڊپٽي ڪليڪٽر جي مشوري سان ڊاڪٽر رائيٽ، جو ٽنڊي الهيار ۾ سول سرجن هو، جي نياڻي سان شادي ڪئي جا بيبي بلقيس جي نالي سان هن جي رفيقئه حيات بني. شاديءَ کان پوءِ سانگيءَ جي دل جا زخم ڀريا ۽ هن زماني جي ڪمن ڏانهن توجهه ڏنو ۽ شڪار، شاعري ۽ آنرري مئجسٽريٽي جي شغلن ۾ مشغول ٿي ويو.

سانگي 12، جون 1924ع، ۾ دنيا جو سنگ ڇڏيو. هميشه لاءِ سانگ ڪري، سائين جي سرڪار ۾ هليو ويو. سندس وفات ڪاپ واري بنگلي ۾ ٿي سندس جنازو پهريان امانت طور سندس والد جي قبي ۾ دفن ڪيو ويو جتان ڇهه مهينا پوءِ کيس سندس وصيت مطابق ڀٽ تي شاهه عبداللطيف جي روضي جي ڇانو ۾ حاجران جي ڀر ۾ دفن ڪيائون.

سانگي نه صرف شاعر هو پر هڪ سٺو نثر نويس به هو. هن نثر ۽ نظم ۾ هيٺيان ڪتاب لکيا آهن. 1. سوز سانگي (ڪافيون)، 2. لطائف لطيفي (شاهه جي سوانح بابت پارسي نظم ۽ نثر)، 3. ديوان سانگي (ٽي جلد)، 3. ڪهاڻي محبت هاڻي (قصو شاهزاده دلارام ۽ گل اندام ۽ شهزادي گلفام ۽ نازڪ اندام جو)، 5. آکاڻي رات وهاڻي (قصو گلرنگ شاهه ۽ گل اندام جو) 6 ۽ 7 قصص راحت افزا، 8. قصه دلچسپ، 9. داستان فرحت افزا (قصو فرحت جان، خاطر ياران)، 10. پارسي شاعرن جي ڪلام مان انتخاب. 11. مثنوي مشتمل برسر گذشت داروگير، 12. اردو شاعرن جي ڪلام مان انتخاب.

سانگي نه فقط پنهنجي دور جو عظيم شاعر هو پر پنهنجي دور جي شاعرن جو سرپرست به رهيو. هن جي خوش اخلاقي ۽ فياضي هن جي دور جي گهڻن شاعرن کي هن ڏي ڇڪي ورتو هو. سانگي وٽ هر ڪنهن آچر تي مشاعرو ٿيندو هو هميشه مير مشاعره پاڻ ٿيندو هو. شاعر سندس کٻي ۽ سڄي پاسي ويهندا هئا. هر هڪ شاعر جتي ويٺل هوندو هو اتي ويهي شعر پڙهندو هو (1). سانگي جي دور جي گهڻن شاعرن جي ڪلام ۾ سانگي جي شاعري ۾ بلندي ۽ سندس نوازشن جي مدح سرائي ڪيل آهي، جا نموني طور بيان ڪئي ٿي وڃي:

غلام محمد شاهه ”گدا“

مير منهنجو ذوالڪرم عبدالحسين خان نامدار،

فيض جو دريا چوان ان گوهرِ يڪتا کي آءٌ.

 

شعر رنگين تي سندس نازڪ خيالي ختم ٿي،

ڪين همسر ان جو سمجهان ناسخ و سودا کي آءٌ.

حافظ ”حامد“:

حضرتِ سانگي جو يڪتا شعر لاثاني سڄو،

هر غزل ان جو ته هڪ نو طرز تي آهي نگار.

غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ :

اي صبا حضرتِ سانگي کي رسائج تون سلام،

مرتضائي ٿو رهي تنهنجو ثناگر پيدا.

مرزا دوست محمد ”دوست“:

واهه سانگي جا سڀ سخن سهڻا،

سڻي جن کي ٿي دلڙي ديواني.

محمد هاشم ”مخلص“ :

ڳوليو مون جڏهن عالمِ امڪان سخن جو،

سانگي ري ڏٺم ڪونه ڪو سلطان سخن جو.

مرزا قليچ بيگ:

طرز سانگيءَ جي تي، تو لاءِ غزل جوڙيو ”قليچ“

هي ته حاضر آهي، هاڻ ٻيو به ڪو ارشاد ڪجي.

جتي سانگي جي همعصر شاعرن سانگي کي دادِ سخن ڏنو آهي اتي سانگي به پنهنجي همعصر شاعرن کي سندن مرتبي مطابق دل کولي داد ڏنو آهي. جن ۾ گدا، حيدري، حامد، قليچ، ماتم، دوست ۽ مرتضائي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

سانگي سنڌي غزل جو اڳواڻ آهي. هن غزل ۾ فن ۽ مضامين جي لحاظ کان وڏي وسعت پيدا ڪئي آهي. سانگي جي غزل تي هڪ ئي وقت پارسي روايتن ۽ سنڌي ماحول جو اثر گڏوگڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تنهن ڪري هن جي ڪلام کي دو آتشه چئجي ته غلط نه ٿيندو. پر ان ۾ شڪ ڪونهي ته هن ٻاهرين روايتن ۽ ماحول کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن جي غزل جي زبان سواءِ ڪن غزلن جي عام فهم سنڌي آهي جنهن ۾ گلاب واري خوشبو ۽ گلقند وارو ميٺاج آهي.

سانگي بنيادي طرح حسن و جمال جو شاعر آهي. هن وٽ جماليات جو تصور صاف ۽ چٽو آهي. هن جي لاءِ اهڙو جادو آهي جيڪو مرده روح کي به نئين زندگي بخشي ٿو. هو هڪ باشعور انسان هو جنهن کي انگريزن جي آمد کان پوءِ سياسي، سماجي ۽ ادبي قدرن ۾ ايندڙ تبديليءَ جو احساس هو، ان ڪري هن جي ڪلام ۾ انهيءَ احساس جو عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو اهو شاعر آهي جنهن جي قلم غزل کي جادو ۽ بلندي بخشي. هن غزل جي گلستان ۾ ايتري سخن سرائي ڪئي آهي جنهن جيتري سنڌ جي ٻئي شاعر کان نه ٿي سگهي آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

رخِ جان بخش جانان ياد آيم،

بحمدالله قرآن ياد آيم.

 

جتي ڪو ڪو پيم قمري جي ڪن تي

تتي سروِ خراسان ياد آيم.

 

غرض چاههِ ذقن دلبر جو ڏسندي،

عزيزو ماهه ڪنعان ياد آيم.

 

 

وري مستي ۾ شوقِ مي ڪشي ٿي،

ڀڳم پيمان پيمان ياد آيم.

 

بهار آيو ۽ سودا جو ٿيو سودو،

وري دشت و بيابان ياد آيم.

 

وري آلا ٿيا نئين سر زخم دل جا،

سندءِ پنبڻين جا پيڪان ياد آيم.

 

ڏٺم ماههِ دو هفته کي منور،

رخِ پرنور جانان ياد آيم.

 

جڏهن وحدت کي ڪثرت کان ڪيم ڌار،

تڏهن گبر و مسلمان ياد آيم.

 

وري عبدالحسين از شوق مافوق،

مزار شاهه ذيشان ياد آيم.

-

جنهن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنهن چريو چريو،

پنهنجي پرين ڏي مون جو ڏٺو ٿي وريو وريو.

 

ٿي دلربا چيو ته حنا آهي رنگ دار،

خونِ جگر مان منهنجي ته هٿڙا ڀريو ڀريو.

 

ڏي مون کي روز يار چميون چاهه مان هزار،

ڪرڻو علاج منهنجو جي آهي ڪريو ڪريو.

 

معلوم ٿيندي درد محبت جي ڌوم ڌام،

دستِ حنائي منهنجي ته دل تي ڌريو ڌريو.

 

فرقت ۾ پنهنجي حال تي مون پاڻ ٿي رنو،

سڀ ڪنهن چيو ٿي عشق جو ڍونگر ڍريو ڍريو.

 

قسمت ته ڏس جو فال بفرخ نٿي پوي،

اٿلي پوي ٿو بخت جو ڍارو ڍريو ڍريو.

 

سهڻي چيو وڃان ٿي محبت جي موج ۾،

تانگهو ۽ تار يار جي خاطر تريو تريو.

 

سچ آهي سنگِ سخت کان انسان سنگدل،

جن ري نه دم سريو ٿي، سو ”سانگي“ سريو سريو.

-

مير امير علي ”امير“

مير امير علي ولد مير فضل علي ٽالپر تخلص ”امير“ ڪنڌڙا (علي آباد) تعلقه روهڙي ضلع سکر جو رهندڙ هو. هو فقير طبع ۽ راڳ جو شوقين هو تنهن ڪري هن وٽ صوفي ڪلام چوندڙ فقيرن جو هميشه ميڙو متل هوندو هو. هن جو اصل نالو امير بخش هو پر حضرت علي سان محبت سبب امير علي سڏائيندو هو. هن جا پنهنجي وقت جي شاعرن سان خاص طرح سانگي ۽ گدا سان گهرا تعلقات هئا، هو سندن ملاقات لاءِ حيدرآباد ايندو هو ۽ اچي سانگي جو مهمان ٿيندو هو. هڪ غزل، جيڪو هن حيدرآبادي شاعرن جي غزلن کان متاثر ٿي لکيو هو، جو انتخاب دعوت غزل ۾ ڏنو ويو آهي. ٽالپر اميرن مان مير امير علي ”امير“ فارسي گو شاعر هو جنهن سان (سانگي) عبدالحسين خان جواني واري دور ۾ غزلن جي ڏي وٺ ڪئي (1).

 

ڪلام جو نمونو (2)

آءٌ ٿيس اڄ هن چمن ۾ هم نوائي عندليب،

وئي ٻڏي شبنم ۾ لڄ کان هي صدائي عندليب.

مفت ٿا معشوق مارن عاشقن کي گهور سان،

پر گهري ٿو ڪونه گل کان خون جائي عندليب.

هن چمن جي سير ۾ مون درد جون دانهون ڪيون،

مون کي ڪيو آ حسن گل جي همه نوائي عندليب.

وار منهنجي تن جا آهن صفتِ منقار جان،

جئن نسورو ناله ٿيو سرتا بپائي عندليب.

نقشه پا معشوق جو تاج شرف عشاق لئي،

گل جو پاڇو آهي بسِ بال همائي عندليب.

خار گلاب، بلبل جي سيني چاڪ ڪئي نت ٿاسبن،

دردِ دل معشوق ٿيو دارو دوائي عندليب.

حال بلبل جو ڏسي بلبل گريبان چاڪ ڪيو،

نيست هرگز بي اثر اين نالهائي عندليب.

گلعذار باغِ موليٰ جي ثنا ۾ اي ”امير“،

ذوقِ دل سان لنو ٻٽي لاتيون بجائي عندليب.

-


(1)  ”ڪليات سانگي“ مقدمو ص 7.

(1)  ”سنڌي ادب“ ص 278.

(1)  ”نئين زندگي“ ص 23، ماهه جنوري 1956ع گل حسن ”احسن“ مرزا ڪربلائي ”سانگي“.

(1)  ڪليات سانگي ص 37 ۽ 56.

(1)  ”ڪليات سانگي“ ص 54.

(2)  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org