سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :30

 

فتح محمد سيوهاڻي ”حڪيم“

(1882ع – 13 ڊسمبر 1942ع)

فتح محمد ولد غلام محي الدين، تخلص پهريان صغير ۽ پوءِ حڪيم. تيرهين صدي هجري جي شروعات ۾ سيوهڻ ۾ تولد ٿيو. مٿس سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو تنهن ڪري هن پنهنجو تخلص ”صغير“ اختيار ڪيو. هو پنهنجي ڏاڏي کي فتح محمد ڪبير ڪوٺيندو هو. والد جي وفات کان پوءِ هن جي پرورش سندس وڏي ڀاءُ خليفي محمد زمان ڪئي.

حڪيم جي شروعاتي تعليم سندس والد وٽ ٿي، ان کان پوءِ تعليم مولوي محمد عمر چنه، مولوي عطاءُ الله ڳوٺ فيروز شاهه واري، مولوي عبدالرئوف بختيارپوري، مولوي محمد صديق سيتائي کان حاصل ڪئي ۽ جنهن جي فيضِ نظر سان 1903ع ۾ سندس دستاربندي ٿي. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ سيوهڻ ۾ مسجد شاهه صدر ۾ مدرسو کوليائين، مگر جلد ئي سيد الهندي شاهه درٻيلي واري کيس مدرسه نوشهروفيروز ۾ پارسي جو معلم ڪري رکيو. ڪجهه وقت سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ پڻ پارسي ۽ عربي جو معلم مقرر ٿيو. جنهن وقت ڪراچي ۾ وڏي پليگ پئي هئي تڏهن ڪراچي ڇڏي ڳوٺ هليو ويو ۽ وري سنڌ مدرسه ۾ نوڪري نه ڪيائين.

حڪيم 1910ع ڌاري ڪراچي ۾ مستقل طور اچي مقيم ٿيو ۽ پنهنجو دواخانو ڪچهري روڊ تي پاڪستان چوڪ جي سامهون کوليائين. هن طب سان گڏ سياسي، قومي، مذهبي ۽ ادبي تحريڪن ۾ سرگرم حصو ورتو. جي.ايم.سيد لکي ٿو، ”جڏهن آءٌ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ ۾ وائيس پريزيڊنٽ ٿيس، تڏهن حڪيم صاحب جو مطب سياسي ڪارڪنن جي ملڻ لاءِ ڄڻ ته مرڪز هوندو هو. ان ڪري اڪثر وٽس پيو ايندو ويندو هوس. ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچي جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ وقت مولوي صاحب منهنجي چڱي مدد ڪئي. شيخ عبدالمجيد کي ضلعي ڪراچي مان بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊائڻ ۾ حڪيم صاحب چڱو بهرو ورتو“ (1). سياست ۾ هندستان جي آزاديءَ جو حامي ۽ انگريزن جو سخت مخالف هو.

هو قوم پرست (Nationalist) هو تنهن ڪري هن جو ناتو ڪانگريس ۽ ”جمعيت العلماءِ هند“ سان هو ۽ جمعيت العلماءِ سنڌ جو سيڪريٽري هو. هن کي انگريزن جي هر شئي کان نفرت هئي. جسم تي به ديسي کاڌي جو ڪفن وٺي زمزم جي پاڻيءَ سان ڌوئي رکيو هئائين. سندس وصيت موجب انتقال بعد اهو ڪفن کيس ڏنو ويو (2).

حڪيم خلافت تحريڪ ۾ به بلڪل گهڻو بهرو ورتو هو جڏهن مولانا محمد علي ڪراچي ۾ آيو هو ته ان اڳيان سپاسنامه پڙهڻ جو شرف کيس ئي حاصل ٿيو هو. هو ڪيترن سالن تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر رهيو ۽ لياري جي پٺتي پيل ماڻهن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪندو رهيو، هن کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان اٿاهه محبت هئي. سندس نظر ۾ ساري دنيا پنهنجين خوبين ۽ خوبصورتين سميت سموهجي اچي سنڌ ۾ سمائي آهي (1). جتي هو قوم پرست هو اتي هن جي دل ۾ ديني جذبو ۽ مذهبي محبت به بي انتها هئي، هو ڪراچي جي مشهور ديني اداري ”مظهرالعلوم“ کڏي جو ناظم هو ۽ يتيم خاني حاجي عبدالله هارون جي سنڀال به اوائل ۾ سندس حوالي هئي. هن مدرسي جون مذهبي خدمتون سونن اکرن ۾ لکڻ جهڙيون آهن.

 

حڪيم جو نالو سنڌ جي نامور صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو. هو جڏهن مدرسه مظهرالعلوم جو ناظم هو ته مٿين اداري جي زير سايه ”الجامعه“ رسالو (1925ع) ۾ ڪڍيائين ۽ سندس سرپرستي هيٺ مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي ڪراچي مان ”الاسلام“ رسالو ڪڍيو (2). 1936ع ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي سرپرستي هيٺ هفتيوار اخبار ”اصلاح“ ڪڍيائين جا نومبر 1939ع تائين پاڻ هلايائين، پوءِ پير الاهي بخش کي ڏئي ڇڏيائين.

حڪيم نثر توڙي نظم جو شاهه هو. هن جو نظم ۾ صرف هڪ ڪتاب ”بهارِ اخلاق“ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس چونڊ قومي نظم، غزل ۽ فلسفيانه فرد (اڪيلا بيت) شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سندس فردن بابت لکي ٿو، ”پارسي ادب ۾ صائب ۽ ناظم هروي شاعرن فردن جي شڪل ۾ ڪيترا پهاڪا لکيا آهن، جن ۾ حسن تعليل سمايل آهي. حڪيم صاحب جن شايد پهريان ئي شخص هئا جن سنڌي شعرن کي فردن سان سينگاريو آهي“ (3). باقي سندن گهڻو ڪلام قلمي صورت ۾ آهي. نثر ۾ گهڻائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان هي مشهور آهن:

حيات النبي، 2. فتح محمدي، 3. اخلاق محمدي، 4. احوال لعل شهباز قلندر، 5. تنوير الايمان، 6. ڪمال ۽ زوال، 7. ميرن جي صاحبي، 8. ابوالفضل ۽ فيضي، 9. آفتاب ادب. پاڻ پنهنجي سوانح لکيائين پئي پر اها نامڪمل رهجي وئي.

حڪيم صاحب جهڙو هو طبيب، تهڙو سياستدان، جهڙو هو اديب تهڙو هو شاعر. پنهنجي شاعري شروع ڪرڻ بابت لکي ٿو، ”جامع تعليلات پڙهڻ وقت هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته حضرت قلندر شهباز رحمت الله جي سالانه عرس جو ميلو آهي، منهنجي هٿ ۾ گلستان جو ڪتاب آهي ۽ ”جدال سعدي با مدعي دربيان تونگري و درويشي“ پڙهي رهيو آهيان. اتي مون کي ڪنهن مضمون سمجهڻ ۾ دقت محسوس ٿي؛ ڪنهن عالم جي ضرورت محسوس ڪيم؛ اڃا انهيءَ شش و پنج ۾ هوس ته منهنجي نظر هڪ مسافر پير مرد تي پئي؛ جو شڪل جو شڪيل ۽ بزرگ صفت انسان پئي لڳو. مون سندس آڏو گلستان جو اهو مشڪل مقام پيش ڪري حل طلبي ڪئي. مون کي فارسي زبان ۾ ان جو حل سمجهايائين. جڏهن نالو پڇيومانس ته جواب ۾ فرمايائين ”سعدي شيرازي هستم.“ آءٌ سندس هٿ چمڻ لڳس ته اک کلي پئي. اک کلڻ تي مون تي هڪ عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي؛ صبح جو بي اختيار مناجات جا اٺ ڏهه شعر زبان تي جاري ٿي ويم. انهن شعرن جي هڪڙي مصرع سنڌي ته ٻي فارسي ۾ هئي. منهنجي عجب جي حد نه رهي جڏهن ڏٺم ته طبيعت بيساخته شعر چوڻ ڏانهن مائل ٿيندي وئي ۽ روز ڪيترا في البديه شعر چوڻ لڳس“ (1).

 

حڪيم صاحب جي تمام ننڍي عمر هئي جو هن شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ سترهن ورهين جي عمر ۾ فارسي ديوان لکي پورو ڪيائين. شمس الدين بلبل سندس شعر ۽ عمر کي ڏسي کيس چيو هو، ”ميان تون ته سنڌ جو ڪو ننڍڙو فيضي آهين!“

 

پنهنجي سوانح ۾ لکي ٿو ته ”سندن استاد مولوي محمد صديق کيس شاعري جي گهڻي مشق ڪرائي“. ان کان پوءِ شايد غلام محمد شاهه ”گدا“ کي پنهنجو استاد ڪري ورتائين. سڪندر اعظم عباسي لکي ٿو، ”شاعريءَ ۾ سندن استاد غلام محمد شاهه ”گدا“ حيدرآبادي هو“ (2).  هو ننڍي عمر ۾ ئي وڏن شاعرن جي صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو ۽ هن جو ڪلام اسد الله شاهه ”فدا“ جي ”بهارِ اخلاق“ ۽ ”مخلص“ جي ”تحفه احباب“ جي طرحي مشاعرن ۾ شايع ٿيندو هو. جواني جي زماني ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ دلچسپي وٺندو هو. سنڌ سڌار سوسائٽي ڪراچي جو بنياد رکيو هئائين ۽ پاڻ ان جو صدر هو. سندس عربي ۽ فارسي ڪلام ڪابل ۽ مصر جي ادبي جريدن ۾ شايع ٿيندو هو (1).

حڪيم جي جواني واري شعر تي مجاز غالب آهي، پر جڏهن هو قومي تحريڪن سان وابسته ٿي ويو ته سندس ڪلام تي به قوم پرستي جو رنگ غالب پئجي ويو. هن گل و بلبل جون ڳالهيون ڇڏي پنهنجي ڌرتي جي آزادي ۽ سجاڳيءَ جون ڳالهيون ڪيون. انگريزن کان نفرت ۽ پنهنجي وطن جي ننڍي توڙي وڏي شيءِ سان محبت جو پرچار ڪيو. شيخ محمد ابراهيم خليل سندس غزل لاءِ چوي ٿو، ”سندن رڳ رڳ حب وطن ۾ سرشار آهي ۽ طرح طرح سان انهي جذبي کي اظهار ڪيو اٿس، جو وطن دوستي سان لبريز نظر اچي ٿو“ (2). هن جي غزلن جي ٻولي سولي، انداز بيان مٺو ۽ پُراثر ۽ خيال قوميت ۽ وطن پرستي ڏانهن مائل آهن.

حڪيم ماده تاريخ ڪڍڻ جو ماهر هو. هن سنڌ جي ڪيترن بزرگن جي وفات ۽ ڪتابن شايع ٿيڻ وغيره جا لاجواب تاريخي قطعه لکيا آهن ۽ پنهنجي وفات جو ماده تاريخ پڻ ڪڍيو هئائين.

هن کي ذيابيطس جي تڪليف هئي، آخر ۾ کيس هڏائين سلهه جو مرض ٿي پيو. مولوي عبدالڪريم چشتي بيان ٿو ڪري ته ”سندس وفات کان چاليهه ڏينهن اڳ ساڻس ملاقات ڪيم، ٻڌايائين ته پنهنجي وفات جي تاريخ ”مشتِ خاڪ“ مان ڪڍي اٿم. هو 13 ڊسمبر 1942ع تي وفات ڪري ويو. سندس وفات جو مادو هن شعر مان نڪري ٿو:

مشت خاڪم بخاک پيوستم

”مشت خاک“ ست سالِ رحلتِ من.

1361هه

جمع خان غريب سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان ڪڍي آهي.

بحرِ حقيقت جو ويو گوهر گران (1).

1361 هه

 

ڪلام جو نمونو (2)

 

ڇا رکيو آهي ڪنهين جي منهن ۾، خط ۾، خال ۾،

فائدو ڪهڙو اجائي عشق جي احوال ۾.

 

لعل لب، رخسار ڳاڙها، نرگسن جهڙيون اکيون،

ڇو پئو ٿا اي سخندان ههڙي قيل و قال ۾.

 

عشق آهي سو سچو جو ذات انسان سان هجي،

ڇا رکيو آهي ٻئي ڪنهن حسن ۾ ۽ حال ۾.

 

عيد ڪهڙي عاجزن جي، هولي هيڻن جي ٿي ڇا،

ڇا مزو مزدور کي نوروز ۽ ناتال ۾.

 

ڪجهه غريبن سان به گڏ رهه ۽ انهن سان ڪر رهاڻ،

ڇو وڃائين وقت پنهنجو ٽينس ۽ فٽ بال ۾.

 

ڳاءِ ڀل قومي قصيدو، ڳاءِ ڀل قومي غزل،

ڪهڙي لذت ڪنهن ٻئي آواز، سر ۽ تال ۾.

 

شعر تنهنجو آهه سادو، بي سوادو اي ”حڪيم“،

ته به مٺو موچارو بيشڪ، آهه سو هر حال ۾.

-

ڪي ٿين قربان پنهنجي يار تان،

يار جي رفتار ۽ گفتار تان.

 

جو غلامي کان ڪري انڪار ٿو،

گهوريان سئو اقرار اُن انڪار تان.

جو مئي حب وطن پي مست ٿئي،

سئو سياڻا صدقي اُن سرشار تان.

 

جو سرِ دار و رسن ٿي ملڪ لئه،

سر ڪريان صدقي انهيءَ سردار تان.

 

گرم ٿي بازار سوديشي جي شال،

گهوريان يورپ کي ان بازار تان.

 

شعر سڀ عشقِ وطن ري اي حڪيم،

گهوري ڇڏجن تنهنجي هن اشعار تان.

-


(1)  جي.ايم.سيد ”جنب گذاريم جن سين“ ص 179، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

(2)  محمد علي دائود پوٽو ”ادبي ثقافتي تاريخ ضلع دادو“ (قلمي)، ص 399، سنڌالاجي مونوگراف“ 1961ع.

(1)  علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڀاڱو ٻيو، ص 321، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع.

(2)  نئين زندگي ماهوار ص 45، ماه ڊسمبر 1957ع، مير شفيع محمد علوي مضمون ”مرحوم علامه حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“.

(3)  نئين زندگي ماهوار، ص 9، ماهه ڊسمبر 1956ع، ڊاڪٽر دائود پوٽو مضمون ”حڪيم فتح محمد.“

(1)  نئين زندگي ماهوار، ص 5، ماه جنوري 1961ع، حيات حڪيم (خودنوشت).

(2)  سڪندراعظم عباسي، ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جون ادبي خدمتون“ قلمي، ص 58، مونوگراف 1964ع، سنڌالاجي.

(1)  نياز حسين همايوني ”سنڌ جي طبي تاريخ“ ، ڀاڱو ٻيو، ص 692، سنڌ سائنس سوسائٽي ڄامشورو.

(2)  ”نئين زندگي“ ماهوار، ص 9، جنوري 1958ع.

(1)  ”بياض غريب“ قلمي، ملڪيت علي عمر مريد لاکير ڳوٺ.

(2)  حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”بهارِ اخلاق“ ص 6 ۽ 22، 1938ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org