سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :12

 

مهر وارا

 

مڙن تي مر تنهنجي مهر وارا،

سدا تنهنجي ستاري اي ستارا.

 

ڏين پرڪاش تنهنجي تيج کان ٿا،

کنوڻ سج چنڊ ۽ تارا ستارا.

 

ڀَرن سڀ ساک تنهنجي سونهن وارا،

چَمن ۾ چيٽ جا نيارا نظارا.

 

پٿر جي پيٽ ۾ ٿو ڪيٽ (1)پالين،

هلن ٿا ڀُون اندر تنهنجا ڀنڊارا.

 

ڪڻي مان ڪيچ اي ڪرتا ڪرين ٿو،

ڀرين داڻي منجهان ٿو سنگ سارا.

 

ڪرين اظهار پنهنجي ذات ذاتي،

صفاتي ويس پهري تون پيارا.

 

تون هڪڙو ئي ڀرين برهمانڊ سارو،

پرت مان ٿو ڪرين ڪيڏا پسارا.

 

چَڱائي ري نه توکي ڪي سُجهي ٿو،

ڀلائين ڀال دنيا تي ڀلارا.

 

نه توبن واهه ٻي ڪا آهه ”بيوس“،

کٽيو تن جي رهيا توسان سچارا.

 

ڳڻ ڳايان

هري! ڪهڙا تنهنجا ڳڻ ڳايان،

لک لال! ڀَلايون ڀانيان.

 

مانش جنم ڏنو تو اُتم،

سک سَو جنهن ۾ ڀانيان.

 

ڀگتي شيوا ڏي پنهنجي پيارل،

چتُ چرنن ۾ لانيان.

 

نس دن(1)  تنهنجو ڌيان ڌريان شل،

چاهه اِها مان ٿو چاهيان.

 

ديا جو ڀنڊار

تون ته ديا جو ڀنڊار سوامي،

ڪرپا ڪرها وار سوامي،

 

شرن (1)پڙيءَ  جي لڄڙي رکين تون،

دينن(2) دُکين جي سڌڙي لهين تون،

تنهنجو انت نه پار سوامي.

 

مات گرڀ ۾ رکيا ڪرين تون،

نندرا (3)سمي ۾ هٿڙا ڌرين تون،

 آهين     نرڌارن(4)   اُڌار   سوامي

 

تون ئي سڀن کي روز رسائين،

مينگهه ميا جا واهه وسائين،

آهين     ڏڏن      ڏاتار        سوامي..

 

مهما پتا! تو اَپاري(5)،

پائي سگهي ڪو ڀيد (6)ناڀاري ،

ساري سرشٽ تو پروار سوامي.

 

ديوَ ديالُو سر ٿا نمايون،

نت نت مالڪ توکي ڌيايون(7).

درشٽي ديا جي ڌار سوامي،

تون ته ديا جو ڀنڊار سوامي.

 

 

 

شيام سُندر

منهنجي اندر ۾ شيام سندر ٿو سدا وَسي،

بن رام نام شيام جي ٻيو دل ته ٿي ڏسي.

 

اهنڪار جي اکين سان ڏسڻ ٿئي نه هوت جو،

نوڙي، نهاري، ٻُوٽي ٻئي جو، سوپِرُ پسي.

 

اکڙين ۾، ونين ۾ ۽ جگر جان ۽ جندُ ۾،

رڳ رڳ ۾ رميو رام، مون کان ڪير جو کسُي.

 

ماکي جي پيالي مٿان مکين جو ميڙ ٿيو،

ويٺيون جي وچين لار تي ”بيوس“ اُڏيوُن نه سي.

 

هري نام بن هاري

هري نام بن هاري ساڌو، هري نام بن هاري،

توڙي تو وٽ مال خزانا سهسين سک سنساري،

سهسين سک سنساري ساڌو هري نام بن هاري،

 

رام نام جو ترهو تاري، ڀَوساگر هي ڀاري،

ڀوساگر (1)هي ڀاري ساڌو - هري نام بن هاري.

 

سک ۾ سمري (2)سنپت (3)پائي، دک ۾ ٿي دلداري،

دک ۾ ٿي دلداري ساڌو - هري نام بن هاري.

 

مورمڪت(4) پيتامبر(5) ڌاري جپ گروَر (6)گرڌاري(7)،

جپ (8)گرور گرڌاري - ساڌو - هري نام بن هاري.

 

”بيوس“ درشن لاءِ پياسي، تنهنجي در پيناري.

تنهنجي در پيناري ساڌو هري نام هاري(9)،

 


 

 

اُٿي سويرو جاڳ

اُٿي سويرو جاڳُ، سمهڻ ۾ ڇا هي؟

سمهڻ ۾ ڇا هي، سمهڻ ۾ ڇا هي؟

 

سسئي سور، سمهڻ کان پرايا،

جيئري ڏٺائين ڏهاڳ، سمهڻ ۾ ڇا هي؟

 

صبح سويلي جن هَر سمريو،

تن جو ڀليرو ڀاڳ، سمهڻ ۾ ڇا هي؟

 

آسا ويلي جاڳي ٻڌ تون،

روح اندر جو راڳ، سمهڻ ۾ ڇا هي؟

 

اوجاڳي سان نيڻ اُجاري،

بيوس ٿيءُ سجاڳ، سمهڻ ۾ ڇا هي؟
 

 

سچي شانتي

مٺڙا ڇو ڀٽڪين بربن ۾،

سچي شانتي هري چرنن ۾.

 

وڻ ٽڻ پاڻي پَهَڻ پوڄيندي،

عمر ويئي ڀرمن ۾.

 

جڙ چيتن (1)جو ڀيد نه جانئه،

لاتُئه ڪَسُ ڪنچن(2) ۾.

 

ورت(3) رکين اُپواس(4) ڪڍين،

ڪرين وندر ڪمن کوٽن ۾.

 

تڪ تڪ سج چَندُ گئو نهارين،

خيال وَسي ڀوڄن(5) ۾.

 

دان ڪُيئه سنمان (6)ڪڍڻ لئه،

ڏنئه رڳو ڏيکن ۾.

 

گهرج وارن جي گهرج نه لاٿئه،

وڌءِ وڏن پيتن ۾.

 

گيڙو رتا ڪپڙا پهري

سڏجين وڏن سنتن ۾

 

پوڙيُون پوٿيون خوب پڙهيئه

پر ملينتا (1)هَئه من ۾.

 

نس ناڙين، هڏ مانس جو ٻوٽو،

چڙيا ڦاٿي بدن ۾.

 

موت چوڻ سان وڃي اُڏامي،

پڃرو خاڪ اگن ۾.

 

انحد (2)ناد(3) وڄي پڻ آدي،

سوهنگ(4) سُڻ سواسن (5)۾.

 

سرت شبد جو ميل ملائي،

چاڙهه گُڏي کي گگن (6)۾.

 

هوت ته تنهنجي هنج ۾ ”بيوس“،

ڇو ڳولهين ڳوٺن ۾.

 

گنگا، جمنا مٿرا ڪاشي

گوڪل بند رابن ۾.

 

 

رام نام

پرهلا ڀڳت ناٽڪ تان

 

مانکا (1)ديهي (2)پرائي ڪيئن ڇڏيان مان رام نام.

 

جن چکي هيءَ سچ جي سُرڪي سُر ته سورهيه ڏيندا مُرڪي،

ڪانئر ٿي نه ڇڏيندا ڪُرڪي سي پنهنجو سندر شام.

 

مون کي هر هر ڇو ستايو، باهه ۾ بيشڪ جلايو،

يا کڻي ڦاهي چاڙهيو، يا ڪريو قتلام.

 

ڪال جي ڏَر ۾ نه آهيان، اکنڊ پُريءَ (3)جو راڄ چاهيان،

اُت رَسي شل پياس لاهيان، جتي سدا آرام.

 

مان گرڀ کان اڳ مون لاتو، نارائڻ سان نينهن جو ناتو،

”بيوس“ جو تو برد (4)سڃاتو جو سدا تنهنجي شام .

 

 

سوچ ڪر

مسافر! سوچ ڪر، سنسار ۾ ڇا جام جيئڻو آهه،

هي هڏ ۽ ماس جو پتلو، سڙي، سو خاڪ ٿيڻو آهه.

 

سنڀالي ڌر قدم سياڻا، ڏکيو سيوا سندو رستو،

جلائي جان چندن جيان، سڙي سرهاڻ ٿيڻو آهه.

 

فنا ۾ جي بقا ڳولين ۽ چاهين امر تي پيالو،

ته بس شيوا جي چشمي من ڀري پُر جام پيئڻو آهه.

 

نه اڄ گوپال گوڪل ۾ نه مٿرا ۾ وسي موهن،

اسان کي شيام لئه شيوا مندر ۾ پاڻ نيڻو آهه.

 

نه آهي درد جنهن دل ۾، پٿر کان ساپري چئجي،

ڏسي بيوس بُکيا ڀائر، نه خوش ٿي کاڄ کيَڻو آهه.

 

 

گيتا وار

سرگس لاءِ

ملهايو پريم سان پيارا اڄوڪو وار گيتا جو،

اڄوڪي ڏينهن ڀارت ۾ ڪريو پرچار گيتا جو.

 

ڌرم کيتر اندر ڪرشن، ڏنو هي گيان گيتا جو،

مليو ميدان يُڌ ۾ هي ڀريو ڀنڊار گيتا جو.

 

صفا سج گيانجو اُڀريو ٿيو پرڪاش پرتابي،

ڇَپي ويا چمڪندڙ تارا ڏسي چمڪار گيتا جو.

 

کُلي خوشبوءِ چوڌاري، سُڳنڌ هر جاءِ ٿي جاري.

عجب هيءُ گيان گلزاري عجب گلزار گيتا جو،

 

ڍرو ٿي موهه ۾ ارجن، جڏهن هارڻ لڳو هو من،

تڏهن ان کي ڏنو ڀڳوان اَٽل آ ڌار گيتا جو.

 

مرگهه ٿي موهه ۽ مايا، ڇلڻ ارجن کي ٿي آيا،

ڀڳا سي ساهه بوسا ٿي ٻُڌي گجڪار گيتا جو.

 

پَسي اڄ ڌرم جي هاڃي، وري ايندو وري ايندو،

ڏئي ٿو آسرو گيتا اندر اوتار گيتا جو.

 

گيتا جينتي

ميٽنگ لاءِ

اڄ اڄوڪي ڏينهن، ڪر کيتر سندي ميدان ۾،

مرڪندي ماڌُوءَ ڏٺو ارجن ٻڏل ارمان ۾.

 

موهه مايا مائٽن جو ويو وڪوڙي وير کي،

جنگ جي ساري سگهيو، جوڌو نه جرات جان ۾.

 

ڪرشن جي ڪيلاش مُک مان، گيان گيتا جي گنگا،

گرجندي وهندي لٿي ان يُڌ جي اسٿان ۾.

 

ڪر همت هوشيار ٿي پارٿَ!(1)  نَه پئه تون پوئتي،

آهه ڪانئرتا نه ڪنتي (2)شير! تنهنجي شان ۾.

 

موهه آهي ڊوهه ارجن! جو ڌڪي ٿو ڌرم کان،

فرض پالج کشتري جا، ڌرم رک تون ڌيان ۾.

 

ڪرم جي سنسار ۾ آ جو نه ڪوئي ڪرم کان،

ڪرم ڪر ڦل تياڳ ڪر ڪومل چرن ڀڳوان ۾.

 

مرڻ مارڻ جو نه آهي آتما آڌي اَمر،

ناس اُن جو ڀاسجي نادان کي اگيان ۾.

 

پاپ کي پاڙان پٽڻ لئه مون رچي هيءَ درم يُڌ،

سوڀ لئه پل پڻ وڌو مون ٻَنهن تو ٻلوان ۾.

 

مُک اندر ماڌو پَسايو پوءِ پنهجي وشئو (3)روُپ،

ڪيئن نه ازخود ٿي ٽپيا يوڌ ايُڌي ٻلدان ۾.

 

نانءُ تنهنجو آهه ڪرڻو، ڪم اڳئي ٿي چڪو،

تيرُ آهي مون چُٽيو توکان اڳي نيشان ۾.

 

عطر ۽ جوهر چڪايل آهه گيتا جي اندر،

سارُ ويدن جو سمايل آهه گيتا گيان ۾.

 

گرچ گيتا کي لَٿي پنجاهه سو ٿي سال ويا،

ته به اڄوڪي فيلسوفي کي وجهي حيران ۾.

 

ڌرم جي هاڃي ڏسي اڄ آءُ مرليڌر وري،

تو اچڻ جو آسرو، ”بيوس“ ڏنو هڪ بيان ۾.

 

پريم جي رنگ ۾

مون کي پريم جي رنگ ۾ ڀريو نند لعل گوپال،

جمنا ڪناري پيچڪ ماري لائي ٺٺولي گوپال،

نند ڪشوري کيلي هوري، هاري لال گلال.

مکڻ چُرائي، ڇاڇ لٽائي، مات يشوڌا ٻالڪ چال،

مرلي وڄائي راس رچائي، ساڻ ڪري گوپيون گوال.


 

(151)

هولي

رام نام جي هولي کيلو رام نام جي هولي،

رک پر هلادي پريت پَڪيري، ٻي ڪا ٻول نه ٻولي ،

رنگ ڇڏي پيارا راڪاسي، ڪر چولي پريم رتولي،

مڌروماس لٽائڻ وارا، هرڻا ڪس جي ٽولي،

هري شرن جي آيا بيوس، تَن ڏولاوا ڏولي،

 

برج ۾ ڌوم مچائي

بنسي شيام جي، برج ۾ ڌوم مچائي.

 

جيئن جيئن راڳ رچي نند نندن،

رچنا ناٿ نچائي، برج ۾ ڌوم مچائي.

 

مڌر مڌر سُر سان مڌ سودن (1)،

چيتڪ (2)چتَ کي لائي برج ۾ ڌوم مچائي.

 

هوش حواس گنوائي ساجن،

هردو مست بڻائي، برج ۾ ڌوم مچائي.

 

گربو

ناچ

      برج ۾ شيام!راس رچايو،ڇم ڇما ڇم_ڇم ڇما ڇم.

      راس رچايو موج مچايو،ڇم ڇما ڇم_ ڇم  ڇما  ڇم.

اپر سندر، مڌر هري، تان ڀري بانسري،

بين بجايو رچايو ڇم ڇما ڇم - ڇم ڇما ڇم.

 

مورمڪٽ سيس ڌري، اوت پوت جوت ڀري،

سونهن پسايو ڀال ڀلايو ڇم ڇما ڇم- ڇم ڇما ڇم.

 

مدن موهن ڪان ڪشوري، کيل خوشي سان هوري هوري،

پاند پسايو رنگ لڳايو ڇم ڇما ڇم - ڇم ڇما ڇم..

 

اڪن ڇڪن گوپ گواليون، کينَ پيَن پريم پياليون،

سرت سمايو نينهن نڀايو ڇم ڇما ڇم - ڇم ڇما ڇم.

 

عام جال ڦول ڦليا - لام لام جُول جهليا،

ڌوم مچايو، ناچ نچايو، ڇم ڇما ڇم - ڇم ڇما ڇم.

 

گرونانڪ ديو استستي

جوت جامي ۾ سمائي نور نر آڪار جي،

ديوَ ديهي ۾ سمائي ڪُل ڪلا ڪلتار جي.

 

ٿيو اڪالي تخت تي جلوه نمائي جو جمال،

شاهه خوبان کي ٿي کينچي، آرزو اظهار جي.

 

عالم بالا تي پهتي، دانهن ڌرتي جي وڃي،

آهه مون کي پڻ ضرورت ڌرم جي آڌار جي.

 

ابرگهڻ - پنتي اچي ديو سج سچائي جي اڳيان،

مونجهه ڀارت ورش ۾ ويئي مچي انڌڪار جي.

 

ايڪتا جي ورش تي پيئي فرشتن کي پچار،

ضرورت آهه ايڪي پنٿ جي پرچار جي.

 

پَرَدَه مذهب مان نڪتي چمڪندي ننگي ترار،

جنهن گُهري ٿي جنگ جوٽڻ تعصبي تڪرار جي.

 

ٿيو مشرف پنج ند وارو پوتر سو پنجاب،

نانڪاڻو ٿيو جنم ڀومي جڳت اوتار جي.

 

ٿيو مڪاني لامڪان ۽ ٿيو اجنما جو جنم،

ٿي چُڪي سا پيروي گيتا سندي اقرار جي.

 

نانءُ نانڪ شاهه سونهين ٿو سندو ”بيوس“ مگر،

شاهه بدران داس شاهي دل گهڻي داتار جي.

 

 

آراڌنا

پيلو راڳ

سدا حاضر حضوري تون گرونانڪ نرهنڪاري(1)

نرنجن ناٿ نوري تون گرونانڪ نرهنڪاري

 

اڪالي تخت والي تون اجنما ۽ اڪالي تون،

ڪندين داتار ديالي تون گرونانڪ نرهنڪاري.

 

سمي جو حال هيڻو ٿيو، ڌرم ٽوڻو ۽ ڦيڻو ٿيو،

تڏهن تنهنجي وهيڻي ٿيو – گرونانڪ نرهنڪاري.

 

جڏهن ٿي طلب ۽ تنگي، اچي ستگر ٿئين سنگي،

سدا ننگپال تون ننگي – گرونانڪ نرهنڪاري.

 

جتي ورتي مڌر ٻاڻي، نماڻي نام جي واڻي،

سچا سَتگُر اُتي ساڻي – گرونانڪ نرهنڪاري.

 

جنين ورتو تڪيو آهي، اچي امرت ڇڪيو آهي،

سدا تن لئه هڪيو آهي گرونانڪ نرهنڪاري


(1)  ڪيٽ = جيت، ڪينئان

(1)  نس دن = رات ڏينهن

(1)  شرت = سام، پناهه

(2) دينن = غريبن يا گهنگارن ڏتڙيلن

(3) نندرام = ننڊ

(4)  نرڌارن = بي سگهارن

(5) اپاري = بي حد

(6)  ڀيد = راز

(7) ڌيايون = خمال جمائڻ

(1) ڀوساگر = دنيا

(2) سمري = ياد ڪرڻ

(3)  سنپت = دل جو آرام

(4) مورمڪت = ڪرسن مهراج جي وصف

(5) پيتا مبرڌاري = جامو پهريندڙ

(6)  گر = جبل + ور = وارو = جبل کڻڻ وارو (هندو ميٿالاجي موجب سخت برسات ۾ ڪرشن مهراج هڪ جبل کي مٿي کڻي ڇٽي وانگر جهلي برسات کان بچاءُ ڪيو هو)

(7) گرڌاري = ڪرشن مهراج

(8)  جپ = بندگي ڪرڻ

(9)   هاري = هارائڻ واري

(1)  جڙُ چيتن  = جڙ = بيٺل + چيتن = چرڻ وارو

(2) ڪنچن = سون

(3) ورت = روزو

(4) اُپواس = بک ڪڍڻ

(5) ڀوڄن = کاڌو

 (6) سنمان = نالو ڪڍڻ

(1)  ملينتا = ميراڻ يا ٻيائي کوٽ کوٽ

(2)  انحد = آواز

(3) ناد = ساز

(4) سوهنگ = انسان (آواز) اناالحق ۽ خدا ۾ فرق نه آهي، جيئن صوفي ”اناالحق“ جو نعرو هڻندا آهن، تئين سوهنگ، جي معنيٰ به ساڳئي نعري وانگر آهي تهِ سڀني ساهن( ساهه وارن) ۾ الله پاڻ آهي.

(5) سواسن = ساهه

 (6)  گگن آسمان

(1)  مانکا = انساني

(2)  ديهي = جسم

(3) اکنڊ پري = ڌڻي تعاليٰ

(4) برد = راز

(1)  پارٿ = ارجن جو ٻيو نالو

(2)  ڪنتي = ماتا ڪنتي ماءُ هند

(3)  وشو = ڪائنات ڏاکاڻ وارو

(1)  مڌسودن = ڪرشن جو نالو

 (2)  چيتڪ = ڌيان – بيقراري - لوري

(1)   نرهنڪاري = ٻاجهارو – سواءِ وڏائي جي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org