سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :12

 

نور محمد ”نور“

قاضي نور محمد قريشي خيرپور ميرس جي ٺيڙهي شهر جو ويٺل هو. 1878ع ۾ ٻٻرلوءِ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستر هو. سندس ڪلام مان معلوم ٿو ٿئي ته پارسي ۽ عربي پڙهيل هو ۽ سنڌ سڌار اخبار هن ۾ غزل چوڻ جو چاهه پيدا ڪيو هو.

 

ڪلام جو نمونو

 

اي صبا ساجهر سپرين ڏي وڃيج،

هي نياپو هوت کي ڪوڏان ڪهيج.

 

تو بنا جاني جيئڻ جنجال آهه،

مهر سان مشتاق ڏي وهلو وريج.

 

ڦل ڦقد اذ هِبت عن قلب الحزن،

قاصدا هي پهه قريبن کان پڇيج.

 

دل همي رنجد ز دردت دائما،

تون اچي اڄ سور سو ڪامل ڪٽيج.

 

دل لڇي دلبر اوهان لئي دمبدم،

آءُ سگهو اڄ هن ڪميني ڪر لهيج.

 

اشڪِ خوني از عيونم مي رود،

آهه هاڻي آتشين من سڻيج.

 

نور محمد تي اچي نامِ خدا،

اي ڪرامت جا ڪڪر قربان وسيج (1).

-

سڪندي جنهن کي ساريان سو دلربا ايندو ڪڏهن،

هي هي ڪيو جر هاريان سچ چئو صبا ايندو ڪڏهن.

 

ويٺي سدا واٽون ڏسان ساريو سپرين کي سڪان،

قاصد ادا توکان پڇان جاني الا ايندو ڪڏهن.

 

دل اوچتو جنهن سان اڙي جند جان سورڻ ۾ سڙي،

جڙ جان جي جنهن سان جڙي سو ياخدا ايندو ڪڏهن.

 

دل درد مان دانهون ڪري اڌ رات مان آهون ڪري،

پرتيون پرين پيرا ڀري، قاصد ادا ايندو ڪڏهن.

 

پلپل پرين جي پور ۾، دلڙي سڙي ٿي سور ۾،

گهايس جنهين جي گهور ۾ سو مهه لقا ايندو ڪڏهن.

 

جنهن برهه ۾ بيمار ڪيو يا ڪي وڃي سو يار ٿيو،

جو دل لٽي دلدار ويو سو بيوفا ايندو ڪڏهن.

 

نت نور محمد ٿو رڙي، ساريو سپرين کي سڙي،

ان جي اڱڻ پيرا ڀري، مشڪل ڪشا ايندو ڪڏهن (1).

-

محمد صديق ”صديق“

 

ماستر محمد صديق تخلص ”صديق“ شڪارپور جو ويٺل هو، ائين ٿو محسوس ٿئي ته هن کي پنهن جي همعصر شاعرن جي صحبت ۾ شعر چوڻ جو شوق ٿيو هو. ڪڏهن ڪڏهن غزل چوندو هو.

 

ڪلام جو نمونو

 

جادوگرا تون جادو لائي وئين مون کي،

سان رمز رمزدار تون گهائي وئين مون کي.

 

گريان زار آهيان پر خاڪپائي تو،

هي پيچ پرت جو تون پائي وئين مون کي.

 

اي گلعذار بي گلِ رويت چون عندليب،

دانهون ڪريان جو يار ڏکائي وئين مون کي.

 

ميخواهم از خدا که به بينم جمالِ تو،

هي تار تن ۾ دلبر لائي وئين مون کي.

 

صديق ڏي تون مهه رخ هاڻي وراءِ واڳ،

ڇو درد هجر جي کان رنجائي وئين مون کي (1).

-

 

 

جوان جوڀن دار تون موٽج وري،

محب مهه رخسار تون موٽج وري.

 

رات ڏينهن ديدار تنهنجو ٿو گهران،

يار گلرخسار تون موٽج وري.

 

گل مڙيا گلزار ۾ آيو بهار،

خوش کليا گلنار تون موٽج وري.

 

ساهه ساقي ٿو سڪي تولئه مدام،

پر پيالو پيار تون موٽج وري.

 

واعدا جي محب تو مون سان ڪيا،

پاڙ سي سردار تون موٽج وري.

 

ڪر ڪرم جاني اچي صديق تي،

هوت سيني ٺار تون موٽج وري (1).

-

محمد يوسف ”مسڪين“

ميان محمد يوسف تخلص ”مسڪين“ 1878ع ۾ مغلڀين ۾ ماستر هو. پنهن جي همعصر شاعرن جي غزلن تي غزل لکيا اٿس ۽ جن هن جي غزل کان متاثر ٿي انهن تي غزل لکيا آهن. هن جي غزل ۾ رواني، رنگيني ۽ راحت آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

اي ادا بادِ سحر ڪو ڏي نياپو يار جو،

مرحبا فرخ سير ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

وئي ڀلارا ڏينهن ٿيئه، سڀ خير سک هو قاصدا،

تو پٺيان مون ڪيا حشر  ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

ياد جن جي ۾ وڄن هر هر رڳون طنبور جان،

تن ڪئي ٿي ڪا پچر  ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

عندليبن ڪالهه خوش الحان سان ٿي ٻوليو،

سبز ٿيا سڀ دشت و در  ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

دائودي رنبق ۽ موتي باغ ۾ ڪيو چهچٽو،

خوش درختن ڪيا عشر ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

دوش در هجران جانان آهه چون ڪردم زسوز،

خام ٿيا لرزان جگر ڪو ڏي نياپو يار جو.

 

آئيا ڏينهنڙا بهاري چئو سڄڻ ايندا ڪڏهن،

هاڻ مسڪين ڪر خبر ڪو ڏي نياپو يار جو.

-

 

مهه رخا آڻ مي سندو اوند،

عيد آئي ٿيون دليون خورسند.

 

حال بين آهيان سدا پابند،

رحم سان ڪر نگاهه روزي چند.

 

مست مخلوق ٿيا پسي جلوو،

فڪر ۾ پيو وحوش و مرغ و درند.

 

داستانِ هجر چون بلبل خواند،

ماسوا از نشاط شد دربند.

 

 

يار آهي اڃا ڪ ويو هجري،

ساقيا ڪر سچي اٿئي سو گند.

 

واهه ڪج يا سچار مرسل مير،

ڪرم ۾ آهيان مان آساوند.

 

سخت آهيان مجوز ۾ فاسق،

يا شفيع الورا سهائم رند.

 

فسجت جان کني به وقتِ نزع،

ناهه مسڪين ۾ ڪا طلعت تند.

هن غزل ۾ صنعت توشيع استعمال ڪئي وئي آهي پهرين سٽ جي پهرين حرف وٺڻ سان شاعر جو نالو محمد يوسف ۽ ٻي سٽ جي پهرين حرف وٺڻ سان سندس تخلص ”مسڪين“ ٺهي ٿو.

-

جشن مل ”جشن“

جشن مل پٽ منشي ريواچند مير چنداڻي تخلص ”جشن“ حيدرآباد جو ويٺل هو. غزل جي عاشقن مان هڪ هو.

 

ڪلام جو نمونو

 

دل سدا ساري سڄڻ سردار کي،

من سڪي ٿو محبتي منٺار کي.

 

شال ان جي وصل جو وارو ڪري،

دفع هن دوري سندءِ دشوار کي.

 

لئي ملڻ ان جي گهران دم دم دعا،

آس ۾ آڻي الله توهار کي.

 

هاءِ هاريان ٿو اکين مان رت ڦڙا،

هيئن گهران ٿو هن هنئين جي هار کي.

 

آرزو آهيم من مولا ملاءِ،

محب مشفق ساهه جي سينگار کي.

 

نظم ۾ مضمون نازڪ نوبنو،

ٿا وڻن هر حرفتي هشيار کي.

 

جاءِ عبرت جي جشن دنيا سڄي،

راهه رب جي وٺ ڇڏي سنسار کي. (1)

-

 

مظهرالدين شاهه ”مظهر“

پير ميان مظهرالدين شاهه ويٺل ٽلاهه تعلقو لب دريا هو. سنڌ سڌار ۾ پنهنجا غزل شايع ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو.

 

ڪلام جو نمونو

 

اي مٺا منٺار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين

دلربا دلدار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

 

آءٌ اڱڻ عاجز سندي پرتيان پيرا ڀري،

ساهه جا سينگار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

 

آءٌ اصل کان آهيان تنهن جي غلامن جو غلام،

ڏيهه جا ڏاتار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

 

هيئن نه لائق هوت هيڏي بي نيازي سان نياز،

هئي هيئن جا هار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

 

ڏوهه منهنجا ڪين ڏس تون ناءَ پنهن جي ڏي نهار،

سونهه جا سالار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

عشق تنهن جي ڪئي اڳي مون ساڻ ڪيڏي ڪارزار،

ور ولهن واهار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين.

 

ميٽ مظهرالدين جون ميريون مدايون معاف ڪر،

آءٌ مون آڌار اڄ ڇا لاءِ ٿو پاسو ڪرين (2)

-

آءٌ اي ساقي پيالو پر ڪري،

ڏک زماني جو درد دلتو ڌري.

 

جام ڏي جاني اچي هن حال ۾،

تان ٿيان تهدل پرين پاڻا پري.

 

دنگ دلبر پيار نازڪ نينهن جا،

نامرادو نفس موڳو مر مري.

 

جيڪڏهن بدنام بيشڪ برهه آهه،

لڄ شرم ري بي سکي ساعت سري.

 

پيچ پرين سان پيو ٿو پرت مان

روز شب ٿو روح منجهه ڳڻتي ڳري.

 

ڪونه ڪو آهيم محرم راز جو،

جنهن اڳيان هي حال ڳرهيان هوت ري.

 

ٿي نه ”مظهر“ محب ري ماندو مگر،

نيٺ سولو هڪ گهڙي ڍارو ڍري (1).

-


 

لڇيرام ”خفتي“

منشي لڇيرام تخلص ”خفتي“ حيدرآبادي هو. هن جا فاضل شاهه ۽ آخوند محمد قاسم سان به گهرا تعلقات هئا. هو فاضل شاهه جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو جنهن جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

 

سيد فاضل تو وٽ ڏينهن جمعي ميڙو لڳي،

آءٌ به ايندڙ آهيان، محفل سندو سينگار تون (1).

 

خليفي قاسم جي تعريف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

 

لک هزارين آفرين قاسم ادا توکي هجي،

نڪته چينيءَ ۾ ختم بيشڪ آهين هوشيار تون (2).

 

ڪلام جو نمونو

 

هي جدائي عاشقن کي آهه جيئري ئي جنجال،

ري ڏسڻ معشوق جي آهي جيئڻ ڏاڍو محال.

 

اي سڄڻ سائين مٺا تون ڪر نه هن تي اعتماد،

بيوفا آهي جواني دل اندر ۾ ڪر خيال.

 

حسن ڪافر هي سدا ڪنهن وٽ رهي ٿو ڪينڪي،

ويو رهي سڀ ڪنهن وٽان ساعت گهڙي ۽ چئو نه سال.

 

اڄ اڱڻ عاجز سندي پيرا ڀري منٺار تون،

ٻاجهه ڪر ٻانهي مٿي دنيا اٿئي آخر زوال.

 

ڳڻ کڻي ٿيا ڪيترا ڏينهن درد ۾ دانهون ڪندي،

هاڻ ڏيکاري سڪايل کي اچي هيڪر جمال.

 

زندگاني ائين ٿو ڀانيان ڄڻ ته ڪا سڪرات آهه،

نار ڪيو پاڻي اکين مان ٿو وهي شب روز لال.

اي عزيزو هن جدائي جو ڪيان ڪهڙو بيان،

آهه سرد و رنگ زرد و هي سڻو منهنجو مثال.

 

بحر غيرت جي منجهان اسري مٿي تون مست آءٌ،

فڪر فاقا سڀ ڇڏي ڏي مدد ٿيندو ذوالجلال.

 

رک جمع خاطر ادا ”خفتي“ امن ايمان گهر،

هٿ کڻي هادي طرف ڪر تون سدا اهڙو سوال (1).

-

 

محمد باقر ”راقم“

قاضي ميان محمد باقر ولد محمد حيات قريشي تخلص ”راقم“ شڪارپور جو رهاڪو هو. سندس غزلن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو پنهن جي دور جو چڱو شاعر هو.

 

ڪلام جو نمونو

 

محب منٺار ڇڏ جفاڪاري،

وٺ وفا ڪيم ڪر دل آزاري.

تنهن جي فرقت ۾ اي سڄڻ سائين،

عمر گذري ويم سڄي ساري.

 

حسن ۾ مٽ سندءِ نه ٻيو ڄاڻان،

رب ڏني توکي سونهن سونهاري.

 

تو سندي برهه سخت ڪيو بيمار،

ڪيئن ڪري دل اڙي جا ويچاري.

 

دل کي توڻي گهڻا دلاسا ڏيان،

تئن ٿئي زور برهه هيڪاري.

 

رخ درخشان جيئن صبح روشن،

موئي ور ور مثال شب ڪاري.

 

سير گلزار جي سان ڇا مطلب،

جو ڏسان ٿو سدا هي گلڪاري.

 

ڪر توڪل خدا اتي ”راقم“

ڪندو غمخوار توسان غمخواري. (1)

-

 

منهنجو مشفق شفقت سان اندر ايوان ڀلي آيو،

مثل طائوس جي رقصان تسلي جان ڀلي آيو.

 

حمد تنهن رب سندو ڇيڙم جڏهن پيرين پرين ٿيڙم،

ڪلئي احوال خود ڪيڙم، ٿئي فرحان ڀلي آيو.

 

دريون ديوار ٿيا گلشن، اچڻ سان گهر ٿيو روشن،

پئي وهه واهه منجهه مستن، بشوڪت شان ڀلي آيو.

 

سدا تنهن جي اچڻ کان مان، ٿيس خوشحال دلفرحان

تهين تان جان جند گهوريان، صداقت سان ڀلي آيو.

 

ڏسڻ سان خوش ٿي جنهن کي چوي جڳ آفرين تنهن کي،

جا تو مٽ شان آ ڪنهن کي شهه خوبان ڀلي آيو.

 

غزل ”راقم“ چيو آه………ي، اجابت ۾ پيو آهي،

محب تنهن سان مليو آهي، لڪي لوڪان ڀلي آيو. (1)

-


 


(1) سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 11، جنوري 1878ع.

(1)  سنڌ سڌار، ص 2، تاريخ 25، آڪٽوبر 1878ع.

(1)  سنڌ سڌار، ص 2، تاريخ 4، آڪٽوبر 1878ع.

(1)  ”سنڌ سڌار، ص 2، تاريخ 1، فيبروري 1878ع.

(1)  ”شاعران شيرين بيان“ قلمي ص 24، 38.

(1)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ 13، ڊسمبر 1878ع.

(2)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ 25 جنوري 1888ع.

(1)  سنڌ سڌار.

(1)  محمد صديق ميمڻ تاريخ سنڌي ادب، دفعو ٻيو ص 248، آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد 1960ع.

(2)  محمد صديق ميمڻ تاريخ سنڌي ادب، دفعو ٻيو ص 248، آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد، 1960ع.

(1)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ 6، ڊسمبر 1878ع.

(1)  سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 1، نومبر 1878ع.

(1)  سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 18، آڪٽوبر 1878ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org