سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :5

 

 

نظم

 

 

 

در تي دلبر

چشم تر، دل منتظر، نيچي نظر سان ڪير آهه،

آهه دروازي تي دلبر، در کلڻ جي دير آهه.

 

شوق مان شادي رچي راڻو نه مومل سان مليو،

خاص خلوت گاهه ۾ پاتو نه پياري پير آهه.

 

سڪ ڪيو سوگهو سڄڻ جي ڪين چائٺ تان چري،

پُختگيءَ سان پير ۾ پيل نينهن وارو نير (1)آهه.

 

محبتي مرليون وڄائي هوت هر کائي رهيو.

گهوٽ لئه گهر ۾ گهرڻ جو هي رڳو هڪ گهير آهه.

 

وير واجب ٿو نه ڄاڻي برهه ۾ بي عزتي،

ٻڙڪ هت ٻاڦي نه جو ٻاهر گجندڙ شير آهه.

 

تاج ۽ تلوار سلطاني ٻُنڀي ٻاهر رکي،

سوکڙي سِرَ تي کڻي آيو گلن جو ڍير آهه.

 

سروشڪيتوان  (1)ٿي هت در نه کڙڪائڻ گهري،

حاڪمي ۽ عاشقيءَ ۾ فرق بيوس ڦير آهه.

 

هوت

آهي مشهور عالم ۾، جفا (1)تنهنجي وفا منهنجي،

حقيقت ۾ مگر آهي وفا تنهنجي، جفا منهنجي.

 

هزارين چشم روشن سان، اچين تارن ستارن تان،

تڏهن بِي دل ڪدورت (2)کان نه ٿي آهي صفا منهنجي.

 

نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت(3) تنهنجي نه ڏيان پائي،

جڳت ۾ آهه هيءَ جائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي.

 

 

ڪريو سينگارَ سوَ سائين، ملڻ لئه هوتُ هرکائين،

نه پر پيرو اندر پائين ڏسي گهٽ چاهنا منهنجي.

 

 

شڪاري شوق ٿيو پيدا لٿا سِرَ بي زبانن جا،

اُپايا تو ته مون ماريا، ديا تنهنجي هچا منهنجي.

 

 

سُکن ۾ صاف وسري وئين، ڏکن ۾ ياد مس مس پئين،

تڏهن ٻي ڏات ڏاتر ڏئين، طبع جي بي حيا منهنجي.

 

 

ڪهان ڪهڻي گهڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي،

وڏائي لئه وهم وهڻي ٿي بيوس واسنا (4)منهنجي؟

 

 

ڌڻيءَ دَر وينتي

 

اسان جي حال تي هر دم سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر،

ڀلارا ڀال (1)پنهنجي سان اسان جو پاند پالهو(2) ڀَر.

 

ڀُليل آهيون ته تون پنهنجي ڪلا(3) سان راهه روشن ڏي،

اسان جو هي قدم ڪچڙو نئين رستي تي سائين ڌر.

 

چڱائي ۽ مدائيءَ جي سچي ساڃاهه(4) صاحب ڏي،

ڀلو ۽ بهتري جنهن ۾ سدا سا شال پاريون پر.

 

پڙهون جيڪي ڌريُون دل تي عمل ٿئي علم سان شامل،

نئين سِر چاهه پيدا ٿئي فضيلت ۽ ادب خاطر.

 

ڪچيءَ کان ڪر اثر پيدا اسان ۾ خير خواهيءَ جو،

دنيا ۾ خلق خدمت کان نه ڀانئيُون بندگي بهتر.

 

کپي جيڪي گهرون توکان اي ڏاتر ڏيهه کي ڏيندڙ ،

سدا ڀرپور ڀنڊاري (5)اي داتا دادگر (6)داور(7).

 

آسمان

 

ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،

مون کي نه ڳُجهه سلين ٿو، پاڻان پري جهلين ٿو،

اي سمان نيلا تارن سندا وسيلا.

 

ڇا رات رتل پوتي، سلمي ستار ڳوتي،

جنهن تي اپار موتي، جِهومِر جَهرمَڪ سان جهوتي (جوتي)،

چمڪاٽ چَمڪَ آدي، اَننت (1)۽ انادي(2).

 

تيزي نظر نهارين، ڌرتيءَ تي باهه ٻارين،

ماٺي نگهه سان ٺَارين، تون هيٺ کير هارين،

تنهنجا ٻه نيڻ نيارَا، سج چنڊ نانوَ وارا.

 

واسينگ ڦَڻَ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مَڻ مَٽن ٿا،

ڪيئن سيگهه ۾ سَٽن ٿا، ڪيئن جلد ۾ جَهٽن ٿا،

اهڙيون عجيب رانديون، آهن ڪٿان تون آنديون.

 

گجگوڙ جيئن گجي ٿي، مُرليءَ جي ڌُم مچي ٿي،

نانگڻ کنوڻ اچي ٿي، لهريون هڻي نچي ٿي.

تنهنجو. اندر ڇڄي ٿو، رُئندي ڀنجر ڀڄي ٿو

 

 

سُهڻا لغڙ سدائين، ٿو انڊلٺ مان ٺَهين،

بادل مَٿان اُڏائين، ڇا راند ٿو رچائين،

ڇا صبح سون ڏنگي، ڇا شام لعل رَنگي.

 

ننڍڙو اُتر جو تارو، کَٽَ جي نشان وارو،

تنهنجو سچو سهارو، جنهن تي ڦرين ٿو سارو،

يڪجا درو (2)مندر ۾، چوطرف تون چَڪر ۾.

 

ڌرتيءَ سان سِرُ گسائڻ، ڏوران رڳو پسائڻ،

دوکو نظر کي لائڻ ۽ ڀورڙا ڀُلائڻ،

توڏنهن ڀڄان مان جيئن ٿو، ”بيوس“ تُون تيئن ٿو.

 

بهار

 

آهه هر موسل ڀلي، پر شاهه مند آهي بهار،

هن بهاريءَ جي برابر ناهه ڪا مند نامدار.

 

سونهنپُر مان، جت خزانو حسُن جو ڀرپور آهه،

ٿي اچي ڀرجي صبا(1)، سي اڻ ميا کڻندي انبار.

 

چوطرف وايو(2) چڪر هٻڪار سان ٿو واسجي،

خوب کستوريءَ جي خوشبو کان مِٽي ٿئي مُشڪبار(3).

 

ٿو رسي هر ٻوٽي، غنيچي، هر شجر کي خوش پيام،

ٿيو پون مکڙيون ٽڙي ٽارين تي ۽ گل بيشمار.

 

هر پرندو آهه پرسن، هر چرندي لاءِ جشن،

راڳ گاني، موج ڇم ڇم، ناچ جي آهي تنوار.

 

سبز (4) پوشي مخملي (5)تهه آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو،

چشم تر لئه آهه ”بيوس“ هيءَ نزاڪت نيڻ ٺار.

 

برسات

آسماني آڇَ سان اڄ گُل ٽڙيا گُلزار ۾،

بوُند باراني وسي، پُر مغز ٿَئي هُٻڪار ۾.

 

اڄ مڙي، بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب،

پڻ چڙَي، ٺاري نِڙَي گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.

 

رعد رڙڪا، گوڙ گڙڪا، خوب ڪَڙڪا ٿو ڪري،

پڻ تنبُورا، ساز سُرندا، سارنگين جي تار ۾.

 

مينهن جي مانڊاڻ کان، سارا چمن چانڊاڻ ٿيا،

ڦوُهه ۾ گُل ڦُل ڦُٽي پيڙا کُلي هر ٽار ۾.

 

پيَ پَپيهو خوبُ پاڻِي، ڍَوَ، منجهان ڍاپيو گهمي،

بُلبليُون چيها، چَتوُن آهن لڳا للڪار ۾.

 

رُوحِ کي راحت رسي، اڄ تازگي چوڏس ڏسي،

هِير. دل کي هر گهڙيءَ خوش ٿي ڪري خنڪار(1) ۾

 

هِيج مان هارين جي دل ۾ آهه بيوس آسرو،

هَنج ڀري ٻيجن ٻِجن جا، ويا ٻنيءَ ۽ ٻار ۾.

 

حياتي

 

ٺاهي ڪريو سنسار ۾ گلزار حياتي،

خوشدلِ مان ڪڍي جا سدا هٻڪار حياتي.

 

جا درد پرائي تي، ٿي همدرد دُکي ٿِي،

سا خوب مزيدار سينگار حياتي.

 

جا آپ ڀلي لئه ٿي جئي، ۽ نه جڳت لئه،

سا ڄاڻبو جئري، رهي مردار حياتي.

 

جنهن پاڻ کي دنيا جي نه درپن ۾ سڃاتو،

ٿي خواب خيالن مان نه بيدار حياتي.

 

منشا بنا انسان، ته اولي بنا ٻيڙي،

مقصد بنا بي سود ۽ بيڪار حياتي.

 

جنهن پاڙهڻي پرت ۾ ميوو نه پچايو،

سا ڀُونءِ مٿان بُنڊُ بڻي بارُ حياتي.

 

 


 

 

سچائي

ڦري سنسار جو چرخو سچائيءَ جي سرائيءَ تي،

منڊيل (1)مانڊاڻ (2)دنيا جو سڄو آهي سچائيءَ تي.

 

ڦرن گردش گرهه تارا ۽ گرهڻ ٿين مندون مٽجن،

سٽِيل سڀ سلسلو سهڻو، سچائيءَ جي پڪائيءَ تي.

 

اَٽل قانون قدرت جو، سچائي آهه نالو پيو.

اِهو اهڃاڻ عبرت جو خدائي جي وڏائي تي.

 

وڌائي شان انسانيت، اندر کي ٿي رکي اُجرو،

رهي مالڪ سدا موهت سچائيءَ جي صفائي تي.

 

گِدڙ مان شير ٿئي پيدا، گُنگي کي ڏئي زبان بخشي،

سَچائي جي اچي پنهنجي ٿِي طاقت آزمائيءَ تي.

 

سچي جي سر مبارڪ تي رهي ڇٽ ٿو تجمل جو،

سچو چهرو سدا چمڪي رهي دل بي ڊپائيءَ تي.

 

سچو ”بيوس“ رڳو رَهبو ته ٻيا گڻ ڊوڙندا ايندا،

سچو چتُ چاهه مان ازخود وڃي پوندو، چڱائي تي.

 

تندرستي

تندرستي آهه نعمت سک وڏو سنسار ۾،

تندرستيءَ کان سواءِ نت آدمي آزار ۾.

 

ڀل ته سَو سک ٻيا هجن، دولت جَهجهِي عهدو وڏو،

پر صحت ڌاران نه سي آهن ڪنهن به قطار ۾.

 

سير گلشن جو ڪيو صحت سَوا جو مون وڃي،

ٿي گلن مان خار ڄڻ مون کي چڀيا گلزار ۾.

 

هڙسڄي(1) سان جهوُپڙيءَ ۾ گدا ماڻي مزا،

پر صحت ڌاران سنگاسن (2)جو ڌڻي لاچار ۾.

 

 

ڪيئن مزو ۽ لطف روڳيءَ کي اچي دنيا منجهان،

نا اميدي گهر ڪري ڄڻ ٿي وڃي بيمار ۾.

 

جن اصولن سان نِر وڳو خوش گذارڻ ٿئي نصيب،

تن اصولن کي رکڻ گهرجي سدا ويچار ۾.

 

 

ٿو ترقيءَ دل دماغ ۽ روح جي کان وانججي(3)،

جوت جيوت ڪيئن ڪڍي، بيمار ٿيو بيڪار ۾.

 

سادگي سنجيدگي ڪثرت، صفائي خوشدلي،

آهه بيوس مکيه صفائي صحت لئه هرڪار ۾.

 

 

ٻار جي سنڀال

 

جنهن ٻارڙي جي پرگهور، پوري سنڀال ٿئي ٿي،

تنهنجي ڳلن تي لالي گل جي مثال ٿئي ٿي.

 

گدلي رهڻ جي عادت هاڃو ڪري ٿي ڪيڏو،

پيءُ ماءُ لَئهِ انهن جي  جِندڙي وبال ٿئي ٿي.

 

جنهن ٻار کي نپايو پرهيز ۽ هنر سان،

صورت سوائي سهڻي ۽ باجمال (1)ٿئي ٿي.

 

ميري ڪنِي رهڻ کان جِتِ آهه خاص نفرت،

اُتِ مرضَ کي اچڻ جي ڪَهَڙي مجال ٿئي ٿي.

 

جت سادگي صفائي تن من جي اوجلائي،

”بيوس“ اُتي اگهائي خود پائمال ٿئي ٿي.

 

 

 


 

 

ناري وديا

پنگتي، قومي سڌارو عورتن اختيار آهه،

پيڙهه پختي جنهن عمارت جي نه، سا بيڪار آهه.

 

ٻن پرن سان ئي پکي پرواز ٿو پورو ڪري،

هڪ پروَ هرگز اُڏامي ڪين، جو لاچار آهه.

 

اڌ رنگي انسان، زندهه آهه جنهنجو اڌ رڳو،

ڪيئن ترقيءَ تي رسي، ٿي اڌ، بڻيو لاچار آهه.

 

مرد عالم سان هرگز اڻ پڙهيل عورت سُنهين،

ميل ملندو ڪين ليڪن باعث تڪرار آهه.

 

استري(1) وديا سبب ڇا ڇا قديمي شان هو،

هاڻي اوديا(2) جي ڪري ڪيڏو متو انڌڪار آهه.

 

اڄ به ڪنهن دنيا جي سڌريل ملڪ کي جاچي ڏسو،

هر تحريڪ ۾ پڙهيل زالن کنيو ڇا بار آهي.

 

رسم بد جي پاڙ کي ناري وديا ڏيندي پٽي،

علم ريءَ ”بيوس“ سڌارو ڪو به ٿيڻ دشوار آهه.

 

سامونڊي سپون

جڳٺ ۾ جا بجا جلوو پسان تنهنجو پيارا ٿو.

تجلو جوت جاچڻ لئه تڪيان تارا ستارا ٿو.

 

ڏسي کل خوب خوش رنگي، وڃي باغن ۾ مون ڄاتو،

سڏائي پاڻ بيرنگي بڻائين رنگ نيارا ٿو.

 

صفاتي ويس ۾ هرجا حسن ذاتي پسَين پنهنجو،

رچي وحدت منجهان ڪثرت ڪرين ڪيڏا پسارا ٿو.

 

پرهه سان پُڃ (1)گنگا ۾ هنيو جنهن گيان (2)جو غوطو،

صفا دل درستيءَ ۾ سو پسي نوري نظارا ٿو.

 

اکين کان آهه دل ڏي دڳ وڃڻ، جو پر نه موٽڻ جو،

ڇُٽڻ تنهنجو زندان(3) دل مان بعث ڄاڻان دلارا ٿو.

 

دنيا قربان گهه(4)  شاهي، نه آهي دام گَههُ (5)ڦاهي،

چيو رانجهن ڇڏيان هڪ هِير لئه تخت هزارا ٿو.

 

دنيا جهوني هينئر آهي يا هن کان اڳ هئي جهوني،

سِٽيان هي سوال ٿو جڏهن ٻُڌان مصري منارا ٿو.

 

عمر ٿوري ته آهي، پرجي پنهنجيءَ تي اچي انسان،

ڪري ”بيوس“ سگهي اوڪيترا قومي سڌارا ٿو.

 

 

امرتي

 

گُپت (1)گنگا گيان جي ٿي امبر تي ويلي وهي،

جو سچو ٽوٻ هجي سو ڀل امل موتي لهي.

 

ڪيئن نه ٿيندي جنگ جاري ڌرم راجن واسطي،

جو ڪتابي قيد لئه ٿو تخت دل جي تان لهي.

 

مَنَ مثل پاڻي هميشه وَهُڪ هيٺائين وٺي،

پر وويڪِي (2)پمپ سان دٻجي مٿاهينءِ تي وهي.

 

ٿيو اُجڙ دل جو مندر دلبر جو گهر ويران آهي،

ڪام(3) راجا جت وسي ڪيئن رام ويچارو رهي.

 

سخت وِلَهه برسات ۾ ڪنهن رات سَوڙين مان اُٿي،

ڏسُ ته ٻاهر بي اَجهن لئه وئل ڇا ڇا ٿو وهي.

 

درد جي ديوي منش کي ٿي اُتم اعليٰ ڪري،

ٿو صفا ان ٿئي تُهن کان ڳاهه ۾ جيئن جيئن ڳهي.

 

 

اڄ غريبن جوُن ڪکايُون جهوپڙيون مالڪ گهمي،

ٿو مندر مسجد مڙهيءَ ديول ٽڪاڻي کان ٽهي.

 

جوڻ(1) چڪر ۾ چون اُنتيءَ سندو امڪان ٿا،

اڪثرِي بهتر ٺهڻ لئه جاءِ جهوني ٿي ڊهي.

 

آتما(2) روپي اندر ۾ ٿي اَمرُ جو تي جڳي،

ڪوشَ(3) ڪُهنا بدلجن پيا موت ٿِي مِٽي سهي.

 

مون پچائي خاص ڳوڙها نظم جا موتي  ڪيا،

ڪَٿَ صرافِي پرک وس، ڪينجهر ڪهي ڪوڏيون ڪهي.

 

هل ته گل تازا ٽڙيل چرنن اڳيان ”بيوس“ ڌريون،

ڪين ڪوماڻيل، ڪچو ٿو پشپ (4)ٺاڪر لئه ٺهي.

 

لالن جو لقاء

 

لالن لقاء  (1)تنهنجو  هر جا نظر اچي ٿو،

توکي ڏسان ٿو آڏو دشمن اگر اچي ٿو.

 

پردي ۾ رات جي ڇا ڪرتا (2)رکي ڪرامت،

ڪيئن چمڪندو نئين سر نڪري سحر(3) اچي ٿو.

 

معلوم ٿي وڃي ٿو روشن دماغ ڏسندي،

ڪيئن خاڪ جي ذرن ۾ شمس و قمر اچي ٿو.

 

ڏاتر جنم ڏيڻ لئه نَئِن کير جي وهائي،

سنسار ۾ سفر کان پهَرين سمر(4) اچي ٿو.

 

گل کي ٽڪي چنهب سان دانهون ڪرين مُٺن جان،

خود باغبان کي توتي بلبل ڏمر اچي ٿو.

 

فرقت خنجر وهائين مرهم وصل لڳائين،

دلبر تنهنجي هٿن ۾ منهنجو جگر اچي ٿو.

 

 

هُو، ٿو اُپائي گوهر، هُو سيم (1)و زر جواهر

تحفا کڻي سڄڻ لئه خود بحر و بر اچي ٿو.

 

واجهائيندي وصل کي جهاڳڻُ پئِي جُدائي،

تقدير جي چڪر کي الٽو چڪر اچي ٿو.

 

ڏسندي جمال جاني، حورن لڳي حيراني،

ماهه و بدر فلڪ تي ٿي دربدر اچي ٿو.

 

رهڻيءَ ۾ ناهه عامل، ڪهڻي ۾ مگر ڪاهل،

اهڙيءَ سکيا جو مشڪل ٻين تي اثر اچي ٿو.

 

هڪ نقط جو نظارو ” بيوس “ جهان سارو

ڏس تخم جو پسارو نڪري شجر اچي ٿو

 

پريم ساگر  (1)۾ پوڻ سان مامتا(2) مٽجي وئي،

هن پوتر جل اندر جڙ پاپ جي پٽجي وئي.

 

سَنڌَ سَنڌَ ۾ هئي سمايل سخت دل جي داڻ داڻ ،

قرب جي ڪاڻي لڳڻ سان سنگ جيئن سٽجي وئي.

 

دل ملي دلدار سان آئي پرت جي پيچ ۾،

وصل جي ور ور اچڻ سان واڻ جيئن وٽجي وئي.

 

بي لطُف ٿي زندگي بيڪار بوتي جي مثل،

ڪامنا(3) جي ڪٽ چڙهڻ سان ڪيميا(4) ڪٽجي وئي.

 

ڪي دلُيون فرحت ڦٽيُون ۽ ڪي ڪيُون شوقن شڪار،

پر پرائي درد ۾ درويش دل ڦٽجي وئي.

 

هار جي للڪار تي ليلا چنيسر کي مٽيو،

ڪيئن نه لعلن ساڻ لالن جي لذت لٽجي وئي.

 

بلبل دل ٿي اڏي دلدار ڏي پر واٽ تي ،

باز دنيا جي چنبن جهٽجي وئي.

 

ٿيو سچائيءَ جي اڳيان ازخود لڄي رسمي ڌرم،

ڏِسُ ڏئي جِي روشني سج اُڀرندي هٽجي وئي.

 

پيٽ پُوڄا لاءِ ڇا ڇا عشر تي سامان ٿيو،

روح لئي خوراڪ ”بيوس“ جا بجا گهٽجي وئي.


(1)   نير = نيلُ ڪڙيون

(1) سرو شڪتيوان = طاقت وارو – الله – پيدا ڪندڙ ڏسو اردو، ڪلاسيڪل هندي ۽ انگلش ڊڪشنري آف پلئٽس

  (1) جفا = ڏاڍ، ظلم   

(2)  ڪدورت = ٻيائي.

(3) نعمت = خيرات

(4) واسنا = ويساهه، لاڙو، ڀروسو ڏسو پلئٽس ڊڪشنري صفحو 122

(1)    ڀال= مهرباني

(2) پالهو = خالي

(3) ڪلا= طاقت، رحمت

(4) سڃاڻپ، ساڃاھ= شناس

 (5)  ڀنڊاري = سخي

(6)  دادگر = انصاف ڪندڙ عادل

(7)  داور = ڌڻي تعاليٰ

(1)   اننت = بي پايان

(2)  انادي = بيحد، تمام گهڻا

( 2)  درُو = قطب تارو

(1)   صبا = هوا، هير

(2)  وايو چڪر = هوا جو ڦيرو

(3)  مُشڪبار = خوشبودار، مشڪ جي بوءِ وارو

 (4)  سبزي پوشي = ساوڪ وارو

(5)  مخملي = بخمل ڪپڙي جهڙو نرم

(1)  خُنڪار = وڻندڙ ٿڌاڻ

(1)  منڊيل = ٺهيل

(2)  مانڊاڻ = ڍانچو - جسم

(1)  هڙسجي = چڱڀلائي، صحت

(2)  سنگاسن = تخت

(3)  وانججي = روڪجي، پري ٿئي، جدا ٿئي

(1)  باجمال = سهڻي، ٺاهوڪي

(1) استري وديا = زناني تعليم

(2)  اوديا = جاهلپڻو يا جاهل

(1)  پڃ = دان، خيرات

(2)  گيان = علم، ٻڌي

(3) زندان= اونهو کوهه

(4)  قربان گهه = قرباني جي جاءِ

(5)  دام گهه = ڦاهيءَ جي جاءِ

(1)  گپت = ڳجهو

(2)  وويڪي = ضمير جي

(3)  ڪام = نفسي خواهش يا شهوت

(1)  جوڻ = هندن جي عقيدي موجب مرڻ کانپوءِ انسان کي ڪيل عملن (ڪرمن) موجب ٻئي جنم ۾ جيڪا صورت ملي ٿي. اُن کي ”جوڻ“ چوندا آهن

(2) آتما = روح

(3) ڪوش = ورتون، ڪور

(4) پشپ = گل

(1)  لقاءُ = ديدار

(2)  ڪرتا = ڪرڻ واري

(3)  سحر = صبح جي اڇاڻ

(4)  سمر = کاڌو

(1)  سيم = چاندي

(1) ساگر = سمنڊ

(2)  مامتا = پيار (دنيا جو پيار)

(3)  ڪامنا = سڌ،

(4) خواهش لالچ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org