سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :6

 

سُتا اُٿي جاڳ

 

(1)

سُتا اُٿي جاڳُ، راتِڙين سَڀَئي وِهاڻِيَان

مَٿَئِن ٿيو اَڀاڳُ، پرين وِسارُيئِي مُڪِري.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (92)، سنتون ڪي واڻي (92)، ورهد (91).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ جي شروعات واري اصل صورتخطي مان ٻه ٻيون پڙهڻيون به نڪري ٿيون. 1. سُتو هَتو جاڳ‘ 2. ’سُتو هُون ته جاڳ‘ . ٻنهي جي معنيٰ ساڳي آهي= ’تون ستو رهيون! اٿي جاڳ جو رات وهامي وئي آهي‘ . البت قاضي قادن کان پوءِ واري دور ۾ ’ستا اٿي جاڳ‘ فقرو وڌيڪ معروف رهيو آهي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته اهو فقرو اصل ۾ قاضي قادن جي بيت جو هو، ۽ هن بيت ۾ اهو ساڳيو قائم رکيو ويو آهي. ٻيءَ سٽ جي آخري لفظن جي اصل صورتخطيءَ مان ائين لڳي ٿو ته ڄڻ انهن جي پڙهڻي ”پرين وسارڻ مَ ڪر“ آهي، پر بيان ۾ اها فصيح ناهي: جيڪڏهن انهن لفظن کي ”پرين وِسارِيُئِي مُڪِري“ پڙهجي ته معنيٰ وڌيڪ صاف ٿيندي. ’مڪرڻ‘ جو مفهوم قاضي قادن جي دور جي ٻئي هڪ بيت (’ستون ڪي واڻي‘ نمبر 14) ۾ پڻ موجود آهي. ’مُڪرڻ‘ معنيٰ وعدي تان ڦري وڃڻ، اصل ناتا وساري بدلجي وڃڻ.

• معنيٰ.

ــــ اي غفلت جي ننڊر ۾ ستل غافل! اٿي جاڳ جو سڀ راتيون وهامي ويون (وقت سڄو غفلت ۾ گذري ويو ۽ عمر پوري ٿي وئي)!

ــــ تنهنجو ڀاڳ ڦٽو جو اصل وعدي تان ڦري پنهنجي پرينءَ کي وسارِيُئي (پيدا ٿيڻ وقت روحن پنهنجي خالق کي پنهنجو ربُ ڪري مڃڻ جو وعدو ڪيو هو).

 

(2)

سُتُون سَڄي راتِ، مُنهُن ڍَڪي مُئنِ جِيئَن

نه تو سَمَرَ تاتِ، نه جهورِي تو آههِ ڪا.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (83)، سنتون ڪي واڻي (83)، ورهد (81).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. صاف آهي ته:

ــــ تون سڄي رات منهن ڍڪي مئلن وانگر سمهيو پيو آهين

ــــ توکي نڪي سفر لاءِ سمر گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي آهي ته نڪي وري ڪا ٻي اَڻ تڻ آهي.

 

(3)

سُتُون ڪيهي ساءِ، تو مَٿي ڪَپَرُ گُڙي

هَڻُ تِتائِين کاءِ، جتي تُهِنجو تَڪِيو.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (82)، سنتون ڪي واڻي (82)، ورهد (80).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ، هي بيت اويسرن ۽ غافلن لاءِ هدايت طور چيل آهي، ۽ هڪ اهڙي غافل ۽ اويسري کي مخاطب ٿي چيل آهي جيڪو پائيندڙ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بي اونو ٿي سمهي پيو آهي. ڪپر گُڙي= ڪپر ڪَڙڪو ڪري (پائيندڙ وقت جڏهن ڪَپر ڪِرڻ وارو هوندو آهي ته وڏو آواز ٿيندو آهي)

ــــ اي غافل! تنهنجي مٿان ته ڪپر پيو گُڙي؛ پوءِ تون ڪهڙي آسري تي مٺي ننڊ ۾ ستو پيو آهين!

ــــ درياءَ (جو وهڪرو) ته ان جاءِ تان پيو زمين پائي (کائي) جتي تون (ستل) آهين!

 

(4)

ٻِيان ڪُون ڪِيا روئيي، ڏک آپڻي ڪُون رو

ٻنڌ سَمل، ٿي ساخِتِي، اِٿ نه رَهسِي ڪو.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (81)، سنتون ڪي واڻي (81)، ورهد (78).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ هندي آميز آهي پر مجموعي طور سان بيت جي ٻولي سرائيڪي آهي جيڪا پڻ بکر علائقي جي ٻولي هئي. فارسي لفظ ’ساختي‘ قاضي قادن جي علمي ڄاڻ جو نشان آهي.

• معنيٰ.

ــــ ٻين (جي وڃڻ) تي ڇو ٿو روئين، تُون پنهنجي (وڃڻ جو) ڏک ۽ غم ڪر.

ــــ سمر ٻڌ، تيار ٿي، جو آخر هلڻو آهي ۽ هت ڪوبه ڪونه رهندو.

 

(5)

مَنجهِين مائو ناهه ڪِين پَسَڻ کي گهاٽي

دُنِي ڪُسُونبي رَنگ جِيُون، وِينڊَئي وِهاٽي.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (96)، سنتون ڪي واڻي (96)، ورهد (94).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. مائو= مقدار، وزن، جَٽاء. پَسڻ کي گهاٽي= جيڪو ڏسڻ ۾ گهاٽو آهي. دُني= دنيا. ڪسونبو= کهنبو. وهاٽڻ= زهر ڏيئي مارڻ.

ــــ جيڪو ڏسڻ ۾ گهاٽو آهي (ٻاهران، پري کان، گهاٽو نظر ٿو اچي)، سو اندران مائيدار ڪونهي (اندران بي مقدار آهي)

ــــ (هي ٻاهرئين ڏيکاء واري) دنيا کنهبي جي رنگ وانگر آهي (جيڪو جٽادار ڪونهي): اها ڪنهن وقت (بي وفائي ڪري) توکي وههُ ڏيئي ماريندي.

 

(6)

جان جان سونه پَسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا

تان تان سَناسين، وَرِههِ وِهامي راتڙي.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحسين (19).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ هُو جيسين تائين اُهو وڏو سائين (وڏو هادي) نه ڏسن جنهن جي (سڪ ۽ هدايت) سببان طالبا ۽ ڳولائو (جوڳي) ٿيا آهن.

ــــ تيسين تائين انهن تارڪن فقيرن کي هڪ رات به ورهيه جيڏي ٿي گذري.

 

(7)

جوڳي جاڳايوسِ، سُتو هوسِ ننڊر ۾

تِهان پوءِ ٿيوسِ، سَندي پِريان پيچري.

 

• ماخذ: بيان العارفين (7)، شاهه جو رسالو (7)، جيپورگرنٿ-6 (36)، سنتون ڪي واڻي (36)، ورهد (35).

• پڙهڻي. بيت جي مٿين پڙهڻي ’بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي مطابق آهي. دادو ديال جي روايت وارن ماخذن ۾ بيت هيٺينءَ طرح ڏنل آهي جنهن جو ٻيءَ سٽ ۾ تبديل ٿيل آهي جيڪا معياري ناهي.

سُتو هئوس ننڊ ۾، جوڳي جاڳايوسِ،

مَرُ وڃايائين مون مَنان، تَتُ ويکايوس.

• معنيٰ. جوڳي= جوڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ عامل= وڏو هادي مرشد.

ــــ آءٌ غفلت جي ننڊر ۾ ستل هئس جو مون کي وڏي هادي مرشد جاڳائي سجاڳ ڪيو

ــــ ان سجاڳيءَ کان پوءِ ئي آءٌ محبوبن واري واٽ سان لڳُسِ.


 

پهرين پاڻ وڃاءِ

 

(1)

پيرِين پاڻُ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لَہُ

تُهان ڌار نه سُپرين، مُنہُ مَنجهئِين پاءِ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (10)، شاهه جو رسالو (10)، جيپورگرنٿ-6 (34)، سنتون ڪي واڻي (34)، ورهد (33)، جيپورگرنٿ-4 (47).

• پڙهڻي. بيت جي مٿين پڙهڻي ’بيان العارفين‘ مطابق آهي. دادو ديال جي روايت وارن گرنٿن ۾ خاص طرح ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي ۾ هيٺينءَ طور فرق آهي:

تن اندر منہ پاءِ، تانهُون اندر سپرين

جيپورگرنٿ-6 (34)

-

من اندر منہ پاءِ، توئي اندر سپرين

سنتون ڪي واڻي (34)

-

تن اندر منہ پاءِ، تانئو اندر مون سپرين

ورهد (33)

-

تن اندر منہ پاءِ، تان توئي اندر سپرين

جيپورگرنٿ-4 (47)

• معنيٰ.

ــــ پهريائين پنهنجو پاڻ وڃاءِ (پنهنجي نفس کي مار) ۽ پاڻ وڃائي پوءِ هو (محبوب) ڳولي لهه.

ــــ پيارو سڄڻ توکان ڌار ناهي، تون پنهنجو پاڻ ۾ نهاري ڏس.

 

(2)

جِيئَن ڦِڦڙَ ماهَ ۾، اِيئَن روزا عيدَ نمازَ

اڃان آهي ڪا ٻِئي، اَلله سَندِي حاجَ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (59)، سنتون ڪي واڻي (59)، ورهد (59).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي ”اڃا آهي ڪاءِ ٻي الهه دي حاج“ ؛ پر جيئن ته هي سڄو بيت صاف سنڌي ۾ آهي انهيءَ ڪري سرائيڪي لفظ ’دي‘ بدران ’سندي‘ ڪري پڙهڻ سان سٽ جو وزن پورو بيهندو.

• معنيٰ. معنيٰ صاف آهي. هيري ٺَڪُر ’قاضي قادن جو ڪلام‘ (ص29) ۾ به سهڻي ڪري لکي آهي ته:

ــــ ”جيئن ماس (بدن) اندر ڦڦڙ آهن (جي صاف هوا اندر کڻي رت کي صاف ڪن ٿا)، تيئن ئي روزا، عيد ۽ نماز آهن (انهيءَ جو ڪم به تن من کي صاف ڪرڻ آهي).

ــــ پر الله سان ملڻ وارو عمل يا ڪم اڃا ڪو ٻيو آهي.“

شاهه صاحب جو هيٺيون بيت پڻ انهيءَ خيال کان متاثر ٿي چيل آهي ته:

روزا نمازون اِي پڻ چڱو ڪم

اُو ڪو ٻئو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

 

(3)

رَبُ سُڃاڻڻ سُٿرو، پاڻُ سڃاڻڻ ڏک

تان تان ڪج مَ سُکُ، جان جان پَسين پاڻَ کي.

 

• ماخذ: ملفوظات خزانة الحڪمت (4).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ رب کي سڃاڻڻ سولو آهي پر پاڻ کي سڃاڻڻ وڏو ڏاکڙو آهي

ــــ تيسين تائين سُک نه ڪج جيسين تائين (حق ڏانهن متوجهه نه ٿيڻ بدران) تنهنجي نظر پنهنجو پاڻ تي آهي.

 

(4)

توکي تتوڙائين، ’لا‘ سين لاٿائُون

اڃان پڻ ’آئون‘ ، واريو وِجهين وچ ۾.

 

• ماخذ: گلزار ابرار (2)، بيان العارفين (9)، شاهه جو رسالو (9)، ملفوظات خزانة الحڪمت (6).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ تُنهنجي ته اصل کان وٺي ’لا‘ سان نَفَيِ ڪيائون

ــــ پر تون اڃان به ’آئون‘ (پاڻ) کي آڻيو وچ ۾ وجهين.

 

(5)

’لا‘ لاهِيندي ڪَن کي، ’لا‘ مُورِهِين ناهِ

بِاللهِ ري پِريانہ، ڪَٽُ نه ڏِسي ڪِي ٻيو.

 

• ماخذ: گلزار ابرار (3)، بيان العارفين (6)، شاهه جو رسالو (6)، ملفوظات خزانة الحڪمت (2).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ـ ’لا‘ ڪنهن جي نَفِي ڪندي (ڪنهن جو خاتمو آڻيندي)! ’لا‘ ته مُنڍان آهي ئي ’ڪانه‘ :

ــــ قسم الله جو ته سواءِ پرين جي ٻيو ڪجهه ڏسجي ئي ڪونه ٿو (يعني غير الله ته آهي ئي ڪونه، پوءِ ’لا‘ ڪنهن جي نَفِي ڪندي).


 

پهرين پاڻ پرک

 

(1)

پِهرِين پاڻُ پَرَک، پِرين پَرکڻ سؤکَڙا

دَرُ ڀِي سوئِي رَکُ، جِتان ڏِکائون لَهِين.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (33)، سنتون ڪي واڻي (33)، ورهد (32)، جيپورگرنٿ-4 (46).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ جو آخري اصل لفظ ’ساکڙا‘ آهي،جنهن کي ’سؤکڙا‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾، اصل پڙهڻين مطابق، پويون فقرو ڄڻ ’جتان ڌڪا نه لهين‘ آهي، پر ’ڌڪا لهڻ‘ جو اصطلاح سنڌي ٻولي ۽ ادب جي روايت ۾ موجود ڪونهي؛ معنيٰ جي لحاظ سان، سهڻائي تڏهن ٿيندي جڏهن چئجي ته ’جتان ڪي ڪجهه لهين‘ ، يعني جتان توکي ڪجهه حاصل ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته اصل پڙهڻي ”دُکانو“ هجي: ’دُک‘ معنيٰ ’ديد‘ يا ’نظر‘ ، شايد قاضي قادن جي وقت ۾ ’دُکانو‘ جي معنيٰ ديدار يا نظارو هجي. پر وڌيڪ موزون پڙهڻي ’جتان ڏِکائون لهين‘ ٿيندي: ’ڏِکائون‘ ( ’ڏِکَ‘ جو جمع) معنيٰ شاديون مراديون، خوشيون ۽ نعمتون.

• معنيٰ.

ــــ پهريائين پاڻ کي سڃاڻ (جيڪو ڏکيو مرحلو آهي)؛ پِرينِ کي سڃاڻڻ سولو آهي.

ــــ در به اهوئي جهل، جتان توکي نعمتون نصيب ٿين.

 

(2)

اسين سِڪُون جَن کي، تان سي اَسين پاڻَ

هاڻي وڃ گَمانَ، سَهِي سُڃاتا سُپِرين.

 

• ماخذ: گلزار ابرار (4)، بيان العارفين (8)، شاهه جو رسالو (8).

• پڙهڻي. ’گلزار ابرار‘ ۾ هن بيت جو مفهوم فارسي نثر ۾ بيان ڪيل آهي. بيان العارفين ۾ اصل ائين.

• معنيٰ.

ــــ اسين جن لاءِ سِڪون پيا سي ته اسين پاڻ آهيون،

ــــ اي گمانَ، اي شَڪ شُبها! تون ڀڄي پري ٿيء، جو محبوبَ صحيح طرح سڃاپجي ويا آهن.

 

(3)

پاڻِي وانگي رَنگَ ۾، پاڻو واڻُ رَتاسِ

رَڱيندڙُ آ پاڻُ ڌڻي، سَڀي رنگَ سَنداسِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (106)، سنتون ڪي واڻي (106)، ورهد (103).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏنو ويو آهي.

• معنيٰ. هن بيت جي معنيٰ سهڻي پَر ڳُوڙهي آهي. صوفين درويشن جي تعليم مطابق، طالب کي پنهنجي هستي وڃائڻ گهرجي ۽ پڻ پاڻ کي نانہِ (مخفي) ڪري ’مطلوب‘ (محبوب) ۾ فنا ٿي (سمائجي) وڃڻ گهرجي. انهيءَ معنيٰ کي سولو ڪري سمجهائڻ خاطر ’پاڻي‘ جو مثال ڏنل آهي ته ڪيئن ’پاڻي‘ پنهنجي صورت کي وڃائي ٻي هر صورت واري رنگ ۾ رچي ٿو وڃي. پوئين ويجهي دؤر ۾، فقير خير محمد هيسباڻي پنهنجي بيت ۾ هن معنيٰ کي ائين سمجهايو ته:

پَسو جو پاڻي، هر رنگ ۾ رَلِي وڃي

’طالب‘ کي ’مطلوب‘ جي اها اهڃاڻي

سمجهه دل سياڻي، خاصن لئي خير محمد چئي.

قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ هيءَ ساڳي معنيٰ سمايل آهي، پر اها وڌيڪ سهڻي ۽ اعليٰ سطح واري آهي:

ــــ آءٌ پاڻي وانگر هر رنگ ۾ پاڻهي پاڻ رچي ويس

ــــ (حقيقت ۾) رڱيندڙ به پاڻ ڌڻي آهي، ته رنگ به سڀ سندس ئي آهن.

 

(4)

نه سو لاههِ، نه سِري، نه اورارِ، نه پارِ

مُوڙهو وَتِين جنہ کي، سو مَن منجهه نهارِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (11)، سنتون ڪي واڻي (11)، ورهد (11)، جيپورگرنٿ-4 (13).

• پڙهڻي. چئني ماخذن ۾ پهرين سٽ ۾ اصل پڙهڻيون لاهو، سِرو، ’اُروار‘ آهن؛ صحيح لاههِ، سِري، ’اورارِ‘ ٿيندا. ’لاهو‘ يا ’لاهه‘ معنيٰ لاڙ يا ڏکڻ (وارو پاسو). شاهه ڪريم جي بيت جي سٽ آهي ته ”جي اُتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا“ . ’اورار‘ معنيٰ درياه جو اوريون پاسو، ۽ ’پرار‘ يا ’پار‘ معنيٰ درياه جو پريون طرف.

• معنيٰ.

ــــ هو (پرين) نه لاڙ ۾ آهي ته نه سري ۾، نڪي درياه جي هنِ ڀر آهي، ته نڪي هُن ڀر:

ــــ جنهن لاءِ تون حيران پريشان ٿي پيو ڦرين، سو پنهنجي من اندر ڳولي ڏس.

ڀٽائي صاحب ان ساڳئي خيال کي هيٺيين بيت ۾ آندو آهي ته:

”لِڪو ڪونه لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،

نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.“

 

(5)

لِيهان لَکَ ڪَيامِ، پَسَڻُ کي پاڻان پِرين

سوجهي سيڻَ لَڌامِ، مَنَ مَنجهين ئِي سُپِرين.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (45)، سنتون ڪي واڻي (45)، ورهد (43).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ.

ــــ مون پنهنجي پرين کي پاڻ کان (پاڻان) ٻاهر ڳولڻ ۽ ڏسڻ لاءِ لکين تڪليفون ڪيون

ــــ آخرڪار (اندروني نِرت ۽ سُرت سان) جانچي نهاري مون پنهنجا پرين پنهنجي اندر ۾ ئي لڌا.


 

الست ارواحن کان

 

(1)

پَهرين ئِي پيامِ جو مون ساهُ ئي سيڻانِ

هنِيَڙو هيجَ پنڌ ڪَري، لڳو ڪَہَ ڪيڻانِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (10)، سنتون ڪي واڻي (10)، ورهد (10)، جيپورگرنٿ-4 (12).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي مختلف پڙهڻين مان هيٺيون پڙهڻيون بيهن ٿيون جن مان معنيٰ نڪري ٿي:

پَهريون ئي پريامَ جا مون سان ئي سُوَڙان

(شروع کان ئي منهنجي پِرين جا مون سان سندن سُوَڙَ (چڱاوَڙ، وڏا وَڙَ ٿيا)

پهريون ئي پِريامَ جان مون سائين سيِڻيانِ

(شروع کان ئي منهنجا پِرين جئن جو منهنجا سائين ۽ سيڻ (سڄڻ) آهن)

پهريون ئي پيامِ جو مون ساه ئي سيڻانِ

(منڍ کان ئي جو منهنجو ساه ئي ساڻن گڏ پيو، ساڻن گڏ سِرجيو)

انهن پڙهڻين مان آخري پڙهڻي وڌيڪ معنيٰ واري آهي: ’سيڻان‘ معنيٰ ساڻن؛ اهو لفظ ٻيءَ سٽ واري قافيي ’ڪيڻان‘ سان پوري ڀچ کائي ٿو.

ــــ ازل کان ئي جئن جو منهنجو ساهه ساڻن گڏ سرجيو

ــــ سو منهنجو هنيو (دل) هيج ۽ خوشيءَ مان وڏي ڪشالي سان پنڌ ڪري سندن پٺيان لڳو.

(2)

جان (ئي) پاران پَڌرو، ٻُڌائون (سو) سَڏُ

مون هِنيَڙو تان ئي ٿِيو سُپيريان سان گڏ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (9)، سنتون ڪي واڻي (9)، ورهد (9)، جيپورگرنٿ-4 (11).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح معنيٰ ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي ”تان ئي ڪيو“ آهي جنهن کي ”تان ئي ٿيو“ پڙهڻ صحيح ٿيندو.

• معنيٰ.

ــــ جئن ئي روحن پريان رب جي طرفان ”الَست بِرَبَڪُم“ وارو سڏ ٻڌو

ــــ منهنجو هنيو تنهن وقت کان وٺي سڄڻن سان گڏجي هڪ ٿيو.

 

(3)

لائي لامُ الف سان، ڪاتِبُ لِکي جيئن،

مون هِنيَڙو پريان سان لڳو آهي تيئن.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (24)، جيپورگرنٿ-6 (8)، سنتون ڪي واڻي (8)، ورهد (8)، جيپورگرنٿ-4 (8)

• پڙهڻي. هيءُ بيت شاهه جي رسالي ۾ موجود آهي ته:

”ڪاتبُ لِکي جيئن، لايو ’لام‘ ’الف‘ سين،

اسان سَڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.“

ڪن رسالن ۾ ”ڪاتب لکن جيئن“ آهي. هن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ قاضي قادن جي بيتن جي روايت موجب، پهرين سٽ ۾ ’ڪاتب لکي جيئن‘ يا ’ڪاتبَ لکن جيئن‘ آهي. ’لام کي الف سان لائي لکڻ‘ وارو مثال پنهنجي پرين سان ويجهائي لاءِ آندل آهي. الف- بي ۾ جڏهن ’آ- با- ٻا- پا‘ واري پَٽي لکجي ٿي ته ٻين سڀني اکرن جي ڀيٽ ۾ ’لا‘ ۾ ئي ’لام‘ سان ’الف‘ بالڪل ڳنڍيل صورت وارو آهي. ’الله‘ لکڻ ۾ ته ’الف‘ بلڪل ’لام‘ ۾ ئي سمايل آهي. پڻ ’ڪتابت‘ ۽ ’خوشخطيءَ‘ جي ماهرن ڪاتِبن، ’لا‘ ۾ ’لام‘ ۽ ’الف‘ کي سهڻي سٽاء سان لائي لکيو.

• معنيٰ.

ــ جيئن وڏا خوشنوِيس ڪاتِبَ، ’لام‘ کي ’الف‘ سان لائي لڳائي ٿا لکن

ــــ تيئن ئي منهنجي دلڙي به دلبر سان لڳل آهي.

 

(4)

جِنہ سَرِ سَندو نُور، جيلاه سو سُونهون ٿئي

تيلاه لَڀن سُپرين، ڳالههِ لَهِجي مُورُ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (21)، شاهه جو رسالو (21).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. سر= وڏو تلاء، درياء، سمنڊ. (اصطلاح طور) سرچشمو، مَنَبع. نُور= تجلو، شُعاع. سرسندو نور= روشني جي مَنبع وارو تجلو يا شعاع. الله تعاليٰ ئي ڪُل روشني جو منبع آهي (الله نور السماوات و الارض). سونهون= رهبر. جيلاه= جڏهن. تيلاه= تڏهن. لڀن= ملن. مُور= منڍ، مول متو، حقيقت.

ــــ روشني جي اصل سرچشمي (الله تعاليٰ) وارو تجلو يا شعاع جڏهن رهنما ٿئي ٿو.

ــــ تڏهن ئي اهي حقيقي سپرين ٿا ملن: ڳالهه جو مُول متو سڃاڻجي ته پوءِ اصل ڳالهه ائين ئي آهي، حقيقت ائين ئي آهي.

 

ڀاڱو ٽريو: ضميمو

 

مختلف ماخذن ۾ ڏنل بيتن جو تفصيل

 

هن ڀاڱي هيٺ، جن ڏهن اصل ماخذن جو ذڪر ’ڀاڱي پهرئين-2‘ ۾ ڪيو ويو آهي، تن ۾ قاضي قادن جا بيت (۽ انهن سان گڏيل ٻيا بيت) جئن ڏنل آهن تئن ڏنا رکيا آهن. هيءُ ’ضميمو‘ انهيءَ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي، ته جئن قاضي قادن جي بيتن کي اصل ماخذن جي حوالن سان سڃاتو وڃي ۽ پڻ اصل ماخذن واريون جدا جدا پڙهڻيون سامهون اچن. ڀاڱي ٻئي هيٺ ’رسالي‘ جي بيتن جي تصديق لاءِ انهن اصل ماخذن جا حوالا لازمي آهن. البت ’رسالي‘ ۾ شامل سڀني بيتن کي، اصل ماخذن واري صورتخطي بدران نئين سر صاف ٻولي، معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ سان سنواري رکيو ويو آهي.


 

سنڌ جي روايت وارا ڇهه ماخذَ

1- تذڪره قطبيہ

’تذڪره قطبيہ‘ ۾ هيٺيون بيت بنا نالي ڏنل آهي، پر اهو بيت قاضِي قادن جي حياتي واري دور ۾ سنڌ جي ذاڪرن سماع جي محفل ۾ ڳايو ۽ ان دور ۾ ئي ملفوظات طور قلمبند ٿيو. هن بيت وارو موضوع قاضي قادن جي ٻين بيتن ۾ پڻ موجود آهي. ڪلاچي جي ڪُن ۾ ويٺل مڇ جي انسان جي اندر واري سرڪش نفس سان تمثيل جي شروعات قاضي قادن جي هيٺئين بيت سان ٿئي ٿي.

 

جو گهِڙي سو ني، ڪو جو قهر ڪَلاچَ ۾

خبرَ ڪونه ڏي، رَڇُ ڪڄاڙي رَنڊِيو.


 

2- گلزار ابرار

گلزار ابرار جي مصنف محمد غوثي ڄاڻايو آهي ته قاضي قادن جا چيل بيت ”گهڻا آهن“ ، جن مان هن نموني طور هيٺين چئن بيتن جو مفهوم فارسي نثر ۾ لکيو. اهي بيت هيٺ ائين لکيا ويا آهن جئن ’بيان العارفين‘ ۾ ڇپيل آهن. آڏو ڏنل صفحا ”شاه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ (مرتب ڪيل ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو، پهريون ڇاپو، 1356 هه/1937ع) جا آهن.

1

ڪَنز، قُدوري، ڪافِيا، ڪِ ڪونه پَڙهئومِ (ص 26)

سو پارُ ئي ٻئو ڪو، جِئان پِرين لَڌوِم.

2

توکي توڙائين، ’لا‘ سين لاٿائون (ص 93)

اڃان پُڻ آئون، واريو وجهين وِچ ۾.

3

’لا‘ لاهيندي ڪَنِ کي، ’لا‘ مُورِهين ناهه (ص 94)

باللهِ ري پِرِيانہ، ڪَٽُ نه ڏسي ڪي ٻئو.

4

اسين سِڪون جن کي، تان سي اسين پاڻِ (ص 93)

هاڻي وڃ گُمانَ، سَهي سُڃاتا سُپرين.


 

3- بيان العارفين

ڪتاب ’بيان العارفين و تنبيہ الغافين‘، جئن مٿي ڀاڱي-1 ۾ (صفحا38-14) وضاحت ڪئي وئي آهي، شاهه عبدالڪريم جي’ملفوظات‘ آهي، يعني اهي ارشادات ۽ ابيات جيڪي سندن واتان ٻڌا ويا. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم ان ۾ شامل سنڌي بيتن وارو مواد ”شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ جينالي سان شايع ڪيو جنهن مان اها غلط فهمي پيدا ٿي ته ڄڻ اِهي سڀ بيت شاهه عبدالڪريم جا آهن. ڊاڪٽر مرحوم پاڻ اهڙي گمان هيٺ ڄاڻايو ته سواءِ ڪن ٿورڙن بيتن جي ٻيا سڀ بيت شاه ڪريم جا آهن. لکيائين ته: ”شاه ڪريم جو نظمي ڪلام ڪو گهڻو ڪونهي فقط 94 بيت آهن. يقين سان چئي نٿو سگهجي ته انهن 94 بيتن مان ڪيترا خود سندس آهن، ڇاڪاڻ جو ’بيان العارفين‘ واري (مصنف محمد رضا) ڪن ٿورن هنڌن کان سواءِ ڪٿي به ائين صاف نه ڄاڻايو آهي ته اهي بيت خود شاه ڪريم جا آهن… بهرحال جنهن صورت ۾ اسان کي انهن بيتن جي صحت ۽ سقم سڃاڻڻ بابت ٻيو ڪو سَجُهه ڪونهي، تنهن صورت ۾ اهي بيت شاه ڪريم جا ئي سمجهڻ گهرجن… شاه ڪريم سنڌ جو پهريون وڏو شاعر به هو. چورانوي بيت (يعني، 189 نظمي سٽون) اگرچه گهڻا نه آهن ته ٿورا به ناهن“ (1).

انهيءَ گمان هيٺ ته سڀ بيت شاه ڪريم جا سمجهڻ گهرجن، ڊاڪٽر صاحب پاڻ ڪن بيتن بابت پنهنجي طرفان لکيو ته ”جيئن پاڻ فرمايو اٿس“ جيتوڻيڪ اصل فارسي متن ۾ ائين ڄاڻايل ڪونهي ته ڪو اهو بيت شاه عبدالڪريم پاڻ چيو. مثلاً هيٺئين بيت لاءِ مقدمي ۾ ڊاڪٽر مرحوم لکيو ته ”جيئن پاڻ فرمايو اٿس“:

ڪنز قدوري ڪافيا جي پڙهي پروڙين سَڀَ

ته ڪَر منڊي ماڪوڙي کُوهه ۾ پيئي ڪڇي اَڀَ“

(مقدمو، ص22)

حالانڪ اندر متن ۾ اصل مصنف محمد رضا اهڙا الفاظ ڪين لکيا آهن. غور ڪبوته اهو موضوع ۽ مضمون ئي قاضي قادن جو آهي جيئن سندس ٻين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو. بيان العارفين ۾ جيڪي بيت آهن سي بيشڪ شاهه عبدالڪريم پڙهيا، يعني سندس زباني بيان ٿيا: پر اها ڳالهه تحقيق طلب آهي ته ڪهڙا بيت خود سندس پنهنجا چيل آهن ۽ ڪهڙا بيت قاضي قادن جا يا ڪن ٻين سالڪن جا چيل آهن.

هيٺئين تفصيل موجب، ’بيان العارفين‘ ۾ ايڪيهه (21) بيت اهڙا آهن جن مان ڏهه (10) بيت يقيني طور، ۽ يارهن (11) بيت ترجيحي طور، قاضي قادن جا تسليم ڪري سگهجن ٿا.

(الف) محمد رضا جي يادگيري موجب، هيٺين ستن بيتن بابت ميين شاهه ڪريم نالو وٺي چيو ته اهي قاضي قادن جا آهن. آڏو ڏنل صفحن جا نمبر ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (مرتب ڪيل ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو) مطابق آهن ۽ پڻ ساڳي صورتخطي ۾ رکيا ويا آهن.

 

1

ڪَنزُ، قُدورِي، ڪافِيا، ڪِ ڪو نه پَڙهئوِمِ (ص 26)

سو پارُ ئِي ٻِئو ڪو، جئان پِرِي لَڌومِ.

2

لوڪان نَحُو صَرفُ، من مُطالِعَ سُپرين (ص 27)

سوئي پَڙهئو سو پَڙهان، سوئِي سو حَرفُ.

3

سيئِي سيلَ ٿِئامِ، پَڙهئامِ جي پاڻ لَءِ (ص 28)

اَکَر اڳِيان اُڀرِي واڳُون ٿِي وَرِئامِ.

4

سَڄَڻَ مَنجِهه هُئامِ، مُون ويٺي واءُ ٿئا (ص 36)

هيڏان هَوڏان هٿڙا، هِيَئين جاڙ وِڌامِ.

5

سائِرَ ڏيئي لَتَ، اُوچِي نِيچي ٻوڙئي (ص 88)

هيڪَائِين هيڪُ ٿِئو، ويئي سَڀَ جِهَتَ.

6

”لا“ لاهِيندي ڪَنِ کي، ”لا“ مُورِهِين ناهِ (ص 94)

بِلا ري پِريانہ، ڪَٽُ نه ڏسي ڪِي ٻِئو.

7

جوڳِي جاڳايوسِ، سُتو هُئَسِ نِنَڊَ ۾ (ص 113)

تِهان پوءِ ٿِيوسِ، سَندي پِريان پيچَري.

(ب) هيٺين ٽن بيتن بابت ٻين ماخذن مان تصديق ٿئي ٿي ته اهي قاضي قادن جا آهن.

8

اسين سِڪئون جن کي، تان سي اسين پاڻ (ص 93)

هاڻي وَڃ گمانَ، سَهِي سڃاتا سُپرين.

(هيءُ بيت ’گلزار ابرار‘ مطابق قاضي قادن جو آهي)

9

توکي توڙائين، ”لا“ سين لاٿائون (ص 93)

اڃاڻ پڻ آئون، وارِيو وِجهين وِچَ ۾.

(هيءُ بيت ’گلزار ابرار‘ مطابق قاضي قادن جو آهي.)

10

پيرين پاڻُ وِڃاءِ، پاڻُ وڃائي هُوءُ لَہُ (ص 37)

تُهان ڌارَ نه سُپِرِين، مُہُ مَجِهئِين پاءِ.

هيءُ بيت دادو ديال جي روايت وارن چئني گرنٿن ( ’جيپورناٿ-6 (34)، ’سَنتون ڪِي واڻي‘ (نمبر 34)، ورهد (33)، جيپورگرنٿ-4 (47) موجب قاضي قادن جو آهي.

(ج) هيٺيان يارهن بيت ٻولي، موضوع، اسلوب بيان، فهم ۽ فڪر ۾ قاضِي قادن جي بيتن سان ملن ٿا، ۽ اهڙي ويجهائي جي ڪري قاضي قادن جا مڃي سگهجن ٿا جيستائين جو ڪنهن ٻئي جا ثابت ٿين.

11

تُون چَئُه اَللهُ هيڪڙو، وائِي ٻي مَ سکُ (ص 4)

سَچو اَکَرُ مَنَ ۾ سوئِي لِکيو لِکُ.

(هيڪڙائي ۽ توحيد وارو موضوع ۽ بيت جي سٽاء قاضي قادن جي بيتن مطابق آهي)

12

وائِي ٻِي مَ ڀُلُ، مِروئان موران، پکڻان (ص 5)

بِلَا سَندو سَڄڻي، هُو هُلاچو هُلُ.

(مروئان، موران، پکڻان جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي؛ البت قاضي قادن جو لفظ ’پکيان‘ آهي.)

13

متيون ميڙي کانءِ، واچا کجِي وِچ پَوءُ (ص 6)

جو تو سائِرُ ڀانئِيو، سو هُرُ ٻوئي ناهِ

( ’سائر‘ جو ذڪر قاضي قادن جي موضوع مطابق آهي)

14

ڪَنزُ قُدُورِي ڪافيا، جي پڙهِي پَروڙين سَڀُ (ص 25)

ته ڪَرَ مَنڊي ماڪوڙِي کُوهَ ۾ پيئي ڪَڇي اَڀُ.

(ڪنز، قدوري، ڪافيا جو ذڪر قاضي قادن جي معنوي موضوع مطابق آهي)

15

ٿُندُ مَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏُ چوني جيُ چَؤ (ص 49)

جي ڀائين پِريَ مڙان، ته ڏُوهنئون ڳُڻَ ڀانءِ.

( ’ڏوهنئون‘ (=ٻنهيءَ کان) قاضي قادن جي ٻوليءَ مطابق آهي)

16

جي اُتَرَ جي لاه، سَڄڻ سَڀ پَرکِئا. (ص 53)

ري پاجي کَٽِئي، سُڀَرَ ٻَري نه باهِ.

( ’لاه‘ جو لفظ قاضي قادن جي اتر واري ٻولي مطابق آهي)

17

سا ڪِئو سائِي ڪَنِ، سُپيريان جي ڳالهڙِي (ص 69)

هيڪَڙيائي سِکِئا، ٻِي نه اُڄَهي تَنِ.

( ’سُپيريان‘ جو لفظ ۽ بيت جو اسلوب قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهن)

18

ڪَلاچَي ڪُناءَ، موٽي ڪونَ آئِيو (ص 77)

ڪِنين رَڇَ وڃائِيا، ڪِنين توبَههَ تاءُ.

(’ڪلاچيء جي ڪُن‘ وارو موضوع قاضي قادن جو آهي)

19

ڪُن ڪَلاچِيَ پارِ، سَڏُ نه سُڄي ساٽيين (ص 78)

گهاتُوئين سَندا مَڪُرا، ڪِي تَڙِ ٻي نِهارِ.

( ’ڪلاچي‘ جي ڪُن وارو موضوع قاضي قادن جو آهي)

20

ڏهُ ڏِهائين ناهِ، جِتي پيرُ نه پَکَيان (ص 74)

تِتَي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئي وَڻَ چُونڊِئا.

( ’پکيان‘ ۽ ’کاهوڙيان‘ جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي جي آهي)

21

جي سَرَ سندو نُور، جيلاهَ سو سُهُون ٿِيي (ص 96)

تيلاه لڀن سُپرين، ڳال لَهجِي مُورُ.

( ’پهريان سٽ واري مفهوم جو ’جواز‘ ٻيءَ سٽ ۾‘ قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي. لفظ ’سپرين‘ به قاضي قادن جي بيتن جو خاص لفظ آهي.)


 

4- شاهه جو رسالو

’شاهه جي رسالي‘ جي مختلف قلمي نسخن ۽ ڇاپن ۾ قاضي قادن توڙي ٻين سالڪن ۽ شاعرن جا بيت شامل آهن، پر جيئن ته قاضي قادن جي بيتن ۾ نالو موجود نه هو، انهيءَ ڪري سندس اُهي بنا نالي بيت سڃاڻپ ۾ نه آيا. موجوده تحقيق جي روشني ۾، انهن کي ٻن طرحن سان پرکيو ويو آهي: هڪڙا اهي جيڪي ٻين ماخذن ۾ قاضي قادن جا ڪري مڃيل آهن، ۽ ٻيا اهي جيڪي ٻولي، موضوع، اسلوب بيان، فهم ۽ فڪر ۾ قاضي قادن جي ڄاتل سڃاتل بيتن سان ملن ٿا. انهن جملي بيتن کي هيٺين ٽن ڀاڱن ۾ وراهي سگهجي ٿو.

(الف) قاضي قادن جا اهي بيت جيڪي شاه صاحب کي شاه عبدالڪريم روايت ذريعي معلوم ٿيا: يعني قاضي قادن جا اهي بيت جيڪي ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهن ۽ پڻ شاه جي رسالن ۾ موجود آهن. اهي بيت جملي ايڪيهه (1-21) آهن جيڪي مٿي ’بيان العارفين‘ جي عنوان هيٺ تفصيلوار ڏنل آهين.

(ب) هيٺيان اٺ بيت جيڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ بنا نالي ڏنل آهن، سي ٻين ماخذن جي تصديق سان قاضي قادن جا آهن. انهن مان نمبر 8 قاضي قادن جي دور واري ’تذڪره قطبيہ‘ ۾ موجود آهي، ۽ باقي ٻيا دادو ديال جي روايت وارن گرنٿن ۾ قاضي قادن جا ڄاڻايل آهن.

22

تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ وارِ

سوئي ڏيو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏهين.

(هيءُ بيت شاه جي رسالي جي مستند ۽ جامع متن جي جلد- 10 ”رسالي جو ڪلام“ ۾ سر ڪلياڻي جي داستان-1 جو پهريون بيت آهي؛ ’جيپورگرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ (نمبر7 طور) موجود آهي)

23

ايڪ قصر در لَکَ، ڪورين ڪَڻِس ڳُڙکِيُون

جيڏانہ ڪريان پَرکَ، تيڏانہ صاحبُ سامَهُون.

(شاه جو رسالو، مستند ۽ جامع متن، جلد-10 ”رسالي جو ڪلام“ ، سُر ڪلياڻ، ’جيپور گرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ نمبر 31 طور موجود آهي)

24

ڪاتِبَ لِکَن جيئِن، لائي ’لام‘ ’الف‘ سين

اسان سڄڻ تِيئن، رهيو آهي روح ۾.

(هيءُ بيت ڀُل مان رسالي جي جامع مستند متن جلد پهرين ۾ سر يمن، داستان-5 هيٺ بيت نمبر 21 طور رکيل. ان کان پوءِ جلد-7 (ضميمو صفحا 11-14) ۾ درستي ڪئي وئي آهي ته هي بيت شاه جو ناهي. ’جيپورگرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ نمبر8 طور موجود آهي)

25

اَملُ اَساري پَئي ڀورِي جِت ڀَڳوءِ

ڪوهُ نه تِتِ رُنوءِ، ٻئي اَڌَ هَٿَ ڪري.

(شاه جو رسالو، جامع ۽ مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سر بروو داستان-3، بيت نمبر5؛ ’جيپور گرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪِي واڻي‘ ۾ نمبر 96 طور موجود آهي)

26

اَمُلُ اَساري پَئي ڀوري ڀَڳُئه جيئن

وانءُ صرافن سيئن، ٻئي اَڌَ هٿِ ڪري.

(شاه جو رسالو، جامع مستند متن، جلد- 10، ”رسالي جو ڪلام“ ، سر بروو، داستان-3، بيت نمبر6؛ ’جيپور گرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ نمبر97 طور موجود آهي)

27

سوئيريان ئي سَنهڙو جان تَنُ ڪيوءِ نه اِيئن

پِرين پائيندا ڪِيئن، توکي اَکڙينِ ۾.

(شاه جو رسالو، جامع مستند متن، جلد- 10 ”رسالي جو ڪلام“ ، سر آسا، داستان-2، بيت نمبر6؛ ’جيپورگرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪِي واڻي‘ ۾ نمبر51 طور موجود)

28

اندر رَهي نه گَهٽَ، سُپيريان جي ڳالِهڙي

ڇاڳَرَ سَهي نه سَٽَ، جُہُ مِهراڻَ موجَ ڪئي.

(شاه جو رسالو، جامع مستند متن، جلد-10، ”رسالي جو ڪلام“ ، سر آسا داستان-5، بيت نمبر2؛ ۽ ’جيپور گرنٿ-6 ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ نمبر37)

29

ڪوجو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گهِڙي سو ني

خبرَ ڪونه ڏي، رَڇُ ڪُڄاڙي رَنڊِيو.

(شاه جو رسالو، جامع ۽ مستند متن، ”رسالي جو ڪلام“ ، سر گهاتو، بيت نمبر7؛ ’تذڪره قطبيہ‘ ۾ ڏنل جيڪو قاضي قادن جي دور جو؛ ساڳيو موضوع جنهن بابت قاضي قادن جا چيل ٻيا بيت

 

(ج) هيٺيان بيت فقط ’شاه جي رسالي‘ ۾ آهن ۽ بنا نالي آهي، پر ٻولي، موضوع، اسلوب بيان، فهم فڪر ۾ قاضي قادن جي چيل ٻين بيتن سان ملن ٿا ۽ قاضي قادن جا چيل تسليم ڪري سگهجن ٿا.

30

ڪوڙين ڪتابان پڙهين جُزان جانڪِيتان

سُوڌي ساڃاءِ نه ٿئي، پَهڻي ري پِريان.

(بنا سوچ سمجهه جي ڪتابن پڙهڻ وارو موضوع قاضي قادن جو آهي؛ پهرين سٽ جي مفهوم جو ٻيءَ سٽ ۾ جواز قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهي. بيت جي پڙهڻي ’شاهه جي رسالي‘ ، جي وڌيڪ آڳاٽن قلمي نسخن، (سٽ ٺٽ ش) مطابق آهي (ڏسو جلد- 10، صفحا 269- 270).. پوئين دور جي رسالن ۾ پوئين سٽ کي بدلائي لکيو ويو: ”پهڻي ري پيان، سوڌي ساڃاءِ نه ٿئي“ . ’رسالي جو ڪلام‘ ، نمبر-18 آهي)

31

سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي

تهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.

(هيءَ بيت قاضي قادن جي دور واري دوهي جي صورت ۾ آهي، ۽ موضوع ’وحدت ۽ ڪثرت‘ آهي، هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سُر ڪلياڻ، فصل-2 جو بيت نمبر-11 آهي)

 

32

اڄ جِمَ ڪِي ماءُ، هِنيَڙو مان ڪُور ٿيو

جو نه پئيم سماء، ته صَحي مِڙندو سڄڻين.

( ’هنيڙو مان‘ ، يعني ’منهنجو هنيو‘ ، قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. هيءَ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ ’سُر کنڀات‘ هيٺ فصل-2 جو بيت نمبر-4 آهي)

33

ڪَئين جي ڪُرنشون رِءِ سائينءَ جي ساڃاءِ

سيڪئو سيڪين هَٿڙا ڪَرَ اُجهاڻيءَ باهِ

(قاضي قادن جي ’اسلوب بيان مطابق پهرين سٽ جي مفهوم جو ٻيءَ سٽ ۾ جواب ڏنل آهي. هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سر بروو‘ فصل-2، جو بيت نمبر 15 آهي.)

34

جتي گهورئو گهاتوئين تِتي واريءَ بُٺِ

سَرُ سُڪو، سُونگِي ڳيا، سهسين ساٿي مُٺ.

(گهاتوئن جو موضوع قاضي قادن جو آهي، ۽ پڻ ’سونگي ڳيا‘ وارو فقرو قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سر گهاتو هيٺ، بيت نمبر-1 آهي.)

35

سَرُ سُڪِي کڙيون ٿيو، اُڏڻُ لڳِي کيههَ

ماناسَر جي هَنجڙي لڏي ڇڏيو ڏيههُ.

(سَر ۽ هنجهن وارو موضوع قاضي قادن جو آهي. هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سُر ڪارايل هيٺ، فصل-2 جو بيت نمبر-14 آهي.)

36

جي مَنَ سي نانہِ، جي نانہِ سي ڏِسڻ گهڻا

مُوڙهو منجهه وَڳانہِ، هِنيَڙو نولي ڍورَ جئن.

( ’ڏسڻ گهڻا‘ ۽ ’وڳانہ‘ قاضي قادن جي ڪن بيتن ۾ گجرات- راجسٿان جي لجهي واري ٻوليءَ جي اهڃاڻن مطابق آهن. هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سُر معذور هيٺ، فصل-5 جو بيت نمبر-6 آهي.)

37

جي من مانہ سي نانہ، جي نانہ سي ڏسڻ گهڻا

تَني ڪِبو ڪانہِ، جَنِ گڏيي گُوندَرُ نه لهي.

(مانہ، ڪانہ قاضي قادن جي ٻوليءَ جا اهڃان آهن. هيءُ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سُر معذور هيٺ، فصل-5 جو بيت نمبر7 آهي.)

38

اُڀرندي سِجان، پِرين جي نه پَسنديُون

ڪَڍِي کي ڪانگان، نيوالا نيڻَ ڏيَان.

( ’ڪانگان‘ (جمع واري صورت) قاضي قادن جي ٻوليءَ مطابق آهي. هيءَ بيت شاهه جو رسالو، جامع مستند متن، ’رسالي جو ڪلام‘ سُر آسا ۾، فصل-2 جو بيت نمبر-1 آهي.)


 

5- حڪايات الصالحين

 هن ڪتاب جا ٻه قلمي نسخا موجود آهن: (الف) سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني وارو نسخو، (ب) ڊاڪٽر نواز علي شوق وارو نسخو. هيٺ (الف) ۽ (ب) جا اشارا انهن ڏانهن آهن.

• هيٺين ٽرن بيتن مان پهريون بيت (الف) ۽ (ب) ٻنهي ۾ آهي، ۽ ٻيو ۽ ٽريو (ب) ۾ آهن. اهي ٽريئي بيت دادُو ديال جي روايت (جيپورگرنٿ-6‘ ’سنتون ڪِي واڻي‘ وغيره) مطابق قاضي قادن جا آهن.

1

سَنهون سوئيراءُ، جان تَنُ پنهنجو نه ڪَرِين

سَڄَڻَ اکڙينِ ۾ تو پائِيندا ڪيئن

(جيپور گرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي، نمبر51)

2

روز مَحشر جِتَهِين سَهسين سِج تَپَنِ

سڀيئي جُهڙُ ڀانئيان جي مون پرين مِڙن.

(جيپور گرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي، نمبر52)

3

مُنہِ ڪائو ڏيئي، پيٺا جي سَمونڊر ۾

ماڻِڪَ اکڙين سين، پَسندا سيئي.

(جيپور گرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي، نمبر13)

• هيٺيان ٽري بيت (الف) ۽ (ب) ٻنهي ۾ آهن: اهي ٻولي ۽ اُسلوب بيان جي اعتبار سان قاضي قادن جا معلوم ٿين ٿا:

 

4

اَسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هِي ڄاڻُ

مَنڊي تُر ميزاڻُ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين.

( ’پاڻ پاڻهي ڄاڻ‘ يا ’پاڻو پاڻ هي ڄاڻ‘ (الف) مطابق آهي. اها سٽاء قاضي قادن جا اسلوبُ واري آهي جئن ’سنتون ڪي واڻي‘ نمبر5 ۾ آهي).

5

چَوي سَڀوڪوءِ، مَحبتي مان ٿِيان

اِنَ دَرِ اگهيو سوءِ، جو سيباڻو سڄڻان.

(پهرين سٽ ۾ ’مان‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’سڄڻان‘ (جمع) واري ترڪيب قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن).

6

سِکين جان ساڃاءِ، ته ڪيها ڪامڻَ ڪارَڻي

ويٺي ئي ويلَ ڪَنهين، پرين چوندئي آءُ.

(پهرين سٽ جي مفهوم جو جواز ٻيءَ سٽ ۾، قاضي قادن جي اسلوب مطابق آهي).

• هيٺيان ڇهه بيت فقط (الف) ۾ آهن، ٻولي ۽ اسلوب بيان ۾ قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن.

7

جو رِڙهي ڀَرِ پيٽ، سو چَڙهي ۾ ڏولِيَان

لَنگهي مٿي ليٽ، پَسو ڏاتَرَ جا ڪَئي.

(آڳاٽي نسخي (ب) جي پڙهڻي ’ڏوليان‘ آهي؛ جمع واري اها سٽاء قاضي قادن جي ٻوليءَ مطابق آهي).

8

جيڪُس نالائق، آءٌ سِياپي سڄڻان

تيلاه منهنجي سِڪِ، سپيريان کي ڪين ڪري.

( ’سڄڻان‘ ۽ ’سپيريان‘ جي جمع واري سٽاء قاضي قادن جي ٻوليءَ مطابق آهي).

9

جَڏاهَڪُون پِريَنِ، ٻڌو عهد اکينِ سين

تَڏاهَڪُون تَرڪ ڪِي ننڊر مون نيڻن.

(جڏهاڪون، تڏهاڪون قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن).

10

ڀَنوريان ڀَؤ ناهِ، سندي پِريان تُرَهي

نِگَهندي نِگاه، پَڌرو نيہُ نه اوهري.

(ڀنوَريان، پريان، ترهو قاضي قادن جي ٻولي جا الفاظ آهن).

11

ڏَرَڻي چَئو مَ ايئن، پنجئي اُڀَ ڪارِڙا

جِت ڀَڙَ مِڙندا ڀينء، تتي لَڀندي مُڙسانہ ڪَرَ.

(پوئين سٽ ۾ ’مڙسانہ ڪر‘ (مڙسن جي خبر) قاضي قادن جي گجراتي لهجي واري ٻولي مطابق آهي).

12

جاڏَهُون وڃي لوڪُ، گهڻو وڃي تاڏَهُون

سِسي ٿورو ٿوڪ، لَٿي ته قربان ٿي.

(جاڏهون، تاڏهون قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن).

• هيٺيان تيرهن بيت فقط (ب) ۾ آهن، ۽ اهي ٻولي، اسلوب بيان، موضوع ۽ معنيٰ جي اعتبار سان قاضي قادن جي مڃيل بيتن مطابق آهن.

13

اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻان جي ڪُهَن ۽ ڪوٺِينِ

ڪتاب جي شروعاتي صفحن تي ڏنل پهرين ٽن اڻپورن بيتن مان آخري بيت جي فقط هي هڪ سٽ سلامت آهي جيڪا بيت جي پهرين يا پوئين سٽ ٿي سگهي ٿي. ’سڄڻان‘ (جمع) قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي.

14

ڪُهي ڪَيا شَهيدَ، توجي اکڙين سان

تَنِ تَهَنجِي تاتِڙي، نَه ڪو عَيشُ (نه عِيدَ).

(پهرين سٽ ۾ ڪاتب ’کَهَيءَ ڪيا شهيد‘ لکيو آهي جنهن کي ’ڪُهي ڪيا شهيد‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. پڻ ڪاتب ’اکين سان‘ لکيو آهي جنهن مان وزن ۾ نقص اچي ٿو؛ ’اکڙين سان‘ صحيح ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ٻيو لفظ ’تَهجي‘ لکيل آهي جنهن کي ’تَهَنجي‘ (=توهانجي) پڙهڻ صحيح ٿيندو. ڏنگين ۾ (نه عيد) وارو اضافو ڊاڪٽر نواز علي شوق طرفان ڪيل آهي ۽ اهو معنيٰ جي لحاظ سان مناسب آهي. ’عيدَ‘ ۾ دال تي زبر آهي ۽ پهرين سٽ ۾ به ان سان ملندڙ قافيو ’شهيدَ‘ (دال جي زبر سان) صحيح ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ”تَن تَهنجي تاتڙي“ مان تصديق ٿئي ٿي ته هي اسلوب بيان قاضي قادن وارو آهي)

15

اَڇا ٻَگههَ مَ پَسُ، وَرُ ميرائي هَنجَهڙا

رَتا جي خَالِق سِين تَنِي لَڳَي مَ ڪَسُ.

( ’رَتا جي خالق سين‘ وارو اسلوب قاضي قادن جو آهي، ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’مَ لڳي ڪس‘ آهي جنهن کي، وزن جي لحاظ سان، ’لڳي مَ ڪس‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو).

16

جَڏڻ منهنجا سپرين، ڏٺئي جيلاهين

جوڙ جَهَانا اکڙيون توکي تيلاهين.

( ’جَڏڻ‘ لفظ قاضي قادن جي اترئين علائقي جي ٻوليءَ جو آهي).

17

لَڏُوڻيُون گهورَنِ کي جو ڏِهاڙيون ڏي

رِيس ئون اِيندُئي راڄيو، ديهه مَ وساري.

(پهرين سٽ ۾ ڪاتب ”لَدُوريون کُورِنِ خِي“ لکيو آهي جنهن کي ’لَڏوڻيون گهورن کي‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو. هيءُ بيت سخيءَ جي سخاوت جي حوالي سان چيل آهي. گهورن کي، يعني جيڪي گهورا آهن، گهرندڙ ۽ سوالي آهن تن کي ’لڏوڻيون‘ ايتريون گهڻيون قيمتي شيون ۽ سوغاتون ڏئي جو اُهي لڏون ٻڌي کڻجن. ’راڄيو‘ لفظ قاضي قادن جي بيان ۽ معنيٰ وارو آهي).

18

(جي) اکڙَين اَلَڌَ، ماءُ سي سَڄَڻ آئَيِا

ڳالهِڙيون پِرين سان اوريان لَهي نه سَڌَ.

(ڪاتب جي لکت صاف آهي؛ البت پهرين سٽ ۾ لفظ ’جي‘ ڊٺل آهي جيڪو وزن جي لحاظ سان اتي هجڻ کپي). لفظ ’اَلڌ‘ (اڻ لڀ) ۽ اسلوب بيان قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن.

19

جان جان سو نه پَسَنِ، جَنہِ ڪارَڻ جوڳِي ٿِيَا

تان تان سَناسين، وِرِههَ وِهامي راتِڙِي.

(ڪاتب جي لکت صاف آهي: البت پهرين سٽ ۾ ’جا جا‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’تا تا‘ لکيو اٿس، ’راتڙي‘ کي ’ت‘ جي ’زبر‘ سان لکيو اٿس، ’جان جان‘ توڙي ’راتڙي‘ قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهن، ۽ ’جوڳ‘ واري تلميح پڻ قاضي قادن کان شروع ٿي).

20

جي سو سُڃاتوءِ، جو سَرَ سَندو پاتڻِي

وَڃ لَهرن گَڏيو، ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ.

(سر، ڪَپر ۽ پاتڻي قاضي قادن جي موضوع جا الفاظ آهن).

21

سَڌَ سَڀَئي ڪَرِين، پِرَيان جي پِرَيَتَڻي

سَڄڻُ تَني سامُهُون، جي جيءُ جُهومي ڏِينِ.

(پهرين سٽ جي شروع ۾ ڪاتب جي لکت ”سَڌ سَيئين کرِينِ‘ آهي جنهن کي ’سَڌ سڀئي ڪرين“ پڙهڻ سان صحيح معنيٰ بيهندي. هن بيت ۾ ’ڪرين‘ ۽ ’پريان‘ لفظن سان بيان جي سٽاء، ۽ پڻ پهرين سٽ جو جواز ٻيءَ سٽ ۾، قاضي قادن جي ڪلام مطابق آهن).

22

بَندِي سَڀ قَرارَ، اسان لوچڻ لوهڙيين

مَٿي تَن تَرارَ، سَدا سُپيرينِ جِي.

(پهريون سٽ ۾ ’لوهڙيين‘ (=لوهه جي هٿڪڙين، پيڪڙن، ڪانن، زنجيرن) پڙهڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. ’لوهڙيين‘ (تصغير واري صورت) توڙي ’سپرين‘ قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهن).

23

پَئُه پَڌَرِ سيڻانِ، لِڪِجُ لِڪَندين ڪيتَرو

ٻُڏا چاءُ سندانِ، ڪوڏُئون سَڄا مِيهڻا.

(اصل ۾ ڪاتب ٻي سٽ هن طرح لکي آهي: ”بُدا جاءُ سَندان کُودَءُ سحا مِيهَرا.“ هيءُ بيت قاضي قادن جي فڪري موضوع مطابق آهي. دادو ديال جي روايت ۾ (جيپور گرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي، نمبر 53) ۾ قاضي قادن جو هيٺيون بيت ساڳئي موضوع وارو آهي:

جو تو لائي رَچَمچُ، ته ڇپڻ لِڪڻ ناه

زهر هَلاهل هٿ ڪَر، ڪارڻ پريان کاءِ.

24

ڪَڍِي ڪاڄُوراءِ، جَني ٻِجُ نه پوکِيو

راهيون رُوحُ رُچَنديون، تني کي ڪِياء؟

(ڪاتب جي لکت صاف آهي. ٻيءَ سٽ ۾ آخري لفظ کي ’ڪُراء‘ (گجراتي)، يا اڃان بهتر ته ’ڪِياء‘ (سنڌي)، پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. هن بيت جو فڪري موضوع قاضي قادن وارو آهي. دادو ديال جي روايت ۾ ( ’جيپورگرنٿ-6‘ ۽ سنتون ڪي واڻي، نمبر100) هيٺيون بيت ساڳئي موضوع وارو آهي:

هر هر فال ڪرينديان، راڌي ڳئي وهاءِ

وڃ پُڇو سانوڻ سُتِيَان، لابي لنگهڻ آه.

25

جي ماڻڪَ ميڙيامِ، ته کاڻِ ئي ان کوڙَ هُئا

سَهسين ڀَتين سَڏَڙا ڪارَڻِ سَرَڪَيَامِ.

(ڪاتب جي اصل لکت هن طرح آهي:

جي مَارِکَ مِيرامِ تَکانَي اِن کُورَ هُوئا

سَهسِ بَتِ سَدرا کَارَرِ سَرِ کِيَامِ.

هيءُ بيت قاضي قادن جي ڪلام جي بيتن جي لفظي ۽ معنوي سٽاء مطابق آهي. مثلاً هيٺيان بيت جيڪي ميين شاه ڪريم قاضي قادن جا ڪري پڙهيا:

ڪَنز قُدوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام

سو پارُ ئي ڪو ٻئو، جيان پرين لڌام

ــــ

سَڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واء ٿئا

هيڏان هوڏان هٿڙا، هِيئين جاڙَ وِڌام.


(1) ”شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ ، مقدمو، صفحا 26-27.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org