سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :22

 

ڀاڳ ڇهون

}گشت تعصب خلاف، قيد، شهه

سهاڳڻ فقير سان ملاقات{

ڪندا گشت ڪرنال صاحب لٿا،

جتي پڻ شروع گيان جي ٿي ڪٿا،

مڙيا مولوين پنڊتن جا سٿا،

ٿيا ترت پڌارا سندن پڻ وکا،

اچي شاهه لوڌي کي فرياد ٿيو،

ڌرم دين سان آهه بيدار ٿيو،

ڪئي ڪفر اسلام تي آهه ڪاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن چيو شاهه کي صاف صاف،

اسين خاص تعصب جي آهيون خلاف،

ڪٽين کي خدا پڻ ڪندو ڪين معاف،

هجي بي ريا بي تعصب صراف،

تڏهن پرک ٿئي ٿي سچائي سندي،

تکي سون جي يا مَٺائيءَ سندي،

وهم ۽ تڪبر ڪري ٿو تباهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

اميرن وزيرن گهڻن  روبرو،

ٻُڏي ڇُوٽ ۽ بي ڊپي گفتگو،

لڳي آڳ ڄڻ شاهه کي هُو بَهُو،

وڌو جيل ۾ جنهن جڳٺ جو گرُو،

جڳت مڪت داتار هلوي بند ۾،

سڄا ست مهينا جهليو بند ۾،

سلڻ آيو قيدين کي پڻ راست راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چَلي ٿي هٿن سان برابر چڪي،

مگر تار ڪرتار اندر يڪي،

سندن پرت پرميشور سان پڪي،

سُجهي سُرت کي شبد ڌاران نڪي،

ڪيو شاهه لوڌيءَ کي بابر ختم،

ڏئي ڀيڙ ڀڳتن کي ٿي ويو ڀسم،

ٿيو پاپُ پرگهٽ بڻي مغل شاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن سندا بند بدني ٽٽا،

سندن ئي چوڻ تي گهڻا ٻيا ڇُٽا،

ملي ڏات بابر کي پڻ ست چُڪا،

ڪيو راڄ پوين تي پيڙهُون جتا،

مليس گيان ڀنڊار مان پڻ ڪڻو،

اچي شاهه بابر به شيوڪ بڻيو،

شهنشاهه عالم سندس خير خواهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

دکڻ ۾ وري ويدَ پاٺي گڏيا،

گروجن ڏني کين سندر سکيا،

ته ويدن جڳن جي سُڻو وارتا،

ٻه آهن اسان جي بدن جا حصا،

جو جَڙ آهي سو آهه گاڏي سمان،

بڻيو چُست چيتن مثل ڪوچوان،

سمي جي چڪر ۾ ڦري ٿو سٽاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ستوگڻ (1)هو ست جڳ سمي ورتمان(2)،

وري ٿيو ترتيا (3)جو ظاهر زمان،

ته جت روپي گاڏو ۽ ٻل ڳاڏيوان،

اُتي جت سان ٻل جو ٿئي ميل ٿو ،

شروع راجسي گڻ جو ٿئي کيل ٿو،

انهيءَ ريت ٿئي ٿو تريتا جو ٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

وري ٿو ٿو دواپور جو وارو وري،

اچي پاڻ ست، ڪوچواني ڪري،

ٿو تپ روپ گاڏو گهلجي پري،

۽ راجس تمي جي ٿوڪايا ڌري،

بڻيو پوءِ ڪلجڳ جو گاڏو اگن،

دغا ڪوڙ ٿا ڪوواني وٺن،

تمي سان ٿئي آتمڪسک تباهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

۽ ستجڳ سمي لاءِ هو ويد شام،

سچائيءَ جي ورتڻ ۾ هو سرڳ ڌام،

سمايل سچائيءَ ۾ ها خاص عام.

                اهو  هنس  اوتار  روپي   الهام،

۽ راڳ ويد تريتا سمي لئه لٿو،

جڳت ايش هرجا حضوري هڪيو،

حضوري هو حاضر ٿيو پاپ پاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

دواپور سمي جو جڏهن دور ٿيو،

چندرونس ڪُل جو وڏو زور ٿيو،

برجناٿ سان برج بن اَور ٿيو،

يجر ويد ويدن ۾ سرمور ٿيو،

اٿر ويد ڪلجڳ جو آهي ڪتاب،

جتي آهي ڪرمن جو ڏيڻو حساب،

جڳت ايش پرماتما يا الله،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ويا ڪنهن شهر ۾ گروجن گنڀير،

جتي شهه سهاڳڻ سڏايو فقير،

چون پيا فقير آهي روشن ضمير،

ڌڻيءَ سان ملي چنڊ جي رات پير،

وڏو چنڊ جي رات ميلو مچي،

هزارن جي سوغات ڀيٽا اچي،

بڻايل هو درگاهه ڄڻ دامگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن پروڙيو سڄي راز کي،

رٿيو باز آڻڻ دغاباز کي،

وڄارايو مرداني کان ساز کي،

مليو رُوپ آلاپ آواز کي،

مَتي موج مرداني جي راڳ تي،

مڙيا جام ماڻهو اچي ماڳ تي،

ڪيو صاحبن پڻ سڀن کي آگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ايئن شهه سهاڳڻ جو ميلو ٽُٽو،

مگر گپت ٿي ويو گُرو اوچتو،

وڃي نانڪي ڀيڻ جن وٽ رسيو،

ملڻ لئه ٿي من جنهنجو وهلُور ويو،

گروجن ملڻ جو ڪيو هو قرار،

اچي مهل تي ٺيڪ پاڙيو ستار،

وريا شهه سهاڳڻ وري شهنشاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اُتي صاحبن کي ڪو ڪوڙهيو گڏيو،

ٽهن جنهن کان سڀ، سو سچي گُر سڏيو،

ڪيو نوبنو ۽ صحت سان اَڏيو،

مگر هن طرح سان چئي پڻ ڇڏيو،

پُڇي ڪو کڻي، ڪنهن ڏني هئي شفا،

وٺج شهه سهاڳڻ جو نالو صفا،

وٺڻ نان پئي ڪنهن جو ڄاڻج گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اتي شهه سهاڳڻ سندي هاڪ ٿي،

وري خاڪ درگهه سندي پاڪ ٿي،

مڙي ميڙ تي خلق مشتاق ٿي،

مگر مرم کان دل سندس چاڪ ٿي،

اچي ناٿُ نورُي ڏٺائين سچو،

وٺي گيان پاکنڊ کان سو بچو،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجي جڳت تار، داتار تون،

ڀريل برڪتن سان ڀنڊار تون،

اٻوجهن اڌينن جو اَڌار تون،

ڌَرِيئه نانءُ نانڪ نرنڪار تون،

بڻائي تو ستنام رُوپي جهاز،

ڪيئن پار پاپي ڪيا ڪارساز،

سدا بي وسيلن جي پشت ۽ پناهه

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ديا ڪر ته چرنن ۾ تنهنجي اَچون،

پِرت رنگ ۾ تنهنجي پريتم رچُون،

پَسي جهلڪ جوتي پتنگ جيئن پَچُون،

مندائي کان تنهنجي اجهي ۾ پچون،

وٺي اوٽ ستگر تري ڪوٽ ويا،

ڪَلا سان ڪيئي ڪريل چوٽ ويا،

نوازيندي بيوس کي تنهنجي نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

ڀاڳ ستون

قنڌار ۽ ڪعبي جو سفر تلونڊي موٽڻ ۽ اُسهڻ

 

اُتان پوءِ سورت ۾ ستگر رسيا،

جتي ڌرمي گهڻا ٿي وسيا،

سندر ها انهن جا اهنسڪ متا،

مگر ڪيترا جدا لنگهي ها چڪا،

ڍڪي گدلا لڳا ٿي تياڳي سنان،

متان جيوُ جنتر وڃي ٿي زيان،

گروهن ڏني کين سهڻي صلاح،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروُ هاڻ ابدال اَيا هلي،

اتي هو پهاڙي قنڌاري ولي،

سندس هاڪ چشمي جي بيحد ڀلي

ويو مردانو پاڻي پيڻ لئه چلي،

ٻُڌي نانءُ نانڪ لڳا کيس خار،

پيڻ ڪين پاڻي ڏنئن زننهار،

اثر ڪونه اَندو اُڇايل جي اَهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن انهيءَ تي ذرا ٿي خفا،

ڪئي ڌرتي کوٽڻ جي ٿوري جفا،

اڃا کڏ مس کوٽجي تيار ٿي،

ته چشمي جي پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي،

قنڌاري جو چشمو سڪي ٿيو سياه،

گرو ديو نانڪ سچو باتشاهه.

 

قنڌاري جڏهن حال اهڙو ڏٺو،

لڳو کيس بلڪل گروءَ تي غصو،

پٿر سخت ڀاري ڪيائين ڦٽو،

گرُوءَ کيس هٿ ساڻ روڪي رکيو،

ولي بابا ٽيڪيو گرُوءَ کي مٿو

اها جاءِ سڏجي ٿي صاحب پنجو

قنڌاري جو من مارجي ٿيو ڪپاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن هندُن ۾ ڏنو گيان جام،

هينئر خيال ٿين: هي خدائي ڪلام،

ڪجي غير هندُڻ جي خاطر به عام،

پُڄائڻ هليا عرب پاسي پيام،

تکو ڏينهن جو تاءُ ٿيندو هليو،

ڪڪر ڇانوَ رستي تي ڏيندو هليو،

مليو واٽ تي حاجي عبدالفتاح،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڪرامت ڪئي هاڻ حاجي سهي،

مگر انت ان جو سگهيو نا لهي،

چي: هندُو هلن حج تي ڪيئن ڪهي،

اها ڳالهه پنهنجي اندر سان پهي،

چيائين ته: گڏجي نه هرگز هلان،

اوهين اڳ وٺو يا ٿو مان اڳ وٺان،

هلي کيس اڳ ۾ وڃڻ لاءِ راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن کان حاجي ڇڄي ڌار ٿيو،

ڪڪر ويو پري ٿي، هي بيزار ٿيو،

تکو ڏينهن اُن لاءِ اَزار ٿيو،

خطا جو سبب هاڻ نروار ٿيو،

گروجن ته حاجي کان ڪي جو اڳي،

ڪَلا سان رَسي ويا سڳوري مڪي،

پري هو اڃا ڪوهه حاجي پنجاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اچي ناٿت ڪعبي سڳوري رسيا،

مٺا جاپ ڪرتار ست جا جپيا،

اچي جام حاجي اُتي ٿيا هڪيا،

ڏسي تيج نيڻن ۾ پٺتي هٽيا،

چيائون ته: ٻولي ۾ پنهنجي ٻئي

سگهن خوب صاحب جي سارهه چئي،

سندن خاص ٻولي جي هوندي مداح،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ٿڪل ها سمهي پيا سماڌي ڌري،

مگر پير ڪعبي جي پاسي ڪري،

اچي کين جيوڻ مُلو ٿو وري،

اٿو ڪافرو پير سيريو پري،

سُمهيا ڪيئن اوهين سيٽجي ڪافرؤ،

اُٿو پير پنهنجا مٽائي مرو،

خدا جي به گهر تي نه آهي نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن چيو بس خطا معاف ٿئي،

اسان کي ٿو هر جاءِ سدائين سُجهي،

خدا جو نه گهرُ جنهن طرف تي هجي،

ڪَريو پير ڦيري انهيءَ طرف تي،

ڦرن چرن ستگر سندا جنهن طرف،

ڦري پاڪ ڪعبو به پيو تنهن طرف،

ملا جيوڻي جو ٿيو تنگ ساهُه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

مُلا هن طرح سان ڪئي گفتگو،

”مسلمان آهي وڏو يا هندو؟

اچي گيان ۾ پوءِ پلٿيو گرو،

چٽِو نقش وحدت سندو هو بهُو،

اُتان ويا مديني منور پري،

وريا پاڪ تربت جي زيارت ڪري،

پسي پاڪ پيغمبري بارگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

پَڌاريا اُتان ناٿ پنجاب تي،

وريا وير ٻيهر وري ڏيهه ڏي،

ڏٺو گيان اپديش ملتان کي،

رسيا پوءِ ڪرتار پور شهر سي،

اتي ديهه مرداني تياڳي ڇڏي،

حضوري ۾ گُرجي سڀاڳي ڇڏي،

ڪيو ويو سندس لاش داخل درياهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اُتان ستگرو تلونڊي ۾ رسيا،

جنم ڀونءِ جا ناٿ درسن پسيا،

پتامات وئنڪٽ وڃي ها رسَيا

سندن حال احوال ماڻهن ڏسيا،

لڳو کين ڪرتا ڀاڻو مٺو،

گُهرائي پو مرداني جو پٽ ڏٺو،

ڌريائون سجادي تي ساڳي نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

هليا ويا سفر تي سجادي سميت،

جپان، چين ڪشمير تي ۽ ٿٻٽ،

اُڀرندي دنيا کي ڪيائون سچيت،

گرمت جي ٿي دور ديسن ۾ ڏيٺ،

اُتان اَيا لاهور ساڌن جا ساڌ،

ڪيو ٿي دُنيچند پيءُ جو شراد،

ڪيو سيٺ اُن لئه وڏو هو سنڀاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن سراڌن جو مطلب ڏسيو،

چي: شرڌا  سائين سدائي وسي،

سڦل دان سو جو غريبن رسيو مگر ڪنهن مُئن کي نه ملندو پسي،

وڏن جي نمت ڀر سجايو ڏجي،

نه بي گهرج کي ڪي اجايو ڏجي،

سرڌان جو آهي اجايو اُٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن جي ڪيلاس مک مان لهي،

وٺي گيان ۽ پُڃ گنگا وهي،

اچن مارتي ويل جي جن ڪهي،

ٿين شڌ ڪٿا جل اندر رهي،

ملي نام روپي امرجاپ ٿو،

مٽي پاپ ۽ تاپ سنتاپ ٿو،

رڄي من اَنند ۾ ٿئي اچاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

جتي شبد پاڻي، ڪٿا، ڪيرتن،

جتي گيان اپديش ڀڳتي ڀڄن،

جتي ونڊ جي نام روپي رتن

اُتي پاڻ ٿا ستگروجن وسن،

ٽِٽِن موهه، مليا جا سنٻند ٿا،

ڀَڄَن جُوڻ چڪر سندا بند ٿا،

سچو آهه ”بيوس“ سو آرام گاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

  

ڀاڳ اٺون

ڀائي لهڻي کي گادي ڏيڻ ۽ جوتي جوت سمائجڻ

 

گروجن ٿيا ڪرتار پور ۾ نواس

۽ لاهوت وارو ڇڏيائون لباس،

اڇو ويس اوڍڻ لڳا هاڻ خاص،

پڄي واس اپديش ويو آسپاس،

مڃيندو هندو ۽ مسلمان هو،

ولي پاڪ اوتار جو مان هو،

سچائي، سڀن لاءِ ٿي عام راهه،

گروديو نانڪ سچو باتشاهه.

 

اُتي ڀائي لهڻو اچي ڪولٿو،

هو کٽري ۽ ديوي اپاشڪ به هو،

ڪٽنب سان ٿي ديوي جي درشن لئه ويو،

گروءَ جي سڻي ساکنا چاه ٿيو،

ڏسي تيج گُر جو رهي پيو اتي،

ڪٽنب ٿي روانو ويو ڳوٺ ڏي،

ڏٺو ديو ديوي جي چنتا نه چاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اَٿل پريم ڀڪتي ۾ لهڻو رهيو،

ٿي دل ۾ محبت جو دريا وهيو،

سندس ٺاهه ٺاڪر سان بيحد ٺهيو،

پريکيا وٺڻ لئه گروجن پهيو،

ڪندو پرڀُ پنهنجو پريکيا وِٺي،

پريکيا جي سختي سڀاڳن سٺي،

ڪري سون ثابت پريکيا جي باهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن سڏي ڀائي لهڻي کي هاڻ،

چيو: هو کڻي گاهه جو بند اَڻ،

ڀريل هو سڄو جو مٽيءَ گند ساڻ،

ڀُلايو هو ڀڪتي ۾ لهڻي به پاڻ،

گروُءَ جن جي آگيا اکين تي ڌري،

لٽا ۽ بَدَن آيو گپ ۾ ڀري،

خوشيءَ ساڻ سر تي کڻي آيو گاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سُپتئي سلکڻي گروناٿ جي،

رهي رنج دل ۾ ڏسي حال هي،

چيائين: غريبن ڪجي قدر ڪي لڳل آهه ڪپڙن تي ڪيڏي مٽي،

وڌو لال لهني کي ڀاڪر کڻي،

مِٽي جا لٽن تي سا ڪيسر بڻي،

خوشيءَ ۾ سمايو نه لهڻي جو ساهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن کي لهڻو ٿي ڳهڻو وڻيو،

ڪليو کيس ستگر مٽيءَ مان مڻيو،

لڳي انگ سان ڀائي انگد بڻيو،

ڀلي ماڪ اهڙو سڀاڳو ڄڻيو،

انهيءَ تي ذرا ماءُ ناشاد ٿي،

ته ڌارئي کان نيچي ڇو اولاد ٿي

سُپتني سلکڻيءَ ڀري سرد آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو ٻالڪن کي گروءَ جن سڏي،

مئل هِنَ ٻليءَ کي کڻو هٿ گڏي،

اچو کيس گوشانتي هنڌ ڇڏي،

مڃي ڪين آگيا ننڍي يا وڏي،

انهيءَ تي گروجن انگد کي سڏيو،

چوڻ تي ٻليءَ کي کڻي جنهن ڇڏيو،

گندي ۽ مندي کان ڪيائين نه ٽاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سدا ستگروءَ جي جو پاڻي ڀنو،

نه ڪنهن آزمائش اڳيان جو ڊنو،

ڪيو ڪم هٿن سان ڪئي کان ڪِنو،

گريائي تلڪ تنهن کي ستگر ڏنو،

ٽهل مهل پاتي کمڻ ئي کٽيو،

نمرتا ۽ مڃتا ۽ شرڌا ويو،

گرو ديو انگد جي سر تي ڪُلاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن سنهيو رسائي چُڪا،

هري نام ورکا وسائي چُڪا،

اکنڊ ناد انهد وڄائي چُڪا،

نئون جاپ جڳ کي جپائي چڪا،

هينئر آد - گهر ۾ وسڻ ٿي وڻيو،

سچي کنڊ ستگررَسڻ ٿي وڻيو،

رکيو جوت جوتي ملڻ ساڻ چاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن جا فرزند آکڻ لڳا،

ته لهڻي کي گادي تي ٿي آ عطا،

اسان لاءِ ڇا ٿا ڪريو اي پتا،

خبر نانهه ٿيندو اسان لاءِ ڇا؟

گرجن چين: ننگ ڪرتار تي،

سندو پيٽ ۽ انگ ڪرتار تي،

انهيءَ جي اوهان لاءِ ڪافي پناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

انهيءَ بعد ٿي جوت ۾ جوت ويا،

وڏا ميڙ ڪرتارپور ۾ ٿيا،

هندن سان ٽڪري پيا،

چون پيا: اسان جو هي هو اوليا،

اچانڪ اُتي آيو جوڳين جا،

چيائون: اجايو هڻو ٿا مٿو،

گروجن به ڪا مرڻ جي وست آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

کلي خوب جوڳين ڪئي گفتگو،

اسان ديهه سُوڌو ڏٺو آگُرو،

اکين سان هينئر جو هينئر هُو،

هُين ياترا ڪرڻ جي آرزو،

سکن جي وڏي ساڻ ڀنگت وٺي.

اُتر  کنڊ تي ويا ٿي سنگت وٺي!
عجب واهه حيرت! عجب واهه واهه،
گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اچي ترت چادر کڻي جان ڏسن،
گروجن جي ديهيءَ جو درسن نه ڪن،
رڳو ٿا اتي پيل گلن مٽ پسن!
اڌو اڌ ڪري گل ۽ چادر وٺن،
 قبو مسلمانن انهيءَ تي اڏيو،
هندن ساڙي راوي ڪناري ڇڏيو،
۽ ڦلهار تي ٿيو سماڌي جو ٺاهه،
گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

مگر ڪين ڪرتار کي هيءَ وڻي،
چڙهي آئي راوي ندي جيئن گهڻي،
وڌائين ٻئي ڊاهي ڇوليون هڻي،
اها جاءِ هاڻي پوتر بڻي،
پوتر سوگرداسپور جو ضلعو،
جتي ٿي چڪو هي سڄو سلسلو،
سري بابا نانڪ جو ڏيرو آهه،
گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

عجب آهه راوي ڪناري جو شان،
وڏو آهه تيرٿ سندو آستان،

ٿي چمڪي اُها جاءِ چوڏس سمان،

مڃي کيس هر ڪو هندو مسلمان،

سري بابا نانڪ جو ڏيرو جتي،

ڪروڙين دلين جو آ ديرو تتي،

مچي موج ميلي سندي ماهه ماهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

عجب نانڪاڻا سندو شان مانُ،

گروديو جن جو جنم اَسٿان،

پوتر  نه تيرٿ سندس ڪو سمان،

رهي ياد جيسين هي قائم جهان،

لکين آس پائي اچن ٿا ڪهي،

سوالي نه خالي وڃن ٿا رهي،

سکن لاءِ عالي اها بارگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

جڳ ناٿ! جيون ڪٿا سرسري،

رچي، ڀيٽ چرنن تي بيوس ڌري،

سرت ناهه، دل آهه شرڌاڀري،

سُئيڪار ٿيندي جي ڪوتا ذري،

ته منهنجي سڦل آهه سڀ حاصلات،

تنهنجي ڏنل مون کي ڏات،

چوڻ تنهنجو، منهنجي لکڻ ڪار آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 


 

 

گروديو نانڪ ديو آراڌنا ڀڄن

(1)

سدا حاضر حضوري تون، گرونانڪ نرنڪاري،

نرنجن ناٿ نوري تون، گرو نانڪ نرنڪاري.

 

اڪالي تخت والي تون، اجنما ۽ اڪالي تون،

ڪندين داتا ديالي تون، گرونانڪ نرنڪاري.

 

سمي جو حال هيڻو ٿيو، ڌرم ٽوڻو ۽ ڦيڻو ٿيو،

تڏهن تنهنجي وهيڻو ٿيو، گرونانڪ نرنڪاري.

 

جڏهن ٿي طلب ۽ تنگي، اچي ستگر تئين سنگي،

سدا ننگپال تون ننگي، گرونانڪ نرنڪاري.

 

جني ورتو تڪيو آهي، اچي امرت چکيو آهي،

سدا تن لئه هڪيو آهي، گرونانڪ نرنڪاري.


 

(2)

سير منجهان سنسار سمنڊ جي تارج تارڻ هارگرو،

ٻاجهه ڪري جيوت جو ٻيڙو پار ڪندين جڳ تار گرو.

 

ڪرم نه ڄاڻان ڌرم نه ڄاڻاڻ آءٌ نه ڄاڻان جپ تپ ڪو،

پنهنجي ڀرئي ڀنڊار منجهان دان ڏجو داتار گرو.

 

اوٽ اجهو تون واهه وسيلو توري ٻيو ڪو ناهه تڪيو،

سوڙهه سمي تون انت سهائي اوکئي ۾ آڌار گرو.

 

آءٌ نماڻي عيبن هاڻي، من مندائن ساڻ ڀريو،

مهر نظر سان بخش برايون ڪرپا ڪرتار گرو.

 

دور دنيا جي لمپٽ کان ٿيان، چرن ڪمل ۾ چاهه رهي،

هردي ۾ اتي پريم لڳائي، ياد رکان هر وار گرو.

 

شڪتي ڀڪتي ڀاوء ڏي بيوس، پريتي ڀوڄن پريم سندو،

دک هرتا، سک داتا سوامي سنڪٽ ڪشٽ نوارگرُو.

 


 

ڀڄن

(3)

دلين اندر نهاري ٿو، گرونانڪ نرنڪاري،

اُجڙ دل کي اُجاري ٿو، گرونانڪ نرنڪاري.

 

تتل هردي کي ٺاري ٿو گروناڪ نرنڪاري،

ٻُڏل ٻيڙي کي تاري ٿو گرونانڪ نرنڪاري.

 

رکي پريم پيارا هلو گُر دئاري،

جتي ست گروديو نانڪ نهاري.

 

پرهه ويل امرت جي ورکا ٿئي ٿي،

ورو شانت چت ٿي تتل هيانءُ ٺاري.

 

هلي پُڃ گنگا ۾ غوطو لڳايو،

دُئي جا ڇڏيو داغ دل تان ڌُئاري.

 

چڙهيا چوٽ سي ڪوٽ جهاڳي جنم جا،

پيا پرت مان جي گروجن پناري.

 

ڪندا ڪيئن نه پر لوڪ ۾ سي پڪارون،

هتان جي هليا واهگروءَ کي وساري.

 

منش جوڻ درلڀ مهانگي ملي ٿي،

ڇڏيو بي مکا ٿي نه ”بيوس“ گذاري.

 

ڀڄن

 (4)

ڀَوء ساگر مان پار،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

تنهن ٻيڙيءَ کي لهر نه لوڏو،

جنهن کي سمرٿ ستگر اوڏو،

ڀَوء جل تارڻ هار،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

لهر هندوري هلندي لڏندي،

ڌڏندي ڪُڏندي، مور نه ٻُڏندي،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

جنهن تي ستگر پاڻ سُکاني،

تنهنجي ذرڙو ٿئي نه زياني،

اٽل ملي آڌار،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

ڪرم ڪانڊ جي بات نه گهرجي،

ورن آ شرم، ذات نه گهرجي،

گهرجي صدق سچار،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

 

جنهن تي ڪرپا ستگرُ سندي،

سائي ”بيوس“ بندر رسندي،

پَسَندي موڪش دُئار،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

ڀڄن

 (5)

 ست گُرو نانڪ نماڻن ماڻ تون،

گيان ڀنڊاري گُڻن جي کاڻ تون.

 

تنهن جي دل اَنند ۾ اُڇلون هڻي،

جنهن تي مارين شبد روپي ٻاڻ تون.

 

آهه شڌ هردي ۾ جوتيءَ جو نراس،

پريم ڀڳتيءَ ۾ وسين تو پاڻ تون.

 

آهه نت تنهنجي نوازيندڙ نگاهه،

ڪلجُڳي جيون جي لئه ڪلياڻ تون.

 

منهنجي من کي پنهنجي ڀڳتي سان ڀري،

ڇَڏ ڇني سنسار جي ڇڪ تاڻ تون.

 

ڌرم ڀن ڀن ويل بيوس پئين لهي،

ايڪتا قائم ڪرڻ جي ڪاڻ تون.

 


 

ڀڄن

 6

دل ۾ ويو ستگر نيڻن جي راهه سان،

نيڻن جي راهه سان نيهي نگاهه سان.

 

شبدن جا تير ڇوڙي ڀرمي زنجير ٽوڙي،

سيني ۾ جاءِ جوڙي سوگهو ٿيو ساهه سان.

 

ٻاڻيءَ جا ٻاڻ ماري، پريتيءَ سان پان ماري،

جڳ جي ڇڪ تاڻ ماري چرنن جي چاهه سان.

 

جوتي پرڪاش واري، ستگر مشعال ٻاري،

اوندهه انڌڪار ٽاري انڀئي اٿاهه سان.

 

ستگر جي درگهه ڀيٽي، ڪرمن جي ريکا ريٽي،

جنهن جي پياس ميٽي امرت درياهه سان.

 

نانڪ جي مُورت پياري، هن ۾ مون مخفي ڌاري،

”بيوس“ جي بيقراري ويئي ويساهه سان.

 

مدي ڪتابن جي لسٽ

شيرين شعر (بيوس.)

بياض عطر سنگ هاساسنگ ڪلياڻ ڪئمپ بمبئي (هندستان).

شعر بيوَس گڏيل، هوندراج دکايل(هندستان)

سامونڊي سپِون (بيوس) سندر ساهتيه ڪراچي.

پي ايڇ- ڊي جي ٿيسز – ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

سرهاگل، علامه دائود پوٽو صاحب.

شاعرانه موتي مسٽر ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي.

بيوس گيتانجلي(بيوس) گڏ ڪندڙ نيل ڪمل ۽ جهامندس

اردو ڪلاسيڪل ، هندي ۽ انگلش ڊڪشنري پلئٽس.

گرونانڪ جي جيون ڪوتا، ڪشنچند بيوس.

سَڏُ پڙاڏو ساڳيو (ڪشنچند بيوس)هوندراج دکايل (هندستان)

مُوجي گيت(بيوس) هندستان.

 مقالاه’سيمينار بيوس‘ پونو(هندستان).

ڦولداني – مرتب: بيوس ۽ مسافر.

انڊلٺ – سندر ساهتيه ڪراچي.

رساله سنڌُو اپريل، مئي، جون 1933ع.

رساله هند واسي (هندستان)

ماهوار اديب سنڌ ڪانفرنس نمبر، اپريل ۽ مئي 1944ع.


(1)  ستوگڻ = سٺي خاصيت (گُڻ وري ٽي آهن: ستو، رجو يا راجسي ۽ تمو)

(2) ورتمان = برابر، موجب

(3) ترتيا = هندن جو جڳ (هندو متي مطابق جڳ چار آهنِ ترتيا ، دواپر، ست جڳ، ڪلجڳ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org