سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :13

 

تارڻ هار گروُ

 سير منجهان سنسار سمنڊ جي تارج تارڻ هار گرو،

ٻاجهه ڪري جيوت جو ٻيڙو پار ڪندين جڳ تار گرو.

 

ڪرم نه ڄاڻان، ڌرم نه ڄاڻان، آءٌ نه ڄاڻان جپ تپ ڪو،

پنهنجي ڀري ڀنڊار منجهان ڪو دان ڏجو داتار گرو.

 

اوٽ اجهو تون واهه وسيلو، توري ٻيو ڪو نانهه تڪيو،

سوڙهه سمي تون انت سهائي، اوکي ۾ آڌار گرو.

 

آءٌ نماڻي عيبن هاڻي، من مداين ساڻ ڀريو،

مهر نظر سان بخش بُرايون ڪرڪرپاڪر تار گرو.

 

دور دنيا جي لمٽ (1)کان ٿيان، چرن ڪمل (2)۾ چاهه رهي،

هردي ۾ اَتي(3) پريم جڳائي، ياد رکان هر وار گرو.

 

شڪتي ڀڪتي ڀاءُ ڏي ”بيوس“، پريتي ڀوڄن پريم سندو،

رک. هرتا، رک داتا سوامي، سنڪٽ (5)ڪشٽ(6) نوار گرو

 

 

گرونانڪ نرهنڪاري

دلين اندر نهاري ٿيو گرونانڪ نرهنڪاري(1)

اُجڙ دل کي اُجاري ٿو گروناڪ نرهنڪاري.

 

تتل هردي کي ٺَري ٿو  گرونانڪ  نرهنڪاري،

ٻڏل ٻيڙي کي تاري ٿو گرونانڪ نرهنڪاري.

 

رکي پريم پيارا هلو گُر دواري،

جتي ستگرو ديو نانڪ نهاري.

 

پرهه ويلي امرت جي ورکا ٿئي ٿي،

ورو شانت چت (2)ٿي، تتل هنيانءُ ٺاري.

 

هلي پُڃ گنگا(3) ۾ غوطو لڳايو،

دُئيءَ جا ڇڏيو داغ دل تان وساري.

 

چڙهيا چوٽ سي ڪوٽ جهاڳي جنم جا،

پيا پرت مان جي گروءَ جي پناري.

 

ڪندا ڪيئن نه پرلوڪ ۾ سي پُڪارون،

هتان جي هليا واهگروءَ کي وساري.

 

منش جوڻ دُر لڀ، مهانگي ملي ٿي،

ڇڏيو بي مُکا (4) ٿي، نه ”بيوس“ وساري.

 

ڀوجل تارڻ هار

ڀؤساگر (1)مان پار – سوامي،

ستگر نانڪ ديو اُڪاري.

 

تنهن ٻيڙيءَ کي لهر نه لوڏو،

جنهن کي سمرٿ (2)ستگر اوڏو،

ڀؤجل(3) تارڻ هار سدائي.

 

لهر هندوري هلندي لُڏندي،

ڌڏندي ڪُڏندي، مُور نه ٻُڏندي،

ترت اُڪاري تار سدائي.

 

جنهن تي ستگُر پاڻ سُکائي،

تنهنجي ذرڙو ٿئي نه زياني،

اَٽل ملي آڌار  - سوامي - ستگر سدائي.

 

ڪرم ڪانڊ جي بات نه گهرجي،

ورن، (5) آشرم،(6) ذات نه گهرجي،

گهرجي صدق سچار - سوامي سدائي.

 

جنهن تي ڪرپا ستگر سندي،

سائي بيوس بندر رسندي،

پسندي موڪش (1)دئار سوامي سدائي.

 

نماڻن ماڻ (پهاڙي)

ستگرو نانڪ نماڻن ماڻ تون،

گيان ڀنڊاري گُڻن جي کاڻ تون.

 

تَنهن جي دل آنند ۾ اُڇلون هڻي،

جنهن تي مارين شبدروپي (1)ٻاڻ(2) تون.

 

آهه شڌ هردي ۾ جوتيءَ جو نواس،

پريم - ڀڳتيءَ ۾ وسين ٿو پاڻ تون.

 

منهنجي من کي پنهنجي ڀڳتيءَ سان ڀري،

ڇڏ ڇني سنسار جي ڇڪتاڻ تون.

 

ڌرم ڀن ڀن (3)ويل ”بيوس“ پئين لهي،

ايڪتا قائم ڪرڻ جي ڪاڻ تون.

 

دل ۾ ويو ستگر

دل ۾ ستگر نيڻن جي راهه سان،

نيڻن جي راهسان نيهي نگاهه سان.

 

شبدن جا تير ڇوڙي زنجير ٽوڙي،

سيني ۾ جاءِ جوڙي، سوگهو ٿيو ساهه سان.

 

پاڻيءَ جا پاڻ ماري پريتيءَ سان پاڻ تاري،

جڳ جي ڇڪتاڻ ٽاڙي چرنن جي چاهه سان.

 

جوتي پرڪاش واري، ستگر مشعال ٻاري،

اوندهه اَنڌڪار ٽاري انڀئه (1)اَٿاهه سان.

 

ستگر جي درگهه ڀيٽي، ڪرمن جي ريکا ريٽي،

جنهن جي پياس ميٽي امرت درياهه سان.

 

نانڪ جي مورت پياري من ۾ مون مخفي ڌاري،

بيوس جي بيقراري ويئي ويساهه سان.

 

گرو گوبند سنگهه

نئين سر ڀُونءِ ڀارت تي ڀليرو ڀاءُ پيدا ٿيو،

گرو گوبند سنگهه وارو جڏهن ورتاءُ پيدا ٿيو.

 

تڏهن داتار - ڌرتيءَ تي، ڌرم اوتار تو ڌاريو،

جڏهن هن ديس اندر پاپ ۽ ڪُنياءُ پيدا ٿيو.

 

پياري گيان امرت رس، گَروُ تنهن کي شفا بخشي،

ڌرم جي دل اندر جو ڪُوڙ روپي گهاءُ پيدا ٿيو.

 

پياري پَهلِ پيارن کي پيئڻ لئه پاڻ ورتائون،

بڻيا اَپي گرو چيلا عجب اُتَساهه پيدا ٿيو.

 

شهيدي خون تي تارڻ، گهريو هندڪار جو ٻيڙو،

اچانڪ خالصن جي خون جو درياءُ پيدا ٿيو.

 

لڙي هڪ سکُ سوا لک سان، ڪلنگيڌر (1)چيو گجندي،

هوا ۾ هِندُ جي هي حيرتي پڙلاءُ پيدا ٿيو.

 

سندن ئي جانبازيءَ کان هٽيا شهباز جهرڪين کان،

گدڙ مان سنگهه ٿيا، دشمن اندر ڏهڪاءُ پيدا ٿيو.

 

سُتنتَرنا (1)مٿان صدقي ڪيان ڪچڙا گروءَ ٻچڙا،

ڌرم لئه ديس دکين لئه تکيرو تاءُ پيدا ٿيو.

 

پتامتا جگر آنڊا ويا سر ساهه سڀ واري،

نه ڪنهن ۾ قوم لئه اهڙو ڪڏهن ڪهڪاءُ پيدا ٿيو.

 

ڏسي سچ لاءِ قرباني، لڳي حيرت تي حيراني،

عجب اُتساهه دنيا ۾ چڪر سواءُ پيدا ٿيو.

 

گروءَ جو نانءُ آ موميا ڀڳل دل لاءِ اي بيوس،

ٻڌڻ سان جسم مڙدي ۾ اندر غوغاءُ پيدا ٿيو.

 

ستار گرو گوبند سنگهه

درد وندن جا ڌڻي واهه گرو گوبند سنگهه،

خاص هيڻن جا تون همراهه گرو گوبند سنگهه،

انهن بي واهه جي تون واهه گرو گوبند سنگهه،

پاپ سنتاپ ڪئي ڪاهه گرو گوبند سنگهه،

ڪرم ويرن ۾ مهاووير تون دسميس (1)پتا،

ڌرم جي لاءِ بڻن ڌير تون دسميس پتا.

 

شاهه بيکڻ ٿي پڙهي پرت منجهان پرهه نماز،

تخت اعليٰ تان ڏٺونور ڪَندو جنهن پرواز،

ترت منهن ڦيري ڪيو عابد اوڀر ڏي نياز،

ديد درويش بنا ڪين پروڙيو ڪنهن راز،

شوق ديدار کان درويش هليو اوڀر تي،

پاٽنا پهتو گرو گوبند سنگهه جي در تي.

 

گل گلابي ٿي ٽڙيو گوجري جي گود اندر،

جاءِ هئي تيغ بهادر جي، ها مالڪ مندر،

ٺار نيڻن کي رسيو شاهه، ڏسي منهن منور،

محو محويت ۾ ٿيو، عشق مان آکيو هو پر،

اي اناٿن (2)جا اَجها! جيءُ ڀلي نت ڄائين،

تون وري شاهه ولي نانڪ بابا آئين.

 

تو فدا ڌرم رکيا لئه ڪيو پروار (3)گرو،

درد جي دانهن ٻُڌي، گهوريو تو گهر ٻَار گرو،

توکنئي پاپ پٽڻ لاءِ ته تلوار گرو،

نانءُ نروار نماڻن سندو آڌار گرو،

پنهنجي جند لاءِ نه، مگر عام ڀلي لئه هو جيئڻ،

عام اُپڪار ٿيو تو ناٿ کائڻ ۽ پيئڻ.

 

تو ڏنو جام شهادت جو پيئڻ پيارن کي،

آگ جنگ ۾ تو جلايو،هو اکين تارن کي،

پاڻ قربان ڪيو، پنهنجي ڪڙم وارن کي،

جان جند کي، پتا ماڻا کي، ۽ ٻارن کي،

پاڻ پهرين جڏهن سُور سندا ساز ٿيا،

تڏهن جهرڪين مان ڦري باز ۽ شهباز ٿيا.

 

تلڪ اُستستي

جئه بال تلڪ مهراج، گنگا ڌر بال تلڪ مهراج.

 

مات ڀارت مڪٽ مٿان تون پرڪاشي پکراج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

بند ڀڃڻ لئه بند تو ڪاٽيا، سُور ڏنئه سوراج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

آزاديءَ جو شبد سليو تو، پالَيئه لک محتاج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

ڀارت واسي دلين جو هُئين تون بادشاهه بي تاج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

ڪيسري مرهٽيءَ ۾ تنهنجي، ٿي گرجنا گاج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

فرض اهو ئي پوين تي، ڪَن پورن تُنهنجا ڪاج،

اسان جا بال تلڪ مهراج.

 

گانڌي جنم

2  - آڪٽوبر

 

گانڌي پيارو چرخي وارو، اهنسا جو اوتارو.

 

گانڌي اسان جي گل گجراتي، آهي گلي جو هار،

هر جا جنهن جي آهه جڳت ۾  - هاڪ ڀري هٻڪار.

 

دل ۾ درد رکين جوڌاري، ٿو سورهيه سردار،

نيچ نماڻا، ساه سيباڻا - آهه اڇوت اُڌار.

 

لوڪ اُگهاڙا ڏسي بڻيو خود لعل لنگوٽيدار،

عام جو اونو، دل ۾ اونهو، عام سندو اُپڪار.

 

چاههُ رکي ٿو چرخو چوري، ائٽ ڪتي اَوتار،

کادي سان ڀرپور ٿو چاهي، ڀارت جو ڀنڊار.

 

ڏٻري تن ۾ آهه سمايل - سنساري اسرار،

دلي، دماغي طاقت اهڙي جنهن جو انت نه پار.

 

 

آهه اسان لئه خاص وڏو ڏڻ گانڌي جنم جئڪار،

اڄ ٿا ملهايون ڀارت واسي ۽ سارو سنسار.

 

سابرمت جو سنت سدائين پاڻ تي ڀاڙڻ هار،

آزادي مندر جو ”بيوس“ آهه اهو آڌار.

 

لعل لاهوري ريجهومل ڪندن سنگهه

 

زيب تنهنجي زندگانيءَ کان مليو انسان کي،

لعل لاهوري – وڌايو توئي شيوا شان کي.

 

آگ قربانيءَ ۾ ڪونڌر - جا سڙي سڳنڌي ڏني،

تنهن لڄايو آهه چندن، مشڪ ۽ لوبان کي.

 

تو سچيءَ تعليم جو سهڻو سچو مطلب سليو،

مال دولت جي لوڏيو لالچن ايمان کي.

 

تو ڪيو صدقي اي سورهيه پَرَ ڀلي تان پاڻ کي،

عام کي اوکو ڏسي تو جُوان واريو جان کي.

 

وقت جي مرهم لڳڻ سان زخم دل سالم نه ٿئي،

ناهه ڪو دارون ڪري جو ڪم اثرار مان کي.

 

تو سچي جيوت جو ماڻيو مَوت ظاهر سان مزو،

آدرش اوچيءَ رسايو آتمڪ اُستان کي.

 

 

 

ساڌنا شيو اجي ساڌي ساڌو ريجهومل بڻئين،

دل سان ديواني ڇڏي، پاتئه سچي سنمان کي.

 

شمعُ ٿي روشن رَهئين قدرت جي محفل ۾ سدا،

فخر تو جهڙن کان بيوس آهه هندستان کي.


 

 

ديسي هنر

هند واسين جي هنر کي هر طرح همتائبو،

پنهنجي مُلڪي مال کي ئي ملڪ ۾ ورتائبو.

 

مون کي محبت آهه بيحد، پنهنجي پياري ديس سان،

ديس جي ڌنڌي هنر هرڪار کي همتائبو.

 

واتَ منهنجي ورت ڌاريو آوديشي مال جو،

مُلڪ جو ڄاڻي مٺو، کارو خوشي سان کائبو.

 

ڀل هجي سارو ٿلو، ڀل لاک جي لوئي هجي،

ديس پنهنجي جو کَٿو، کَهُرو خوشيءَ سان پائبو.

 

هند واسين جي جُڙيل ڪاشيءِ نه جي مُيسر هجي،

ڪيئن نه ڪيئن ڪاٽي سمو اُن شيءِ بنا اُڪلائبو.

 

بي هنر جي هندواسي، ٿي ڪروڙين ويا ڪنگال،

تن کي مشغولي ڏئي، کارائبو پارائبو.

 

جي اُڻيل هُوندي ڪفن ۾ غير هندي تن دڪا،

لاش مرڻي بعد ”بيوس“ ٿي شڪي شرمائبو.

 

سوديشي

سُوديشي قوميت جو جان ۾ جلوو جڳائي ٿو،

ڪرائي پيار پنهنجي سان وطن حب کي وڌائي ٿو.

 

سوديشي ڀَاءُ ماڻهوءَ کي بڻائي ديس واسي ٿو،

سگهو سو ديس واسي جا لڇڻ پُورا پرائي ٿو.

 

جياپو ديس واسي جو، جياپو ديس ساري سان،

محبت ملڪ ۾ پنهنجي الڳ هستي گنوائي ٿو.

 

ٿو مڙني ملڪ وارن کي ڪٽنب پنهنجي ڪري ڄاڻي،

ملي ڪُل ديس ڀَائين سان وڏو ڪٽنبي سڏائي ٿو.

 

ڪري ٿو ياد هرو پلي دکيري ديس جي حالت،

اُجڙجي ٿِي هنرو يا، هي وري ٻيهر وَسائي ٿو.

 

سوديشي پريُم ماڻهو کي بڻائي ديس پُوڄاري،

سچو ٿي ديس واسي، ديس جو شيوڪ سڏائي ٿو.

 

 

سوديشي جو اثر اونهو پوي ٿو چال چلگت تي،

وڌائي آتمڪ چڪر ۽ مَنوَر تي مَٽائي ٿو.

 

سوديشي سرس سيکاري، قناعت سادگي سنجم،

اجايُون عشر تي گُهرجون گهڻي ڀاڱي گهٽائي ٿو.

 

سوديشي، آهه ڄڻ سنومان(1) جي بنياد جو پٿر

پرائي غرض کان جو ملڪ پنهنجي کي بچائي ٿو.

 

هميشه جو خريدي ۽ کپائي مال ٿو ديسي،

اُهو مُوڙي ڏئي ڌن ملڪ جو گويا بچائي ٿو.

 

وٺو ديسي، سکو ديشي، پَهو ديسي رهو ديسي،

اهي ڳالهيون سچو ديسي هنئين اندر هنڊائي ٿو.

 

نه بک آهي نه بيڪاري، رکو ياري جي ديسي سان،

جتي ديسي اُتي بيوس نه دک سختيون سهائي ٿو.

 

 

(8 2 1 )

منهن مٿي ڪرديس جو

ڪر سُوديشي جي سدا تون تن جي تاڪين ۾ تنوار،

تَنُ سوديشي جو تنبورو من سوديشي تارتار.

 

ٿو پوي تنهنجي خريديءَ جو اثر ڪل ديس تي،

ديس جي حالت تنهنجي آهه عادت تي مدار.

 

ملڪ صدقي ڪا به قرباني ڪرڻ آهي روا،

جي پُڄي ٻيوڪين توکان دل ڀلاديسي ته ڌار.

 

جسم ديسي ۾ نه تنهنجي دل وديشي ٿي سُنهين،

ملڪ کي ماري بُکن ۾ڪين پر جو پيٽ پار.

 

مهل پيئي ملڪ تنهنجي تي مصيبت جي اچي،

ٿا لکين ٿيندا وڃن بيڪار ۽ بيروزگار.

 

توان اڃا فئشن پرستي جي نشي ۾ مست ٿيو،

پيو ڪرين بيحد بُکين کي شوق پنهنجي جو شڪار.

 

هو وتن هَئه هَئه ڪندا ۽ تون وتين ٽهه ٽهه ڪندو،

آهه پَر سان پيَار توکي پر نه پنهنجن سان پيار.

 

آهه ”بيوس“ هي سمو، تنهنجي پريکيا جو عجيب،

منهن مٿي ڪر ملڪ جو يا ديس کي ڪر شرمسار.

 

ڳوٺن جو سڌارو

 

ڀارت ۾ نئين رنگ جو آڻيندو نظارو، ڳوٺن جو سُڌارو،

هن ديش جو ٺاهيندو نمونو ئي نيارو ڳوٺنجو سڌارو.

 

اندازو وڏو خلق جو ڳوٺن ۾ وسي ٿو،

بستين ۾ بسي ٿو، آڻيندو اسي سيڪڙو آدم ۾ اجارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

اُجڙيا جي هنر هند جا، ڌنڌا جي ڌڪاڻا، وسريا ۽ وساڻا،

جاڳائي وري تن کي جيئاريندو دوبارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

بي علم رهن انڌ ۾ خود ملڪ جي ٻُڌ کان، اخبار جي سُڌ کان،

تعليم ڏئي، عام ڪندو، دُور انڌارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

جايون به وڏيون، ڇُوٽَ هوا، پرنه صفائي، بيمار ججهائي،

قانون صحت سان ڪندو هيڻن کي سگهارو.

 

جو کيٽ ڪندي، پيٽ بکيو، انگ اگهاڙو، جوڀن ۾ ڪُراڙو،

ڪڙمي کي ڏئي قوتُ ڪندو مڙس متارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

 

پنچائت ۾ جا تنگ دلي ڦوٽ ٿي آڻي، ڇڪتاڻ ۾ تاڻي،

ميلاپ محبت سان ڪندو تنهن کان ڪنارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

منورتي غلامي جي هٽائيندو وديا سان، سوراج سکيا سان،

آزاد خيالي جو وڄائيندو نغارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

بيوس ٿي ڇڏي ڏيندو جڏهن رسم پراڻي بيڪار سا ڄاڻي،

برباد ڪندو وقت ۽ پيسو نه پيارو ڳوٺن جو سڌارو.

 

جُوا

جامُ جواري جائي ،ڦٺ لعنت توتي آئي.

 

قيد ڪَٽين ٿو، ڏنڊ ڀرين ٿو،

تڏهن به توبهه ڪين ڪرين ٿو،

سختيون سهين سدائين ڦٺ لعنت تو تي آئي.

 

چوري توکان جُوا ڪرائي

وڏي وياج تي قرض کڻائي،

پنهنجي پَتِ کُهائي، ڦٺ لعنت تون آئي.

 

ٿڌڙي جو مقصد نه سڃاتو،

ڪرشن جنم جو قدر نه ڄاتو،

اونڌي ڪار ڪمائي، ڦٺ لعنت تو تي آئي.

 

پاڻي وانگر پيسو هارين،

ناڻن جو ويچار نه ڌارين،

ظالم  زر اُڏائي ، ڦٺ  لعنت  تو   تي آئي.

 

کٽندڙ جو ٿئي اڌ منهن ڪارو،

هارائيندڙ جو سارو ڪارو،

ڀيڏا چال چلائي، ڦٺ لعنت تو تي آئي.

 

ناشاد جواري

دنيا ۾ رهي دائما ناشاد جُواري، برباد جواري،

جنسي ٿو ڪري پاڻ سان بيداد جُواري برباد جواري.

 

خود سُور سهي، سُور ڪٽنب کي به سهائي ۽ گهر ٿو جلائي،

رُئندو رهي دن رات ٿو اولاد جواري برباد جواري.

 

پيدا جو ٿئي شينهن جو ٿو پيٽ مان پئسو، لُٽجي ٿو وڃي سو،

مايا کي اُڏائي ڇڏي افراد جُواري برباد جواري.

 

هڪ هار سندي هاج تي ٻي خار خرابي، هر بات غداري،

هردم پيو ڪري درد جي فرياد جواري برباد جواري.

 

ڇا ننگ ۽ ناموس جوا ناس ڪري ٿي، جت واس ڪري ٿي،

ٿئي لوڪ گلا کان به نه آزاد جواري.

 

هي ڪرشن جنم ڏينهن جُوا سان نه ملهايو، ڀارت نه لڄايو،

ڪر پنهنجي اِشٽ (1)کي به ذرا ياد جواري.

 

 

جُواخانو

اُها جاءِ جت ٿئي جهڳو ناس ٿو،

رڳن تان اُڏي جت وڃي ماس ٿو،

ٻُڏي ننگُ ناموس جت خاص ٿو،

رهي ماس، مڌرا سندو داس ٿو،

مليو شرف تنهن کي جواخان جو،

اَڇو منهن ڪري ٿي جان انسان جو.

 

جواري ڪر نا ذرو قدر زر،

اٿس راند ۾ روڪ رپيا ٽڪر،

لڳن نوٽ ٿا ٺيڪ ڪاغذ ٺِڪر،

ٿين ڍير ناڻي سندا دَر بدر،

کپن کوڙ ٿا پيگ سگريٽ ۾،

ٿين ناس سَوَ ۽ پيٽ ۾.

 

کٽي تان جواري ٿئي باالفضول،

وڌائي ڇڏڻ مَنُ جوا جو اصول،

ڏسي مفت جو مال ماڻي الُول،

ڪري زر اُڏائڻ سان بلڪل ڪلول،

مگر جيت ناهي سدا هار آهه،

وري هار کان وَڌِ بُري خار آهه.

 

اُنهي خار ۾ جيئن جُواري اچي،

مصيبت انهيءَ لئه مچي ٿي مچي،

ويَل مُور لئه پيو لڇي ۽ پچي،

جڏهن سڀ گنوائي نه ڪو ڏي بچي،

تڏهن جوش ۽ خار کان ٿي اَنڌو،

ڪرين قرض. گروي جو چالو ڌنڌو.

 

پَئي طلب تڪڙي ته آئي اُڌار،

وٺي ٽي لکي ڏئي ٿو ٽن جا به چار،

وضع ٿيل ٿئي وياج ٻهر شمار،

لهي ڪورٽن ۾ وڃڻ سان خمار،

اچي سر تي ڊڪري ڌَڄا ٿي دري،

مڏي مال ٿو اَڌَبها ۾ ڳري.

 

چٿي جي ڇڏيا هن هچاريءَ بلا،

وري سي ڪڏهن ٿيا نه ساوا سلا،

گُهٽي هن گهڻن جا گلا،

ڪڍي ڪيترن ئي گهرن جي ڪلا،

جُهڳا ڀينگ برباد، خانا خراب،

پسائي پڇاڙي ۾ ايڏا عذاب.

 

وٺي وجهه ڏڻن جو شروع ٿي ٿئي،

مهڙ ۾ ڪو ٿوروئي چشڪو ڏئي،

هڻي ڏنگ مٺڙو نهوڙي نئي،

مگر خون دل نيٺ سارو پئي،

جو ڦاسي تو هن سون جي ڄار ۾،

پوي ٿو هميشه لئه آزار ۾.

 

ٿين مال نيلام جند نا ڇُٽَي،

پَون ڏنڊ ٿا جام جند جا ڇٽي،

وجهي قيد ۾ عام جند نا ڇٽي،

ڪري خاص بدنام جند نا ڇٽي،

عجب آهه بيوس جوا جي اندر،

ڀريل آهه ڪهڙو نه مٺڙو زهر.


(1)  لمٽ = جهنجهٽ

(2) ڪمل = نازڪ

(3) اتي = تمام گهڻو

(4) سنڪٽ = رنڊڪ

(5) ڪشٽ نوار ۽ تڪليفون دور ڪرڻ

(1)  نرهنڪاري = نياز نوڙت وارو

(2)  شانت چت = دل جو آرام

(3) پُڃ گنگا = پاڪ گنگا

(4)   بي مکا = منڪر، عبادت کان سواءِ

(1)  ڀو ساگر = دنيا

(2) سمرٿ = پاڪ طاقت وارو، ڪرامت وارو

(3) ڀوجل = دنيا جو سمنڊ

(5)   ورن = رنگ – ذاتيون.

(6) اشرم = هندن جي عقيدي موجب حياتيءَ جا چار آشرم يا حصا آهن (1) برهمچاريه (2) گرهست (3) وان پرست (4) سنياس

(1)  موشڪ دئار = نجات جو دروازو

(1)  شبد روپي = مرشد کان مليل لفظ

(2) ٻاڻ = ڌيان، اشارو

(3)   ڀن ڀن = قسمين

(1)   انڀئه = بي خوف

(1)  ڪلنگيڌر = گرو، گوبند سنگهه

(1)  ستنترنا = آزادي

(1)  دسميس = ڏهون گرو

(2)  اناٿن = بي واهن

(3)  پروار = ڪٽنب

(1)    سنومان = عزت – نالو ڪڍڻ

(1)  اشٽ = اٺون  مرشد – ڪرشن مهراج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

text-indent: 0px; line-height: 30px; margin: 0px 10px"> (1)  اشٽ = اٺون  مرشد – ڪرشن مهراج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org