سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :21

 

ڀاڳُ ٽيون

مرداني سان ميلَ سٺ ڀاڳو ۽ لالو کي اچنبو

ڏيکارڻ

رَهي آرزو سوز کي ساز جي،

کپي ساز کي اوٽ آواز جي،

کُلي خود بخود رمز پوءِ راز جي،

پرت ۾ پريتم جي پرواز جي،

گروجن رتل راڳ جي رنگ ۾،

رکيائون ٿي مرداني کي سنگ ۾،

ربابيءَ سان پئجي چڱيرو ويو چاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڏسي ميل مسلم ۽ کتري سندو،

لڳو شهر وارن کي بلڪل مُندو،

ٿيو جا بجا جام جنهن تي خندو،

مگر ڪنهن گلا کي گرو ڇا ڪندو؟

چيائون کلي، لوڪَ پروانه ڪا،

اسين آهيون ڪرتار پاسي سدا،

اسان جو سندس ڌُ ۾ ڌيان آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

ربابيءَ کي ڪنهن ساز جي طلب ٿي،

ملي سارنگي شهر مان ڪينڪي،

گروجن چيس وڃ جتن تي ڪهي،

اُتي هڪ ربابي اٿئي فرهندي،

رقم نانڪي ڀيڻ کان سو وٺي،

جتن ويو خريدي ڪرڻ سارنگي،

ربابين جو ٿي ويو ملڻ سان ئي ٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

کڻي فرهندو ساز سارهه ڀريو،

گروءَ جي ڏي مرداني سان گڏ وريو،

اچڻ سان اچي ساز ڀيٽا ڌريو،

چيائين گرو! زيمه ڪرپا ڪريو،

ٻڌي گيان گُفتو گروءَ جن سندو،

ربابي عجب ۾ پيو سارهه ڪندو،

پيو جسم مردي ۾ گويا پساهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

نظر ناٿ جي ساز تي جان پئي،

وڄڻ سان تنهن ڪا ڪماليت ڪئي،

سگهيو اهڙي صاحب جي ساره چئي،

اچي سُرت بي ساس ۾ ڄڻ وئي،

سندس تانَ اهڙا زبردست ٿيا،

پکين پَرَ پکيڙيا، مرون مست ٿيا،

هري ڪيرتيءَ ۾ ٿيو آنند اٿاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گرو ايمنا باد آيو ڪهي،

ڏسي پريم لالوءِ جي گهر پيو رهي،

جتي سادي ماني جوَونَ جي ٺهي،

ڏسڻ سان ويو مرداني جو منهن لهي،

گُروءَ ڀيد ڄاڻي چيو چاهه مان،

اٿيئي پريم پرشاد امرت سمان،

۽ مرداني کائي ڪئي واهه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڌني پرس ٻيو ايمنا باد جو،

ملڪ ڀاڳو هوو جنهن وڏو يگه ڪيو،

گروجن سڏائڻ تي پهرين نه ويو،

ڏمرجي مڪو سيٺ ماڻهو پيو،

گروءَ کي وڃڻ تنهن تي لاچار ٿيو،

مگر ڪي به کائڻ کان انڪار ٿيو،

کنيائون کيڻ لئه نه هڪڙو گراهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن پڇا تي اُتر هي ڏنو،

طمع سان مڙيل مال اندر تمو،

مگر آ سچي سادي اندر سُتو،

ٻنهي مان کڻي پوءِ نپوڙيو ذرو،

ڇڻي طعام ڀاڳوءَ منجهان خون پيو،

۽ لالوءَ جي مان کير وَهندو ويو،

هو ڀاڳوءَ جي ڀوڄڻ مان ظاهر گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

تعجب ملڪ کي نهوڙي نيو،

گروجن جي چرنن تي پرتئون پيو،

ڀُلي ڀرم اپمان سارو ويو،

گروجن جو پرتاب پرگهٽ ٿيو،

ڪلا تان ڪَئين پرش ٻلهار ٿيا،

مڃڻ لاءِ ستگر سوين تيار ٿيا،

پَسائي گروُءَ گيان جي راست راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

وطن آيو مردانو موڪل وٺي،

خبر تلونڊي ۾ ڏنائين سڄي،

تڏهن ماءُ پيءُ جي به شرڌا وڌي،

گُروءَ کي ڏسڻ لاءِ چنتا لڳي،

چيو راءِ بلار مرداني کي،

گروءَ کي وڃي منهنجو پيغام ڏي،

رکان ٿو پڇاڙي ۾ درشن جو چاهه ،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سُڻي سَڏ گرو تلونڊي ۾ وريو،

رَهي کوهه تي پوي سماڌي ڌريو،

ڌني ۾ لڳل سر تي چاڌر ڌريو،

اچي ماءُ پيءُ جو ڏسي منُ ڀريو،

چيائون ته پُٽ هو نه واجب سنياس،

دنيا جي سکن کان مناسب نه ٽاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اي نانڪ! دنيا ۾ بُرو آهه ڇا؟،

ڇڏين ڇو هي سنسار رُوپي مزا،

وٺِج دَورَ خوراڪ پوشاڪ جا،

ڀَلا گهوڙا مون وٽ چڙهيءَ لئه ججها،

ڪمان تير کڻ ۽ وڃي ڪر شڪار،

اميرن جي ٻارن جيان بيشڪ گذار،

مگر گهر رهڻ سان رڳو لاءِ چاههُ،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيائون: نه سنسار ۾ سو سرور،

رهي جو پرايو سين  دنيا کان دور،

مزو چوڙ ۽ ماڻ ۾ نانهه مُور،

هتي هَر وسارڻ هتي لاءِ سُور،

ڀَڄن آهه ڀوڄڻ سچو رُوح جو،

هَري آهه ڀوڄن سچو رُوح جو،

هَري ڪير تن ئي وڳو روح جو،

انهيءَ ريءَ اسان کي رهيو ڪو نه چاههُ،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

رنگا رنگ ٻيو ڪونه گهرجي لباس

کپي لال ٿو پريم رنگي مٺاس

اڇو رنگ اوجل اندر جو اداس

کپي سو سٺ؟ دل جو سندر سنياس

برهه بيرنگي جو بکي رنگ مان

اسان جو پروجن(1) سندس سنگ مان

سندس ايڪتا ۾ کڄي ٿو پساهه

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه

 

تکي طلب گهوڙي مٿي ٿي سوار،

سُمارگ (2)تان هلڻو سچي کنڊ پار،

وويڪي ڪمال تير گهر جي وچار،

ترشنا ڪري جنهن سان سگهجي شڪار،

گهڻي رمز ڪالو ۽ لالوءَ ڪئي،

گُرو باز نه آيو اجائي وئي،

بنا موٽ جي ٻي ڏٺائون نه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ٿي راءِ بلار گد گد ٻُڌي،

گهرايو گروجن کي ماڻهو مُنجي،

ڏسي صاحبن کي پيو چرنين ڪري،

گروجن به ٿيا شاد نئڙت ڏسي،

چيو راءِ ”محبوب الله جا،

اسان کي به ذرڙو، ڪيو ڪو عطا

چي:  ڏاڍي اڳيان بن ونءِ ناهه واهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن ڇڏي گهر اگهر گهر لڌو،

ڇڏي دار دنيا کي داور لڌو،

ڇڏي اوٽ گهرجي جڳت اوٽ ٿيا،

سندن ئي ڪَلا سان ڪريل چوٽ ٿيا،

۽ بيوس لکن کي نوازيو نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.


 

ڀاڳ چوٿون

ڌرم پرچار ۽ ڌارين سان گيان گوشٽ

هينئر صاحبن جو رتن (1)عام ٿيو،

ڏيڻ مول منتر سو ستنام ٿيو،

اچڻ نيٺ گورک(3) مٿي ڌام (3)ٿيو،

جتي يوگ مارگ رڳو عام ٿيو،

نرنڪاري نانڪ اچڻ جو سڻي،

وٽن آيا يوگي گهڻي ئي گُڻي،

چيائون: بنا يوگ ٻي ڪانه راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن پڇو: يوگ جو ڇا متو،

چيائون رکڻ گودڙي ۽ ڏنڊو،

ڀڀُوتي بدن تي منائڻ مٿو،

وڄائڻ سڱي سرجٽا جو جٽو،

سماڌي لڳائڻ ڪرڻ ياترا،

مَساڻا وَسائڻ، ته من ٿئي فنا،

اهائي سڌن (4)جي سڌيءَ لاءِ راهڻ،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو صاحبن: هي لڪشڻ يوگ جا،

سچي يوگ ۾ ڪين آهي روا،

ڳنڍڻ يوگ ۾ مَن هريءَ سان مدعا،

جو هر جاءِ ڀرپور پرماتما،

جو مايا ۾ رهندي، ري ٿو اُداس،

اُنهي جو سچي يوگ ۾ ئي نواس،

مگر ٻيو ته آهي اجايو اُٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گدڙ جي مساڻن ۾ اڪثر رهن،

مَڇُون جي ڪه تيرٿ ۾ آشنان ڪن،

اُهي تنهن ڪري ٿي نه يوگي پَون،

تياڳي، وڪارن(1) کي جي ٿا وٺن

سچو گيان مالڪ جو حاصل ڪري،

ڀڄن ٿا جيئڻ ۽ مرڻ کان پري،

ٿا من مامتا کي ڪٽي ڪن ڪپاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سڻي هي گروجن جو سهڻو جواب،

اچڻ تي هو يوگين اندر انقلاب،

مگر ڀرتري اُت چيو اي جناب،

پيڻ آهه يوگي کي لازم شراب،

رکي سنڪلپ(1) کان جو من کي پري،

جڳت جي وهم کي ٿو غائب ڪري،

چيو صاحبن :مان!ٻڌو ان جو ٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

کڻو ڌيان ٻوٽي، گڏيو گيان ڳر،

وجهو رس چڱن شڀ ڪمن جو اثر،

بٺي ڀاؤ(2) روپيءَ تي چاڙهيو وکر،

ڏئي پريم پوچو ڪريو ڪارگر،

اهوئي سچو ۽ حقيقي شراب،

مگر عام مڌ پاکنڊي ۽ خراب،

رهي جنهن ۾ دم گلا رو گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

نراڪار جي نينهن وارو نَشو،

چڙهي جي ٿو هيڪر لهي ئي نٿو،

اوهين پڻ انهيءَ لاءِ انڇا رکو،

ٻُڌي گيان ٿيو شانت يوگين جٿو،

تڏهن ڀاڳ گورک متي(3) جو ويو،

مٿس نانُ نانڪ مَتي جو ڌريو،

ڪيو جاپ ستنام يوگين گراهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اُتان ناٿ ڪر کيتر پهتو اچي،

جتي ويو هو گرهڻ جو ميلو مچي،

رُڌل دان ۽ پڃ ۾ ها به سڃي،

اتم ذات وارن جي ٻيگهي متي،

گروجن جو هڪ جاءِ ٺڪاڻو ٿي،

سندن ذات بابت پڇاڻو ٿيو،

پڇيائون: ورن ذات جو ڏيو سماهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو صاحبن: هيءَ مڃڻ ذات پات،

اگيانن سندي آهه بيهودي بات،

سچي ذات کي ڪين گُهرجي صفات،

مليل ذات جي خاص ڪنهن کي نه ڏات،

مَدي ذات سو جو مدائي ڪري،

چڱي ذات سو جو چڱائي ڪري،

ورن ذات جو ڀيد ڀاري گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اُتان ڪُنڀ ميلي تي اُسهيا ستار،

جتي ميڙ ماڻهن جا ها بيشمار،

گهڻن، کي پتر (1)پنڊ پوڄا پچار

ڪري خوب اشنان ۽ ٿي تيار،

گهري گنگ ۾ منهن اُڀرندي ڪري،

 ڏنائون ٿي پاڻي وڏا ٻُڪ ڀري،

وڏن لئه سرڳ ۾ وهي جيئن درياهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن وري منهن اُلهندي ڌري،

لپن سان ڏنو جام پاڻي ڀري،

عجب ۾ چيو ڪن هي ڇا ٿو ڪري،

چيائون ڇڏيندس ٻنيءَ کي ڀري،

هتان ويجهڙائيءَ ۾ جاٿي سڙي،

هي پاڻي وڃي ٿو ٻنيءَ تي چڙهي،

ڪندو سبز سائو سڪل ٺوٺ گاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اُتي ڪنهن اُٿي صاحبن کي چيو،

اوهان آهه پورهيو اجايو ڪيو،

جوهاريو هتي، سو هتي ئي پيو،

دُڪو ڀي ٻنيءَ ۾ نه داخل ٿيو،

گروجن چيو ڪي اوهين پڻ ڏسو،

ڀڄڻ سرڳ ۾ آب ساڳيو قصو،

ٻڌي هيءَ وراڻي وري واهه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اچي تيرٿن تي جي اُشنان ڪن،

صفا ٻاهرئين ميل کان ٿا ٿين،

مگر ريءَ سچائيءَ صفا ٿئي نه من،

پوتر دليون ڪين تيرٿ پڇن،

جي پاپيءَ جي هردي مان گنگا وهي،

سچو گيان تيرٿ سچو ٺيڪ آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن اُتان برج بن تي رسيا،

جتي را ليلا سندر ها مزا،

ڪيئن گوپ گوپيون ٺهي ٿي نچيا،

ڪئين ڪرشن ها ۽ ڪئين ها سکا،

بڻيا پيٽ پوڄا پٺيان سانگ ها،

جي هنسن سندي ويس ۾ ڪانگ ها،

گلن جي عوض هو گلستان ۾ گاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو صاحبن: ٺيڪ ناهي ٺٺول،

وڏن جي عزت سان ڪريو ٿا مخول،

اهو ڪرشن جي ڪيرتيءَ ۾ اڏول،

هنڊايو هئين سان سندس قول ٻول،

رچيو راس دل ۾ سندس پريم جي،

ڪريو پالنا ڌرم ۽ نيم جي،

اهائي سچي راس ليلا جي راهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

سڄو پريم ليلاهي سنسار آهه،

اکنڊ جوت روپي چتڪار آهه،

بنا آد ۽ انت اسرار  آهه،

وشو روپ هر جاءِ هردار آهه،

سدا ڪرشن روپي هي پرماتما،

کپي پريم واري پوتر نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن رهي خود هري سنگ ۾،

رڱي چيز هرڪا هري سنگ ۾،

ٻڌائي سچائي سچي انگ ۾،

ڏنو بيان ان جو نئين ڍنگ ۾،

سندس شبد جي چوٽَ دل ۾ لڳي،

ٿيا طاق تيليون ۽ اوندهه ڀڳي،

۽ ”بيوس“ ٿيو ڀرم جو ڀوت پاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڀاڳُ پنجون

ڇوت ڇات جي خلاف ۽ وطن ورڻ

گُروءَ جن اچي پوءِ ڪاشيءِ رسيا،

جتي پڻ گهڻا ياتري ٿي رسيا،

پروهت، پنڊت جا بجا ٿي پسيا،

ڪئين ڌرم جا جن متا ٿي ڏسيا،

جيئن ڪا اتم ٿي ڏٺي ذات پات،

تيئن ان ڪئي ٿي ڇوت ڇات،

بنا چونڪي کائڻ هو ڄاتل گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن رهن ڪين چونڪي اڌين(1)

نه هو ذات ۽ ڇوت ۾ ڪو يقين،

سندن لاءِ هر جا پوتر زمين،

ڏسن جا بجا لامڪاني ممڪن،

ڏسن جا بجا لامڪاني مڪين،

وٺي نانءُ ست نام ڪرتار جو،

جتي آيو ڀوڄن اُتيئي ڇڪيو،

هري اوٽ جهڙي نه پختي پناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

بنا چونڪي گر کي رسوئي ڪندو،

ڏسي خاص پنڊت ڪيو هئين خندو:

”اشڌ جاءِ کائڻ اشڌ ۽ مندو،

نه ڪم وئش، کتري برهمڻ سندو،

گروجن چيو اَنُ پوتر جناب،

مگر پيٽ اُن کي ڪري ٿو خراب،

پئي پيٽ ۾ ٿئي غلاظت گراهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

پنڊت جي چيو: جي اهو آهي حال،

ته چونڪي ۾ کائن ڀلي پيا چنڊال،

ڪرم کي ڪندي ناس اهڙي ڪچال(1)

ڌرم جي نه دنيا ۾ رهندي سنڀال،

ذرا مُرڪ سان اُت چيو ناٿ جن:

منش سان چنڊال هردم رهن،

ڪڏهن ڪا انهن تي به پيئي نگاهه؟

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

منش ساڻ هردم رهن جي چنڊال،

اٿَوَ عقل اونڌو ۽ کوٽو خيال،

پرائي پَچَر ۽ ڪروڌي جنجال،

انهن کان ڇُٽڻ جي ڪجي ڪا سنڀال،

سو ليڪو سچو آهي ستنام جو،

رهي جنهن اندر ٿو ٿيجي بي ڊپو،

چنڊالن کان ملندي انهيءَ ۾ پناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

هريءَ کان گذاري جو بي مک سدا،

سوتن آهي جُوٺو ۽ من روڳتا،

زبان جا ڪري ڪُوڙ سان ٿي خطا،

هري ڪيرتيءَ ريءَ نه ٿئي سا صفا،

سچي ڪيرتي ناٿ ڪرتار جي،

اها ئي رڳي اوٽ سنسار جي،

اهو ماڳ ئي آهه مڪتي جو راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

پُري شهر ۾ ناٿ آيا وري،

جاگن ناٿ مندر ۾ منزل ڌري،

سڄي جاءِ هئي ڀيڙ ڀيڙان ڀري،

ٿي سانجهي ويا ٿالهه سونا ٻَرَيِ،

سڙيون ٿي سڳنڌيون اُٿيا ڀارتي.

شروع ٿي جگن ناٿ جي آرتي،

گروجن اٿڻ جو نه ساريو سماهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سماپت جڏهن آرتي ٿي رهي،

وٽن پاڻ پُوڄار آيو ڪهي،

چيائين: اوهين خوب ويٺا ٺَهي،

گهڙي کن اُٿو ها، وڃو ها لهي؟

گروجن چيو: من اسان جو تتي،

سچي آرتي ٿي سدا ٿئي جتي،

ڀريل آهه آنند جنهن ۾ اٿاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

جواهر جڙيل ٿالهه سونو اڪاس،

ٿو چمڪي ستارن ۽ تارن سان تاس،

ٻري سج ۽ چنڊ جي جوت خاص،

دنيا جون سڳنڌيون سچيون آهه واس،

پوَن چَونر(1) وانگر ڦري ٿي سدا،

مٺي شبد انهن جا واڄا وڳا،

عجب ڀوکنڊن آرتي واهه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اَڪٿ نيتر دُئاران ڏسين ٿو هري،

سندءِ درَشٽ سان سرشٽ آهي ڀَري،

نظر، ناٿ هر وست(2) تي توڌري

پسڻ کان پري ڪا به ناهي ذري،

رکين نياڻ جسماني توڙي نه مور،

ته ڀي نور ڀرپور کان ڪو نه دُور،

بنا مورتي سروُ مورت جو ساهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اڪٿ ٿيون سندر اندريونُ سرسري،

مگر ناهه هڪ ٻارين اندر،

ڪري مست موهت ٿو تنهنجو لقاءَ،

جڳت ۾ ڏسان جوت ٿو جا بجا،

ڦري دل ۾ جوتي بڻي برهه باهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڪنول چرن تنهنجي مَنُ ڀنور جان،

ڦري مست ٿي اُمرتي رس پٺيان،

سدا داس ارداس (1)ٺاڪر اڳيان،

جڳت ناٿ سان نينهن نيبهه رکان،

ڪريو چاترڪ کي ديا بُوند دان،

نه ڪو سرڳ سک آهي جنهن جي سمان،

سڻي پنڊتن پڻ ڪئي واهه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن هليا پوءِ آسام تي،

ونڊيندا هليا واٽ تي نام کي،

ڏسي موهه مرداني جي مام سي،

وريا وير پنهنجي وطن جي مام سي،

اچي ڪلڪتي ۾ وبا ڪا پئي،

ته ماڻهن ٿي ڪالي جي پوڄا ڪئي،

انهن کي سلي آتمڪ شاهه راهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڦري نانڪاڻا ۾ آيا وري،

ڏسي نيڻ پيءُ ماءُ جا پير ٺري،

پُٽَن پڻ اچي سيس چرنين ڌري،

مگر راءِ بَلّار ويو هو مري،

اُتان پوءِ سلطان پور تي هليا،

اَچي نانڪي ڀيڻ سان پڻ مليا ،

پَٽيو ملڪ پنهنجي ۾ مرداني ساهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

وري ٿيا سفر لاءِ واهي تيار،

رسيا پاڪپاٽن ۾ سهجي ستار،

فريديءَ جي درگاهه تي ٿيا قرار،

ڪيو شيخ گاديءَ ڌڻي خوب پيار،

ڏسي نور پرڪاس وارو گُرو،

پُڇا شيخ صاحب سند يٿي شروع،

اچي گيان چرچا جو پلٽيو درياهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

س: ڌڻي سان سچو ڪنهن نموني ٿجي؟

ج: هميشه هڏن جي ڪمائي ڪجي،

بچائي بکين کي نه ڀاڱو ڏجي،

س:  دنيا ۾ ڪمائي ڪري ڦاسجي؟

دنيا آهه منهنجي نظر ۾ حرام،

ڪمائي ڇو سندس ٿيون غلام؟

ج:  ڪنول گل جيان نرليپ ٿيڻ ۽ اچاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڌرم کي وٺون يا وٺون دين کي؟

ڪريون سرخرون جنهن سان ڌارين کي،

ج: ٻه ٽي، ٿيا ٻيائي، وٺو ڪين کي،

بنا ايڪ رسبو نه آمين کي،

نمرتا کميا ۽ سچائي کڻي،

دنيا مان ڌڻو سو دنيا جو ڌڻي،

رکيو شيخ” بيوس“ ٿي چرنن ۾ چاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.


(1)    پروجن = غرض مطلب، فائدو

(2)  سمُارگ = بندگيءَ وارو رستو يا سٺا ڪم

(1)  رتن = ياترا، مسافري

(3)  گورک = جوڳين جو مرشد

(3) ڌام = رهڻ  جي جاءِ

(4)  سڌن = جوڳين

(1) وڪارن = بداعمال

(1)   سنڪلپ = برا خيال

(2)  ڀاؤ = پريم، محبت

(3)   متو= اصول

(1)  پتر = مري ويلن جي خيرات

(1)  اڌين = پابند

(1)  ڪچال = خراب هلت

(1)  چونر = وارن جو ڇڳو مڙهيل

 (1) وست = شر

(2) ارداس = عرض ڪرڻ، دعا گهرڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org