سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :4

 

ناقص علم ۽ عمل

 

(1)

پِتو ڦِٿو پيٽ ۾، وَڍي مُلا ماهُ

ڌائِين ڏِني ڌوڙ ۾، الله اوري آهَ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (60)، سنتون ڪي واڻي (60)، ورهد (65).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ: پهرين سٽ ۾ صحيح لفظ ’مُلا‘ آهي، ۽ نه مُلان‘ ؛ ’مُلان‘ ماه ڪونه وڍيندو، ۽ نڪي حڪيم يا ويڄ کي سنڌ ۾ ’مُلان‘ سڏبو آهي. هيءُ بيت اڻ ڄاڻ ويڄ يا نيم- حڪيم بابت چيل آهي. ’مُلا‘ معنيٰ وٽان. مُلا ماه يعني ٻاهران ماس کان. ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’ڏوئين ڏتي‘ جنهن کي ’ڌائين ڏني‘ (= ٽٻي هنئي) ڪري پڙهبو ته صحيح ٿيندو، معنيٰ ٿيندي:

• معنيٰ

ــــ مرض اندر ۾ آهي ۽ پتو پيٽ ۾ ڦاٽو آهي، پر هو (نيم- حڪيم) وري ٻاهران ماس (ماهَ) وٽان پيو وڍ ڏئي:

ــــ هن (ويڄ) ته سُڪي ڌوڙ ۾ ٽٻي هنئي آهي (صاف غلطي ڪئي آهي)، باقي الله ئي آهي جو منهنجي آه کي اوري ۽ اگهائي.


 

عِلت ۽ عادت

عَلتَ وڃي ئي نا، عادَت ڪڏهين نه جاءِ

اُٺَ ڪَڻڪين ڇَڏِيو، چُڻ جُوَاسا کاءِ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (65)، سنتون ڪي واڻي (65)، ورهد (61).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. علت ۽ عادت جو انسان جو ڪردار تي وڏو اثر پوي ٿو: چڱي عادت ڪردار کي سنواري ٿي ۽ بري عادت اخلاق کي بگاڙيٿي. شروعاتي هير جي پڪي ٿيڻ سان ’عادت‘ پوي ٿي، ۽ عادت جي پڪي ٿيڻ سان اها ’علت‘ بنجي ٿي ۽ انسان کي ڪنهن به عمل تي مجبور ڪري ٿي. تقويٰ ۽ پرهيزگاري مان انسان بري عادت ۽ علت کان بچي ٿو ۽ پڻ پيدائشي علت کي هاڃيڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائي سگهي ٿو. انسان جيڪڏهن حيوان ٿي هلندو ته عادت ۽ علت جو غلام ٿيندو، ڇاڪاڻ جو جانور پنهنجي عادت ۽ علت جو تابع آهي جيڪا اُن جي سرشت ۾ سمايل آهي. اٺ جي اها عادت ۽ علت جو ٻيا گاه ڇڏي جُوانسو گاهه کائي؛ سائي ڪڻڪ ۾ ڇڏبس ته به چونڊي جوانسو چرندو.

شاهه عبداللطيف پوءِ ساڳي معنيٰ کي کولي ورجايو ته:

آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مُگريون چَري

ڪڌاتورو ڪرهو لڪيو لاڻي کاءِ

ان مَيي سندين ماء، ڳالهين مون ڳوڙها ڪيا.

-

کائي نه کٽڻهار، چندن جا چوپا ڪري

اگر اوڏو نه وڃي، سَرکنڊ لهي نه سار

لاڻِيءَ جِي لَغار، مَيو متارو ڪيو.

بيت جي معنيٰ:

ــــ علت ڇڏيس ئي نه، عادت ڪڏهين نه وڃي

ــــ اٺ کي سائي ڪڻڪ ۾ ڇڏيو ته به چونڊي جوانسو گاهه کائيندو.

(2)

توڙي وڃي رُوَمَ، ناههِ نَصيبُون اڳرو

ماني مٿي ٿوم، جئَن جو لکيو چِٺي ۾.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (109)، سنتون ڪي واڻي (109)، ورهد (6)

• پڙهڻي. جيئن ته بيت ۾ سمايل خيال مشهور پهاڪي وارو ئي آهي، انهيءَ ڪري بيت جي پڙهڻي صحيح ائين ٿيندي جئن مٿي ڏني وئي آهي. چٺو= روز ازل وارو لکيو. ’چٺي ۾‘ ، يعني روز ازل واري لکيل چٺي ۾.

• معنيٰ:

ــــ جيڪڏهن (ڪو شوم) کڻي روم وڃي، ته به پنهنجي نصيب کان اڳتي وڌي نه سگهندو:

ــــ (سندس واسطي کائڻ لاءِ) ساڳي ماني ٿوم سان هوندي، جيئن ان لاءِ روز ازل کان لکيل آهي.

(3)

سِيچاڻا تي سِينهَن، ڏونهَئِين وسَنِ جهنگ ۾،

سي کَڙ کاوَن ڪِيئَن، ماسُ جِنهِين کي لِکيو.

• ماخذ. جيپور گرنٿ-6 (113)، سنتون ڪي واڻي (113).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ ’تي‘ بدران ’اَتي‘ ۽ ’ڏوهئين‘ بدران ’ڏُوئِن‘ آهي، ٻيءَ سٽ ۾ ’سي‘ بدران ’سو‘ ۽ جِنهين کي‘ بدران ’جنهين ڪو‘ آهي. اهي پڙهڻيون بيت کي راجستاني لهجي ۾ پڙهڻ سان رائج ٿيون.

• معنيٰ:

ــــ شهباز ۽ شينهن، ٻنهي جو گذر جهنگ ۾ آهي:

ــــ اهي گاهه (کڙ) ڪيئن کائيندا، جو انهن جو پيدائشي طعامو ئي گوشت آهي.

’شاهه‘ جي رسالي‘ ۾ ’سر سِينهن ڪيڏاري‘ جو بيت آهي ته:

نينهن سِيچاڻي سِينهن، ٽنهي قصد ڪباب سين،

رات کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀوڻن بُکيا.

 

(4)

ڪَڍي ڪاڄُوراء، جَني ٻج نه پوکيو

راهون روحُ رُچَندِيُون تَني کي ڪِياء.

• ماخذ: حڪايت الصالحين (26)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ: ڪاڄُورا= ڪک ڪَهڄَر. راهُون= اَن جون راهُون، جهجهو ان. روح رچنديون= دل وڻندڙ. ڪياء= ڪيئن، ڪٿان (ملنديون).

ــــ جن ڪَک ڪهڄر ڪڍي (زمين صاف ڪري، کيڙي) ٻج نه پوکيو

ــــ تن کي مَن وڻندڙ وڏيون راهُون اَنَ جون ڪيئن ملنديون!

(5)

هَر هَر فال ڪريندِيان، راڌي ڳَئي وِها

وڃ پُڇو سانوڻ سُتِيَان لابي لنگَهڻ آ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (103)، سنتون ڪي واڻي (103)، ورهد (101).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. وقت تي ڪم نه ڪرڻ واري عادت سببان نقصان سهڻ بابت هاريءَ جي غفلت جو مثال ڏنل آهي. غافل هاري، ٻني جي جهنگ وڍڻ، نار يا هرلي چاڙهڻ ۽ چالو ڪرڻ، هر ٻڌڻ ۽ ٻج گڏڻ وقت فالون پائيندا ۽ سوڻ ڳوليندا. جيڪڏهن واڌائي واري فال نه پئي، يا سوڻ سوَلو نه ٿيو، ته وري تاريخ مٽائيندا. ائين دير ڪندي ڪندي پوکڻ واري مند وڃائي ڇڏين، ۽ جڏهن ٻيا لابارا ڪن ته هي بک ۾ لنگهڻ ڪڍن. فال ڪرينديان= فالون ڪندڙ يا فالون وجهندڙ؛ راڌي= ٻج پوکڻ جي پوري مند يا مهل؛ سانوڻ سُتيان= سانوڻي جي مند ۾ (جيڪا پوکڻ جي پوري مند آهي) سمهندڙن، غفلت ڪندڙن ۽ پوک جي تياري نه ڪندڙن؛ لابي= لاباري جي وقت. لنگهڻ= بک، فاقو. معنيٰ ته:

ــــ جيڪي (پوک جي ڪم ڪرڻ بدران) هر هر فالون پيا پائين (۽ وقت وڃائين) تن کان ٻج پوکڻ جي مند وهامي وئي (مهل هٿان هلي وئي)؛

ــــ سانوڻي جي مند ۾ سمهي رهندڙن کان وڃي پڇو ته لاباري جي وقت (جڏهن ٻيا نئون انُ پيا پيهن، پچائين ۽ کائين) فاقو ڇا ٿيندو آهي!

 

سورهيائي ۽ خود اعتمادي

 

(1)

تان تان سُورهيه سَڀڪو، جان جان مَههَ نه مِڙَنِ

رُڪَ وهنديءَ سامُهُون سُورهيه سي جاوَنِ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (72)، سنتون ڪي واڻي (72)

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي ڀيٽ سان وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ: ’مَهائين‘ معنيٰ وڏا سورهيه. ٻيءَ سٽ ۾ ’جاوَن‘ معنيٰ ’وڃن‘.

ــــ تيسين تائين ته هرڪوئي سورهيه آهي (پاڻ کي سورهيه ٿو سڏائي) جيسين تائين (جنگ جي ميدان ۾) وڏا پهلوان نه گڏيا آهن (ساڻن منهن مقابل نه ٿيا آهن).

ــــ سورهيه اهي آهن جيڪي ترارين لڳندي (رڪ وهندي) سامهون وڃن ۽ منهن مقابل ٿين.

(2)

ڏَرڻي چَئُه مَ اِيئن، پَنجَئي اَڀَ ڪارَڙا

جِتِ ڀَڙ مِڙندَا ڀِينئن، تِتِ لَڀندي مُڙسانہِ ڪَرَ.

• ماخذ: حڪايت الصالحين (12)

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل ’ڏرڻي‘ (= اي ڏرڻي). وڌيڪ صحيح پڙهڻي ’ڌَرِ نِي‘ = جَهِل ني، چُپ ڪر.

• معنيٰ:

ــــ ماٺ ڪر! ائين نه چَئُه ته ڪو پنجئي اڀ ڪارا آهن (سڀ هڪ جهڙا آهن)

ــــ جتي وڏا پهلوان منهن مقابل ٿيندا، بهادر مڙسن جي خبر اتي پوندي!

 

(3)

ٻُڪَ پاڻِيءُ مَنجهه، ٻاٻِيها ٻُڏِي مئا

جي تو پوي سَمجهه، تان تون ڳيرو نه ٿِيوين.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (71)، سنتون ڪي واڻي (71)

• پڙهڻي: ٻنهي ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ جي شروع وارن اصل لفظن ’نه کاء‘ تي (پهريين ڀيري رسالي ’مهراڻ‘ ۾ لکڻ وقت) غور ڪندي ’ٻه گا‘ واري صورت معلوم ٿي. پر هاڻي ٻيهر غور ڪندي هڪ صورت ’نِڪَ‘ واري صورت نظر آئي جو ’نه کا‘ (= نه ڪا) کي ’نِڪَ‘ پڙهي سگهجي ٿو. معنيٰ ’پاڻيءَ جي ننڍڙي اَڏ يا ’وَهندي‘ . (کوهر، يا تڙ مان جڏهن ’ٻوڪي‘ سان پاڻي ڪڍجي ٿو ۽ ٻاهر هارجي ٿو ته ’نِڪَ ۾ پاڻي وهي ٿو. وڌيڪ بهتر اصطلاحي معنيٰ واري پڙهڻي (به ڪا=) ’ٻُڪَ‘ ٿيندي ۽ اهائي رکي وئي آهي. آخري لفظ ’ٿيوين‘ بکر جي علائقي واري ٻولي مطابق آهي.

• معنيٰ: هن بيت جي معنيٰ ڳوڙهي آهي. ’ٻاٻيها‘ = ڳيرا. ڳيري جو هڪ قسم ’ٻاٻيهو‘ آهي، جيڪو عام ڳيري کان ننڍو ۽ وڌيڪ ڳاڙهيرڙو ۽ سهڻو هوندو آهي ۽ پڻ گهُگهلَندو ۽ مٺي ٻولي ڪندو آهي. هي سهڻو پکي آهي، پر آهي بالڪل نازڪ ۽ ضعيف. سخت گرمي به کيس ماري، ته سانوڻ جو مينهن به ان کي ماري، جو هن جا کنڀ پسن ۽ ٿورڙي پاڻي ۾ ڪِري ته به ڦٿڪي مري. هڪ آڳاٽي ’ڳاهه‘ ۾، ۽ پڻ ’شاهه جي رسالي‘ جي هڪ بيت ۾، لک ۽ گرمي سببان ٻاٻيهي جي مرڻ ڏانهن اشارو آهي:

”ته ڪر لڳنمِ لُکَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران“.

ٻاٻيهي جي گهگهلڻ بابت ڪنهن سالڪ چيو ته:

تون ڇونه گهُگهلِين ٻاٻيها، جو ٽريئي ٽول سَرياءِ:

هيٺ جر، مٿي مڃر، ٽِريا پرين پاس رهياءِ،

مون جئن ڪينِ وياءِ، سانگي لڳي سپرين!

انهن سڀني سهڻاين هوندي به، ٻاٻيهو هڪ هيڻو ۽ ضعيف پکي آهي. قاضي قادن جي هن بيت ۾ توڙي هيٺ ٻين بيتن ۾، هيڻائي ڇڏي همت ۽ حوصلي ڪرڻ جي تعليم ڏنل آهي.

ــــ ٻاٻيها ڳيرڙا ته ٿورڙي ٻُڪ پاڻيءَ ۾ ئي ٻڏي مئا!

ــــ جيڪڏهن توکي ڪا پروڙ پوي ته هوند ڳيرو نه ٿئين (پر شهباز ٿئين)

 

(4)

جي اُترِ جي لاههِ، سَڄڻ سَڀَ پَرکئِا

ري پنهنجي کَٽِئي، سُڀَر ٻري نه باهِ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (16)، ۽ شاهه جو رسالو (16)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ: ’لاهه‘ قاضي قادن جي اترئين بکر علائقي واري ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ’لاڙ‘ (يا ڏکڻ).

ــــ اتر توڙي لاڙ ۾، مون سڀ دوست آزمايا!

ــــ پر پنهنجي ڪوشش ۽ ڪمائي کان سواءِ باهه ڀرجي نه ٻرندي (مچ نه ڪندي، ڪاميابي نه ٿيندي).

(5)

تکو تِيڏوئِي وَهي، جيڏو مُنہ مِهراڻَ

ڏَيهُه سَڀوئي هِڪَڙو، ڌِير لَڌوسِين پاڻَ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (56)، سنتون ڪي واڻي (46)، ورهد (56).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان وڌيڪ صحيح ۽ صاف پڙهڻي ائين معلوم ٿئي ٿي جئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. هن بيت جو مرڪزي مفهوم اهو آهي ته: ’جيڏو وڏو حوصلو اوتري حاصلات‘

ــــ درياء (مهراڻ) تيڏوئي تکو وهندو جيڏو وڏو اُن جو مُنهن هوندو:

ــــ جهان ساڳيو هڪ ئي آهي (جنهن ۾ ماڻهو سڀ هڪ جهڙا آهن، جهڙا ٻيا تهڙا اسين:) پر وڏي ڌيرج سان ’پاڻ‘ کي پروڙيوسون.

(6)

تارَنِ جيئن تَرِين، پُسائيِن مَ مولهِيَا

پِڙُ مَ لڄَائِين، تنہ سچي دِيوانَ ۾.

• ماخذ: ورهد (86).

• پڙهڻي. ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ هيءَ بيت ڪونهي جو ڀيٽي سگهجي؛ ’ورهد‘ جي اصل لکت مان اها پڙهڻي نڪري ٿي.

• معنيٰ. تارن جيئن= جيڪي وڏا تکا تارو (ترندڙ) آهن تن وانگر.

مولهيا= پَٽڪا، مٿي تي مُوڙي ڪري ٻڌل ڪپڙا (تارو جڏهن ڪنهن وڏي پاڻيءَ مان تري ٻئي طرف ويندا آهن، تڏهن پنهنجا ڪپڙا جتي وغيره موڙي ڪري مٿي تي ٻڌي سوگها ڪندا آهن، ۽ ترڻ وقت پنهنجو سر مٿي اوچو رکندا آهن ته جيئن ’مولهيو‘ يا ’مولهاٽو‘ نه پُسي). پڙ= آزمائش وارو ميدان. ’سچو ديوان‘= (فيصلو ڏيندڙ). چڱن امينن جي مجلس، منصفن جي ڪورٽ.

ــــ (توکي گهرجي ته) تون تِکن تارُن وانگر تَرين ۽ مٿي تي ٻڌل پنهنجو مولهيو نه پُسائين:

ــــ جيئن انصاف ڪندڙ امينن جي ڪچهريءَ ۾، شرط ۽ مقابلي جو ميدان نه لڄائين (= ميدان ۾ پاڻ نه لڄائين).


 

تُرَهي سندي تاتِ

 

(1)

جان جان ڪَنڌِيَ ڪانہَ، تان تون تُرَهي تاتِ ڪَر

ڪَپَرَ سَندِي دانہَ، مَتِ اوچتِي اُلَهي.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (84)، سنتون ڪي واڻي (84)، ورهد (84).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. جان جان ڪنڌي ڪانهه= جيسين تائين جو ڪنڌيءَ لڳ ڪانهه جا وڏا ٻُوڙا بيٺل آهن. تات ڪر= سنڀال ڪر. ’تُرهو‘ (ڪانهه ۽ سَر جي ڪانن کي ڪاٺ جي ڪاين ۾ واڻي ٻڌي ٺاهبو ڄڻ ڪکائين ٻيڙي آهي): اصطلاح طور ’ٻيڙي‘ . ڪپر جو ڪَڙڪو= ڪنڌيءَ لڳ پاڻي جي چاڙهه ۽ وهڪري جوواڄٽ، درياءَ جو ڌڙڪو. مت= متان. الهي= لهي، مٿان اُٿلِي وَري، مٿان اُٿلي لپيٽ ۾ آڻي.

ــــ جيسين تائين جو (درياءَ يا واهُڙ جي) ڪنڌي لڳ ڪانهه بيٺل آهن، تيسين تائين تون پنهنجي تُرهي جي سنڀال ڪر (ان کي ٺاهه ۽ ٻَڌُ)

ــــ متان (غفلت ۽ دير سببان تنهنجي مٿان) ڪپر اوچتو ڪڙڪو ڪري اچي ڪِري.

(2)

سَنجهي سِبِي تُرهڙو، غافلَ ڇو نه وِڌوءِ

جَڏهِين لَهرِين گمُ ٿِئين، تڏهين سَنڀاريوءِ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (86)، سنتون ڪي واڻي (86)، ورهد (84).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. اصل ۾، تُلَهڙو= تُرهڙو، ننڍڙو تُرهو. سبڻ= (ڪاٺين مان گهڙيل) سُوئن سان ڪانهه جي ڪانن ۽ ڪاٺ وارن ڪايَن کي سِبي واڻي مضبوط ڪرڻ، تُرهي جو تَرُ ٻَڌڻ. لهرين گم ٿئين= لهرين ۾ لپيٽجي وئين.

ــــ اي غافل! سوير ئي، گهڻو اڳواٽ ئي، پنهنجو ننڍڙو تُرهو سِبي واڻي مضبوط ڇونه ڪيئي!

ــــ جڏهين درياءَ جي لهرين ۾ لپيٽجي وئين (۽ تُرهو ٽُٽَڻ لڳو) تڏهن وڃي سنڀاريئي!

(3)

جي تَرُ ٽُٽو تُرهَڙي، سائِرَ مَنجهه ٿِيانہِ

ڪَرِ ٻانهان پاڻيچِيَان، مَ ڪَرِ سَڏَ ٻِيانہِ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (85)، سنتون ڪي واڻي (84)، ورهد (83)

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾، اصل پڙهڻي ’تل‘ ۽ ’تُلهڙي‘ آهي (جن ۾ ’ر‘ جو اچار مٽجي ’ل‘ ٿيو آهي)، يعني ’تَرُ‘ ۽ ’تُرهڙي‘.

• معنيٰ:

ــــ جيڪڏهن (اتفاق سان) تُرهي جو تَرو ان وقت ٽٽي پوي جو تون وڏي پاڻي (سائر) ۾ هجين

ــــ ته به (پاڻي پنهنجي همت ڪر:) پنهنجي ٻانهنِ کي اوليون بناءِ (۽ پاڻهي پاڻ تري ڪناري تي سلامت پهچ) پر ٻين کي مدد لاءِ نه ٻاڏاءِ!

 

(4)

جان تُون تارُو پاڻ، تان ڀِي پُڇ تارُنِ ڪَلَ

تان تو ڪَنا سُڄاڻَ، وڃي ڪَپَرَ آهِلِي.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (87)، سنتون ڪي واڻي (87)، ورهد (85).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

پهرئين سٽ جي آخر ۾ اصل پڙهڻي ’تِڱان ڪل‘ يا ’تلڱان ڪل‘ آهي. ’تِلڱان‘ لفظ ’تن لِڱان‘ (= تن ڳنا، تن ڪَنا) جو هلڪو اُچار ٿي سگهي ٿو، پر وزن جي لحاظ سان ’تِڱان‘، پڙهي سگهجي ٿو. باوجود ان جي معنيٰ صاف نه ٿيندي: ’تن کان‘ يعني ڪنهن کان؟ غالباً اصل پڙهڻي ’تارُن ڪل‘ هئي: يعني جيڪي تارو آهن تن کان خبر پڇ.

ــــ جيتوڻيڪ تون پاڻ تارو آهين، ته به ٻين تارُن (سونهن ۽ ماهرن) کان پڇي پڪ ڪر

ــــ انهيءَ لاءِ ته اي سياڻا! تو مٿان ڪپر هٽي وڃي پاسي تي ڪِري (۽ تنهنجي مٿان نه پئي).

(5)

وِڄُ، بادَلَ ۽ واءُ، ڊڄُ نه لَهرين لَڳِيو

سَڌَرَ سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻَڏڻُ ناههِ ڪو.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (91)، سنتون ڪي واڻي (91)، ورهد (90)

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صحيح ۽ صاف پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ’جاءُ يا جانء‘ آهي جنهن کي چاءُ     (= کَڻُ) پڙهڻ سان معنيٰ وڌيڪ صاف بيهندي.

• معنيٰ. هيءُ بيت ’سمنڊ جي سفر‘ جي موضوع ۽ معنيٰ وارو آهي، جنهن ۾ ٻيڙي کي سنڀالڻ لاءِ ڪو ڄاڻو مُعَلُم، ناکئو يا سونهون کڻڻ ضروري آهي. شاه صاحب پوءِ هن موضوع کي وڌيڪ کوليو ۽ سُر سري-راڳ‘ ۽ خاص طرح سُر سامونڊري ۾ ان جا معنوي نقطا بيان ڪيا ته:

سُونهان سُڌيون ڏين، هن ديواني درياء جون

-

سونهَنِ جي صلاح، وٺ ته وِير لنگهي وڃين.

بيت جي معنيٰ:

ــــ کنوڻ، جهُڙ ۽ طوفان واري حالت ۾، وڏين لهرين لڳندي ڊڄ نه:

ــــ همت وارو ناکئو سونهون ڪري پاڻ سان کڻ، ته ٻيڙي جي ٻڏڻ جي ڪو خطرو خوف باقي نه رهي.

(6)

جُنگُيون جؤنڪيون جِتِ، ٻُوهِٿَ ٻاتاڙا ٿِيَنِ

مِهَرَ تُنهنجِيَ تِتِ، مَڪُرِيان ڀِي پارِ پَوَنِ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (89)، سنتون ڪي واڻي (89)، ورهد (88).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صحيح ۽ صاف پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ: پهرين سٽ ۾ اصل پڙهڻي جُنگِيئَون جوکِيئون… ٻُوهِٿَ‘ ، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’مُڪَرِيان‘ آهي. معنيٰ جي لحاظ سان ’جنگيون جؤنڪُيون‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو؛ ’جؤنڪيون‘ يعني وڏيون ۽ مضبوط (ٻيڙيون). ٻيو صحيح لفظ مَڪُري‘ آهي، جنهن جو جمع ’مَڪُريون‘ . ٻيڙيون هڪ ’دُنگيون‘ ٻيون جُنگيون‘. ’جنگيون‘ معني وڏيون شاهي ٻيڙيون، ميين شاهه عنات توڙي شاهه لطيف ’جُنگ‘ جهازن جو نالو آندو آهي:

متان ڪي من لوڏين، پسي جنگ جهاز

                                      (ميون شاهه عنات)

ڪالهه وڌائين ڪن ۾ جاڏا جنگ جهاز

                                           (شاهه لطيف)

جهوني جنگ جهاز کي، ڪوڏا هڻائج ڪِير

                                           (شاهه لطيف)

’ٻُوهِٿ‘ جي معنيٰ تحقيق طلب آهي؛ ٿي سگهي ٿو ته اهو غوراب جو ڪو قسم هجي.

مٿينءَ وضاحت موجب بيت جي معنيٰ ٿيندي:

ــــ (وڏين لهرين ۽ ويرن ۾) جتي وڏيون جُنگيون ۽ جَؤنڪيون ٻيڙيون توڙي شاهي ٻوهٿ (غوراب) سڀ خطري ۾ لڏن ۽ ٻڏن،

ــــ اتي اي منهنجا موليٰ! تنهنجي رحم ۽ ڪرم سان ننڍڙيون ٻيڙيون شال پار پهچن!

(7)

پاکِڙيَان ڊڄڻ هوءِ، ڀَئُه ڀَلان ئي نه لَهي

تِتي ساٿُ سَندُوءِ، اَچِي سو لَڪَنِ لنگهيو.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (90)، سنتون ڪي واڻي (90)، ورهد (89).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صحيح ۽ صاف پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ: پاکِڙي= ننڍي ٻيڙي (جمع) پاکڙيون، ’پاکڙيان‘ جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. ڀَلان ئِي= ڀَلن کي ئي، وڌيڪ وڏن شاهي (جهازن) کي ئي. ’ڀلان‘ جي جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. اصل ۾ ’لنگهيو‘ ۽ ’لڳيو‘ ٻه جدا پڙهڻيون آهن. لڳيو= لڳو ۽ بيهي رهيو. جنهن ۾ ڊپ واري حالت، نه لنگهي سگهڻ واري معنيٰ سمايل آهي: يعني ته سفر جي مشڪل منزل جو ذڪر آهي. ’لنگهيو‘ پڙهڻ سان، ان مشڪل مان نڪرڻ جي معنيٰ نڪرندي.

بيت جي معنيٰ ٿيندي ته:

ــــ (سمنڊر جي سفر ۾) جتي ننڍڙيون ٻيڙيون (پاکڙيون) ته ڊپ ۾ پريشان ٿين ٿيون، پر وڏن ڀلن غورابن ۽ جهازن کي به خوف ٿو ٿئي:

ــــ تِتي تنهنجو ساٿ انهن سوڙهين ناريُن ۾ اچي گهڙيو آهي (يا انهن مان اچي لنگهيو آهي).

 

(8)

ڀَنوَريان ڀَئُه ناهِ، سندي پِريان تُرَهي

نِگَهَندي نِگاه، پڌرو نيہ نه اوهِري.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (10)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. ڀَنوَرُ= وڏو ڪُنُ. ڀنوريان= ڀَنوَرَنِ کان، ڪُنن کان. نگهندي= نگاه ڪندي، ڏسندي. پڌرو= ظاهر ڏسندي. نيہُ= وچ وارو وڏو ڊگهو ڪاٺ، کُوهو.

ــــ محبوبن جي تُرهي (ٻيڙي) کي، ڪُنن کان ڪو خطرو ڪونهي

ــــ پر (سندن ٻيڙي آهستي وڃي جو آءٌ بندر تي بيهي ان کي ڏسندي رهان:) جيسين تائين نگاهه پوي تيسين تائين کُوهو پڌرو هجي ۽ اوهري نه وڃي (ٻيڙي نظر کان غائب نه ٿي وڃي!).

 

(9)

جي سو سُڃاتوءِ، جو سَرَ سندو پاتَڻِي

وَڃُ لَهِرين گَڏِيو، ڪَپَرُ ڪِي نه ڪَندُوءِ.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (21)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. ’سر‘ جي عام فهم معنيٰ ’وڏو تلاء‘ ، پر قاضي قادن جي دور ۾ ۽ ان کان اڳ اصطلاحي جي طور درياء ۽ سمنڊر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو.

ــــ جيڪڏهن تو ان کي سڃاتو جيڪو پاڻ درياء جو پاتڻي (پتڻ اُڪاريندڙ) آهي

ــــ ته پوءِ ڀل وڏين لهرين وچان پيو وڃ: توکي خطرناڪ ڪپر به ڪو نقصان نه پهچائيندو.

قاضي قادن هيءُ بيت شيخ فريد جي هيٺئين بيت جي جواب ۾ چيو (جيڪو جيپور گرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي ۾ نمبر 76 ۽ ’ورهد‘ ۾ نمبر 72 آهي؛ پڻ اهو گُرو گرنٿ يا آد گرنٿ‘ ۾ ٿوري تبديل سان شيخ فريد جي دوهن ۾ شام آهن):

ڏينہ لٿا، سَنجها پئي، اڳُون آئِي رات

کَڙا پُڪاري پاتڻِي، ’ٻيڙا ڪَپر وات‘


 

کاهوڙي

 

(1)

ڏيهه ڏِهائين ناهِ، جتي پيرُ نه پَکِيَان

تِتي کاهوڙيان، وَرَ ڏيئي وَڻَ چُونڊيا.

 

• ماخذ: بيان العارفين (20)، شاهه جو رسالو (20)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. پهرين سٽ جي پهرئين اڌ کي ٻن صورتن ۾ پڙهي سگهجي ٿو: 1. ’ڏينهن ڏِينهائِين ناه‘ ، يعني جتي چٽائي ناهي، روشني ناهي. 2. ’ڏيهه ڏيهائِي ناه‘ = ماڻهن جي آباد وَسندِي ناه، ڪا پَهَر ئي ناهِ. هي معنيٰ وڌيڪ صاف سهڻي آهي. ’پکيان‘ (= پکين جي) ۽ ’کاهوڙيان‘ واري سِٽاء قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. کاهو يا کَهو، معنيٰ هڪ خاص قسم جي ننڍي ڪوڏر جنهن سان وڍجي، کوٽجي. کاهوڙي= کاهي يا کهي وارا اورچ پورهيت جن جو ڏٿ تي گذران. ور ڏيئي = وڏا ڦيرا گهمرا ڪري. وڻ چونڊيا= وڻن جا گل، ڦَر ميوا (پُسي، ڏئونرا، پَڪا، سڱر، ٻير) چونڊي. ڏُٿ پٽي، ڇاڻي، چونڊي گڏ ڪيا.

ــــ جتي ڪا وسندي يا ڪا پهر ته ڪانهي، پر جتي پکين جو به پير ڪونهي.

ــــ تتي اَڻ ورچ جفاڪش کاهوڙين، وڏا ڦيرا ۽ وَر ڏيئي ڏُٿ چونڊي گڏ ڪيا.

(2)

آپيرِيَ ۾ پيرُ، ڪِنهِين لَڌو پيرِيئين،

تِنہِ ڀُون سندو ڀيرُ، ڪوڙين مَنجههِ ڪو لَهي.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (37)، سنتون ڪي واڻي (37)، ورهد (36)، جيپور گرنٿ-4 (51).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني ويئي آهي. (پڙهڻين ۾ جزوي اختلاف لاءِ ڏسو ڀاڱي-3 هيٺ انهن ماخذن ۾ ڏنل اصل پڙهڻيون).

• معنيٰ. اصل پهرين سٽ ۾ پهريون لفظ ’آپَري‘ آهي، پر صحيح ’اَپيري‘ ٿيندو، يعني اها جُوءِ يا اراضي جتي ڪوبه پيرو نه هجي، يا پيروئي نه لڳي. ٻيءَ سٽ جو اصل ٻيو لفظ ’ڀَوَ‘ آهي جيڪو ’ڀُون‘ (= زمين) پڙهڻ گهرجي. ’شاهه جي رسالي‘ جي هيٺيين بيت ۾ قاضي قادن جي بيت جو عڪس موجود آهي:

ڪُپيرِيَ ۾ پيرُ، ڪِنين پاتو پيريين

جئائين مُنجهڻ ماڻهئين، تئائين سڄڻ سير

اِن ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙيين منجهان ڪو لهي.

بيت جي معنيٰ:

ــــ ان اوپري جُوءِ ۾ جتي پير جو نشان ئي نه لڳي (اَپيري)، اُتي بالڪل ڪن ٿورڙن ڄاڻو پيرو کڻندڙن پيرو ڳولهي لڌو

ــــ اهڙي زمين جو نوع ۽ نمونو، ڪروڙن منجهان ڪو هڪ صحيح ڪري سگهندو.


 

گهاتو

 

(1)

جو گِهڙي سو ني، ڪو جو قَهَرُ ڪَلاچَ ۾

خبر ڪو نه ڏي، رَڇُ ڪُڄاڙي رَنڊِيو.

• ماخذ: تَذڪِره قُطبِيَہ (1)، شاهه جو رسالو (29)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. 1. جو گهڙي= جيڪو اندر پاڻي ۾ گهڙي. نِيَڻُ= کڻي وڃڻ. سو ني= تنهن کي هو (مڇ) کڻي پيو وڃي. ڪَلاچ= ڪلاچ جو ڪُنُ. 2. رَڇُ= وڏو ڄار. ڪُڄاڙي= ڪنهن، ڪهڙي شيءَ. رنڊيو= وچ ۾ اٽڪاء ڪري جهليو.

هن بيت ۾ ’مورڙي ۽ مانگر مڇ‘ جي قصي جا اهڃاڻ سمايل آهن. ڪلاچ، يعنيٰ ڪَلاچي جو ڪُن جنهن ۾ ويٺل مانگر مڇ مورڙيي جا ڇهه ڀائر کاڌا. پهريائين هڪ کاڌائين، ٻيو ان کي ڳولڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ لٿو ته ان کي کاڌائين- اهڙي طرح جيڪو پيو گهڙي تنهن کي مانگر مڇ پيو کائي- ’جو گهڙي سوني‘

ــــ ڪَلاچيءَ جي ڪُن ’ڪَلاچَ‘ ۾ جيڪو پيو گهڙي، تنهن کي مانگر مڇ پيو هيٺ ڇڪي ڳڙڪائي:

ــــ ڪوبه (جيئرو موٽي اچي) خبر ڪونه پيو ٻڌائي ته ڄار کي ڪهڙي شيءِ جهلي قابو ڪيو آهي!

 

(2)

اُباهي چَيَونِ جو، سو نه ڪَيائُون ڪَنِ

تان ئي پيئِي پَريانِ کان، گهَنگهَرِ گهاتُوڙنِ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (88)، سنتون ڪي واڻي (88)، ورهد (87).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ’پريان سان‘ بدران ’پَريان کان‘ (= پريين پار کان، ڌڻي جي طرفان= تقدير کان) پڙهڻ صحيح ٿيندو.

• معنيٰ. مورڙيو ۽ سندس ڇهه ڀائر وڏا گهاتو هئا، يعني ته سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار جا وڏا ماهر هئا. سندن پي جو نالو ’اوباهيو‘ هو جيڪو وڏو تجربيڪار هو. تنهن پنهنجي پٽن کي سمجهايو ته: ’سمنڊ ۾ ٻين سڀني پاسن ڀل مڇيءَ جو شڪار ڪجؤ، پر فلاڻي هڪ ڏِس تي نه وڃجو‘ ؛ پر هڪ ڀيري هو پنهنجي پيءُ اوباهي جي چوڻ کي ڇڏي، انهيءَ ڏِس تي ويا ته جتي مانگر مڇ کين ڳڙڪائي ڇڏيو.

ــــ (سندن پيءُ) اوباهي جيڪي کين چيو سو ڪن نه ڪيائيون ( نه مڃيائون).

ــــ انهيءَ ڪري ئي گهاتوئن تي پريان تقدير کان وڏي تڪليف اچي وئي.

(3)

جتي گهورِئو گهاتُوئين، تتِي وارِيءَ بُٺِ

سَرُ سُڪو، سُونگي ڳَيا، سَهسين ساٽِي مُٺِ.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (34)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. گهورئو= شڪار لاءِ مڇي کي ڳوليو، وڏي پاڻيءَ ۾ مڇي جو شڪار ڪيو. بُٺ= واريءَ جا دڙا. سر= درياء، ڍورو. سُڪو= سڪي ويو. سونگي= سونگ وٺڻ وارا، محصول اڳاڙڻ وارا. سهسين ساٿي مٺ= سوين هزارين ساٿين مان هاڻي ٿورڙا (مُٺ ڀر) وڃي بچيا آهن.

ــــ جتي (وڏو پاڻي هو ۽) وڏا ماهر مُهاڻا مڇيءَ جي شڪار لاءِ ڦِريا تتي واريءَ جا دڙا لڳا پيا آهن:

ــــ درياء سُڪي ويو، محصول وٺڻ وارا ويا، ۽ سَوَن ساٽين مان هاڻي مُٺ ڀر وڃي بچيا آهن.

 

(4)

ڪُنَ ڪَلاچيءَ پارِ، سَڏُ نه سُڄي ساٽِئين

گهاتُوئين سندا مَڪُرا ڪَنہ تَڙِ ٻِئي نِهارِ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (19)، شاهه جو رسالو (19)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. پهرين سٽ ۾، ’ساٿئين‘ توڙي ’ساٽِئين‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو. مَڪُرا= ٻيڙا.

ــــ (هاڻي) ڪَلاچيءَ جي ڪُن طرف ته ڪنهن به ساٽي (يا ’ساٿي‘ ) جو سَڏُ ئي ڪونه ٿو سُڻجي:

ــــ (تون) گهاتُوئن جا ٻيڙا، ڪنهن ٻئي تڙ تي وڃي ڳول.

 

(5)

ڪَلاچيءَ ڪُناءَ، موٽي ڪونه آئيو

ڪَنِي رَڇ وڃائيا، ڪَنِي توبَههَ تاءُ

 

• ماخذ: بيان العارفين (18)، شاهه جو رسالو (18)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. ڪناء= ڪُنَ مان.

ــــ ڪَلاچيءَ جي ڪُن مان، ڪوبه موٽي ڪونه آئيو.

ــــ (جيڪو ان ڪن ۾ پيو سو ويو: جيڪي اڃا ٻاهر هئا، تن مان به) ڪن پنهنجا رڇ وڃائي ڇڏيا ته ڪي توبهه ڪري تڪڙا پوئتي وريا.

 

لڱو مڱڻو

 

(1)

جو رِڙهي ڀَر پيٽ، سو چَڙهي ۾ ڏولِيَان

لنگهکڱي مٿي لَيٽَ، پَسو ڏاتَر جا ڪَئي!

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (7)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. هن بيت ۾ ان لڱي مڱڻي ڏانهن اشارو آهي جيڪو محتاج هو ۽ پيٽ ڀر پيو رڙهندو هو؛ جنهن کي ڳائڻ به ڪونه ايندو هو، ۽ جنهن کي ٻيا منگتا پاڻ سان وٺي به نه ويندا هئا: پر ان کي سخي (سٻڙ ڄام) نه فقط ٻين کان وڌ وڏا انعام ڏنا پر کيس ڏوليءَ ۾ چاڙهيو. ’ڏوليان‘ قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. ليٽ= آر، وڌيڪ پيار

ــــ (سخي جي سخا ته ڏسو!) جيڪو محتاج پيٽ ڀر پيو رڙهي سو به پيو ڏولين ۾ چڙهي!

ــــ ڏسو ته: ڏاتار هن لنگهي مٿي ڪيڏو نه وڏو آرو (ليٽ) ڪيو!

(2)

لَڏوڻيُون گهورن کي جو ڏِهاڙيون ڏي

رِيَس ــــ ئُون اِيندُوءِ راڄِيو، ويهُه مَ وِساري.

• ماخذ: حڪايات الصالحين (17)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. لڏوڻيون= ڀَريل لَڏون (گهوڙن اٺن تي ڀَريل ٻَڌل سامان). گهورا= گهڻي چاه مان گهُرندڙ، پري کان اچي ڳولي لهندڙ ۽ سوال ڪندڙ. گهورن کي= گهرندڙ سوالين کي. ڏهاڙيون= روزانو. ريس-ئُون ايندءِ= رِيس مان ايندُئي، ريس ڪري آزمائڻ ايندُئي.

ــــ اهو سخي جيڪو گهرندڙن کي مال متاع جون لَڏون ڀَري ٿو ڏئي

ــــ سو سردار ريس ڪري (توکي آزمائڻ خاطر ايندو ته تون هن کان ئي گهرندڙ آهين يا ڪنهن ٻئي کي به ٿو سوال ڪرين) ڪنهن وقت ايندئي: تون (ڪنهن ٻئي جي دَرِ وڃي) هن کي وساري نه ويهه.


 

سِڪ ۽ سچائي

 

(1)

’تون‘ ’تون‘ تَڏَ ڪَرِين، لڳاءِ ڳَرِ ڦَندَ جيئن

سائين نه سَنڀارين، جئان ئي رُوحَ سِرجِيَا.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (41)، سنتون ڪي واڻي (41)، جيپور گرنٿ-4 (9).

• پڙهڻي. ٻنهي ماخذن ۾ ڏنل پڙهڻين جي ڀيٽ سان صاف صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ’جئان ئي‘ پڙهڻ سان معنيٰ صحيح بيهندي.

• معنيٰ: ڳر= ڳچي. ڦَندَ= ڳَٽ، ڦاهي واري رسي جا ور وڪڙ، (اصطلاح طور) ساهه جي گهٽ. جئان ئي=جنهن کان ئي، جتان ئي.

- (يا الله تون! يا الله تون!) اها ’تون‘ ’تون‘ تڏهن ٿو ڪرين، جڏهن توکي ڳچيءَ ۾ ڳَٽَ پيا آهن (دردن ۽ سورن توکي وڪوڙيو آهي، تنهنجو ساهه گهُٽيو آهي ۽ موت مٿان اچي بيٺو آهي).

- (جئن ئي روح سرجيا ته ’قالوابليٰ‘ ’چيائون، يعني بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين‘ . ان ازلي حقيقت موجب) تون ڇو نٿو (پاڻمرادو، هر وقت ۽ هميشہ پنهنجي) سائين کي سنڀارين، جنهن جي طرفان روح پيدا ٿيا (جنهن روحَ پيدا ڪيا)!

 

(2)

جِتي سَچ سنسار سان، سي جي سائين ساڻ هوءِ

تو پڌر هي ٻيڙا تَري، جنہ ٿاءِ نِير نه ڪوءِ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (79)، سنتون ڪي واڻي (69)، ورهد (63).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن ۾ ڏنل پڙهڻين جي ڀيٽ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

ــــ (ماڻهوءَ جي) جيتري سچائي سنسار سان آهي، سا جي الله سائين ساڻ هجي

ــــ ته پوءِ جنهن جاءِ (ٿاءِ) تي پاڻي ناهي، تنهن پڌري پٽ تي به جيڪر ٻيڙو تري.

(3)

جنهين مَحبتَ منَ ۾، سي ميرائِي سُونهن

تن ۾ ٻَرن مَشعلان، سَنديان سُپيرين.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (66)، سنتون ڪي واڻي (66)، ورهد (60)، جيپور گرنٿ-4 (36).

• پڙهڻي. مٿين چئني ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، صاف صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

ــــ جن جي اندر ۾ محبت آهي، سي (جيتوڻيڪ ٻاهران بدن يا ڪپڙن ۾) ميرا آهن، ته به سهڻا پيا لڳن

ــــ ڇاڪاڻ جو انهن (جي اندر) ۾ سڄڻن (جي سڪ ۽ محبت) جون روشن شمعون پيون ٻرن.

 

(4)

ساڪِئو سائِي ڪَنِ، سُپيريان جي ڳالَهڙِي

هيڪڙيائي سِکِيَا، ٻي نه اُڄَهي تَنِ.

• ماخذ: بيان العارفين (17)، شاهه جو رسالو (17).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ:

ــــ (سچيءَ سِڪ وارا حق جا طالب) هڪ سائينءَ واري اها ساڳي ڳالهه وري وري پيا ڪن:

ــــ هو اها هڪ ئي ڳالهه سکيا. ۽ ٻي انهن کان ٿئي ئي ڪانه!

 

(5)

سِکين جي ساڃاءِ، ته ڪيها ڪامَڻ ڪارَڻِي

ويٺي ئِي ويل ڪَنهِين پِرين چَوندَئِي آءُ.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (6)

• پڙهڻي: اصل ائين

• معنيٰ. ڪامڻ= مَنڊر، حيلا.

ــــ جي تون پيار واري پَر سکين، ته پوءِ ڪهڙا حيلا حوالا!

ــــ ڪنهن وقت ويٺي ئي سڄڻ سڏيندئي ته ’اسان وٽ آءُ‘

 

(6)

اَڄُ هُئي پِيئَرَ لوءِ، ڪالهه ئِي وِيندِي ساهُرِين

جي گُڻ گهڻيري هوءِ، تو در ساهُرين مانُ ٿئي.

 

• ماخذ: ورهد (39)

• پڙهڻي: ٻيءَ سٽ جي پوئين ڀاڱي جي اصل صورتخطي مطابق ”تو درس مان ٿئي“ ”پڙهڻي بيهي ٿي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته اصل پڙهڻي ”درسا (هرين) مان ٿئي“ هئي جنهن مان صحيح معنيٰ نڪري ٿي.

• معنيٰ: پيئر لوءِ= پِيئاڻو ڳوٺ، مائٽاڻو ماڳ. ڪالهه= سڀاڻي.

ــــ جيڪا اڄ پنهنجي مائٽاڻي گهر آهي سا سڀاڻي ساهرين گهر ويندي.

ــــ جي گهڻا چڱا لڇڻ هوندس ته ساهرين گهر به سندس وڏو مان ٿيندو.


 

سسئي: لڳي وڃان پيرِ

 

(1)

اڄ جِمَ ڪِي ماءُ، هِنيَڙو مان ڪُورُ ٿيو

جو نه پَئيم سَماءُ، ته صَحِيُ مِڙَندو سَڄڻين.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (32).

• پڙهڻي. اصل ائين.

• معنيٰ. جم ڪي= جيئن نه ڪِين! ڪُور= بي نور، نابينا.

ــــ اي منهنجي ماءُ! اڄ جيئن نه ڪِين منهنجو هِنيو نابينا ٿيو هجي!

ــــ جو ڪا سُڌ ئي نٿي پويم ته سچ ڪو (هيءَ هنيو حياتيءَ هوندي) سڄڻن سان گڏبو!

 

(2)

لَڳِي وڃان پيرِ، دانهان ڪَندِي ڏونگرين

سوئِي سَڄَڻُ ميڙِ، جِنهِين مون هَئُون وئا کڻِي.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (40)، سنتون ڪي واڻي (40)، ورهد (51).

• پڙهڻي. اصل پهرين سٽ ۾ ”ڏونگر“ آهي، پر ٻولي توڙي وزن جي لحاظ سان صحيح ’ڏونگرين‘ ٿيندو. جيپور گرنٿ-6 (4) جي پهڻي ’مگرين‘ آهي. راجستاني محاوري ۾ ’مگرو‘ معنيٰ، رستو، ڳاڙهيرڙي رائي وارو پيچرو. هن سٽ ۾ ’دانهان‘ قاضي قادن جي بکر واري علائقي جي ٻولي مطابق آهي. ٻيءَ سٽ ۾ سنتون ڪي واڻي جي پڙهڻي ”جنهين هئون ڏکڻي“ آهي جنهن ۾ لفظ ’هئون‘ کان اڳ لفظ ’مون‘ رهجي ويو آهي: يعني ’مون هئون‘ بدران فقط ’هئون‘ لکيو ويو آهي؛ جي ائين آهي ته پوءِ سڄي معنيٰ ڌيان ۾ رکڻ سان، ’ڏکڻي‘ بدران ’وئا کڻي‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو. انهيءَ لحاظ سان سڄو فقرو ٿيندو ”جنهين مون هئون وئا کڻي“ .

• معنيٰ:

ــــ (جن ڏيرن ۽ ڏاگهن پنهونءَ کي نيو آهي تن جي) پيري پٺيان ڀَل ته لڳي وڃان (= تن جو پير وٺيو پئي وڃان، يا کنيو پئي وڃان) ۽ جبلن پهاڙن وچان ڪُوڪُون ڪندي وڃان.

ــــ (اي ڌڻي منهنجا!) سو پيارو پرين مون کي ملاءِ، جنهن کي هتان مون کؤن جدا ڪري کڻي ويا آهن.


 

ليلان: تو در وڻان ڪيئن!

 

(1)

توڙي تَڙين تِيئن، توهه تنهنجو آسرو

تو دَرِ وَڻا ڪيئن، اي (وَڙ) وَڏا راڄِيَا!

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (110)، سنتون ڪي واڻي (110)، ورهد (109).

• پڙهڻي. بيت جي هي پڙهڻي ’ورهد‘ مطابق آهي. ’سنتون ڪي واڻي‘ جي سڌاريل پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

توڙي (تون) نه ڏيئين، توءِ تنهنجو آسرو

تو در ڇڏيان ڪيئن، اي (وَڙَ) وڏا راڄيا.

هيءَ پڙهڻي به صحيح آهي، پر ’ورهد‘ واري پڙهڻي معنيٰ جي لحاظ سان وڌيڪ آهي؛ ٻيءَ سٽ ۾ ’تو در ڇڏيان‘ وارو خيال ايڏو اعليٰ ناهي جيڏو ’تو در وڻان‘ وارو آهي. ٻيءَ سٽ جي پڙهڻيءَ ۾ لفظ ’وَڙَ‘ کٽل آهي جنهن جي وڌائڻ سان وزن پورو بيهي ٿو. بيت ۾ ’ليلان چنيسر‘ جي ڳالهه واري تلميح آهي، ۽ بيت ليلان جي زباني چيل آهي جڏهن چنيسر کيس تڙايو هو.

• معنيٰ:

ــــ (اي منهنجا وَر چنيسر!) توڙي کڻي تون تڙائين، ته به مونکي تنهنجي ئي ٻاجهه جو آسرو آهي (ته مون کي بخش ڪندين ۽ پنهنجو ڪندين).

ــــ اي منهنجا وڏا وڙائتا راجا! مون کي ٻڌاء ته (ڪهڙو جَتن ڪريان جو) آءٌ تنهنجي در تي توکي وري وڻان!


 

ماڻڪ ۽ موتي

(1)

جي ماڻِڪَ ميڙيامِ، ته کاڻِ ئِي اِنَ کوڙَ هُئا

سَهسين ڀَتين سڏڙا ڪارَڻِ سَرَ ڪَيامِ.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (27)

• پڙهڻي. ڪاتب جي اصل لِکت هن طرح آهي:

جِي مَاِرِکَ مِيَراَمِ، تَکانَي اِن کُورَ هُوئا

سَهسِ بَتِ سَدرا کارَرِ سَر کِيَامِ.

• معنيٰ:

کاڻ= وڏي شهاهي پاڻي واري کَڏ. سَر= وڏو شاهي تلاء.

ــــ جي ماڻڪَ ميڙيان ها ته اُهي هِن (سِپن ڀَريل) کاڻِ يا کَڏ ۾ ئي گهڻا هئا:

ــــ (مون کي ته انهن سِپَين ۽ موتين پيدا ڪندڙ وڏي سَرَ چشمي جي طلب آهي جنهن) سرچشمي تائين پهچڻ خاطر مون سوين هزارين سڏ ڪيا.

 

(2)

ڪائو مُنہِ ڏيئي، پيٺا جي درياء ۾

پَسندا سيئي، ماڻِڪَ اکڙين سين.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو، جيپور گرنٿ-6 (13)، سنتون ڪي واڻي (13)، ورهد (13)، جيپور گرنٿ-4 (16).

• پڙهڻي. دادو ديال جي روايت وارن مٿين چئني ماخذن ۾ اصل لفظ ’ڪايا‘ ۽ ’درياوَ‘ آهن. ’درياوَ‘ بدران ’درياء‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، ۽ ’ڪايا‘ جي بدران ’ڪائو‘ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ڪائو جي سولي سهنجي معنيٰ آهي شيشو: يعني شيشي يا ڪائي جو کوپو جيڪو ٽوٻا منهن تي چاڙهي اندر سمنڊ ۾ هيٺ ويا. پر ’ڪائو‘ جي ٻي معنيٰ آهي سمنڊ يا درياء ۾ پاڻيءَ جي لاٿ، يا ماٺائي. ’پاڻيءَ جو ڪائو ڏيڻ‘ معنيٰ لهڻ، هيٺ ٿيڻ، ماٺو ٿيڻ. سانوڻ ۾ درياء ۾ پاڻي گهڻو هوندو آهي، ۽ سمنڊ ۾ به پاڻي جو چاڙهه هوندو آهي؛ سانوڻ گذرڻ ۽ سرء لڳڻ سان پاڻي ’ڪائو ڏيندو آهي‘ يعني لهندو آهي. شاهه جي رسالي جو بيت آهي ته:

”سُڪي ڍورُ ڍَيُون ٿِئو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو

پاڻي پَٽيهل ۾ اڳيون نه آئو.“

ٻيڙياتا (ٻيڙين وارا) به سانوڻ جي موسم ۾ مڇي لاءِ، سِپِن ڪڍڻ لاءِ، يا واپار لاءِ سمنڊ ۾ نه ويندا. سانوڻ کان پوءِ جڏهن پاڻي ماٺو ٿيندو ۽ هيٺ ٿيندو تڏهن ٻيڙيون تيار ڪندا:

”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙه سنباهيا“

ڏياري ڄڻ سياري جي شروعات آهي. ان بعد پاڻي ڪائو ڏيندو ۽ ماٺو ٿيندو، ۽ ٻيڙياتا ٻيڙيون تاريندا (پاڻي ۾ وجهندا ۽ هاڪاريندا). انهيءَ صحيح موسم ۾ جيڪي سمنڊ ۾ ويندا سيئي سپون ڪڍندا ۽ سلامت رهندا. ٻيءَ معنيٰ ۾، جيڪي نئڙن ۽ هيٺاهين وٺندا سي ئي مرادون ماڻيندا. شاهه عبداللطيف، قاضي قادن جي مٿئين بيت کي وڌيڪ تفصيل سان ورجايو آهي:

ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي

تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيئي

پسندا سيئي، امل اکڙين سان.

• معنيٰ. بيت جي معنيٰ ٿيندي ته:

ــــ اهي ناکئا جيڪي پاڻيءَ جي ڪائي (لاٿ) ۾ درياء (سمنڊ) اندر گهرندا (يا منهن آڏو ڪائو ڏيئي ٽٻي هڻندا)

ــــ سيئي وڃي ماڻڪ اکين سان ڏسندا (حاصل ڪندا).

 

(3)

ڀَڳو سڄو نه ٿئي، مَنُ موتاهَلُ ڳَچُ

ڪَنين سُڻيون نه مَنِيئي، اکِين ڏٺو سَچُ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (115)، سنتون ڪي واڻي (115).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’ڀڳا ساڄا‘ آهي، ۽ آخري لفظ ’ڪَچ‘ آهي جيڪو صحيح ناهي ڇاڪاڻ جو ’موتي‘ سان ڪچ جي ڪابه نسبت ڪانهي. صحيح لفظ ’ڳچ‘ (= ڀڳل ڳچ آهي جيڪو سڄو نٿو ٿئي. ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي ’جيپورگرنٿ-6‘ مطابق آهي جنهن مان تصديق ٿئي ٿي ته اصل بيت سنڌيءَ ۾ هو. ’مَنيئي‘ قاضي قادن جي اتر واري ٻولي مطابق آهي.

• معنيٰ:

ــــ مَنُ (دل) ۽ ’موتي‘ (ٻنهي) جو ڀڳل ڳچ وري سڄو نه ٿيندو.

ــــ ٻڌل ڳالهه تي اعتبار ناهي: اکين ڏٺل (ڀڳي جي سڄي ٿيڻ) کي ئي سچو ڪري ڄاڻبو.

قاضي قادن هي بيت آڳاٽو چيو پر ان جو اثر گهڻو پوءِ تائين هلندو آيو آهي. ڪنهن سگهڙ (غالباً سانوڻ خاصخيلي) پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من

ڏيئي ريهه رُپي کي ڳنڍيو صرافن.

يعني من ۽ موتي ڀڳا ته صحيح سڄا نه ٿيندا؛ پر البت سلوڪ وارا سياڻا، محبت ۽ هدايت سان دليون ڳنڍي سگهندا جيئن ڪاريگر ڀڳل رپي کي ريهه سان جوڙي سگهندا.

 

(4)

اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُوءِ جِت

ڪوهُ نه رُنوءِ تِتِ، ٻئي اڌ هٿَ ڪري.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (25)، جيپور گرنٿ-6 (99)، سنتون ڪي واڻي (99)، ورهد (97).

• پڙهڻي. ’شاهه جي رسالي‘ ۾ بيت جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

اَمُل اَساري پَئي ڀوري جت ڀَڳوءِ

ڪوهُ نه تِتِ رُنوءِ، ٻئي اڌ هٿ ڪري،

هن پڙهڻي جي ڀيٽ ۾ دادو ديال جي روايتن واري پڙهڻي وڌيڪ فصيح آهي، ۽ مٿي بيت پڻ ان مطابق ڏنو ويو آهي. دادو ديال جي روايتن وارن ٽن ماخذن مان جيپور گرنٿ-6 ۽ ورهد مطابق بيت جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح بيهي ٿي:

ڀوري ڀڳوء جت، ماڻڪ اَساري پيو

ڪوه نه رُنوءِ تت، ٻئي ڳَچَ هٿ ڪي.

اصل لکت ۾ ’ٻيئي گَچو‘ يا ’ٻيئي اگچو‘ آهن، جن کي ’ٻيئي ڳَچَ‘ (=ٻيئي اڌ) پڙهي سگهجي ٿو. ’سنتون ڪي واڻي‘

مطابق، ڇپيل ڪتاب ۾ هيٺين پڙهڻي ڏني وئي آهي:

ڀوري ڀڳي جَت (جاتِ)، ماڻڪُ اَساري پَيو

ڪوهُ نه ڍُونڍَءِ تَتِ، تون بي- اُونگهيو هَٿِ ڪَرِ.

’بي اونگهيو‘ مان ’ٻئي اِڪيون‘ جو گمان ٿئي ٿو. ڀيٽ ۾، شاه جي رسالي واري پڙهڻي وڌيڪ صاف آهي، البت رسالي مان اهو معلوم نٿو ٿئي ته ڪو هيءُ بيت قاضي قادن جو آهي؛ اها ثابتي دادو ديال جي روايت وارن ماخذن مان ملي ٿي. بيت جي معنيٰ:

ــــ اي اوڳي! تو پنهنجي غفلت ۽ ويسر جي ڪري جت املهه ماڻڪ ڀڳو

ــــ اُتي ٻئي اڌ هٿ ۾ کڻي ڇونه رنوءِ! (تون ايڏي وڏي زيان جو احساس ڪندي روئين ته ها!)

 

(5)

ڀورِي ڀَڳُئي جان، اَمُلُ اَساري پَئِي

سُرِي صرافين وانءُ، ٻئي اَڌَ هَٿِ ڪري.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (26)، جيپور گرنٿ-6 (100)، سنتون ڪي واڻي (100)، ورهد (97).

 

• پڙهڻي. ’شاهه جي رسالي‘ مطابق بيت جي پڙهڻي هن طرح آهي:

اَمل اَساري پَئي ڀوري ڀَڳُئه جئين

وانءُ صرافن سيئن، ٻئي اڌ هٿ ڪري.

هن پڙهڻي جي ڀيٽ ۾ دادو ديال جي روايتن ۾ ڏنل پڙهڻي قاضي قادن جي اتر واري ٻوليءَ کي وڌيڪ ويجهي آهي، ۽ مٿي پڻ بيت ان مطابق رکيو ويو آهي. ’سنتون ڪي واڻي‘ مطابق ڇاپي ۾ ڏنل پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

ڀوري ڀَڳِي جاوَ، ماڻڪُ اَساري پَيو

سَري صرافين اَوَ، بي- اَينگهيو هَٿِ ڪَرِ.

جيپورگرنٿ-6 ۽ ’ورهد‘ جي اصل لفظن مان هيٺين پڙهڻي نڪري ٿي:

ڀوري ڀڳوءِ جانء، ماڻڪ اَساري پئي

سُري صرافين آء، ٻيئي ڳَچَ هٿ ڪري.

• معنيٰ:

ــــ اي اوڳي! پنهنجي ويسر ۽ غفلت ۾ پئي، تو جڏهن اَمُلهه ماڻڪ ڀڳو

ــــ ته پوءِ ان جا ٻئي اڌ ڳولي هٿ ڪري، سگهو صرافن وٽ وڃ (ته ٻئي اڌ ڳنڍي توکي سڄو ڪري ڏين).

 

ڪي ويجها ئي ڏور

 

(1)

ڪي ويجهائي ڏُور، ڪي ڏُور ئي (اوڏا) وَلَها

هو جي جَرَ سالورَ، لَڌِي نه (تن) ڪَنولانہِ ڪَرَ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (19)، سنتون ڪي واڻي (19)، ورهد (19)، جيپور گرنٿ-4 (22).

• پڙهڻي. مٿين چئني ماخذن جي مختلف پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح معنيٰ ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ جي اصل پڙهڻين ۾ لفظ ’اوڏا‘ کٽل آهي پر قاضي قادن جي هن خيال کي شاهه عبداللطيف پنهنجي هيٺئين بيت ۾ تضمين طور کنيو آهي، جنهن ۾ لفظ ’اوڏا‘ موجود آهي.

ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين

ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي نه وسرن مُور

مينهن ڪنڍيءَ جئن پور، تئن دل وراڪو دوست سين.

ٻيءَ سٽ جي اصل پڙهڻين ۾ لفظ (تن) کٽل آهي. ڪَنوَلانہِ= ڪنولن جي، ڪنول جي گلن جي.

• معنيٰ. مرڪزي مفهوم اهو آهي ته ٻن ڌرين جي محبت جو مدار مفاصلي تي ناهي: ڪي پري رهندڙ به هڪ ٻئي کي ويجها آهن، ته ڪي گڏ رهندڙ به ڄڻ پري آهن.

ــــ ڪي ويجها رهندڙ به ڄن پري آهن، ته ڪي پري رهندڙ پيار (ولها= گهوٽ) به (دل کي) وڌيڪ ويجها آهن:

ــــ ڏيڏرن کي (باوجود ساڳئي تلاء ۾ رهڻ جي) ڪَنَول جي گلن جي ڪا ڪَل (ڪَر) ئي ڪانهي!

(2)

ڪاغذ ڪاري اکرين، مون واچِيندو اَلَڌو

سڄڻ اَڇي اکرين، مون لوڙيندو لڌو.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (44)، سنتون ڪي واڻي (43)، ورهد (42).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين ۾ فرق آهي. ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ پهرين سٽ جا آخري لفظ ’اِڻ وِڌو‘ آهن جن کي ’اَلَڌو‘ (اڻ لڌو= اَلڌو) پڙهي سگهجي ٿو. انهيءَ طرح، مٿين ماخذن جي پڙهڻين مان هيٺين روايتي پڙهڻي بهتر معنيٰ واري نڪري ٿي:

ڪاگَد ڪالي اکرين، مئن واچيندو اَلَڌو

سَڄڻ اَڇي اکرين، مئن لوڙِيندو لَڌو.

قاضي قادن جي اصل بيت جي سنڌي پڙهڻي ائين ئي هوندي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

ــــ ڪاغذ ڪارن اکرن وارو آهي جنهن کي مون نرت سان نهاريو ته به (ان جو ڪو اکر يا لفظ) چٽي يا صحيح نموني ۾ مون نه ڏٺو

ــــ پر سڄڻ اڇن اکرن (= آرِيکڻن) وارو صاف سهڻي مهانڊي آهي، جنهن کي مون جڏهن گهريو تڏهن لڌو.

 

(3)

ڪاغَذ ڪالي اَکرين، مُتا مون سيڻين

گُهورين گهڻين وڃائيا، اِن مَندين نيڻين.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (43)، سنتون ڪي واڻي (43)، ورهد (41)

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾ ’ورَهد‘ جي پڙهڻي ’موتان مون سيڻين‘ آهي جنهن مان صحيح پڙهڻي ”مُتا مون سيڻين“ معلوم ٿئي ٿي.

• معنيٰ: مُتا معنيٰ موڪليا.

ــــ جيئن ڪاغذ پنهنجن ڪارن اکرن (لکت ۽ تحرير) سان مليل آهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وٿي ڪانهي تيئن منهنجا سڄڻ به مون ساڻ آهن

ــــ (محبوبن پاڻ کي پنهنجي تحرير ۾ سَمائي) پنهنجو صاف لکيل ڪاغذ (خط) مون ڏي موڪليو

ــــ پر منهنجن نالائق اکين، ڪاغذ کي وري وري واجهائيندي، نهاريندي پڙهندي پِرينِ کي وڃائي ڇڏيو.

يعني منهنجن نالائق نيڻن، پرين کي ظاهري طرح گهُرڻ ۽ ڏسڻ سان وڃايو (جو کين اندر جي نِرت ۽ نظر سان نه ڏٺائون). قاضي قادن جي هن بيت جي انهيءَ معنيٰ جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو ان دور جي ٻين صوفين درويشن پڻ انهيءَ حقيقت کي ويچاريو هو. ان وقت هاله ڪنڊي جي وڏي عالم ۽ صوفي مخدوم نوح پنهنجي جواني واري وقت ۾ الاهي مشاهدو ماڻيندي ائين پيئي ڀانيو ته: جيڪو الاهي ديدار کيس نصيب ٿئي ٿو، سو انهن ظاهري اکين سان ٿئي ٿو، ۽ ڄڻ ته هو الله کي پنهنجن اکين سان ڏسي ٿو (حالانڪ الله ڏسڻ کان پاڪ آهي). انهيءَ تي بوبڪن جو وڏو عالم مخدوم جعفر اچي مخدوم نوح سان مليو ۽ کيس حقيقت سمجهائڻ خاطر چيائين ته: اکيون بند ڪري ٻڌايو ته پوءِ به اوهان کي اهو الاهي جلوو نظر اچي ٿو؟ مخدوم نوح چيو ته: هائو. تڏهن مخدوم جعفر چيس: ته پوءِ اهو ديدار تون انهن ظاهري اکين سان ڪونه ٿو ڏسين، پر اندر جي اکين سان ٿو ڏسين. انهيءَ حقيقت کُلڻ کان پوءِ مخدوم نوح چيو ته:

”نه آيو جعفر، ته نوح ٿيو ڪافر“

يعني جي (مخدوم) جعفر نه اچي ها ۽ اِها حقيقت نه سمجهائي ها ته جيڪر (مخدوم) نوح (پنهنجي غلط تصور سببان) ڪافر ٿي پوي ها! هن ساڳي معنيٰ ۾ ان وقت جي ڪنهن ٻئي سالڪ جو بيت آهي ته:

”پُوريون پرين پسن، اُپٽيان ته انڌيون“

يعني جڏهن اکيون پوريل آهن ۽ اندر ۾ جهاتي پائين ٿيون ته پرين کي ڏسن ٿيون، پر پٽجڻ کان پوءِ اهي دنيا جون ظاهري شيون ڏسن ٿيون ۽ الاهي ديدار کان محروم ٿي وڃن ٿيون.

 

(4)

سَرَ هيڪڙي وَسنِ، جَرَ ۾ نِيہ نه گَڏئو

سارَ نه سالُورِن، مٿي ڪَنولُ ڦُلاريو.

 

• ماخذ: جيپور گنرٿ-6 (17)، سنتون ڪي واڻي (17)، ورهد (17)، جيپور گرنٿ-4 (20).

• پڙهڻي. مٿين چئني ماخذن جي مختلف پڙهڻين جي ڀيٽ سان بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ: سالورو= ڏيڏر. ڪنول= پٻڻ جو گل، نيلوفر.

ــــ (ڪنول جو گل ۽ ڏيڏر) ٻئي ساڳئي هڪ ئي وڏي پاڻي ۾ ٿا رهن، پر پاڻ ۾ سندن نينهن نه لڳو آهي.

ــــ (پاڻيءَ ۾ هيٺ رهندڙ) ڏيڏرن کي اها سُڌ ئي ڪانهي ته ڪو مٿي ڪنول جو گل ڦُلاريل آهي.

 

(5)

جي لوڙِيندي نه لَهان، اَلوڙِيندي ڍير

توڙي ڏِسڻ سُونهڻي، اَنبان تُل نه ٻير.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (30)، سنتون ڪي واڻي (30)، جيپورگرنٿ-4 (39).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

هي بيت سرائيڪي ۾ آهي. پر سٽاء ۽ معنيٰ جي لحاظ سان معياري آهي، پوئين سٽ ۾ سمايل معنيٰ مشهور مثالن واري آهي ته ”ٽوهه ڏسڻ جا سهڻا“ يا ”انبن جو مٽ انبڙيون نه ٿينديون“ .

هيءُ بيت قاضي قادن جو تسليم ڪري سگهجي ٿو ۽ بالڪل ممڪن آهي ته قاضي قادن ڪي بيت سرائيڪي ۾ چيا هجن.

• معنيٰ.

ــــ پيارا پرين جيڪي مونکي گهربل آهن سي نٿا ملن، باقي ٻيا اَڻ گهريا (ماڻهو) گهڻان ئي آهن

ــــ اهي ڏسڻ جا ته سهڻا آهن، پر پياري پرينءَ برابر ناهن؛ ڳاڙها ته ٻير به آهن پر انبن جو مٽ ناهن.

 

(6)

جي سالُورو سُڌَ لَهي، ڪَنولان سَندِي ڪاءِ

ته پَيو پاتال ۾، هوند نه مِٽي کاءِ.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (18)، سنتون ڪي واڻي (18)،ورهد (18)، جيپور گرنٿ-4 (31).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي مختلف پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

ــــ جيڪڏهن هيٺ ڏيڏر کي اها سُڌ پوي ته (ان ساڳي تلاء ۾) مٿي ڪنول گل به ٽِڙيل آهن

ــــ ته هوند سدائين تلاء جي تَري ۾ پيو مِٽي نه کائي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org