سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :10

 

نيٺ

شعر بيوس ۾ هوا تي مون مکڻ ماڙي اَڏي

ڪيئن سگهي اُڀ کي ڪڇي هڪ ٽنگ ماڪوڙي جڏي

 

تارِ ميخاني متي مان بُوند ڀي ناهي نصيب،

ڇا به آهين ڇوبه آهين مون پچر تنهنجي ڇَڏي.

 

ڇا ڪلاونتي ڪلا آهي ڪلا ساگر اڳيان،

ڪيئن اَڏي بي انت ۾ گيتن گڏي گوندر گڏي.

 

بي زبان ۽ بي بيان بي گڻي گنگلي ڀلي،

گڻ گگن (1)گنڀيرتا ۾ ڪيئن وڃي واتين وڏي.

 

ٿو پوي پرلاءُ ڪن تي ڪنهن اگمپور (2)گپت(3) مان،

ڪل پوي ٿي ڪين ڪا ڪيئن ڪيئن سڏي ڪنهن ڪنهن سڏي.

 

دَرُ ڏسي داتار تنهنجي ڀال برڪت جو کليو،

آس جي آڌار ٿي ۽ مون مڏي لالن لڏي.

 

عالم بالا ۾ اعليٰ تخت نورانيءَ اڳيان،

ڪيئن پَڏي وهندس وائي ڇيت ڇتيون ٿيل تڏي.

 

پريم پاتر (1)دل نه آهي ڀيٽ ڇا بيوس“ رکان،

ڪيئن حضوريءَ ۾ هلي بي خاڪ مُٺ هيڻي هَڏي.

 

 

آنند ڌام

تون سڪين آنند کي آنند (1)ٿو توکي سڪي،

تون ڇڪين آنند کي آنند ٿو توکي ڇڪي.

 

جو به آهي جت به آهي آهه ٽُٻ آنند ۾،

مُڪت (2)۾ مُڪتي رهي ٿي بند آهي بند ۾.

 

عشق اوني(3) کان ڇٽو آنند جي ليلا رچي،

آهه جو رچنار هت سو ڪين اوني ۾ اچي.

 

ڪابه تيزي ناهه هن آنند جي هٿيار ۾،

ڪاٽَ جو جوهر نه آهي ڪو به ان جي ڌار ۾.

 

وس وسئن ۾ آهي بي آنند جي ڀومي(4) نه ڪا،

ٿيا ڀلا آهن ڪڏهن ڪي وڻ پڪا ميوا ڪچا؟

 

ڪو به سُر بي تال ناهي هن سريلي ساز ۾.

آهه راڳيندڙ به ساٿي راڳ جي آواز ۾.

 

رنگ ۾ ڪو به روپ ناهي، روپ ۾ ڪو رنگ ناهه،

تنگ جنهن سان رنگ ٿئي اهڙو ڪٿي ڪو دنگ ناهه،

 

جوت ۾ جيوت وسي بي جوت جيون ٿئي نٿي،

نت ستهه روشن نگر مان جوت جيون سان لٿي،

 

ويو هليو ميلاپ وارو وقت، بيوس چاهه ۾،

وصل ٺَريل ٿر ٿڌو، وهمي وڇوڙي باهه ۾.

 

هاءِ هاري

تنهنجي تصوير منجهان قوم جو ڪنياءُ(1) بکي،

تنهنجي فرياد مان بيداد (2)جو ورتاءُ(3) بکي،

تنهنجي بدحال منجهان عام جو ايذاءُ بکي،

ماٺ تنهنجي غضبناڪ ٿو غوغاءُ بکي،

جان جند پنهنجي جفائن ۾ پگهاري ڳاري،

ته به دلاور ٿي اڃا دل نه تو هاري، هاري!

 

ٿي اُڀو اُونڌو تو رونبن ۾ ڪئي چيلهه ڪُٻيُ،

پيرَ پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، جان پَسيني ۾ ٽُٻي،

زندگي تنهنجي غلاظت جي لپاٽُن ۾ لُٻي،

جسم کي صاف ڪرڻ لاءِ نه صابڻ نه سُٻي،

مُوذي مرضن پئي موت جو سوَلو ٿين شڪار،

ٿيو سقيمي جي سبب تو ۾ دوائن لئه ڌڪار.

 

تو ڏٺا پوکي گهڻا، پر نه کنيا قوت ڪڻا،

جي رڙاها نه رجهڻ جا، سي چٻيا سخت چڻا،

تنهنجي گندين ۾ گهڙڻ لاءِ گهڻائي ها گُهڻا،

مال کاڄي ويو، رهيا باقي تُهن جا ڪي ڪڻا،

جنهن جي رُت سان ربيع، خون سان پلجي ٿو خريف،

هاءِ! بي قوت رهي پاڻ سو هنري ۽ حريف.

 

پهچ تنهنجي کان زميندار سدا آهه پري،

ووٽ بيگر جي سمي ياد وڏيرو ٿو ڪري،

ڇو ته ان وقت سندس توکان سواءِ ٿي نه سري،

ڪم ٽپائڻ لائه کنيو توکي دلاسن سان ڀري،

پنهنجي طاقت جو ذرو ماڻ (1)نه هاري توکي،

فرض پالين ٿو، حقن ڄاڻ نه هاري توکي.

 

گهور اوندهه جي بنهه پيٽ ۾ پرڪاش وسي،

سخت ٻُٽ سوڙهه، ٿي طوفان جو امڪان ڏسي،

درد حد پنهنجي لنگهي، روپ شفا جو ٿو پسي،

خاص بيوس تي ڳجهو دست ٿو قدرت جو رسي،

تو لئه آڪاس منجهان گرجندا بادل ٿا اچن،

مهر جو مينهن کنيو ڀرجندا بادل ٿا اچن.

 

 

گانڌي

سملي جي اوچائيءَ وارو اُوچو تنهنجو شان گانڌي،

چوٽ بلنديءَ تي پهچايو ڪانگريس نيشان گانڌي!

 

مذهب، فرقو رهيو نه ڪوئي تنهنجي دل ڪشاديءَ ۾،

ماپي ويو ماپي ۾ تنهنجي سارو هندستان گانڌي،

 

قوميت جي پورنتا (1)جي تو جيڪا تصوير ڪڍي،

ڀيد بنا هو ڀَرت تنهن ۾ ڄڻ هڪڙو انسان گانڌي!

 

توڙي تور ترازيءَ ۾ ٿي خاص اٽُل هڪ پاسي تي،

ته به تو ليکيو ڪين عدد ۾ هندو مسلان گانڌي،

 

راشٽر پت مولانا جو تو پورو پُد(2) نروار ڪيو،

ڪانگريس لئه ڪافي ڄاتو تو ان جو فرمان، گانڌي،

 

ديس جي دردي جي حالت دل تي اهڙو اونهون نقش چٽيو،

توڙي آڇ نه آشا واري، ته به نه ڏنو تو ڌيان گانڌي!

 

 

الڳ الڳ جنهن قومي جيون جنگين جو اپراڌ(1) ڪيو،

سا جڳ جيون شڌ گنگا ۾ نيٺ ڪندي اشنان، گانڌي!

 

پاڻهي دنيا هاڻ مڃيندي اهنسا(2) انمول اصول،

ائٽامڪ بم گولي سان نه ته پَر لئه جو سامان، گانڌي!

 

اڻي کي چيري شڪتي نڪتي ”بيوس“ ٻنڌن ڪاٽڻ لاءِ،

وقت نئين جي ڪوش نئين ۾ خاص ”غلامي“ ڪان، گانڌي!

 

 

 

 

سابرمتي جو سنت

تون ڪروڙين هند واسين بي زبانن جي زبان،

تنهنجي خاموشي بتائي تيز طوفاني بيان،

مُرڪ ۾ تنهنجي سمايل سرس دردي داستان،

تنهنجي پيشانيءَ منجهان ثابت سچائيءَ جو نشان،

پاڻ تي پرکيا(1) وٺي پوءِ ڪي به ڪهڻيءَ سان ڪهين،

سو چوڻ چاهين نه ٻئي کي جو نه خود رهڻيءَ رهين.

 

وير قرباني مندر ۾ درد جي ديوي اڳيان،

ڇا نه ڇا ڀيٽا (2)ڌري تو شوق ۽ شردا منجهان،

دل دماغ ۽ ٻل، ٻُڌي جند جان چاڙهيءَ چاهه سان،

مال ملڪيت ۽ ڪٽنب پروار(3) ملڪي پيار تان،

آدرش (4)اوڏو امل هيرو حياتيءَ جو رکي،

سور سيجا تان شهادت جي مٺي ماکي چکي.

 

تو جڏهن جاچيو غلام جي مُنجهيل تصوير کي،

ڪارگر ڄاتو نه ڪي شمشير يا تقرير کي،

ماٺ سان ميٽڻ گُهريو تدبير سان تقدير کي،

رمز سان ٽوڙڻ گهريو هن ظلم جي زنجير کي،   

  زور جسماني ڇڏي، تو راز روحاني سليو،

۽ اهنسا جو نئون هٿيار حيراني سليو.

 

زور سان ٽوڙڻ گُهريو هن ظلم جي زنجير کي،

مغربي دنيا رُني ٿي جنگ جون سختيون سهيو،

نِيرُ نيڻن مان وهيو ٿي خون زخمن مان وهيو،

جن جَٿا ٿي جنگ کي پاڙان پٽڻ لئه پي پهيو(1)،

اوچتو آواز هي ڪن تي اچي تن جو رهيو،

ڪاميابيءَ لاءِ ناهي خون هارڻ جو ضرور،

تيز توبن سان مرڻ جو ۽ نه مارڻ جو.

 

ٿو تڪي تنهنجي تحريڪ تي مٿان شمس و قمر،

تنهنجي هلچل تي ڦري ٿي خاص دنيا جي نظر،

آهه آئينده تي هن ئي آزمودي جو اثر،

سوڀ تنهنجي سهڪندڙ سنسار خاطر خوشخبر،

جنگجُو فطرت جو ٿيڻو آهه ان مان خاتمو،

ڪا به شاهي ڪين کڻندي خون ناحق جو ذمو.

 

تنهنجي همت جي اڳيان مشڪل ته پهچڻ ڪوهه ڪاف،

تنهنجو خاموش طريقو خونريزيءَ جي خلاف،

تنهنجي پاسي پريم ۽ پاڪيزگي، انصاف صاف،

تنهنجي ساٿين جي صفائي آهه شيشي کان شفاف،

چوٽ تنهنجي نا ڪنهن ڀي خاص سان يا عام سان،

ٿو لڙين اعليٰ اصولن تي سرشتي خام سان.

 

پنهنجي آڱر جو اشارو ڪر سنڀالي غور سان،

آهه هي تنهنجو اشارو خاص غيبي زور سان،

جي هلي ويو حڪم هيڪر ڪنهن مخالف طور سان،

هندُ ساگر ۽ هماليا ڪرندا شهه زور سان،

هن اشاري ڏي ڏسن ٿيون اچن اکيون ڇاهٺ ڪروڙ،

هن اشاري تي کڄڻ ٻانهون سڄيون ڇاهٺ ڪروڙ.

 

جنهن جي روحاني رهت ۾ آهه ”بيوس“ سادگي

جنهنجي چهري جي چمڪ مان آهه تابان تازگي،

جنهن جي خلقت ۾ نه ڪنهن لئه نفرتي ناراضگي،

آهه تنهن سابرمتيءَ جي سنت جي آزادگي،

تاج آزادي گهري ڀارت ڍڪڻ تنهنجي هٿان،

آهه هندستان کي اڄ لاڏُ لانگو ٿئي مٿان.

 

جاتي جهڳڙو

چوٽُ چاڙهي تي وڃي پهتو هي جاتي جهڳڙو،

هو اڳي هندُ ۾ ٿيو هاڻ ولاتي جهڳڙو.

 

ناهي ڀاڱي جي ڀلي لاءِ، نه سڄي لاءِ سٺو،

قوم قاتل جو بڻيو، ديشڪ گهاتي (1)جهڳڙو.

 

جنهن کي تون پاڻ بچائڻ جو ٿو هٿيار چئين،

آهه خود تنهنجي ئي گردن تي ڪاتي جهڳڙو.

 

نقش مذهب ۾ ڀريل رنگ رياڪاريءَ جو،

آهه ذاتي نه ذرو، صاف صفاتي جهڳڙو.

 

بحث بي معنيٰ ٿيو مور نه منطق مان وريو،

مفت مغزن کي گسائڻ لئه روايتي جهڳڙو.

 

سي به چاڙهيائون جهازن ۾ سٽي سوغاتون،

جن جي هُئي هندُ ۾ هر وقت حياتيءَ جهڳڙو.

 

ديس پائن جي رهيو خون جو پياسي جو اڃا،

آهه راڪاس جگر ديون جي ڇاتي جهڳڙو.

 

لوهه محفوظ ٿجي پنهنجي تقاضا ۾ تمام،

چانڊيو مگسي ٿي ڪجي قلاتي جهڳڙو.

 

نيٺ ”بيوس“ ٿي، ڍنڍوري سان سَليءِ دنيا کي،

ڪيئن مچائي ٿا سگهن ديس جا ڀاتي جهڳڙو.

 

 

وير ولايت ۾

مَرڪندو مغرب ۾ پهتو لال لانگوٽيو لڪير،

ويو ڪري ديرو دلين ۾ پوڄجي گانڌي فقير.

 

مشرقي جادوگري جي آتمڪ سوڀيا ڏسي،

ٻارڙن جي دل به ٿي دام محبت ۾ اسير.

 

ٻيو مڌر سرپوربي مرلي جو پشچم ۾ پسند،

ٿيو نئون اُتساهه ۽ جذبو دلين ۾ جائگير.

 

جنهن جڳهه ڪُوچي ڳليءَ مان ٿيو ٿي گانڌيءَ جو گذر،

ٿيو عجب سنمان (1)ان جو ۽ نظارو بي نظير.

 

عيوضي آهي اٻوجهن ۽ اڇوتن جو اول،

حق گُهروُ آهي حقيرن جو، سقيمن جو سفير.

 

ڪا به دل ڌاري نه آهي، بند ناهي ڪوبه در،

ماڻ ناهي ماپ جو ۽ ساڻ جي ناهي سرير.

 

ٿوچٽائيءَ سان چئي پيغام، جو آيو کڻي،

ڪانگريس گُهر سندو پيو پير ۾ پختو زنجير.

 

 

خاص وسَ وارن کان وڌ ٿو آس ڌاري عام ۾،

عام ۾ آڻڻ گهري ٿو روشني روشن ضمير.

 

رنج خاني کان کڄي ڪنهن گنج خاني ۾ رسيو،

ٽوڪبازن سان ٽهڪ ڏئي، خنده زن (1)سان کنڊ کير.

 

سخت ڇولي مار ساگر جاتي جهڳڙي ۾ رهي،

آهه اونهيءَ ڌل ۾ آسائوُ(2) اڃا گانڌي گنڀير.

 

هو اڳي جو آسَرو” بيوس“ ڦري سو ٿيو يقين،

وس پُڳي ويلا وڃائيندو ولايت ۾ نه وير.

 

 

ڪٿي تحاد)

ايڪتا جا ديوتا!  تنهنجو لهان مندر ڪٿي،

جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي.

 

دربدر ٿيو دادلا تو بن اميدن جو جهاز،

آس آزادي لئه آهي بيٺڪي بندر ڪٿي.

 

ويو مچي طوفان ضدي سمنڊ ڇولي مار ٿيو،

ڪيئن ملن مقصد جا موتي شانت گهر ساگر ڪٿي.

 

ڪيئن فسادي خون ويندو، قوميت جي قلب مان،

نبض تي نشتر ڪٿي، شريان ڪٿي خنجر ڪٿي.

 

سمجهه صالح تي، تميزي ۽ دماغي چوٽ تي،

ٿو پُڄي پهچي ڏنگڻ لئه لوڀَ جو اجگر ڪٿي.

 

انڌ جا کوپا چڙهيا خود غرض چشمن جي مٿان،

ڪيئن ڀلا ايندو نظر ۾ پر ڪٿي ۽ گهر ڪئي.

 

عهد شاهاڻا ڦرن ٿا مطلبي محور مٿي،

آهه اختياري جي واڪن ۾ وائيءَ وَر ڪٿي.

 

 

جنهن مان گذري عام جو آسودگيءَ ۾ ٿئي گذر،

دلنوازي جو جهان ۾ سوديالوُ در ڪٿي.

 

ماسُ چنبي باز تنهنجو ٿا تڪن آسڪاس تان،

تيز چُنهبن مان چون پيا ڀل ته وڙهندي مر ڪٿي.

 

بڪتي تاثير صحبت سان ڪريو جو لوههُ. زر،

پرت جو پارس پهچڻ سو قرب ڪيميا گر ڪٿي.

 

جو ملائي مفردن کي مرڪبي ميلاپ ۾،

سو حب الوطني جو ”بيوس“ جذبو ۽ جوهر ڪٿي.

 

 

اشانتي ۽ اثر

شعر سازي جي ڪا خوراڪ نه شاعر لئه رهي،

خوشحاليءَ جي غذا مرد نه ماهر لئه رهي،

جلوهه بازيءَ جي چَمَڪ چشم نه ظاهر لئه رهي،

ڪا اڏڻ جي نه جڳهه طبع جي طائر لئه رهي،

آس آڪاس ۾ روشن نه ستارو ڏسجي،

هاءِ!  اڄ هندُ ۾ ڌنڌُ ٿو ڪارو ڏسي.

 

ڪين اڄ هندُ جي آسڻ تي سماڌي ٿي لڳي،

جنهن مان روشن ٿئي نظر ڪين سا جوتي ٿي جڳي،

ڪين حاصل سو، جو هو يوگ جي ڀڪتيءَ ۾ آڳي،

ناس ساڌن ٿي اشانتي جي نئين ناد وڳي،

لطف سازيءَ لئه سچو ٿو نه سهارو ڏسجي،

هاءِ  اڄ هندُ مٿان ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.

 

آهه هن گهُور انڌاري ۾ سهائي مشڪل،

جوت بي جوت بڻي جلوه نمائي مشڪل،

ڪا به تصنيف جي جوهر جي صفائي مشڪل،

چوٽ اوندهه تي ٿئي دست رسائي مشڪل،

نا اميديءَ جي نه عالم جو ڪنارو ڏسجي،

هاءِ اڄ هندو مٿان ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.

 

شانت ساگر جي نه گهرائيءَ مان گوهر نڪتا،
خوش جي کان منجهان لعل نه احمر نڪتا،

فڪر فولاد گسائڻ سان نه جوهر نڪتا،

گيان گلزار مان افسوس نه گل تر نڪتا،

ساز سينگار جو سامان نه سارو ڏسجي،

هاءِ اڄ هند مٿان ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.

 

نير نرمل نه رهيو، هنج جي حاجت نه رهي،

چنهب، ميراڻ مان موتين کي سگهي ٿي نه لهي،

ويهي ڪيئن چوڳ بنا هنس وڃائيندا وهي،

ايندا ڪانگيرا ڪندا ڪانگ ئي ڪاري تي ڪهي،

ڪونه هن ڍنڍ تي ٿو ڍونڍ ريءَ چارو ڏسجي،

هاءِ، اڄ هند مٿان ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.

 

ساز هنديءَ ۾ سرن جي به ملاوت نه رهي،

موج ميٺاج جي ۽ راڳ جي راحت نه رهي،

ڪابه اتفاق ۽ اتحاد جي عادت نه رهي،

هر ڪو پر پنهنجي ۾ ”بيوس“ ٿو نيارو ڏسجي،

هاءِ اڄ هند مٿان ڌنڌ ٿو ڪارو ڏسجي.

 

تڏ ۽ ماکيءَ جي مک

ماکيءَ مک جي در تي ڪيو تڏ سوال،

بيحد ٿيڙو بکن ۾ هڄي هيڻو حال،

ڪڻو ناهي قوت کي ڪيو ڪرم ڪنگال،

ڏرت اچي پيو ڏيهه ۾ فقط ڪڙڪي ڪال،

هڪ سڪائي سيءَ ٿوٻيو ملڻ آن محال،

لڳوتار لنگهڻ مٿي جالڻ آهه جنجال،

پر مون ٻُڌو ٻين کان تو وٽ مَئو مال،

ونهين کي به ولهن جو رکڻو خاص خيال،

هاڻ ڀلي ڪر ڀال، دل کولي ڪو دان ڏي.

 

ماکيءَ مک مرڪي چيو تنڪو تيزهڻي،

اڳ تو ڏٺي ڇو نه ٿي ايندڙ گهرج گهڻي،

سانوڻ ۾ سردين سندي ڳڻ تو ڇو نه ڳڻي،

ڪيو کوڙ کڻي، گڏ گرمين ۾ ڇو نه ٿو.

 

تِڏِ:

مور نه مون کي ٿي سُجهيو سانوڻ، سيارو،

گهاري گذاري ڇڏيو عيشن اونهارو،

ريڌي رهيس راڳ ۾ سڄو ڏينهن سارو،

اچي لڳو لوڙ جو هينئر ته هاڄارو،

راند روند وسري وئي وريو ويسارو.

متيون ماري مونجهه کان منهنجو مونجهارو،

قسمت ڪانيارو، پارن ۾ پَرجو ڪيو.

 

ماکيءَ جي مک:

نڪو ڀولو ڀاڳ جو نڪو ڏيندڙ ڏوهه،

سدا رهي سنسار ۾ سُستي لاءِ ستوهه،

محنت ماٺائي ڪري جي رکن موج سان موهه،

تن ڪيو پنهنجي ڪرم سان ڊوهين ڄاڻي ڊوهه،

جو سانوڻ ۾ ساري نٿو پويان ايندڙ پوهه،

سهڻ کپي تنهن سانت ۾ بک ڇتيءَ جو ڇوهه،

آهي اهڙن واسطي اويل کان اندوهه،

ٻيو ڪو ڪندو ڪوهه، مدد مصيبت ۾ اچي.

 

ائين چوندي اوچتو ماکيءَ مک اُڏي،

بيوس تڏ ٻُڏي، مرم جي مهراڻ ۾.

 

ڪڙميءَ لاءِ آس

تنهجي دردن جي هينئر آهه پڄاڻي ڪڙمي!

تنهنجي سُورن جي اچي ويل وهاڻي ڪڙمي!

 

آهه اڄ خاص طور تنهنجي سُڌاري جي پچار،

تنهنجي ڪشٽن جي آگهي آهه ڪهاڻي ڪڙمي!

 

خاص کيتي سندا اوزار نوان ٿيا ايجاد،

ڏيندو ٻج، ڀاڻ نئون جام ڪماڻي، ڪڙمي!

 

تنهنجي پيداش جي وڪري جي جماعت ئي جُدا،

ڪين اگهه ۾ ٿي لڳي گهوٻي ۽ گهاڻي ڪڙمي!

 

لاڀ هن ڪار جي تون نيڪ نتيجن مان وٺين،

جي رکين چاهه چڱو، سمجهه سياڻي ڪڙمي!

 

علم سان پاڻ سُڌاري تي اگر چاهه رکين،

هوند حالت نه رهي تنهنجي نماڻي، ڪڙمي!

 

آهه بيوس هي سمو تنهنجي سچي پرک سندو،

جي گهرين پاڻ کي تون اوج تي آڻي ڪڙمي!

 

پهريون پور (ڪٿي)

منهنجي دل جا ديوتا، تنهنجو لهان مندر ڪٿي،

عشق جو جنهن ۾ اجالو آهه سو اندر ڪٿي.

 

دربدر ٿيو دادلا، توبن حياتي جو جهاز،

بره وارن لاءِ آهي بيٺڪي بندر ڪٿي.

 

ويو تجي مٿراءِ گوڪل، ناهه جمنا جڳهه پتي،

شهر شيوا ۾ وڃي پُڇ محب مُرليڌر ڪٿي.

 

قدرتي تاثر جنهن جو ٿو ڪري ٽامي کي زر،

آهه سو دردي دلين ۾ قرب ڪيمياگر ڪٿي.

 

وتُ وڇوڙي جو نه ساري برهه  ۾ بيران ٿي،

نت نهارن نيڻ نيهي دل گهريو دلبر ڪٿي.

 

جوڳ جپ تپ ساڌنا ڀڳي سماڌي گيان ۾،

وٿ ڏنگي هي مست مايا جو اثر اجگر ڪٿي.

 

جنهن تي پهچڻ سان نه ڪَڏهين ڪاڻ ٻي ڪڍڻي پوي،

آهه سو ڀرپور ڀنڊاري جو داتا در ڪٿي.

 

 

هڪ جهلڪ جنهن جي سان روشن ٿا رهن شمس و قمر،

سو ستهه پرڪاش وارو سونهن جو ساگر ڪٿي.

 

سخت ڇولي مار ساگر، آهه بندر بي منار،

هن انڌاري ڏوجهري ۾ روشني رهبر ڪٿي.

 

هي پَلي سيجا سکن تي، پر ڪئي پُختي پريت،

نار نازڪ تن ڪٿي ڏهليو ڏکيو ڏونگر ڪٿي.

 

سڏ پڙاڏو آهه ساڳيو، پر ٻُڌڻ ۾ ڇو ٻه ٿيا،

سمجهه سان سوچي سهي ڪر آهه وائي وز ڪٿي.

 

خواب ۾ ”بيوس“ٻجهي وئين خواب جي سامان سان،

سُرت ساري هوش ڌاري ڏس ته آدي (1)گهر ڪٿي.

 

گپت گهڙ دل جي مندر ۾

گپت گهڙ دل جي مندر ۾ پريم پوڄا واسطي،

ساڻ کڻ شردا ڦلن مٺ يوگ ڀيٽا واسطي.

 

مل هلي مهراج کي محتاج احتياج ۾،

ڳول ڪا دردي دُکي دل شيام شيوا واسطي.

 

ڪانگ دنيا تي نه هڻ هيري ڪڻي چنتا مڻي،

دم مليو آدم بڻيئن آتم اُتمتا (1)واسطي.

 

مُنجهه نه مذهب مختلف کان گهڻ اندر گهٻرائجي،

باغ دنيا جا جدا گل سونهن سوڀيا واسطي.

 

ٽين پَٽي تو ترت تڏهين، مون جڏهن ٻوٽيوُن ٻَئي،

آهه بينائي برائي چشم بينا واسطي.

 

چاهه ڪيري چوٽ تان ڦيري ٿي ڪوٽان ڪوٽ ۾،

آهه خواهش ۾ خرابي موٽ منشا واسطي.

 

هر روش اندر هوس، درڪار ۾ سرڪار ۾،

تو بنا هر چيز دنيا چاهه چنتا واسطي.

 

ديد دوري ٿي پَسائي، پر نه ويجهڙ تي وهي،

ڪونه ٿو دارون سُجهي، هن بند موتيا واسطي.

 

لال اندر لعل هو، لالن لڪائي ڪيئن سگهي؟

آ اُڇل آنند جي ٻيو نانُ مايا واسطي.

 

دائري امڪان کان تون لامڪان ٻاهر رهين،

آهه آکيرو نه ڪنهن ڀي جاءِ عنقا واسطي.

 

گُهر نه، هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان،

فڪر ”بيوس“ ڪر فنا طلب و تمنا واسطي.

 

 

ٿي ٽٽي تار

ٿي ٽُٽي تار تنبوري جي تکيءَ تاڻ ڪري،

تار انڀو(1)  ٿي ٽُٽي محض گهڻي ڄاڻ ڪري.

 

ڪيئن نه سهراب جي ديدار لئه رُستم ٿي سِڪيو،

پيءُ، پٽ سان پيو لڙي پوءِ ته اڻ ڄاڻ ڪري.

 

ناهه اڻ ڄاڻ چڱي ڄاڻ گهڻي،

ٿئي سفر ساب وچينءِ واٽ جي اڳواڻ ڪري.

 

ڪو به ڪرڻن تي چڙهي ڪيرسي ٿو سج کي،

ڪين ڪنهن پر ڪو پُڄي پر کي تو پرماڻ ڪري.

 

کير کيتر کي ولوڙڻ سان مکڻ محب ملي،

ٿو ملي محب، محبت کي جي مانڌاڻ ڪري.

 

نانهن ۾ آنهن پرين، مانهن اندر ناهه مٺا،

پاڻ ٿا پاڻ کان پنهنجي ٿيون پاڻ ڪري.

 

”آءُ“ ٻاري ٿي رکي آگ، منش منشا ۾،

سبز کيتي ٿي سڙي باهه ڏنل ڀاڻ ڪري.

 

 

چيز دنيا جي گران قدر گران بار نه ڪا،

ماپ، ملهه آهه رڳو موهه، ممت ماڻ ڪري.

 

گهرج گهوڙي کان طمع باز سدا آهه تکو،

لوڙ لٽجي نه سگهي تنهنجي ڏنل ڏاڻ ڪري .

 

سو محبت جا مترڪا ٿو خوشي ساڻ سهي،

جنهن رکي آهه سسي سوز جي سنداڻ ڪري.

 

عرش اوچي تي فرشتن جي مجالس ۾ وڃي،

ٿي سڃاپي مان سگهيس آدم اهڃاڻ ڪري.

 

لهه سياري ۾ به سا سوز سجهايل سهڻي،

ڪين ”بيوس“ ٿي ڏني موج ۽ مهراڻ ڪري.

 

توکي ڇا چئون (گيتانجلي)

اي آدپرش! (1)تون ئي چوء ته توکي ڇا چئون،

پدمڻ چئون اپڇر چئون يا ديوتا چئون.

 

امرت جي لهر تون آهين يا سمنڊ سکن جو،

پارس مڻي(2) چئون يا رتن (3)بي بها چئون.

 

سنسار جي ڦلواڙ جو سينگار به تون ئي،

بسنت چئون، ڦاڳ چئون يا صبا چئون.

 

اقبال جي آڪاش ۾ پرڪاش به توکان،

تارا چئون سورج چئون يا چندرما چئون.

 

نالا انيڪ ٺيڪ مگر ايڪ تون پتا،

ڀڳوان چئون گاڊ چئون يا خدا چئون.

.

تو جيون ٻوٽي ۾ ئي هر درد جي دوا،

بجلي چئون چقمق چئون يا قهربا چئون.

 

 

”بيوس“ اُڇل ڪيو وَهي آبي اکين مان آب،

توبن ته اسين پاڻ کي بي جان ٿا چئون.

 

 

تنهنجي مهما اپر اپار

ڀيڙ ڀڳتن تي پئي اوتار تو ڌاريو اچي،

ڪنس پاپي جو ڪليجو ڏند سان ڏاريو اچي.

 

تو اَجاميل ۽ سڌاما دورءَ کي تاريو اچي،

ديونر سنگهه ٿي، پرت پرهلاد سان پاڙيو اچي.

 

دُسٽ (1)رانوڻ کي، بڻي تو رامچندر، ماريو اچي،

يُڌ اندر ارجن سندو رٿ، ڪرشن هاڪاريو اچي.

 

تنهنجي مهما (2)اپر اپار(3) هري،،

 ڪري ويد سگهيا نه ويچار هري.،

 

ڪوروَن جيئن ٿي سڀا ۾ در پدي ننگن ڪئي،

اُت رکي تولاج ان جي چير (4)ازغيبي ڏئي.

 

گهوٽ گرڌر! ڀڳت ميران(1) جي بڻين مستڪ(2) مڻي،

نانگ مان ٺاڪر ٽهيو ۽ زهر پوي امرت بڻي.

 

گراهه(3) جي ڦندي منجهان گج (4) کي ڇڏايو توهري،

چرن(5) پگ پرتاب تنهنجي سان شلا(6) ويئي تري.

 

تون بيوس(7) ديا جو ڀنڊار هري،

ڪري ويد سگهيا نه ويچار هري،


(1)  گڻ  گگن = گڻن جو آسمان

(2) اگمپور = پهچ  کان ٻاهر

(3) گپت = ڳجهي

(1)   پريم پاتر = محبت جي لائق، محبت جو ٿانءُ ڏسو ص 214 _پلئٽس 214)

(1)  آنند = دل جو آرام

(2) مڪت  =ڇوٽڪارو

(3) اوني = ڳڻتي

(4) ڀومي = جاءِ، هنڌ

(1)  ڪنيا = ظلم

(2)  بيداد = بي انصافي

(3)  ورتاءُ = هلت

(1)  ماڻ = ماپو = خبر

(1)  پورنتا = ڪماليت

(2) پد = درجو

(1)  اپراڌ = ڏوهه

(2)  اهنسا = ڪنهن کي نه ايذائڻ

(1)  پرکيا = آزمائش

(2) ڀيٽا = نذرانو

(3) پروار = قربان

(4) آدرش = عمدو مثال

(1)  پهيو = ڪوشش ڪئي، پاڻ پتوڙيو

(1)   ديشڪ گهاتي = ملڪ جو دشمن

(1)  سنمان = نالو مشهوري

(1) خنده زن = کلندڙ، ٽوڪ ڪندڙ

(2)  آسائو = اميدوار

(1)  آدي = شروعاتي

(1)  اُتمتا = وڏائي، شرف

(1)  انڀو = خيالن جي پرواز

(1)  آدپرش = خدا

(2)  پارس مڻي = پٿر جو لوهه تي گسي ته سون ٿئي

(3)  رتن = هيرو

(1) دشٽ = ظلم

(2) مهما= راز، ڳجهه

(3) اپراپار = بي انت

(4) چير = ساڙهي ڪپڙو

(1) ميران ٻائيءَ نالي عورت هڪ راجا جي زال هئي. سندس مڙس ڪنهن ناراضپي جي ڪري هڪ زهري نانگ دٻلي ۾ وجهي ميران ٻائيءَ ڏي موڪليو، ان ارادي سان ته کيس نانگ ڏنگ هڻي، ماري وجهندو، مگر جڏهن ميران ٻائي کولي ته منجهانس هڪ مورتي نڪتي، ان کان پوءِ راجا ڏانهس زهر موڪليو، پر اهو به هن جي لاءِ امرت بڻجي پيو، ڇاڪاڻ جو هن جي نيت صاف هئي ۽ فقيرتن هئي. (هندوڌرم جي مٿالاجي)

(2)  مستڪ مڻي = مقدر

(3)  گراهه = واڳو

(4) گج = هاٿي

(5)  چرن پگ = بير

(6) شلا = پٿر جي مورتي (عورت جي)

(7) هتي بيوس صاحب ”شلا“ جو نالو ڳنهي هڪ واقعي ڏانهن اشارو ڪيو آهي. جنهن جي حقيقت هيءَ آهي ته اڳيئن زماني ۾ گوتم نالي هڪ وڏو رشي( اولياءُ) هو، جنهن جي زال اهليا ٻائي ڏاڍي حسين هئي. هي قصو تمام ڊگهو ۽ طويل آهي. هتي مختصر ڏجي ٿو تهِ گوتم رشي غيرت وچان زال کي پاراتو (سراپ) ڏيئي پٿر جو بت (مورتي) بنائي ڇڏيو هو. ڪرشن مهراج جڏهن هڪ ڏينهن ان بت جي ڀرسان اچي لنگهيو، تڏهن کيس پير سان ٿڌو جو هنيائين ته ساڳي صورت ۾ اهليا ٻائي اچي ويئي ۽ فقيرتن بنجي، مڪت(ڇوٽڪاري واري) ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو هوءَ بي قصور هئي.                                      (هندو مت جي مٿالاجي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org