سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :2

ڀاڱو پهريون

1- قاضي قادن جي سوانح

2- بيتن جون روايتون ۽ بيتن جا ماخذ

3- رسالو ۽ فڪر


 

قاضي قادن جي سوانح حيات

 

قاضي قادن سنڌ ۽ هند جي اعليٰ پايي جي صوفي شاعرن مان آهي جنهن جي عرفان ۽ اعليٰ اخلاقي شاعري جو اثر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي صوفي عارفن توڙي هندو سنتن ساڌن تي پيو. قاضي قادن ادبي سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو شاعر آهي ۽ هو سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جو ابو آهي؛ قاضي قادن سڀ کان آڳاٽو وڏو شاعر آهي جنهن جا گهڻي ۾ گهڻا سنڌي بيت پورو تصديق سان لکت ۾ ملن ٿا.

نالو

قاضي قادن جي تاريخي شخصيت ۽ علمي ادبي عظمت جي باوجود، سندس ولادت، اوائلي تربيت ۽ تفصيلي سوانح حيات اڃان تائين تحقيق طلب آهن، ايتري قدر جو سندس نالي جي صحيح صورت پڻ هڪ وڏي عرصي تائين معلوم نه ٿي سگهي. پوئين دور جي تحريرن ۾ سندس نالو ’قاضي قاضن‘ ڪري لکيو ويو آهي پر اوائلي دور جي چئن ماخذن مان فقط مير معصوم جي تاريخ ۾ ’قاضي قاضن‘ لکيو ويو آهي (1)، باقي ٽن ٻين ماخذن ۾ ’قاضي قادن‘ ڪري لکيل آهي. مير معصوم جي تاريخ کان اڳ جي ’تاريخ طبقات اڪبري‘ جي مصنف نظام الدين بخشي ’قاضي قادن‘ لکيو آهي (2). مير معصوم جي همعصر ميين شاهه ڪريم پنهنجي زباني قاضي صاحب جو نالو ست ڀيرا ورتو جنهن جو ذڪر سندس ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ آهي جيڪو سندس مريد محمد رضا ٺٽوي فارسي ۾ سنه 1038 هه ۾ لکيو. ان جي اصل قلمي نسخي جي مطالعي سان ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ مرتب ڪيو، جنهن ۾ هيءُ نالو چار دفعا ’قاضي قاذن‘ هڪ دفعو ’قاذن (قاضن)‘ ۽ فقط هڪ دفعو ’قاضن‘ جي صورت ۾ ڏنل آهي(1). طبقات اڪبري، تاريخ معصومي ۽  بيان العارفين جي فارسي عبارتن ۾ ’دال‘ کي ’ذال‘ ڪري لکڻ واري رسم تاريخي طور مڃيل ۽ مقبول رهي آهي جنهن بابت چيو ويو ته:

آنان بہ فارسي سخن مي رانند – در مَعرض دال ذال نيشانند ”ا“

قبل وي ساڪن جز واءُ بودَ دال است – ور نَه ذال معجمہ خوانند“

(يعني: جيڪي فارسي ۾ لکن ۽) بيان ڪن ٿا، سي ’دال‘ بدران ’ذال‘ آڻين ٿيا: جيڪڏهن اڳ وارو حرف واو کان سواءِ ٻيو ڪو ساڪن آهي ته دال سمجهڻ گهرجي: ورنه ذال ڪري سمجهجي).

’قاذن‘ ۾ ’ذ‘ کان اڳ وارو حرف ’الف‘ ساڪن آهي انهيءَ ڪري ’ذ‘ اصل ’د‘ آهي، يعني ته اصل لفظ ’قادن‘ آهي. انهن فارسي ماخذن کان پوءِ، هندوستان ۾ دستياب ٿيل قلمي ڪتابن ۾ جيڪي ديوناگري خط ۾ لکيل آهن (2) تن سڀني ۾ ’ڪاجي ڪادن‘ لکيل آهي جنهن مان ويتر وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي ته اصل نالو ’قاضي قادن‘ ئي هو: ’قاضي قاضن‘ هجي ها ته ’ڪاجي ڪاجن‘ ڪري لکيو وڃي ها (3). هندوستان ۾ مهدوي طريقي جي ماخذن مطابق پڻ اصل نالو ’قاضي قادن‘ آهي. محترم قريشي حامد علي خانائي انهن ماخذن جو حوالو هن طرح آندو آهي(1):

’علامه سيد حسين محمود مهدوي لکي ٿو ته قاضي صاحب جو اصل نالو ”قاضي قادن“ آهي جنهن کي مصنفن اڪثر غلطيءَ کان ”قاضي قاضن“ ڪري لکيو آهي (2). ساڳيءَ طرح سيد محمود مهدوي جو پڻ قول آهي ته ”سنڌ ۾ قاضي صاحب کي اڪثر ”قاضي قاضن“ ڪري لکن ٿا، پر هندوستان ۾ هو ’قاضي قادن‘ جي نالي سان مشهور آهي ۽ کيس انهيءَ ئي نالي سان سڏيو وڃي‘ (3).

’قادن‘ پيار ڀريو تصغير جي صورت وارو نالو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي سلڇڻو، ملنسار ۽ پيارو ٻار هو جو کيس پيار واري نالي سان ’قادن‘ ڪري سڏيائون ۽ پوءِ ان سان ئي هو مشهور ٿي ويو. ٿي سگهي ٿو ته جيئن موجوده وقت ۾ آهي تيئن ان وقت پڻ ’قادربخش‘ کي ئي پيار مان ’قادن‘ سڏيو هوندائون، ۽ اصل نالو شايد ”قادر بخش“ هجي.

خاندان

مير محمد معصوم پنهنجي ’تاريخ سنڌ‘ (تاريخ معصومي) ۾ قاضي صاحب جي سوانح بابت گهڻا اهم حوالا ڏنا آهن. ميرمحمد معصوم، ميين شاهه ڪريم جو همعصر هو ۽ ٻئي قاضي صاحب جي دور کي ويجها هئا. مير معصوم (ولادت 944هه) چوڏهن سالن جو هو جو قاضي قادن وفات (958هه) ڪئي. قاضي صاحب جي حياتيءَ بابت هيٺيون احوال گهڻي ڀاڱي مير معصوم جي ڏنل حوالن مطابق آهي. (1)

قاضي قادن جو والد قاضي ابوسعيد، ڏاڏو قاضي زين الدين ۽ (ٻن واسطن کان پوءِ) پڙ ڏاڏو قاضي قاضن هو. سندس وڏا ٺٽي ۽ سيوهڻ ۾ رهندڙ هئا(2)، جتان سندن وڏو ڏاڏو قاضي ابوالخير جيڪو وڏو عالم ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو پهريون بزرگ هو جيڪو اچي بکر ۾ رهيو ان بعد هيءُ خاندان بکر ۾ سُڪونت سببان ’بکري‘ (بکر جو) مشهور ٿيو. ۽ مير معصوم به قاضي قادن کي بکري ڪري لکيو آهي. البته وڏي ڏاڏي ابوالخير کان اڳ سندن وڏا ٺٽي ۽ سيوهڻ ۾ رهندڙ هئا. ان مان گمان نڪري ٿو ته اصل ۾ هي خاندان سيوهڻ جو هو ۽ سمن جي دور ۾ جڏهن شهر ٺٽو وڌيو ۽ حڪومت جو مرڪز بنيو تڏهن ٺٽي ۾ آيا. وڏن جي انهيءَ آڳاٽي رهائش جي نسبت سان، ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم قاضي صاحب کي ’سيوهاڻي‘ ڪري لکيو، باقي سندس اباڻو گهر بکر هو.

ڊاڪٽر دائودپوٽي ’بيان العارفين‘ ۾ آيل حوالي جي بناء تي پهريائين لکيو ته ”قاضي قاذن“ بکر جي ڳوٺ درٻيلي ۾ رهندو هو(3). ان کان گهڻو پوءِ لکيائين ته ”قاضي قاضن (قادن) اصل ۾ درٻيلي (ڊڀري) جو ويٺل هو (4). قاضي قادن جو ڪٽنب پوءِ به بکر جي قلعي ۾ رهندو آيو تان جو مهيني محرم سنه 962 هجري (1555ع) ۾ سلطان محمود خان انهن ساداتن ۽ ٻين کي قلعي مان لڏائي ٻاهر ويهاريو(5).

قاضي قادن جي والد قاضي ابوسعيد جي اولاد بابت تاريخ معصومي مان جيڪي ٿورڙا حوالا ملن ٿا تن مان هن ڪٽنب جو شجرو هن طرح نڪري ٿو.

’قاضي قاضن‘ (قادن) وڏو

(اُن جي اولاد مان)

قاضي ابوالخير

         ولادت

مير معصوم جي لکڻ موجب قاضي قادن ”وڏي عمر“ ۾ قضا جي عهدي تان استعفيٰ ڏني(1). ”وڏي عمر“ مان 75 کان 80 سالن جي عمر جو اندازو ٿئي ٿو. واقعا جي تسلسل مان گمان ٿئي ٿو ته هن 945 هه ڌاري استعفيٰ ڏني (2)، ۽ جيڪڏهن ان وقت هو 75 يا 80 سالن جي ”وڏي عمر“ جو هو ته پوءِ سندس ولادت 865- 870هه وارن سالن ۾ ٿي هوندي. راقم 1990ع ۾ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ سالن بابت ڏنل حوالن جي ڪٿ ڪندي، سندس ولادت جو سال 870 هه (1445ع) ڄاڻايو هو (1)؛ اهوئي سال مناسب معلوم ٿئي ٿو. بهرحال جيسين تائين ڪو ٻيو پڪو حوالو دستياب ٿئي تيسين تائين سندس ولادت 865- . 87 هجري وارن سالن ۾ تسليم ڪري سگهجي ٿي.

تعليم

قاضي قادن بکر ۾ ڄائو نپنو جنهن ڪري ’بکري‘ جي نسبت سان مشهور ٿيو. سندس ابتدائي تعليم بکر ۾ ئي ٿي. ان بعد وڌيڪ اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. ميرمعصوم جي لکڻ موجب:

’قرآن مجيد فرقان حميد جو ياد حافظ هو. قرائت ۽ تجويد جي پوري ڄاڻ هئس. علم حديث، علم تفسير، اصول فقہ، فقہ (۾ عالم)، تصوف (۾ وڏو عارف) ۽ علم آلات (ڪَلُن اوزارن جو انجنيري علم يا ٽيڪنالاجي) ۾ اڪابر هو. انشا پردازي ۾ سندس ڪو مٽ ڪونه هو. حساب ۽ رياضي جي به ڄاڻ هئس(2).

اها اعليٰ تعليم سنڌ ۾ گهڻو ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾، ۽ سنڌ کان ٻاهر گجرات جي شهر نهروالا (پَٽن) يا احمد آباد ۾ حاصل ڪئي هوندائين. ان وقت سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ سياسي ۽ ۽ ثقافتي ناتا هئا ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۽ عالمن ۾ ويجهائي هئي جيڪا پوءِ به گهڻي وقت تائين هلندي آئي. سنڌ وارا حج تي ويندا هئا ته به گجرات جي بندرن تان چڙهندا هئا جيڪي گجرات جي سلطانن جي سياسي ۽ مالي قوت سببان بين الاقوامي جهاز راني کان مشهور ٿي چڪا هئا.

جواني وارو دور ۽ شادي

قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فڪر مان اندازو ٿئي ٿو ته هو وڏي ذهن ۽ فهم وارو هو ۽ انهيءَ لحاظ سان وڌ ۾ وڌ پنجويهن سالن جي عمر اندر فارغ تحصيل ٿيو هوندو: يعني ته اندازاً سال 895 هه تائين هو پنهنجي اعليٰ تعليم پوري ڪري چڪو هوندو. ان بعد سندس جواني واري دور بابت ڪو خاص حوالو موجود ڪونهي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته ان کان پوءِ هن گهڻو وقت سير سياحت ۾ گذاريو.

تاريخ معصومي ۾ سندس ذڪر تڏهن اچي ٿو جڏهن شاهه بيگ ارغون محرم 926 هه ۾ ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت قاضي صاحب پنهنجي ڪٽنب سميت ٺٽي جي شهر ۾ موجود هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان سال کان ڳچ وقت اڳ سندس شادي ٿي ۽ هو عيالدار ٿي چڪو هو. بهرحال 895 هه کان وٺي 926 هه تائين ايڪٽيهن سالن جو هڪ وڏو خال آهي جنهن ۾ قاضي صاحب جي زندگي بابت وڌيڪ ويچار جي ضرورت آهي. البت هن عرصي بابت سنڌ کان ٻاهر جي تاريخن ۾ ڏنل هيٺيان ٻه حوالا غور طلب آهن:

(الف) مير معصوم جي ’تاريخ سنڌ‘ کان اڳ لکيل تاريخ ’طبقات اڪبري‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: سنه 899 هه ۾ شاهه بيگ قندهار کان چڙهائي ڪري اچي ڄام نظام الدين جي قلعدار بهادرخان کان سيبي جو قلعو فتح ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي اُتي جو حاڪم مقرر ڪيائين. سنڌ مان ڄام نِدي (سلطان ڄام نظام الدين)، مبارڪ خان (درياخان) کي چاڙهي موڪليو ۽ مقابلي ۾ سلطان محمد مارجي ويو ۽ سِيبي تي وري ڄام ندي جو قبضو ٿيو شاه بيگ پوءِ ميرزا عيسيٰ ترخان کي موڪليو جنهن (سيبي ۾) ڄام جي لشڪر تي غلبو حاصل ڪيو. پويان شاه بيگ به لشڪر سان چڙهيو ۽ ڄام نِدي جي گُماشتي (نائب) قاضي قادن کان بکر جو قلعو (بنا جنگ جي) صلح سان ورتائين.

ڊاڪٽر دائودپوٽي جي قياس موجب اهو واقعو 923 هه جو آهي (1) پر تاريخ معصوم ۾ اهڙو ڪو ذڪر ڪونهي ته شاهه بيگ بکر جو قلعو قاضي قادن کان ورتو. ٻيو ته 923 هه ۾ سنڌ جي حڪمران ڄام فيروز هو؛ نه فقط تاريخ طبقات اڪبري پر تاريخ ماثر رحيمي (جلد-2، ص-1) ۾ به قاضي قادن کي ڄام ندي جو نائب ڪري ڄاڻايل آهي. انهيءَ ڪري اهو واقعو ڄام نظام الدين (وفات 914هه) جي دور جو ئي تسليم ڪري سگهجي ٿو.

(ب) ٻيو حوالو مهدوي طريقي جي ماخذن مان ملي ٿو. سيد محمود مهدوي لکي ٿو ته سنه 903 هه ۾ سيد ميران محمد جونپوري احمد آباد کان شهر نهروالا آيو ۽ اُتي قاضي قادن جي خانقاه ۾ اچي ٽڪيو (2).

مٿين ٻن حوالن مطابق چئي سگهجي ٿو ته قاضي قادن جڏهن سنه 895 هه ڌار تعليم پوري ڪري فارغ تحصيل ٿيو ته سنڌ ۾ ڄام نظام الدين طرفان سگهوئي بکر جو قاضي مقرر ٿيو ۽ هو سنه 899 هه ۾ اتي جو قاضي هو جو، بکر جي قلعي ۽ شهر کي قتل ۽ غارت کان بچائڻ لاءِ، حمله آور شاهه بيگ سان صلح جو معاهدو ڪري قلعو ان جي حوالي ڪيائين. سمجهجي ٿو ته پوءِ هو سنڌ جي جنگ واري ماحول مان نڪري گجرات ويو ۽ اتي سير سفر ڪيائين. هو سنه 903 هه کان اڳ گجرات جي شهر نهرواله (يعني پَٽن) ۾ اچي ڪجهه وقت رهيو ۽ اتي خانقاهه قائم ڪيائين.

پر سوال آهي ته مٿين حوالن ۾ زير بحث ’قاضي قادن‘ (ننڍو) پاڻ هو يا سندس وڏو ڏاڏو قاضي قاضن، جنهن نهرواله (پَٽن) ۾ آڳاٽو خانقاهه قائم ڪئي ۽ پڻ سنه 899 ۾ بکر جو قاضي هو؟ وڏو قاضي قاضن به وڏي رسوخ وارو هو جو مير معصوم خاص طور تي سندس نالو کنيو ۽ لکيائين ته: (ننڍي قاضن) جي نسبت، پنهنجي پيءُ کان پوءِ ٻن واسطن سان وڏي قاضن تائين پهچي ٿي(1).

وڏي قاضي قاضن جي بکر تي مقرري 899 هه ۾ يا ڪجهه وقت اڳ ٿي هوندي؛ پر ان کان اڳ بکر جو قلعدار ڄام نظام الدين جو پنهنجي حويلي جو ماڻهو دلشاد نالي هو جنهن کي ڄام گادي تي ويهڻ (866 هه) بعد ٻئي سال اتي مقرر ڪيو هو(2).

درست ائين معلوم ٿئي ٿو ته سيبي ۾، شاهه بيگ جي ڀاءُ جي مارجڻ کان پوءِ، ڄام نظام الدين جي دور جي آخري سالن(3) ۾ توڙي ان بعد ڄام فيروز جي دور ۾ ارغونن طرفان حملا پئي ٿيا پر درياخان جي فوجي طاقت ۽ حڪمت عملي سببان انهن کي ناڪامياب بنايو ويو ۽ هو سنڌ طرف وڌي نه سگهيا. ٻيو ته فقط قنڌار کان شال (ڪوئٽيه) تائين شاهه بيگ جي حڪمراني قائم هئي انهيءَ ڪري طاقتور سنڌ سان جنگ جوٽي خطري ۾ پوڻ ضروري نه هو. پر سنه 922 هه ۾ بابر بادشاهه طرفان قنڌار تي ڪاهڻ جو خطرو وڌيو جنهن ڪري شاهه بيگ صلح ڪيو ۽ 923 هه ۾ قنڌار بابر بادشاهه جي حوالي ڪيائين. ان بعد ٻه سال شال ۽ سيوي ۾ نهايت تنگي ۾ گذاريائين(1) جنهن ڪري سنڌ تي حملي ۽ قبضو جو سوچيائين. ان وقت ڄام فيروز جي دور ۾ حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي جو هن پنهنجي والد جي ڪامياب سپہ سالار ۽ وڏي سربراهه درياخان خلاف قدم کنيا، ۽ بالآخر شاهه بيگ جي مدد سان درياخان کي ختم ڪرڻ جي سازش سٽي. تحفة الڪرام جي لکڻ موجب 924 هه ۾ ڄام فيروز جي ماء شاهه بيگ وٽ (درياخان خلاف) دانهن کڻي ويئي ۽ ڄام فيروز طرفان کيس حملي جي دعوت ڏنائين (2). تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام ۾ شاهه بيگ جي سنڌ تي ڪيل حملن بابت بيانن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن حملن وقت شاهه بيگ پاڻ بکر جي قلعي تي چڙهائي ڪانه ڪئي ۽ نڪو انهن حملن وقت اهو قلعو قاضي قادن کان ورتائين(3).

مهدوي طريقي ۾ داخل ٿيڻ

مير معصوم لکي ٿو ته قاضي قادن، سيد محمد جونپوري جي مريدن جي سلسلي ۾ داخل هو(4). قاضي قادن سنه 903 ۾ جڏهن سيد ميران مهدي نهرواله واري خانقاهه تي آيو تڏهن سندس مريد ٿيو، يا پوءِ 906هه ۾ جڏهن سيد ميران مهدي جيسلمير مان بکر آيو تڏهن سندس مريد ٿيو. سيد محمد جونپوري جو پهريائين بکر ۾ اچڻ قرين قياس نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ جو اُتي قاضي قادن کان سواءِ ٻيا به گهڻا نالي وارا سندس دائري ۾ داخل ٿيا، ۽ بکر پوءِ ڄڻ مهدوي طريقي جو هڪ ’دائرو‘ بنجي ويو(1). انهيءَ اهڃاڻ موجب سنه 906 هه 1500ع ۾ قاضي قادن جو بکر ۾ هجڻ قرين قياس نظر اچي ٿو، ۽ اهو پڻ قرين قياس آهي ته هو سيد ميران محمد سان گڏجي بکر مان ٺٽي آيو هجي ۽ ارڙهن مهينا کن ويندي 907 هه جي آخرتائين، جيسين تائين سيد ميران محمد مهدي ٺٽي ۾ هو تيسين تائين ٺٽي ۾ رهيو هجي.

شاهه بيگ ارغون جو قاضي قادن تي اعتماد

سنڌ ۾ قاضي قادن جي موجودگي جو پڪو پختو حوالو مهيني محرم سنه 926 هه ۾ ملي ٿو جڏهن جنگ ۾ مبارڪ خان (درياخان) جي شهادت بعد شاه بيگ شهر ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت قاضي قادن پنهنجي ڪٽب سميت ٺٽي ۾ رهيل هو. ڀانئجي ٿو ته مٿي بکر ۽ چانڊڪي طرف شاهه بيگ جي لشڪر جي حملن سببان هو ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. اهي حملا ڄام فيروز جي وقت ۾ سال 920 هه کان پوءِ شروع ٿيا. انهن حملن ۾ شاهه بيگ جي لشڪر ضرور بکر تي قبضو ڪيو هوندو، پر شاهه بيگ پاڻ چانڊڪي طرف کان حملا ڪيا.

جنگ بعد ٺٽي شهر ۾ قتل و غارت وارو سمان هو ۽ ماڻهن جا اهلِ عيال بند ۾ هئا. اهڙي خوف ۽ هراس واري وقت ۾، قاضي قادن خلق خدا کي بچائڻ لاءِ، پنهنجي انشا پردازي ۾ قابليت ۽ مضمون نگاري ۾ مهارت کان ڪم وٺي، هڪ زوردار عريضو تيار ڪيو جنهن جو شاه بيگ تي ايڏو اثرٿيو جو فوري طور تي لشڪر کي شهر وارن کي ايذائڻ کان روڪيائين. مير معصوم لکي ٿو ته:

’آخرڪار قاضي قاضن جي ڪوششن سان جيڪو ان وقت جي وڏن (عالمن) فاضلن مان هو، غضب جي باهه اُجهاڻي. خود قاضي جو اهل عيال به قيد ٿيل هو ۽ هن ديوانن وانگر ٺٽي جي گهٽين ڳلين ۾ پنهنجي وڃايل ڪٽنب کي پئي ڳوليو: سو آخر عبارت آرائي سان هڪ رقعو لکيائين جنهن ۾ خلق جي تباهي جو احوال درج ڪيائين. اهو رقعو امام حافظ محمد شريف، شاه بيگ کي ڏيکاريو. ان جي پڙهڻ ساڻ شاه بيگ جي دل تي زبردست اثر ٿيو ۽ پڙهو گهمايائين ته فوج مان ڪوبه ماڻهن جي مال ۽ عيال کي هٿ نه لائي. ان کان سواءِ پنهنجي ترڪش جو هڪ تير قاضي کي ڏنائين ۽ ساڻس پنهنجو ماڻهو گڏي ڏنائين ته جنهن ڏانهن به قاضي اشارو ڪري سو سندس حوالي ڪن(1).

هن بيان مان قاضي قادن جو خلق خدا کي بچائڻ جي جذبي ۽ مضمون نگاري ۾ سندس مهارت جو اندازو ٿئي ٿو، جو رقعو پڙهندي ئي شاه بيگ جي دل تي ايڏو وڏو اثر ويٺو جو يڪدم ماڻهن جي امن امان لاءِ پڙهو گهمايائين. ان سان گڏ، قاضي قادن لاءِ سندس دل ۾ ايڏي وڏي عزت ٿي جو مٿس ڪُلي طور تي اعتماد ڪيائين ۽ اختيار ڏنائي ته جنهن کي چاهي تنهن کي آزاد ڪرائي.

قاضي قادن اها ذميداري ڪيتري قدر پوري ڪئي سو ڄاڻايل ڪونهي؛ پر سندس اعليٰ علمي لياقت، خلق خدا جي خير خواهي ۽ سندس اخلاقي جرائت ايتري هئي جو خوف ۽ هراس جي وقت ۾ به فاتح حڪمران کي حق جي ڳالهه چيائين، ۽ ان جو وڏو اثر ٿيو. شاه بيگ جو مٿس پڪو اعتماد ٿي ويو ۽ هن کيس ملڪ جي انتظام ۽ امن لاءِ پنهنجو مشير ڪيو. ٺٽي ۾ صلح جو معاهدو ٿيو جنهن ۾ سيوهڻ تائين هيٺيون ملڪ ڄام فيروز جي حوالي ٿيو ۽ سيوهڻ ۽ ان کان مٿي شاه بيگ حڪمران ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي تباهي کان بچائڻ کان پوءِ ڄام فيروز کي بچائڻ ۾ قاضي قادن جو هٿ هجي. اهو گمان انهيءَ ڪري ٿئي ٿو جو هن معاهدي بعد جڏهن خان مبارڪ خان (درياخان) جي پُٽن محمود خان ۽ مِٺڻ خان مقابلي لاءِ ٽلٽي وٽ لشڪر گڏ ڪيو ۽ صفر مهيني (926 هه) جي آخر ۾ شاه بيگ به ٺٽي کان سيوهڻ طرف ڪُوچ ڪيو ته هن قاضي قادن کي ’محمود خان ڏانهن موڪليو ته جيئن خيرخواهي طور کين مخالفت کان موڙي صلح لاءِ آماده ڪري. قاضي صاحب وٽن ويو پر هو کيس ملڻ لاءِ راضي نه ٿيا(1). ٻِئي بيان موجب (هنن قاضي صاحب جي صلاح مڃي) ۽ هو صلح لاءِ شاه بيگ وٽ اچڻ لاءِ تيار ٿيا، پر مخدوم بلال رحه کين منع ڪئي. بالآخر ٽلٽي وٽ وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ فتح شاهه بيگ جي ٿي.

ائين ڀانئجي ٿو ته قاضي قادن جڏهن ميان محمود خان ۽ مٺڻ خان کي نه ملي سگهيو ته بکر هليو ويو. ٽلٽي کان پوءِ شاهه بيگ سيوهڻ تي قبضو ڪيو، ۽ پنهنجا عملدار مقرر ڪري، سيبي ۽ شال (ڪوئيٽه) طرف هليو ويو جتي سندس پٽ مرزا شاهه حسن هو. پويان ڄام صلاح الدين گجرات مان لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاه ڪئي ۽ ڄام فيروز کي شڪست ڏيئي ڪي ڏينهن ٺٽي تي قبضو ڪيائين. ڄام فيروز مدد لاءِ شاه بيگ کي لکيو، ۽ ٻئي طرف ڄام صلاح الدين واپس وڃي گجرات مان وڏو لشڪر وٺي آيو. ڄام فيروز ٺٽي مان ڀڄي اچي سيوهڻ ۾ شاه بيگ جي عملدارن سان مليو ۽ سندس مدد سان ڄام صلاح الدين جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. شاهه بيگ کي جڏهن اها خبر پهتي ته هن مرزا شاهه حسن کي يڪدم روانو ڪيو. مرزا شاه حسن 14 محرم سنه 927 هه تي شال (ڪوئيٽه) مان روانو ٿي ڏهن ڏينهن ۾ (صفر جي پهرئين هفتي ۾) سيوهڻ پهتو ۽ اتي ڄام فيروز ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلاح مصلحت ڪيائين. شاهه بيگ به پويان تڪڙو ڪوچ ڪندو آيو ۽ جڏهن سيوهڻ پهتو تڏهن قاضي قادن کي صلاح مصلحت لاءِ گهرايائين(1). قاضي قادن ڪهڙي صلاح ڏني سو معلوم ناهي، پر شاهه بيگ پاڻ سيوهڻ ۾ ئي رهي پيو ۽ ڄام فيروز ۽ مرزا شاه حسن کي لشڪر ڏيئي ڄام صلاح الدين جي مقابلي لاءِ موڪليائين. ايندڙ واقعات مان معلوم ٿئي ٿو ته شاه بيگ شايد ڪجهه وقت قاضي صاحب کي صلاح مصلحت لاءِ پاڻ وٽ رهايو، پر پوءِ هو واپس بکر هليو ويو.

مهيني ربيع الثاني سنه 927 هه ۾ شاه بيگ سيوهڻ مان باغبان پهتو ۽ اُتي منزل ڪيائين ۽ پوءِ ماڇين کي جنگ ۾ شڪست ڏنائين. مرزا شاه حسن به جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد (جنهن ۾ ڄام صلاح الدين مارجي ويو) باغبان ۾ اچي شاه بيگ سان مليو. اتان پوءِ شاه بيگ سيوهڻ جي قلعي ۾ منزل ڪئي ۽ قلعي جي مرمت ڪيائين، جايون ٺهرايائين، ۽ حڪومت جو انتطام ڪيائين. ان بعد هو بکر ڏانهن روانو ٿيو، ۽ چانڊڪي پرڳڻي ۾ پهچي منزل ڪري اتي جو انتظام درست ڪيائين، ان بعد بکر ڏانهن ڪوچ ڪيائين؛ ۽ پڻ قاضي قادن کي گهرايائين؛ بک کان ٽن منزلن تي هو جو قاضي صاحب اچي حاضر ٿيو ۽ عزت آبرو سان سرفراز ٿيو(1).

سنڌ جو قاضي القضات

مٿي ڄاڻايل مهيني ربيع الثاني کان پوءِ ٻه مهينا کن لنگهيا هوندا جو اندازاَ مهيني جمادي الثاني (927 هه) جي آخر ڌاري شاه بيگ بکر پهتو هوندو، جتي مير معصوم جي لکڻ موجب قاضي قادن پنهنجن ڀائرن ۽ شهر وارن کي ساڻ ڪري اچي سندس سلامي ٿيو(2). ان حوالي مان ظاهر آهي ته بکر ۾ قاضي قادن جو مان مرتبو مڙني ۾ مٿاهون هو. شاه بيگ هڪ سال بکر ۾ رهيو ۽ ان عرصي ۾ بکر جو قلعو نئين سر ٺهرايائين(3) ۽ ملڪ ۾ انتظام قائم ڪيائين. ان هڪ سال جي عرصي تائين قاضي قادن سندس اعتماد وارو مشير رهيو: يعني عملي طور تي بکر جي نئين تخت گاه شهر ۾ ملڪ جو وڏو قاضي (”قاضي القضات“) ٿي رهيو.

ڌاريجن وڏيرن جو معاملو

انتظامي عمل جي سلسلي ۾ شاه بيگ جي بکر ۾ اچڻ ساڻ ڌاريجن اڳواڻن جو معاملو پيش آيو. مير معصوم جي لکڻ موجب، شاه بيگ، سلطان محمود خان کي، جنهن جي عمر 15 سال هئي، قلعي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو هو ۽ اتي جي ساداتن ۽ ڌاريجن اڳواڻن کي جيڪي شاه بيگ سان شامل هئا، سندس مدد ۽ قلعي جي حفاظت جي تاڪيد ڪيائين. پر ڌاريجن اڳواڻن پوءِ مخالفت ڪئي ۽ قلعي مان نڪري ٻاهر ٿيا ۽ روهڙي جي ميدان تي جنگ جي تياري ڪيائون ۽ سلطان محمود طرفان موڪليل امينن جي بيعزتي ۽ بي حرمتي ڪري پوئتي موٽايائون. ٻه ڀيرا دريا ٽپي حملو ڪيائون ته جيئن قلعي ۾ داخل ٿي سلطان محمود خان کي قيد ڪن، پر ساداتن قلعي جا بُرج جهليا ۽ مقابلو ڪيو جنهن ڪري هو ڪامياب نه ٿيا. سلطان محمود اها سڄي ماجرا پنهنجي والد مير فاضل ڏانهن لکي موڪلي جيڪو چانڊڪي ۾ شاه بيگ سان گڏ هو. هن اهو خط شاه بيگ جي آڏو رکيو ۽ پاڻ بکر ڏي روانو ٿيو. جڏهن ويجهو پهتو ته مَهرن جو اڳواڻ لالي مهر پنهنجن ڀائرن سميت اچي سلامي ٿيو. اهو ڏسي ستيتاليهه ڌاريجا اڳواڻ به بنا سوچ سمجهه جي اچي مير فاضل سان مليا(1) جن کي هو دم دلاسو ڏيئي ساڻ ڪري اچي قلعي ۾ داخل ٿيو. اُهي سڀ اتي ئي هئا جو شاه بيگ به اچي پهتو ۽ سندس آڏو ڌاريجن وڏيرن جو معاملو پيش ڪيائين. شاهه بيگ، سلطان محمود خلاف انهن اڳواڻن جي مخالفت ۽ قلعي تي حملن کان اڳ ۾ ئي آگاه هو، پر وري به اعتماد جوڳن ماڻهن يعني ته ساداتن (جن ڌاريجن جي حملي وقت قلعي جو بچاءُ ڪيو) ۽ قاضي قادن (جيڪو شهر جو وڏو قاضي هو) کان پڇيائين: قاضي قادن پاڻ قلعي ۾ هو ۽ هن ڌاريجن اڳواڻن جا ڪيل حملا ڏٺا هئا پر تنهن هوندي به ڌاريجن اڳواڻن خلاف سنئون سڌو ڪجهه چوڻ بدران، مجموعي طور سان، ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي حوالي سان، جملي فساد ڪندڙن خلاف راءِ ڏنائين. قاضي قادن، جنهن ٺٽي شهر کي تباهي کان بچايو ۽ ٽلٽي واري خوفناڪ جنگ کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ ۾ امن امان خاطر پنهنجي راءِ ديانتداري سان ڏني، چيائين ته،  ”ملڪ جي هن ڀاڱي جي زمين سيلابي آهي جنهن ۾ ڪانڊيرا گهڻا ٿا ٿين، ڪانڊيرن ڪڍڻ وارو کَهيڙو هميشہ هٿ ۾ هجي“ (1). آخر ۾ هن راءِ ٻڌڻ بعد شاهه بيگ انهن ستيتاليهن اڳواڻ جي قتل جو حڪم ڏنو(2).

سال 928 هه جي سياري ۾ شاهه بيگ گجرات کي فتح ڪرڻ لاءِ بکر مان روانو ٿيو ۽ 15 ڏينهن سيوهڻ ۾ رهيو. اتان پوءِ اگهم جي شهر ۾ (حيدرآباد کان 12 ميل ڏکڻ-اوڀر) منزل ڪيائين جتي 22- رمضان 929هه (آگسٽ 1522ع) تي وفات ڪيائين.

مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه بيگ جيسين تائين بکر ۾ هو ته قاضي قادن به اتي هو؛ سنه 929 هه ۾ شاهه بيگ جي وفات تائين سندس اتي هئڻ قرين قياس نظر اچي ٿو.

شاهه بيگ جي حڪمراني (محرم 926- شعبان 928هه) واري دور ۾ شاهه بيگ جو قاضي قادن تي وڏو اعتماد هو. اهڙو خاص حوالو موجود ڪونهي ته قاضي قادن کي شاهه بيگ بکر جو قاضي مقرر ڪيو پر جئن ته بکر جي قلعي ۽ شهر ۾ هو وڏي ۾ وڏو عالم هو، انهيءَ ڪري بکر قلعي ۽ شهر ۽ لاڳو حدن جا فيصلا سندس ئي حوالي هئا.

شاهه بيگ جي وفات بعد ڀانئجي ٿو ته قاضي قادن بکر مان ٺٽي ۾ ڄام فيروز وٽ ويو. پهرين شوال 929 هه ۾ ميرزا شاه حسن نصرپور ۾ تخت نشين ٿيو ۽ اتان جڏهن هو ٺٽي ۾ آيو تڏهن ڄام فيروز، حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي حاجي مفتي هٿان ميرزا شاه حسن ڏي سوکڙيون موڪليون. ٻئي حوالي ۾ قاضي حاجي مفتي بدران قاضي قادن جو نالو آهي (1). هن حوالي کان قطع نظر مير معصوم چٽو ڪري ڄاڻايو آهي ته:

”ميرزا شاه حسن جو قاضي قادن تي وڏو راض ٿيو ۽ کيس گادي جي شهر بکر ۽ ٻئي سڄي علائقي جي محڪمہء قضا مٿان مقرر ڪيائين. (ان عهدي وقت) جيڪي به فيصلا سندس آڏو شرعي قضا لاءِ پيش پئي ٿيا تن ۾ ڪمال احتياط، امانت، دينداري ڏيکاريائين. وڏي عمر ۾ ان وڏي عهدي تان استعفيٰ ڏنائين ۽ پوءِ اهو منصب سندس ڀاءُ قاضي نصرالله کي مليو(2).

عهدي تان استعفيٰ ۽ وفات

مير معصوم واضح طور ڪونه ڄاڻايو آهي ته قاضي قادن ڪهڙي سال ۾ استعفيٰ ڏني پر سندس هيٺين حوالن مان ڪنهن حد تائين ان سال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ته مرزا شاه حسن جي دور ۾ 15- جمادي الثاني 950 هه (1543ع) ۾ جڏهن ملتان جي حاڪم بخشو لانگاهه بکر جي قلعي تي حملو ڪيو تڏهن ارغون- ترخان اڳواڻن سان گڏ قاضي قادن جي فرزند قاضي عيسيٰ خوب مقابلو ڪيو(1). ان جي معنيٰ ته: گهڻو ڪري، اُن سال قاضي عيسيٰ بکر جو قاضي هو جو قلعي جي مدافعت لاءِ مقابلو ڪيائين (جيتوڻيڪ کيس ان وقت ڪنهن ٻئي شهر جو قاضي به تصور ڪري سگهجي ٿو). بهرحال 950 هه ۾ قاضي قادن بکر جو قاضي ڪونه هو. ان سال کان اڳ سندس ڀاءُ قاضي نصرالله بکر جو قاضي هو ۽ جيڪڏهن هو چار پنج سال قاضي رهيو هجي ته اندازا 945 هه ڌاري قاضي قادن استعفيٰ ڏني هوندي. ان بعد هو حج تي ويو. سندس روانگيءَ کان پوءِ 947 هه ۾، درٻيلي جو عالم شيخ عبدالله متقي گجرات مان ٿيندو حج تي ويو ۽ مديني شريف ۾ وڃي قاضي قادن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو(2). ظاهر آهي ته قاضي قادن 947 هه کان اڳ استعفيٰ ڏيئي حج تي ويو هوندو.

آخر عمر ۾ مديني شريف ۾ وڃي رهڻ مان گمان ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پوءِ اتي ئي رهي پيو ۽ زندگي جا باقي ڏينهن اتي ئي گذاريائين. هو پنهنجي دور ۾ ايڏي وڏي شان شهرت واري شخصيت جو مالڪ هو جو جيڪڏهن بکر، سيوهڻ، درٻيلي يا ٺٽي ۾ سندس وفات ٿئي ها ته هوند سندس مزار زيارتگاه طور اڄ تائين موجود هجي ها. مير معصوم جي لکڻ موجب قاضي قادن سنه 958 هه (1551ع) ۾ وفات ڪئي (3)


(1) تاريخ معصومي، ايضاً ص 119

(1) تاريخ معصومي، ايضاً ص 121

(2) تاريخ معصومي، ايضاً ص 123، ”قاضي قاضي نيز در همان وقت برادران و بعضي مردم شهر را بملازمت مشرف ساخت“

(3) ترخان نامي جي مصنف ڄاڻايو آهي ته شاه بيگ هڪ سال بکر ۾ رهيو (شايع ڪيل، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع، ص 22). مير معصوم جي هڪ بيان موجب، شاه بيگ ”سنه 928 هه جي سياري جي شروعات ۾ بکر مان گجرات جي فتح لاءِ روانو ٿيو (ص 125)،“ پر اهو بيان وڌيڪ صحيح ائين ٿيندو جيڪڏهن ’سياري جي شروعات‘ بدران ’سياري جي پڇاڙي‘ تسليم ڪجي. ٻئي بيان ۾ (124) مير معصوم لکي ٿو ته ”هڪ سال“ لڳو جو ان عرصي ۾ قلعو ٺهرايائين ۽ انتظام درست ڪيائين ۽ ان بعد سخت حملو ڪري بلوچن جي بغاوت ختم ڪيائين. تحفة الڪرام مطابق پڻ ”پوري سال ۾“ قلعي جي عمارت سازي ٿي (فارسي متن، صفحو 26، سنڌي ترجمو 1957ع، ص 145).

(1) آڳاٽين زباني روايتن موجب، ڌاريجن ۽ مهرن قبيلن ۾ نزاع هو. اصل ۾ طاقتور ڌاريجا هئا، پر پوءِ مهرن پنهنجي طاقت وڌائي ۽ ڌاريجن کي بي دخل ڪرڻ لڳا. مهر سردارن پنهنجي ڏاهپ سان نئين حڪمران شاه بيگ جي سپہ سالار امير فاضل ڪوڪلتاش ۽ سندس سندس پٽ محمود خان جو اعتماد حاصل ڪري ورتو؛ پر ڌاريجن باوجود انهيءَ جي جو شاه بيگ مٿن اعتماد ڪيو هنن سلطان محمود خلاف بکر جي قلعي تي حملا ڪيا: شايد هنن کي شڪ جاڳيو هو ته مير فاضل ۽ سندس پٽ سلطان محمود مهرن جا طرفدار آهن.

(1) تاريخ معصومي، فارسي متن، ص 123

(2) اهڙو ڪو تاريخي حوالو موجود ڪونهي ته شاهه بيگ ”جيڪي به ڌاريجا سردار بکر ۾ موجود هئا تن کي هڪدم قتل ڪرائي ڇڏيو“ (جيئن ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم سندس مضمون ”قاضي قاضن سيوهاڻي“ ۾ لکيو). فقط اهي ستيتاليهه اڳواڻ قتل ٿيا جيڪي مير فاضل سان گڏ بکر جي قلعي ۾ اندر آيا.

(1) تاريخ معصومي، فارسي متن، ص 142

(2) ايضاً، صفحا 205- 206

(1) تاريخ معصومي، فارسي متن، 205-206،

(2) ايضاً، صفحو 181

(3) ايضاً، صفحو204

(1) تاريخ معصومي (فارسي متن، ص 202) ۾ اصل الفاظ ”در کِبر سنِ ازان امر خطير استعفا نمود“ . کِبرسن“ مان پوڙهپڻ واري وڏي عمر جو مفهوم نڪري ٿو.

(2) ايضاً، ص 204

(1) ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، 1411هه/ 1990ع، ص223.

(2) تاريخ معصومي، فارسي متن، 201

(1) تاريخ طبقات اڪبري جي مٿئين حوالي (جلد-3، صفحو 517) تي ڊاڪٽر مرحوم اها راءِ ’تاريخ معصومي‘ تي سندس لکيل حاشين ۾ صفحي 302 (حاشيه نمبر-1) تي ڏني آهي.

(2) ڪتاب ’حيات پاڪ‘ (اردو) تصنيف سيد محمد يدالله مهدوي، ڇپيل حيدرآٻاد دکن، ص 182. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ان خانقاهه جا آثار- دروازا، حجرا، حوض، حمام ۽ مسجد جا نشان باقي موجود آهن. هيءُ حوالو هن کان اڳ قريشي حامد علي خانائي پنهنجي مضون ”مهدي جونپوري ۽ قاضي قادن“ ۾ آندو آهي جيڪو سنه 1996ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو طرفان شايع ڪيل ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ (ص- 116) ۾ ڇپيو.

(1) ”نسبت اُو از جانب پدر به دو واسطه درميان بہ قاضي قاضن مي رسد باين طريقي قاضن بن (قاضي) ابوسعيد بن قاضي زين الدين بن قاضي قاضن“ (تاريخ معصومي)، فارسي متن، صفحو 201.

(2) تاريخ معصومي، فارسي متن ص-74.

(3) فرشته جي لکڻ موجب، ميرزا عيسيٰ هڪ حملو بالڪل ڄام نظام الدين جي حياتي واري آخري سال ۾ ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ جي لشڪر جي هار ٿي؛ ڄام نظام الدين جنهن 62 سال ڪاميابي سان حڪومت ڪئي هئي، اها هار ڏسي بيمار ٿيو ۽ وفات ڪيائين. (تاريخ فرشته: جلد- 4 صفحو 619. پڻ حاشيه تاريخ معصومي، فارسي، ص- 302).

(1) تاريخ معصومي، فارسي متن،

(2) تحفة الڪرام، فارسي متن، ص-54، سنڌي ترجمو ص- 138

(3) تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام مان واقعا جو تسلسل هن طرح معلوم ٿئي ٿو: 921 هه ۾ شاهه بيگ سيوي (سِبي) مان لشڪر موڪليو جنهن ڳاهن ۽ باغبان جي ديهن کي ڦُريو (تحفةَ الڪرام فارسي، ص-53، 54، سنڌي ترجمو ص-38). تاريخ معصوم مطابق 924 هه ۾ شاهه بيگ ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ جي تياري ڪئي ۽ 925 هه ۾ شاه بيگ جي لشڪر ڪوٽ ماڇيان ۽ چانڊڪي تي ڪاهي ڦر لٽ ڪئي. هن بکر بدران فتحپور، گنجابہ (گنداوا) کان پوءِ باغبان (لڳ دادو) جو رخ ڪيو ۽ پوءِ لکي جبل واري پاسي کان (يعني جهانگارا- باجارا- ٿاڻي بولاخان واري پاسي کان) محرم 926 هه ۾ ٺٽي پهتو (تاريخ معصومي، فارسي ص- 113).

(4) ”درسلک مريدان و معتقدان سيد محمد جونپوري که به ميران مهدي مشهور است انتظام داشت“ (ايضا ص-201)

(1) آدم شاهه جا مرشد شيخ ابوبڪر جتوئي ۽ شيخ الياس لنگراج هن دائري جا بزرگ هئا. بکر جي رضوي ساداتن مان مير محمد يوسف آڳاٽو سيد ميران محمد مهدي جي وڏي خليفي شيخ دانيال جي فيض مان بهره ور ٿيو. ڪن روايتن موجب سيد ميران محمد جيسلمير کان نصرپور پهتو، پر قديم وقت کان وٺي جيسلمير کان سنڌ طرف ايندڙ واٽ روهڙي بکر واري پاسي کان رهي آهي. ائي سمجهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته سيد ميران محمد بکر کان پوءِ نصرپور آيو.

(1) تاريخ معصومي، فارسي، متن صفحا 114-115.

(1) ايضاً، صفحو 116: ”و جناب قاضي قاضن رانزد محمود ولد دريا خان فرستاد تا بنصايح ارجمند و مواعظ سودمند آن مردم را از باريہ مخالفت بہ جاده اطاعت خواند“.

(1) تاريخ سنڌي المعروف به تاريخ معصومي، فارسي متن، تصحيح مرحوم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڇپيل بمبئي 1938ع، صفحا 202- 204 وغيره.

(2) ايضاً صفحو 302 (ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ”تاريخ طبقات اڪبري“ ، جلد-3، صفحو 517 تان نقل ڪيل حوالو).

(1) ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ ، سنه 1937ع وارو پهريون ڇاپو، صفحا 26، 38- 87، 94 ۽ 112. هن اشاعت جي صفحي 25 جي حاشيي ۾ ڊاڪٽر مرحوم پاڻ به ’قاضي قادن‘ ڪري لکيو، جيتوڻيڪ ”نئين زندگي“رسالي (ماه سيپٽمبر 1950ع) ۾ پنهنجي مضمون جو عنوان ”قاضي قاضن سيوهاڻي“ ڪري لکيائين. راقم کي تازو ’بيان العارفين‘ فارسي قلمي جو عڪس دستياب ٿيو آهي جنهن ۾ جتي ڪٿي ’قاضي قاذن‘ لکيل آهي (جيتوڻيڪ موجوده دور جي ڪنهن صاحب ’قاذن‘ کي ڪاٽي ”قاضن‘ ڪري لکڻ جي مشق ڪئي آهي).

(2) انهن جو ذڪر هيٺ ايندو.

(3) هن موضوع تي راقم ڪجهه وقت اڳ پنهنجي هڪ مضون ”قاضي قادن جي نالي جي وضاحت“ (ماهنامو ’پيغام‘ مارچ 1979ع) ۾ پڻ تفصيل سان روشني وڌي آهي. ان بعد وڌيڪ ماخذ مطالعي هيٺ آيا آهن جن جو ذڪر باب-2 هيٺ ايندو.

(1) مهدي جونپوري ۽ قاضي قادن (مضمون)، ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1996ع، ص-119.

(2) سيد حسن محمود: المهدي الموعود، شمسيہ چنچل گوڙ، حيدرآباد دکن، سال 1358 هه، ص- 316.

(3) سيد محمود يدالاهي: حيات پاڪ، حيدرآباد دکن، ص- 182.

(1) تاريخ معصومي، ايضاً، ص ص 188- 189 ڏسو صفحا: 114، 116، 119، 121، 123، 142، 181، 188-189، 200- 202، 204

(2) مير معصوم جي اصل عبارت: ”ايشان در بلده تهته وسيوستان، سڪونت داشتہ اند (ص 200)

(3) ايضاً، صفحا 188- 189

(4) ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ ، بمبئي 1356هه/1937ع، صفحو 25 (حاشيو)

(5) مضمون”قاضي قاضن سيوهاڻي“ ، رساله ”نئين زندگي“ ، مهينو سيپٽمبر 1950ع.

 

 

2

قاضي قادن جي بيتن جون روايتون ۽ انهن جا ماخذ

 

بيتن جون روايتون

قاضي قادن جا بيت هيٺين ٽن روايتن ذريعي اسان تائين پهتا آهن جن مان ٻه روايتون سنڌ جون آهن ۽ هڪ روايت سنڌ کان ٻاهر گجرات- راجسٿان جي آهي. هيٺ انهن ٽنهي روايتن جي وضاحت ڪجي ٿي.

• سنڌ ۾ بکر- سيوهڻ جي روايت. قاضي قادن بکر ۾ ڄائو ۽ درٻيلي ۾ رهيو، ۽ سندس وڏا اصل ۾ سيوهڻ شهر يا علائقي جا هئا. انهيءَ ڪري، سندس بيت سيوهڻ ۽ بکر طرف مشهور رهيا هوندا، پر اتان جي روايتن مان فقط پنج بيت ٻن جدا سلسلن ذريعي محفوظ رهيا آهن. هڪ روايت ان طرف جي ذاڪرن (سماع جي راڳ وارن) جي آهي جيڪي ملتان جي بزرگن جي سلسلي سان وابسته هئا، ۽ جن سنڌي بيت لاهور ۾ شيخ عبدالجليل جي خانقاه تي سماع جي محفلن ۾ پڙهيا جيڪي ’تذڪره قُطبيہ‘ ۾ ڏنل آهن. انهن مان هڪ بيت قاضي قادن جو تسليم ڪري سگهجي ٿو. پر قاضي قادن جا گهڻا بيت يا سڄو رسالو سيوهڻ ۽ پاٽ جي عالمن عارفن وٽ محفوظ هو جيڪي پوءِ لڏي وڃي برهانپور (هندوستان) ۾ ويٺا ۽ جن وٽان پوءِ وڏي عالم محمد غوثي گهڻا بيت ٻڌا ۽ انهن مان چئن چونڊ بيتن جو مفهوم فارسي نثر ۾ پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ ڏنائين جن جو تفصيل اڳتي ايندو.

• سنڌ ۾ ٺٽي جي روايت. ٺٽو ان وقت سنڌ جي گادي جو شهر هو ۽ قاضي قادن اُتي ايندڙ ويندڙ هو ۽ پڻ هڪ بيان موجب هو سلطان ڄام نظام الدين جي دور ۾ بکر جو قاضي هو جنهن ڪري ٺٽي سان سندس ويجهو تعلق هو. ٺٽو علم جو مرڪز هو ۽ اتي وڏا عالم ۽ عارف موجود هئا جن کي قاضي قادن جي بيتن جي ڄاڻ حاصل ٿي. انهن بزرگن کان پوءِ ميين شاهه ڪريم اهي بيت ٻڌا ۽ پنهنجي مريدن فقيرن آڏو پڙهيا جيڪي پوءِ سندس ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۾ قلمبند ٿيا. بعد ۾ شاه عبداللطيف کي ’بيان العارفين‘ وارا بيت توڙي ٻيا بيت اتي جي بزرگن کان مليا جيڪي شاه جي رسالي جي مختلف قلمي دستخطن ۾ ڏنل آهن. ٻه ٻيا ماخذ آهن ’حڪايات الصالحين‘ ۽ ملفوظات ’خزانة المعرفة‘ ، جن ۾ شامل بيت اتر توڙي لاڙ جي روايتن جا ٿي سگهن ٿا.

• سنڌ کان ٻاهر گجرات-راجسٿان ۾ دادُو دَيال جي روايتدرويش دادو ديال قاضي قادن کان پوءِ ٿيو پر هو احمد آباد ۾ ڄائو، گجرات ۾ رهيو ۽ غالباً سنڌ ۾ به آيو، ۽ اتي هن قاضي قادن جا بيت ٻڌا ۽ مٿس وڏو اثر پيو. پوءِ هن اهي بيت پنهنجن پوئلڳ ساڌن سنتن آڏو نصيحت طور پڙهيا ۽ پڻ پنهنجي يادگار گرنٿ ۾ هڪ جدا باب هيٺ شامل ڪيا. ان وقت يا کانئس پوءِ، سندس سنتن ساڌن پڻ پنهنجن گرنٿن ۾ اهي ساڳيا ۽ ڪي ٻيا بيت لکيا. انهن مان موجوده تحقيق تائين چار گرنٿ دستياب ٿيا آهن جن کي هن ڪتاب ۾ جيپور گرنٿ-6، سنتون ڪي واڻي، وَرهد ۽ جيپور گرنٿ-4 جي نالن سان بحث هيٺ آندو ويو آهي.

قاضي قادن جي بيتن جا ماخذ

مٿين روايتن وارا قاضي قادن جا بيت ڏهن ڪتابن ۾ موجود آهن جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. انهن ڪتابن مان هرهڪ ۾ جيڪي بيت شامل آهن تن جو تفصيل هن ڪتاب جي ڀاڱي ٽرئين ۾ ’ضميمي‘ طور ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي روايت وارا ماخذ

1- تذڪره قُطبيہ

2- گلزار ابرار

3- بيان العارفين

4- شاهه جو رسالو

5- حڪايات الصالحين

6- ملفوظات ’خزانة المعرفت‘

گجرات- راجٿسان ۾ دادو ديال جي روايت وارا ماخذ

7- جيپور گرنٿ-6

8- سنتون ڪي واڻي

9- ڪتاب ورَهد

10- جيپور گرنٿ-4

    (الف) سنڌ جي روايت

1- تَذڪِره قُطبيہ

هيءَ ڪتاب ’قطب العالم‘ شيخ عبدالجليل جي سوانح عمري ۽ ملفوظات بابت آهي ۽ سندس مريد جمال الدين ابوبڪر الله آبادي 946- 953 هه (1540-1545ع) وارن سالن ۾ لکيو. ان ۾ ڪي بيت ڏنل آهن جيڪي سنڌ جي قوالن ذڪر ۽ سماع جي محفلن ۾ ڳايا (*). انهن مان هيٺيون بيت، موضوع ۽ اسلوب بيان جي لحاظ سان، قاضي قادن جو آهي جيتوڻيڪ نالو ڏنل ڪونهي.

جو گهڙي سو ني، ڪو جو قهر ڪَلاچ ۾

خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رَنڊيو.

انهن سماع جي محفلن وارو زمانو قاضي قادن جو آهي، ڇاڪاڻ جو شيخ عبدالجليل سنه 910هه (1504ع) ۾ وفات ڪئي. هيءُ بيت سنڌي ذاڪرن شيخ عبدالجليل آڏو سماع جي محفل ۾ پڙهيو يعني سنه 910 هه کان اڳ پڙهيو جنهن وقت قاضي قادن جي عمر چاليهه سال هئي، هن بيت جو موضوع انسان جي اندر وارو سرڪش نفس آهي جنهن کي قاضي قادن ڪَلاچي جي ڪُنَ ۾ ويٺل مانگر مڇ سان تشبيهه ڏني. اهو بيت قاضي قادن جي حياتي واري دور جو آهي ۽ قاضي قادن جي تسليم ڪري سگهجي ٿو. اهڙي تصديق ان مان به ٿئي ٿي جو ڪَلاچي جي ڪُن وارو موضوع دادو ديال واري روايت ۾ به قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿو.

2- ڪتاب گلزار ابرار*

هن ڪتاب جو مصنف محمد غوثي شَطاري مانڊوي (هندستان جي شهر مانڊو جو رهندڙ) آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي ڇهه سئو ٻارهن عالمن ۽ صوفين مشائخن جو ذڪر آهي جن مان ويهن کان مٿي اصلي وطن جي لحاظ سان سنڌ جا آهن. انهن مان هڪ ’قاضي قادن‘ آهي. مصنف 998- 1022 هه (1590- 1413ع) وارن سالن ۾ حالات گڏ ڪري هيءُ تذڪرو تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جو ٿورو ذڪر به گهڻي جي برابر آهي، ڇاڪاڻ جو مصنف هڪ ته قاضي قادن جي دور کي ويجهو هو، ۽ ٻيو ته کيس قاضي قادن بابت احوال سنڌ جي اهڙن وڏن عالمن کان مليو جن مان ڪن قاضي قادن کي ڏٺو هو.

محمد غوثي، قاضي قادن جي وفات (958 هه) کان چار سال پوءِ 962 هه ۾ ڄائو. هُو شاه عبدالڪريم (ولادت 944 هه) جو ننڍو همعصر هو. محمد غوثي کي برهانپور ۾ سنڌ مان آيل بزرگن کان قاضي قادن جو احوال مليو. هو سنه 991 هه ۾ يا ٿورو پوءِ، اعليٰ تعليم لاءِ برهانپور پهتو جتي سنڌ جي بزرگن جو هڪ خاص پاڙو (محلو) آباد هو ۽ سنڌ مان اڳ يا پوءِ آيلن مان ان وقت وڏا سنڌي عالم ۽ صوفي عارف موجود هئا. غوثي اتي خاص طرح وڏي عالم حڪيم بن عيسيٰ سنڌي کان اعليٰ تعليم ورتي. سنه 994 هه ۾ هو في الحال پنهنجي شهر مانڊُو موٽي ويو، پر سنڌ جي عالمن استادن جي علم ۽ اعليٰ اخلاق جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو ڇهن ستن سالن بعد (يا ان کان اڳ) 11- صدي هجري جي شروع ۾ هو برهانپور موٽي آيو ۽ وڌيڪ اعليٰ تعليم توڙي روحاني فيض حاصل ڪيائين. اتي هو ’سنڌي پاڙي‘ ۾، وقت جي عالم ۽ عارف مسيح الزمان شيخ عيسيٰ سنڌي، محمد بن عبدالله سنڌي، بابو سنڌي، شيخ لاڏن جيو سنڌي ۽ سندس فرزند شيخ عثمان سنڌي جو ويجهو پاڙيسري ٿي رهيو.

يارهين صديءَ هجري جي پهرئين ڏهاڪي ۾ اتي رهائش واري عرصي ۾ (1) محمد غوثي کي سنڌي بزرگن کان سنڌ جي عالمن عارفن بابت ڪافي معلومات ملي. هو وڏي عالم شيخ طاهر سنڌي ۽ سندس مريد شيخ اسحاق قلندر سنڌي جي همسايگي مان ڪافي مستفيد ٿيو. شيخ اسحاق قلندر سنڌي (وفات 1010 هه) قاضي قادن جو ننڍو معاصر هو. سنڌ ۾ هن پنهنجي اوائلي زندگي سير سفر ۾ گذاري ۽ سنه 945 هه قاضي قادن جي حج تي وڃڻ بعد سير سفر ترڪ ڪري اچي برهانپور ۾ شيخ ظاهر سنڌي جي خذمت ۾ رهيو ۽ ويندي وفات (1003هه) تائين اتي گذاريائين.

هڪ ٻيو عارف صوفي ابراهيم بن عمر هو جنهن محمد غوثي جي برهانپور ۾ اچڻ (994 هه) کان اڳ وفات ڪئي. محمد غوثي سندس ذڪر هن طرح ڪيو آهي:

’ذڪر شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي. سندس ابدي آرامگاهه شهر برهانپور جي حدن اندر اُتر طرف بنائي وئي آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ ماڻهن توڙي ٻين دل وڻندڙ شين کان گوشائتو ٿي گذاريائين. چون ٿا ته هو قاضي قاضن جي همنشينن مان هو جنهن وحدت وجود جي بيان ۾ بيش بها جواهر (بيت) پنهنجي زبان (سنڌي) ۾ نظم جي ڌاڳي ۾ پُوتا آهن ۽ پڻ ان سلسلي ۾ دليل قائم ڪيا آهن، ڪن جو چوڻ موجب هو سيد محمد جونپوري جو معتقد هو‘ (1)،

معلوم ٿيو ته درويش ابراهيم سنڌ ۾ قاضي قادن جو صحبتي (همنشين) هو، ۽ قاضي قادن جي حج تي وڃڻ کان پوءِ، يا اتي سندس وفات (958 هه) کان پوءِ، هو سنڌ مان برهانپور ۾ آيو. هڪ روايت موجب هو سال 974 هه کان اڳ برهانپور اچي چڪو هو(2). شيخ اسحاق قلندر سنڌي به سنه 955 هه کان پوءِ برهانپور ۾ سڪونت پذير ٿيو. سمجهجهي ٿو ته شيخ ابراهيم ۽ شيخ اسحاق قلندر، برهانپور ۾ سنڌي صوفين عارفن جي انجمن ۾ قاضي قادن ۽ سندس عارفانه ڪلام کي متعارف ڪرايو، ڇاڪاڻ جو جڏهن محمد غوثي برهانپور ۾ هو تڏهن انهن جو ذڪر ان وقت اُتي هلندڙ هو.

محمد غوثي ’گلزار ابرار‘ ۾ قاضي قادن جو ذڪر جدا طور سندس نالي سان به ڪيو آهي (1)، جنهن ۾ هن سندس چيل چئن بيتن ۾ سماعيل مفهوم هيٺينءَ طرح فارسي ترجمي جي صورت ۾ ڏنو آهي:

[1] ’ڪَنز‘ ۽ قدوري پڙهڻ سان معرفت جي مهڪ ذري

جيترو به منهنجي دماغ ۾ ڪانه آهي؛

جو ڪجهه حاصل ٿيو سو هن ڪائنات (جي مطالعي) مان ٿيو.

[2] سڀني زبانن ۾ ’لا‘ جي ڪلمي سان تنهنجي نفي ڪئي وئي آهي؛

پر تون اڃان به پنهنجي اثبات پويان لڳل آهين!

[3] ’لا‘ ڪنهن جي به نفي نٿو ڪري،

جڏهن ته ’ما سواءِ حق‘ کي هستي آهي ئي ڪانه!

[4] اسين جنهن جا مشتاق آهيون

سو غور سان ڏسجي ته اسين پاڻ ئي آهيون!

هي اصل عبارتن جو (فارسي مان اردو ۽ اردو مان سنڌي ۾) ترجمو آهي. محمد غوثي اهو ترجمو يا مفهوم لکندي وضاحت ڪئي آهي ته ”هر ڪلام جي لطافت ان اصل ٻولي جي پنهنجي اسلوب بيان ۾ آهي جنهن ٻوليءَ ۾ اهو چيو ويو هجي“ . پڻ وڌيڪ وضاحت ڪيائين ته: قاضي قادن جا اهڙا عارفانه بيت ايترا ته گهڻا آهن جو لکي پورا نه ڪري سگهبا. مٿيون مفهوم هيٺين چئن بيتن جو آهي:

[1] ڪنز، قُدوري، ڪافيَہ ڪِي ڪونه پڙهئوم

اُو پاڙهه ئي ڪو ٻيو، جئان پرين لڌوم.

[2] توکي توڙائين ’لا‘ سين لاٿائون

اڃان پڻ ’آئون‘ ، واريو وِجهين وِچ ۾.

[3] ’لا‘ لاهيندي ڪن کي، ’لا مورهين ناه

بالله ري پريانہ، ڪَٽُ نه ڏسي ڪي ٻئو.

[4] اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ

هاڻي وڃ گمان، صحيح سڃاتا سپرين.

اهي چارئي بيت ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهن پر شاهه عبدالڪريم جڏهن بيت نمبر-2 ۽ بيت نمبر-4 ( ’بيان العارفين‘ ۾ نمبر78 ۽ نمبر 79، صفحو 93) پڙهيا تڏهن ائين ڪونه ڄاڻايائين ته ڪو اهي بيت قاضي قادن جا آهن.

3- ڪتاب ”بيان العارفين وتنبيہ الغافلين“

هيءُ ڪتاب ميين شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات آهي جنهن ۾ فقيرن آڏو، بيان ڪيل سندس عارفانه وضاحتن ۽ ارشادن جو ذڪر آهي. شاه عبدالڪريم 20- شعبان 944 هه (1538ع) تي ڄائو ۽ 7- ذوالقعده 1032 هه (1623ع) تي وفات ڪيائين. قاضي قادن جي وفات 958 هه/ 1551ع) وقت هو چوڏهن پنڌرهن سالن جو هو، ۽ اهو هڪ اهڙو وڏو ڏکائتو واقعو هو جو نوجوان شاه ڪريم ضرور اُن جو ٻڌو هوندو ۽ قاضي قادن جو نالو سندس ڪنن تي پيو هوندو. جيڪڏهن چاليهن سالن جي عمر ۾، سنه 984 هه ڌاري، ميون شاه ڪريم سلوڪ ۽ طريقت جي تصوف واري فڪر ۾ مشغول ٿيو هجي ته ان وقت تائين هو قاضي قادن ۽ ٻين اڳين عارفن جي قولن ڪلامن کان وڌيڪ واقف ٿيو هوندو: ان وقت کان وٺي سندس پنهنجي وفات تائين، هن انهن جا بيت، وعظ ۽ نصيحت طور، پنهنجن فقيرن آڏو پڙهيا. انهيءَ لحاظ سان، ”بيان العارفين“ ۾ قاضي قادن يا ٻين سالڪن جا جيڪي بيت ڏنل آهن سي ميين شاه ڪريم سندس پنهنجي زباني اندازاً 944- 1032 هه (1566- 1623ع) واري عرصي ۾ فقيرن آڏو پڙهيا. سندس وفات کان ڇهه سال پوءِ، ٺٽي شهر جي سندس مريد محمد رضا انهن بيت مان ڳچ بيت جيڪي کيس يا ٻين کي ياد هئا سي ٻڌي سڻي ”بيان العارفين“ ۾ قلمبند ڪيا. هو لکي ٿو ته: ”مون حضرت پير جي ڪامل فرزندن، خاص خليفن ۽ دلي مريدن ۽ خادمن وٽان، جن تي سندن مهر جي نظر هئي، ۽ جن سندن صحبت ۾ گهڻو وقت گذاريو هو، سياڻپ جا سخن، وعظ ۽ نصيحت جون موچاريون ڳالهيون، بلند ڪرامتون، سنڌي بيت ۽ توحيد جا عجيب غريب دقيقا سڻي (هن ڪتاب ’بيان العارفين وتنبيہ الغافلين ۾) گڏ ڪيا“ . اهو ڪتاب هن فارسيءَ ۾ مهيني رجب سنه 1038 هه (1629ع) ۾ لکي پورو ڪيو.

قاضي قادن بابت ميين شاه ڪريم ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن کان ڪافي ڪجهه ٻڌو هوندو، جتي هو گهڻو ايندڙ ويندڙ ۽ ٽڪندڙ هو. مڪلي تي هڪ ماڳ اڃان تائين ميين شاه ڪريم جي چِلي طور مشهور آهي. شاه بيگ جي حملي وقت قاضي قادن ٺٽي ۾ موجود هو، ۽ جئن ته ٺٽو ان وقت سنڌ جو ’تختگاه‘ هو انهيءَ ڪري قاضي قادن جهڙي وڏي عالم ۽ وڏي رتبي ۽ عهدي واري قاضي جو اتي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو هوندو. انهيءَ ڪري ٺٽي ۾ سندس معتقدن، صحبتين ۽ ٻين سالڪن وٽ سندس بيتن جو ذخيرو محفوظ رهيو جنهن مان پوءِ ميين شاه ڪريم کي به ڀاڱو مليو.

ميين شاه ڪريم پنهنجن فقيرن آڏو جيڪي بيت پڙهيا سي وعظ ۽ نصيحت طور پڙهيا: سندس مقصد هو ته انهن بيتن ۾ سماعيل معنيٰ ذريعي هو اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت وارا نُڪات بيان ڪري. اهڙي بيان وقت، ڪن بيتن جي سالڪن شاعرن جا نالا به ورتائين پر هر بيت پڙهڻ وقت ضروري ڪونه سمجهائين ته ان بيت چوندڙ سالڪ جو نالو به وٺي. جڏهن هيٺيون بيت پڙهيائين، جنهن ۾ ’پِراڙ‘ قبيلي جي شاعر جو نالو پڌرو هو تڏهن به ان بابت وڌيڪ ڪجهه نه چيائين:

چَندنُ چُور ڪَرِيندي، رَتو مُہُ ڪُهاڙُ

سَڄَڻُ ڏُڄَڻُ نه ٿِيي جي رُسي سَئُووارَ

پَرُوڙِئو پِراڙَ، ته ڪَرَهِيندي قُربُ  ٿِيي.      (ص 48)

پر قاضي قادن جو درجو مٿاهون هو ۽ سندس بيت وڏي اهميت وارا هئا؛ انهيءَ ڪري ڪم از ڪم ستن بيتن پڙهڻ وقت سندس نالو ورتائين: باوجود ان جي، ڪن ٻين بيتن پڙهندي قاضي قادن جو نالو ڪونه ورتائين.

جيئن ته سلوڪ ۽ تصوف جو وڏي ۾ وڏو رازدان قاضي قادن هو انهيءَ ڪري ميين شاه ڪريم سندس گهڻا بيت مثال طور پڙهيا هوندا، پر محمد رضا ۽ ٻين کي اهڙا بيت جيڪي قاضي قادن جي نالي کان سواءِ هئا سي ياد نه رهيا. ميين شاه ڪريم يقيني طور قاضي قادن جا اهڙا بيت به پڙهيا جن ۾ سندس نالو ڪونه ورتائين: اهڙي تصديق ڪن ٻين ماخذن مان ٿئي ٿي جيڪي هاڻي دستياب ٿيا آهن. اهڙن بيتن جو تجزيو ۽ تفصيل هن ڪتاب جي ’ٽئين ڀاڱي ضميمي‘ هيٺ ڏنو ويو آهي.

4- شاهه جو رسالو

’شاهه جو رسالو‘ جدا جدا قلمي يا ڇاپي رسالن جي صورت ۾ موجود آهي جن ۾ ٻن قسمن جا بيت شامل آهن: هڪڙا اهي جيڪي شاهه عبداللطيف جا پنهنجا چيل آهن، ۽ ٻيا اُهي جيڪي ٻين عارفن، سالڪن ۽ شاعرن جا آهن(1). انهن ۾ قاضي قادن جا بيت پڻ شامل آهن جيتوڻيڪ انهن بابت اڳ ڪا سڃاڻپ ڪانه ٿي سگهي.

شاهه صاحب 1102 هه (1690ع) ۾ ڄائو ۽ سنه 1165 هه (1752) ۾ وفات ڪيائين. هو چاليهن سالن جي عمر ۾ 1142 هه (1719ع) ڌاري ’ڀٽ‘ تي سڪونت پذير ٿيو، ۽ اتي فقير سندس خذمت ۾ رهڻ لڳا. ان وقت کان وٺي شاهه صاحب سندس سلوڪ واري رهاڻ ۾ پنهنجا ۽ ٻين سالڪن جا بيت فقيرن آڏو پڙهيا: يعني 1142 هه کان وٺي وفات واري سال 1165 هه تائين (1729- 1752ع)، قاضي قادن جا ڪي بيت فقيرن آڏو پڙهيائين ۽ شايد ڪي اهڙا بيت ڪن ٻين به سندس آڏو پڙهيا؛ انهن مان جيڪي لکيا ويا سي پوءِ رسالن ۾ داخل ٿيا، جيتوڻيڪ ائين ڪونه ڄاڻايو ويو ته اهي قاضي قادن جا آهن. انهن کي هيٺينءَ طرح وراهي سگهجي ٿو.

(الف) ڪي بيت ساڳيا اهي آهن جيڪي ”بيان العارفين“ ۾ موجود آهن، جيڪو ڪتاب شاه صاحب سان سفر ۾ به گڏ هوندو هو. اهي بيت شاهه صاحب کي ميين شاهه ڪريم جي روايت ذريعي مليا.

(ب) انهن کان سواءِ ’شاهه جي رسالي‘ ۾ قاضي قادن جا ٻيا بيت اهي آهن جيڪي شاهه صاحب سنڌ جي ٻين سالڪن، عارفن ۽ عالمن کان ٻڌا جن سان سندس روح رهاڻ ٿي. انهن جي تصديق ميين شاه ڪريم کان پوءِ واري دور جي درويش دادو ديال جي سلسلي جي ڪتابن مان ٿئي ٿي جن جو ذڪر اڳتي ايندو.

(ج) ٻيا اهي بيت آهن جيڪي ’بيان العافين‘ يا دادو ديال جي روايت وارن گرنٿن ۾ موجود ناهن پر ٻولي، اسلوب بيان ۽ فڪر جي لحاظ سان سڃاڻي سگهن ٿا ته قاضي قادن جا آهن.

شاهه جي رسالي ۾ شامل مٿين جملي بيتن جو تفصيل ’ڀاڱي ٽرئين ضميمي‘ ۾ ڏنو ويو آهي.

5- ڪتاب حڪايات الصالحين

ڪتاب ”حڪايات الصالحين“ عبدالله بن اَسعد بن علي اليافَعي جي عربي ڪتاب ’رَوض الرِياحِين‘ جو فارسي ۾ ترجمو آهي جيڪو ڪنهن سنڌي عالم ڪيو ڇاڪاڻ جو شروع ۾ چيو اٿس ته: ”اگر رساله شريف حکايات الصالحسين را ترجمہ شود بعبارت سهل فارسي در فهميدن از زبان سند“ ؛ وري آخر ۾ ”بعضي فقراء سند کہ مطابق حروف ”فمي به شوقي“ از استفاده آن رساله محروم مي باشد“ . مترجم پنهنجو نالو آڻڻ چاهيو ٿي ۽ ”بنده بي مقدار ياوه گفتار زشت کردار که در زبان سند هم زاز خواهي نمايد و در حل الفاظ هيج قوت ندارد“ وارا الفاظ لکيائين پر ان عبارت کان پوءِ وارو صفحو هن وقت دستياب قلمي نسخن ۾ موجود نه آهي جو وڌيڪ سڃاڻپ ٿي سگهي.

هن ڪتاب جي ڪن صفحن جي حاشين تي مترجم پاڻ يا پوءِ ٻئي ڪنهن سنڌي بيت لکيا. ڪتاب جي ٻن نقل ٿيل نسخن ۾ فارسي متن توڙي سنڌي بيتن جو قلم ساڳيو آهي؛ يعني ڪاتب ساڳيو آهي، انهيءَ ڪري اهي بيت دير ۾ دير ته به 1168 هه (55- 1754ع) ۾ لکيا ويا.

هن وقت ان ترجمي جا ٻه قلمي نسخا مطالعي لاءِ موجود آهن جن مان (الف) نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ (نمبرص-1/14) آهي جيڪو 1160 هه ۾ شاه عبداللطيف جي وفات کان پنج سال اڳ نقل ٿيو ۽ (ب) نسخو ڊاڪٽر نواز علي شوق وٽ آهي جيڪو 1168هه ۾ شاه جي وفات کان ٽري سال پوءِ نقل ٿيو. ٻنهي ۾ ڏنل حڪايتون گهڻي ڀاڱي ساڳيون آهن ۽ جيتوڻيڪ ترتيب ۾ ڪٿي فرق آهي؛ ٻنهي جي ڪن صفحن جي حاشين تي سنڌي بيت فارسي خط ۾ لکيل آهن جن مان اٺاويهه ٻنهين ۾ ساڳيا آهن ۽ باقي ٻيا الڳ الڳ آهن. (الف) نسخي ۾ پنجٽيهه (35) بيت ۽ (ب) نسخي ۾ شروعاتي صفحن تي چار بيت (هڪ هڪ سٽ سان) اڻپورا ۽ انهن کان سواءِ ٻيا اٺانوي بيت سڄا آهن (*). (ب) نسخو غالباً اڳ جو لکيل آهي ۽ ان ۾ بيتن جو انتخاب به قدامت جي لحاظ سان ڪيل آهي.

انهن بيتن جي مطالعي ۽ تجزيي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان جملي پنجويهه بيت قاضي قادن جا قرار ڏئي سگهجي ٿا، جن مان ٻارهن بيت ٻين ماخذن جي تصديق مطابق قاضي قادن جا آهن، ۽ باقي تيرهن بيت ٻولي، اسلوب بيان، سلوڪي موضوعن ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ايستائين قاضي قادن جا تسليم ڪري سگهجن ٿا. جيستائين اُهي ڪنهن ٻئي سالڪ جي ثابت ٿين. انهن بيتن جو تفصيل، ڀاڱي ٽرئين ضميمي ۾ ڏنو ويو آهي.

6- خزانة المعرفت

هيءُ ڪتاب پير صاحب پاڳاري جناب صبغت الله شاهه (اول) جي ملفوظات آهي (*) جنهن جو جامع (گڏ ڪندڙ) سندن فرزند پيرڳارو جناب علي گوهر شاهه ’اصغر‘ آهي. جناب صبغت الله شاه جي سجادگي جو دور (1233- 1246هه) سالن وارو آهي ۽ جناب علي گوهر شاه اصغر جي سجادگي جو دور (1246- 1263هه) سالن وارو آهي. هن ملفوظات ۾ شامل بيتن مان چار بيت، قاضي قادن جا آهن پر بنا نالي ڏنل آهن. انهن مان پهريان ٻه بيت ’گلزار ابرار‘ (مٿي نمبر-2) ۾ موجود آهن ۽ پويان ٻه بيت قاضي قادن جي بيتن جي اسلوب بيان سان سڃاڻي سگهجن ٿا. اُهي بيت 1233- 1246 هه واري عرصي ۾ جناب صبغت الله شاهه اول جي زباني بيان ٿيا. جنهن مان ظاهر آهي ته ان وقت تائين قاضي قادن جا سالڪانه بيت سنڌ ۾ عارفانه فڪر واري رس رهاڻ ۾ هلندڙ هئا. اهو ممڪن آهي ته جناب صبغت الله شاه اهي بيت پنهنجي والد حضرت محمد راشد (1170- 1223 هه) جي زباني ٻڌا هجن جيڪو پنهنجي وقت ۾ قادري طريقي جو اڳواڻ ۽ عارف بالله هو: ’خزانة المعرفت‘ وارا چار بيت، ڀاڱي ٽرئين ضميمي هيٺ ڏسڻ گهرجن.


(*) تفصيل لاءِ ڏسو، راقم جي تصنيف ڪيل ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ٽيون ڇاپو، 1990ع، صفحا 206- 210.

* هڪ عالم فضل احمد جيوي ”گلزار ابرار“ جو فارسي مان اردو ۾ ”اذڪار ابرار“ جي نالي سان ترجمو ڪيو جيڪو سال 1326 هه ۾ آگري ۾ ڇپيو. وري سنه 1395 هه ۾ ساڳئي ڇاپي جو عڪس لاهور مان ڇپيو آهي. هيٺ ڏنل معلومات ’اذڪار ابرار‘ جي روشني ۾ ڏني وئي آهي.

(1) غالباً شيخ لاڏن جيو جي وفات 1007هه) بعد به غوثي برهانپور ۾ رهيو جو لکيو اٿس ته ”شيخ لاڏن جيو جو پٽ شيخ عثمان راقم جو همسايه آهي“ (ص 263). البت ٻيءَ جاءِ تي سندس ذڪر هيٺ سندس نالو ”لاد“ ڇپيل آهي جنهن کي هن کان اڳ ”لاڏ“ ڪري سمجهيو ويو. صحيح ”لاڏن جيو“ (لاڏن ۾ جِيو) ئي ٿيندو.

(1) اذڪار ابرار، ص 236

(2) ”برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ ، تاليف سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ 1957ع، ص 199.

(1) رسالي جي جامع ۽ مستند متن جي تياري لاءِ تحقيق ڪندي، سٺ کان وڌيڪ ٻين شاعرن جا بيت مختلف رسالن ۾ لکيل مليا آهن جن جو تفصيل جلد- 10، ”رسالي جو ڪلام“ (ڇپيل 1996ع، صفحا 53- 58) ۾ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي جو شروعاتي مضمون رسالي ’نئين زندگي‘ (مئي 1997ع) ۾ شايع ٿيو.

(*) پهرئين ٽن اڻپورن بيتن کان سواءِ، باقي بيتن جي عَڪس ۽ پڙهڻين جي تفصيل بابت ڊاڪٽر نواز علي شوق جو رسالي سه- ماهي مهراڻ (آڪٽوبر، ڊسمبر 1991ع) ۾ ڇپيل مضمون ”اَڻ لڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو“ ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي بيت صحيح طور تي پڙهيا ويا آهن. دوباره غور بعد انهن مان ڪي بيت جزوي درستين سان لکيا ويا آهن. (ڏسو ڀاڱو ٽريو، ضميمو).

(*) خزانہ المعرفت، ملفوظات شريف پير سائين پاڳارو صبغت الله شاه اول، ڇپايل جمعية العلماء سڪندريہ، درگاه عاليہ، پيرجوڳوٺ، سنه 1411 هجري (راقم جو لکيل مقدمو، صفحا 43- 46)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org