سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :3


(ب) دادو ديال جي روايت

سنڌ جي صوفين عارفن جي ڪلام جو اثر پاڙيسري گجرات ۽ راجسٿان جي انهن سنتن ۽ ڀڳتن تي پيو جيڪي جوڳ ۽ ڀڳتي عقيدن جا پوئلڳ ۽ هيڪڙائي حق کي مڃيندڙ مُوَحد هئا. سڀ کان وڏو اثر وڏي صوفي عارف قاضي قادن (1465- 1551ع) جو گجرات- راجسٿان جي درويش دادو ديال (1544- 1603ع) تي پيو جيڪو ميين شاه ڪريم (1538- 1663ع) جو همعصر هو. قاضي قادن جيتوڻيڪ اڳ وفات ڪئي، مگر سندس حق ۽ حقيقت وارن بيتن، دائوديار عرف دادو ديال(1) کي ڪل جهان جي خالق جي هيڪڙائي ۽ مخلوق جي ڀلائي ڏانهن مائل ڪيو. هاڻي هو ’دائود يار‘ بدران ’دادو ديال‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. گجرات مان راجسٿان طرف وڃڻ وقت يا ان کان اڳ هو سنڌ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت رهيو جو سنڌي ٻولي جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ قاضي قادن جي بيتن جي اثر هيٺ سنڌي ۾ دوها ۽ بيت چيائين(2).

دادو قاضي قادن جا بيت سهيڙيا ۽ پڻ ساڌ سنگت آڏو پڙهيا، ۽ جڏهن پنهنجو ۽ ٻين سالڪن سنتن جو ڪلام لکيائين (يا لکايائين) ته هڪ جدا باب قاضي قادن جي نالي سان آندائين. قاضي قادن جي بيتن وارو اهو باب جيڪو دادو جي زباني سندس گڏ ڪيل گرنٿ ۾ شامل ٿيو تنهن ۾ دادو پنٿي سنتن ساڌن پوءِ پنهنجن اتاريل گرنٿن ۾ ڪي ٻيا بيت به شامل ڪيا جيڪي هنن دادو ديال يا شايد ڪن ٻين جي زباني ٻڌا. گرنٿ ’سنتون ڪي واڻي‘ واري باب جا بيت سنڌي اديب هيري ٺڪر دهلي مان 1978ع ۾ شايع ڪيا. ان بعد موجوده تحقيق دوران ٽن ٻين گرنٿن جو پتو لڳايو ويو آهي، ۽ انهن کي هن ڪتاب ۾ جيپور ’گرنٿ-6‘ ، ’ورهد‘ ۽ ’جيپور گرنٿ-4‘ جي مختصر نالن سان نروار ڪيو ويو آهي. هيٺ انهن چئن گرنٿن جو، جيڪي بنيادي طور تي دادو ديال جي روايت مطابق آهن، مختصر طور تي ذڪر ڪجي ٿو.

’جيپور گرنٿ-6‘

هيءُ قلمي گرنٿ جيپور ۾ دادو انسٽي ٽيوٽ جي ڪتبخاني ۾ رکيل آهي، ۽ ان جي ڇهن صفحن واري هڪ جدا بابت هيٺ قاضي قادن جا بيت ڏنل آهن. انهن ’ڇهن صفحن‘ جي لحاظ سان هن گرنٿ کي موجوده تحقيق ۾ ’جيپور گرنٿ-6‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن گرنٿ ۾ قاضي قادن واري بابت جو عنوان آهي:

”ڪاجِي ڪادَن جي ڪِي ساکي سنڌي

اور ساڌان ڪِي ساکِي“

يعني: ’جناب قاضي قادن جي ساکي (ڪلام، بيت) ۽ پڻ ٻين درويشن جي ساکي، هڪ جا ڪٺي‘.

هن عنوان ۾ هڪ ته نالو ’قاضي قادن‘ (ڪاجي= قاضي) جي صورت ۾ لکيل آهي؛ ٻيو اهو ڄاڻايل آهي ته قاضي قادن جي ساکي (بيتَ) سنڌي ٻولي ۾ آهي؛ ۽ ٽريو ته هن بابت هيٺ قاضي قادن کان سواءِ ڪن ٻيون ساڌن جا بيت به شامل آهن. آخر ۾ عبارت: ”ڪاجي ڪادن ڪي ساکي سمپورن“ ، يعني قاضِي قادن جا بيت ختم.

آڳاٽي ديوناگري صورتخطي مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ گرنٿ ’سنتون ڪي واڻي‘ کان وڌيڪ پراڻو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ساڳيو گرنٿ هجي جيڪو دادو ديال جي ٻالڪي رجب، سنه 1745 سنبت ۾ لکيو. هن گرنٿ جي ڇهن صفحن واري باب هيٺ، ’سنتون ڪي واڻي‘ وانگر جملي 118 بيت شامل آهن ۽ بيتن جي ترتيب به ساڳي ’سنتون ڪي واڻي‘ جي باب واري آهي پر پڙهڻين ۾ البت فرق آهي(1). ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ٻن گرنٿن وارا اهي ساڳيا بيت ڪنهن ٻئي آڳاٽي لکيل گرنٿ مان اتاريا ويا، پر جدا جدا لکندڙن اُتاريا جو پڙهڻين ۾ فرق ٿي ويو.

”سنتون ڪي واڻي“

هي گرنٿ هندوستان جي صوبي هَريانا ۾، روهتڪ شهر جي ويجهو، راڻيلا نالي ڳوٺ ۾ دادو پنٿي ڀڳتن جي هڪ ’مَٺ‘ (مڙهي) ۾ رکيل آهي. ان ۾ اوڻهتر سنتن ساڌن ۽ سالڪن جو ڪلام لکيل آهي جن مان هڪ قاضي قادن آهي. راڻيلا واري هن ’مَٺ‘ جو بنياد سنت هريداس سنبت 1723 (1780ع) ۾ رکيو. ان وقت سندس عمر ٽيهه سال هئي، يعني ته هو 1755ع ۾ ڄائو. انهيءَ لحاظ سان سنت هريداس شاهه عبداللطيف (1689- 1752ع) کان ننڍو هو، ۽ انهيءَ ڪري جيڪڏهن هن قاضي قادن جا بيت لکيا يا لکايا ته اهي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ آيل بيتن کان مڙيئي پوءِ وارن سالن جا ڪري ڳڻبا.

سنت هريداس دادو پنٿي ڀڳت هو، يعني درويش دادو ديال (1544- 1603ع) جي ڪنهن چيلي جو چيلو هو. قاضي قادن جا بيت اول سنڌ ۾ مقبول پيا ۽ پوءِ ٻاهر مشهور ٿيا، ۽ سنڌ اندر اهي شاهه عبدالڪريم تائين يقيني طور پهريائين ۽ سنڌ کان ٻاهر دادو ديال تائين پوءِ پهتا هوندا. انهيءَ لحاظ سان، انهن بيتن جي روايت (متن ۽ پڙهڻي) جيڪا شاهه عبدالڪريم کان شاهه عبداللطيف تائين پهتي، سا ان روايت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڪي پختي ڄاڻبي جيڪا دادو ديال کان ڀڳت هريداس تائين پهتي.

”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن جا بيت جنهن باب هيٺ ڏنل آهن ان جو عنوان به آهي:

”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سنڌي

او ڀي ساڌان ڪي ساکي اڪٺي.“

يعني ’جناب قاضي قادن جي‘ سنڌي ۾ ساکي (بيتَ) ۽ پڻ ٻين ساڌن جي ساکي هڪ جاءِ ڪٺي. بيتن جو خاتمو هيٺين عبارت سان ٿئي ٿو:

”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سپورن سماپہ“

يعني ’قاضي قادن جي، جي ساکي هت پوري ٿي‘.

انهيءَ عنوان هيٺ ڏنل بيتن کي دهلي جي سنڌي اديب هيري ڄيٺالال ٺڪر ”قاضي قادن جو ڪلام“ نالي ڪتاب سنه 1978ع ۾ دهلي مان شايع ڪيو. ان ۾ شامل بيتن تي راقم ويهه سال کن اڳ رسالي مهراڻ (نمبر-4، 1978ع ۽ نبر-1، 1979ع) تفصيل سان تنقيدي بحث ڪيو ۽ قاضي قادن ۽ ٻين جي بيتن کي سڃاڻي جدا ڪرڻ ۽ انهن جون صحيح پڙهڻيون بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو سڄو تفصيل اتي ڏسڻ گهرجي؛ هت انهن بيانن ۽ حوالن کي اختصار سان ڏجي ٿو.

ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ ۾ مؤلف هيري ٺڪر ڄاڻايو آهي ته سندس خيال ۾ جملي ڇهه بيت (هڪ دادو ديال جو، هڪ فريد جو، هڪ هَلُو جو ۽ ٽي قاضي محمود جا) اهڙا آهن جيڪي قاضي قادن جا ناهن. شيخ فريد واري بيت لاءِ وضاحت ڪيائين ته اهو آد گرنٿ (گرو گرنٿ) ۾ پڻ موجود آهي. هڪ ٻيو بيت پڻ ”آد گرنٿ“ ۾ متن جي ٿوري ڦير گهير سان موجود آهي پر ٺڪر ان کي قاضي قادن جو ڪري سمجهيو. سندس ڪڍيل نتيجي موجب، ”ڪتاب سنتون ڪي واڻي“ ۾ شامل جملي هڪ سئو ارڙهن (118) بيتن مان، ڇهه بيت ٻين جا ۽ هڪ سئو ٻارهن بيت قاضي قادن جا آهن. مون ’سنتون ڪِي واڻي‘ وارن 118 بيتن کي تنقيد جي نگاه سان پرکيو، ۽ سنه 79- 1978ع واري ان پرک مطابق اٺهتر بيت قاضي قادن جا ۽ باقي بيت ٻين سنتن سالڪن جا ڪري ڄاڻايا.

1978ع کان وٺي گذريل ويهن سالن ۾ مون وري وري انهيءَ مسئلي تي پئي سوچيو آهي ۽ وڌيڪ تحقيق ۽ ويچاري سان اهو گمان ٿئي ٿو ته وڌ ۾ وڌ ٻه ٻيا بيت قاضي قادن جا ٿي سگهن ٿا: يعني ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ۾ شامل ’سنتون ڪي واڻي‘ وارن بيتن مان وڌ ۾ وڌ اَسي بيت (80) قاضي قادن جا آهن ۽ باقي اٺٽيهه بيت ٻين سالڪن ساڌن جا آهن. انهيءَ شمار موجب، گهڻي ۾ گهڻا بيت قاضي قادن جا ئي آهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي ’سنتون ڪي واڻي‘ جي لکندڙ هن بابت جي سري توڙي خاتمي ۾ قاضي قادن جو نالو آندو آهي، پر ’اور ڀي ساڌان‘ جا لفظ لکي مطلب صاف ڪري ڇڏيائين ته هن مجموعي ۾ قاضي قادن کان سواءِ ٻين سالڪن ساڌن جا بيت پڻ شامل آهن.

”ورهَدَ سَڪل ويدانت وچار سار مت“

هن گرنٿ کي ڏنل مٿئين نالي جي معني آهي ”وڏو مڪمل ويدانتي ويچار وارو فڪر“ . هيءُ گرنٿ به پراڻي ديوناگري صورتخطي ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ 289 صفحا آهن. انهن مان صفحي 256 تائين مختلف سالڪن ۽ سنتن جون ساکيون (دوها، بيت)، شبد، گرنٿ، وچن، واڻيون، پد وغيره درج ٿيل آهن، ۽ باقي آخري 33 صفحن ۾ سنسڪرت ۾ لکيل ڪو شاستر آهي جنهن ۾ ٻه سئو ستر سلوڪ ڏنل آهن.

هيٺئين تفصيل مان ۽ پڻ اڳتي ڏنل بيتن جي ڀيٽ واي پٽيءَ مان، معلوم ٿيندو ته هن ڪتاب جي مواد، جيپور گرنٿ-6 ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ وارن گرنٿن کان الڳ آهي، سواءِ انهيءَ جي جو ٽنهي ۾ پهريائين داو ديال جا دوها ڏنل آهن. ’ورهد‘ گرنٿ ۾ شامل مواد جو صفحن وارو تفصيل هن طرح آهي: صفحا 1- 100 تائين دادو ديال جون ساکيون؛ صفحا 100-106 وِشني جون ساکيون؛ 106-144 ڪبير جون ساکيون؛ 145-151 گرو نانڪ جون ساکيون، صفحا 152-156 قاضي قادن جون ساکيون، 156-158 شيخ فريد جون ساکيون، 158-159 تائين گيان واڪيه جي ساکي؛ 160-161 نامديو جي پَرچئي (تعارف)؛ 162-172 ڪبير جي پَرچئي، 172-181 رَئي داس جي پرچئي، 182-189 گورکناٿ جو گرنٿ؛190-204 گورکناٿ جا وچن؛ 204-206 سنسڪِرتَ ۾ شنڪر آچاريه جا پد؛ 206-218 گورکناٿ جا شبد ۽ ساکي؛ 218-220 چرٻٽ ناٿ جا شبد؛ 221-222 ڀرتري ناٿ جي واڻي، 223-224 گوپي چند جي شبدي؛ 225-226 ميڙ، ڪبير، ۽ اونجها جي شبدي؛ صفحي 227 تي جَتي سنت جي شبدي؛ 288-229. مهاديو- پاروَتي شبدي؛ صفحو 230 سِڌ گهوماچولي جي شبدي؛ 232-235 سڌ غريب ناٿ، پال ناٿ، چورنگ ناٿ، چوڻڪ ناٿ، ديول ناٿ، پرٿي ناٿ ۽ اجئه پال جي شبدي؛ 236-238 نامديو، رئي داس، پيپاجي، پرس جي، ڌناجي ۽ هرداس جون ساکيون؛ 239-242 گرنٿ پاچلي؛ 243-253 ڀڳت پرهلاد گرنٿَ ۽ چرتير، 253-256 ايڪادس ليلا گُر چوويسي (ڀاڳوت جي يارهين اسڪنڌ مان ڪڍيل)، صفحي 256 تي گرچوسي سماپت (ختم). هن تفصيل مان ظاهر آهي ته هن گرنٿ جو مواد گڏ ڪندڙ ٻيو آهي ۽ گرنٿ ’سنتون ڪي واڻي‘ جنهن ۾ 69 سنتن ۽ سالڪن جو ڪلام آهي(1). تنهن جو مواد گڏ ڪندڙ ٻيو آهي.

’ورهد‘ ۾ قاضي قادن واري باب جو عنوان (صفحي 152 تي) آهي:

”ڪاجي قادن جي ڪي ساکي“

يعني ’جناب قاضي قادن جا بيت‘ ، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪي ٻيا بيت به شامل آهن، هن باب ۾ جملي هڪ سئو تيرهن (113) بيت آهن، جيڪي هيٺين ڇهن ذيلي عنوان هيٺ جدا ڪري لکيا ويا آهن:

عنوان

بيت جو تعداد

ساکيون (يعني دوها بيت)

39

اِٿ ورهه ڪا انگ

19

ساچ ڪو انگ

12

چتاوني ڪو انگ

23

مايا ڪو انگ

9

سمر ٿائي ڪو انگ

11

                                                                             113

انهن هڪ سئو تيرهن (113) بيتن مان ڏهه بيت (نمبر38، 39، 53، 58، 79، 86، 107، 108، 112، 113) اهڙا آهن جيڪي ’جيپور گرنٿ-6‘ توڙي ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ ڏنل ناهن. انهن مان بيت نمبر (39)، ٻولي ۽ بيان جي لحاظ سان، قاضي قادن جو آهي ۽ ان جي صحيح پڙهڻي هن طرح بيهي ٿي:

اَڄُ هِين پيئَر لوءِ، ڪالهون ويندي ساهُرين

جي گُڻَ گهَڻيرِي هوءِ، ته در ساهُرين مانُ ٿئي.

ٻيو بيت نمبر (108) به اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل آهي ۽ ’ڀِرڪڻ‘ نالي (يا ’ذات جي‘) سالڪ جو چيل آهي:

هليا سي ’نِڪُونجڙو، ڀِرڪڻ چيا ڀَري

لوڪان اوري آسري، اسان پَت پَري.

مٿين يارهن بيتن کان سواءِ باقي ٽيانوي (93) بيت اهي ساڳيا آهن جيڪي ’جيپُور گرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ آهن. انهن مان اُڻهتر (69) قاضي قادن جا آهن ۽ باقي چوويهه (24) ٻين سنتن سالڪن جا آهن. مٿئين بيت نمبر 39 سميت، ”ورهد“ سَڪل ۾ جملي ستر (70) بيت قاضي قادن جا آهن.

 

جيپور گرنٿ-4

هيءَ قلمي گرنٿ جيپور ۾ دادو انسٽيٽيوٽ جي لائبرري ۾ رکيل آهي جنهن جي هڪ باب ۾، جيڪو چئن صفحن وارو آهي، قاضي قادن جا بيت ڏنل آهن. انهيءَ لحاظ سان، موجوده تحقيق ۾ ان کي ”جيپور گرنٿ-4“ ڪي ڄاڻايو ويو آهي. بابت جو عنوان آهي:

”ڪاجي قادن ڪي ساکي“

يعني ’قاضي قادن جا بيت، پر‘ جيئن ٻين گرنٿن ۾ تيئن هن گرنٿ واري هن باب ۾ به ٻين ساڌن سنتن جا بيت شامل آهن. بابت ۾ جملي 51 بيت آهن جيڪي ترتيبوار، اصل صورتخطي وارن اُچارن سان، هن ڪتاب جي آخر ۾ ’ڀاڱي ٽرئين ضميمي‘ هيٺ ڏنا ويا آهن. انهن مان نَوَ بيت (نمبر15، 31، 33، 35، 40، 41، 43، 44 ۽ 47) نَوان آهن جيڪي ’جيپور-6‘ يا سنتون ڪي واڻي‘ ۾ ناهن. انهن مان هيٺيون هڪ بيت (نمبر15) قاضي قادن جو ئي آهي ۽ ان جي صحيح پڙهڻي هن طرح بيهي ٿي:

پرين پاڻ لَکائيا، مون مَن منجهه ئي (هُئام)

هيڏي هوڏي هٿڙا هُنهِين ئي هڏ وِڌام.

هن گرنٿ ۾ ڏنل قاضي قادن جي هن نئين بيت، ۽ پڻ ’ورهد گرنٿ‘ ۾ شامل قاضي قادن جي هڪ نئين بيت، مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڪن ساڌن کي پوءِ دادو ديال کان (يا ڪنهن ٻئي کان) قاضي قادن جا ڪي نوان بيت به مليا جيڪي هنن پنهنجن دستخط گرنٿن ۾ داخل ڪيا.

”جيپور گرنٿ-4“ ۾ باقي ٻائيتاليهه بيت ساڳيا اهي آهن جيڪي ’جيپور-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ ڏنل آهن، جن مان ڇويهه بيت (نمبر 1، 2، 3، 6، 7، 8، 11، 12، 13، 14، 16، 22، 24، 28، 29، 30، 33، 34، 37، 39، 42، 43، 45، 46، 47، 51) قاضي قادن جا آهن ۽ باقي سورهن بيت ٻين سالڪن ۽ سنتن جا آهن. هن تفصيل مطابق، ’جيپور گرنٿ-4‘ ۾ شامل جملي 51 بيتن مان ستاويهه بيت قاضي قادن جا آهن.

هن بعد، چئني گرنٿن (جيپور گرنٿ-6، سنتون ڪي واڻي، ورهد ۽ جيپور گرنٿ-4) مان هرهڪ ۾ شامل بيتن جي تربيت مان معلوم ٿيندو ته ’جيپور گرنٿ-6‘ ۽ ’سنتون ڪي واڻي‘ وارن 118 بيتن جي ترتيب ساڳي آهي، پر ’ورهد‘ ۽ ’جيپور گرنٿ-4‘ جي ترتيب جدا جدا آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته اهي ٻئي گرنٿ ٻن جدا سنتن گڏ ڪيا.

ــ

ٿي جو پوءِ، درويش دادو ديال جي روايت ذريعي، قاضي قادن جي بيتن جو چڱو خاصو ذخيرو هڪ خاص بابت جي نالي سان قلمبند ٿيو جيڪو هن وقت تائين محفوظ رهيو آهي. البت اصل وڏو ذخيرو جيڪو ڪنهن وقت رسالي واري ڪتابي صورت ۾ موجود هو سو دستياب نه ٿيو آهي؛ وڌيڪ تحقيق سان گجرات- راجسٿان طرف دادو ديال جي سنتن جي مَٺن مان، يا برهانپور جي سنڌي بزرگن جي پوين وٽان، قاضي قادن جي وڌيڪ بيتن ملڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو. هلندڙ تحقيق تائين جيڪي بيت دريافت ٿيا آهن سي به ڪي ٿورڙا ناهن جو انهن کي رڳو ”قاضي قادن جا بيت“ چئي بيان ڪجي. اهي نه فقط گهڻا آهن پر انهن ۾ ايترا ته فڪري ۽ معنوي عنوان موجود آهن جو انهن جي موضوع وار تقسيم ۽ ترتيب سان ”قاضي قادن جو رسالو“ صورت پذير ٿئي ٿو.

انهيءَ ڪري موجوده تحقيق جي دوران، هن وقت تائين دريافت ٿيل قاضي قادن جي منتشر بيتن کي، موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ سان، مختلف عنوان هيٺ ’رسالي‘ جي صورت ۾ مرتب ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو ته جيئن پڙهندڙ لاءِ قاضي قادن جي فڪر جا سڀ رخ روشن ٿين.

قاضي قادن جي بيتن جو ذخيرو جيڪو هن رسالي ۾ شامل آهي سو نئين سر تحقيق ذريعي دريافت ڪيو ويو آهي. قاضي قادن پنهنجن بيتن ۾ پنهنجو نالو ڪونه وڌو، انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ اهي بيت سندس دور کان پوءِ به رائج رهيا پر گمنام ئي رهيا. سنڌ ۾ شاهه عبدالڪريم پهريون ڀيرو، قاضي قادن جي وفات (958هه) کان پنجويهه سال کن پوءِ (جڏهن سندس عمر 40 سال هئي) پنهنجن فقيرن آڏو ڪي بيت پڙهندي ٻڌايو ته اهي وڏي عارف قاضي قادن جا آهن. ستن بيتن بابت ائين چيائين، جيتوڻيڪ قاضي قادن جا ٻيا بيت به مختلف موقعن تي پڙهيائين پر نالو ڪونه ورتائين. درويش دادو ديال جي روايت ذريعي بيتن جو جيڪو باب محفوظ رهيو ان ۾

 

3

قاضي قادن جو رسالو ۽ فڪر

 

سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ ۾، قاضي قادن اعليٰ مقام جو مالڪ آهي. قاضِي قادن سنڌي ٻولي جو پهريون مشهور معروف شاعر آهي ۽ سندس ڪلام سنڌي ٻولي جو پهريون پڪو پختو دستاويز آهي. ان کان سواءِ، قاضي قادن سنڌي اَساسي شاعري جو ابو ۽ سنڌ ۾ تصوف جي فڪر جو پهريون شارح ۽ اڳواڻ آهي.

قاضي قادن جو رسالو

قاضي قادن جو رسالو شايد ڪنهن وقت موجود هو، پر هن وقت اهو ناپيد آهي. تاريخي طور، سندس بيتن جي روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن وقت قاضي قادن جي بيتن جو چڱو ذخيرو لکت ۾، ڪتابي صورت ۾، موجود هو، جيتوڻيڪ اهو معلوم ناهي ته ان وقت ان لکيل ذخيري کي ڪهڙو نالو ڏنل هو. ميين شاه ڪريم قاضي قادن جا بيت جو سندس نالو وٺي پئي پڙهيا، سو اهڙي تصديق کيس ڪنهن لکت ۾ آندل ذخيري ۽ ان جي نالي مان ئي ٿي هوندي. سيوهڻ ۽ پاٽ جا عالم جيڪي قاضي قادن جا همعصر هئا ۽ جيڪي لڏي وڃي برهانپور ۾ ويٺا، تن وٽ قاضي قادن جا بيتن جو شايد سڄو ذخيرو لکت ۾ موجود هو. ان وقت ئي محمد غوثي مانڊوي پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ قاضي قادن جي چئن بيتن جو ترجمو ڏنو، پر ان سان گڏ اهو به ڄاڻايائين ته ”هن قسم جا سندس بيت گهڻائي آهن“ . ايترا جو هت لکي پورا ڪري نه سگهبا. ايترا گهڻا بيت يقيني طور ڪتابي صورت ۾ لکيل هوندا. بيتن جي گهڻائي ۽ ڪتابي صورت ۾ لکيل هجڻ جي تصديق انهيءَ مان به ٿئي ته قاضي قادن توڙي ٻين جي بيتن کي گڏ لکيو ويو ۽ ائين ڪونه ڄاڻايو ويو ته ڪهڙا بيت قاضي قادن جا آهن. انهيءَ ڪري اها ضرورت باقي رهي ته قاضي قادن جي بيتن کي پرکي، صحيح طور تي سڃاڻي، جدا ڪيو وڃي.

اهڙيءَ پرک لاءِ پهريون ته ڪتاب ’بيان العارفين‘ ۾ آندل ڏهه بيت جيڪي پوري تصديق سان قاضي قادن جا آهن سي معياري ۽ مثالي آهن. انهيءَ جي ٻولي ۽ لغات، انهن جو اسلوب بيان ۽ انهن ۾ سمايل فڪر ڄڻ ڪَسوٽيون آهن جن سان ٻين ذخيرن ۽ ڪتابن ۾ شامل قاضي قادن جي بيتن کي سڃاڻي سگهجي ٿو. موجود تحقيق ۾، انهن ٽن مکيه معيارن جي ذريعي ڏهن ماخذن مان قاضي قادن جا هڪ سو پنجٽيهه بيت پرکي جدا ڪيا ويا آهن جيڪي هن رسالي ۾ شامل آهن.

ٻولي. پرک جو پهريون معيار قاضي قادن جي ٻولي آهي، جيڪا 16- صدي عيسوي ۾ بکر جي علائقي واري سنڌ جي اتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي هئي جنهن سان آڳاٽي دور کان سرائيڪي ٻولي جي آميزش ٿي. دادو ديال جي روايت وارن ماخذن ۾ جيڪو باب ’قاضي قادن جي ساکي‘ ڪري ڄاڻايل آهي، ان ۾ سنڌي بيتن سان گڏ ڪي اهڙا سرائيڪي بيت به شامل آهن جن جي اعليٰ اسلوب بيان سان گڏ معنيٰ پڻ معياري آهي، ۽ ڪافي غور بعد ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهي بيت قاضي قادن جا آهن. انهيءَ ڪري، ائين تسليم ڪرڻ لاءِ ڪافي جواز آهي ته قاضي قادن بکر علائقي واري سرائيڪي ٻولي ۾ پڻ بيت چيا. دادو ديال جي روايت وارن ماخذن ۾ شامل سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ چيل بيتن تي راجسٿاني لَهجن ۽ محاورن وارو رنگ چڙهيل آهي ڇاڪاڻ جو سالن تائين اُهي اتي جي سنتن ساڌن پئي پڙهيا، ۽ سندن مقامي محاورن ۽ لهجن جي آميزش سان ئي سندن زبانن تي چڙهيا. باوجود انهيءَ ٻاهرئين رنگ جي، غور ڪرڻ سان اهڙن بيتن جي اصل سنڌي صورت سامهون اچي ٿي. قاضي قادن احمد آباد ۾ پڙهيو ۽ رهيو ۽ پڻ گجرات- راجسٿان طرف سير سفر ڪيائين جنهن ڪري ڪي لفظ (مثلاً سالورو= ڏيڏر، کَڙ= گاه وغيره) انهن ڀاڱن جا پڻ پنهنجن بيتن ۾ آندائين.

- قاضي قادن جي پنهنجي بکر علائقي (اتر يا سري) واري ٻولي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي جو فطري سنٻنڌ هو، ۽ انهيءَ ڪري قاضي قادن جي بيتن ۾ پڻ سنڌي ۽ سرائڪي جي آميزش جا اهڃاڻ موجود آهن. مثلاً:

تُسان نه اسان جيتري = اوهان کي نه اسان جيتري

سڀئي ڄڀان تکيان     = سڀ زبانون تکيون

راڌي  اجاڙين         = ٻج وڌل پوکيل فصل تباه ڪن

سڄڻ ڏُڄڻ ڏيک ڪي= سڄڻ کي ظاهري طور دشمن واري

رنگ ۾ ڏسي ڪري

-   ’آءُ‘ بدران ’مان‘ جو استعمال، جئن اڃا تائين اترئين ڀاڱي جي سنڌي ۾ آهي.

مان کي سڄڻ گڏيو     = مون کي سڄڻ گڏيو

جتي هوئن مان پرين   = جتي منهنجا پرين هجن

قاضي قادن ’آئون‘ فقط ’آپي‘ جي معنيٰ ۾ آندو آهي.

- لفظ ’ڪاٿي‘ توڙي آخري ’آن‘ واري جمع جي صورت (جئن اڃان تائين اترين سنڌي ۾ آهي) جئن ته زيران، زبران، آيتان، ٻانهان، سِران (مٿا)، ڄڀان، مُهان، دانهان، ليهان، ڪتيبان (ڪتابڙا)، مَڪُريان (ٻيڙيون) پاڻيچيان (اوليون) وغيره.

- اضافي ۽ جري ’حرفن‘ (جو، جي، کان، لاءِ، ۾) جي جدا بيهڪ سان گهٽ، ۽ متصل پڇاڙين سان وڌيڪ، اضافي ۽ جري ترڪيبون جئن ته: ڪنولان ڪر= ڪنولن گلن جي پرگهور، پريان پور= پرين جا پور، ترهي تات= ترهي جي سنڀال، سڄڻان= سڄڻن کي، سيڻان= سيڻن کي، لوڪان= لوڪ لاءِ، تهان= تنهن کان، آڪاسان= آڪاس تان، پيچري= پيچري ۾ يا پيچري تي، صرافين= صرافن وٽ.

- سرائيڪي جي آميزش ۽ اثر جي ڪري، قاضي قادن جي سنڌي ٻولي ۾ لفظن جي آخري حرفن جو ساڪن هئڻ وارو لهجو سمايل آهي. سندس بيتن جي تحقيقي مطالعي سان، ان دور جي بکر واري علائقي جي سنڌي ٻوليءَ جي خصوصيات کي بهتر نموني ۾ سمجهي سگهجي ٿو(*).

اسلوب بيان. تاريخي لحاظ سان، قاضي قادن ان آڳاٽي دور جو شاعر آهي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي عبارت، شعر ۽ بيان جي اوسر ٿي رهي هئي. انهيءَ ڪري قاضي قادن جي اسلوب بيان تي قدامت جو رنگ چڙهيل آهي. سندس اسلوب بيان، گهڻي حدتائين، ڳرو ڳوڙهو آهي ۽ ان جي لفظن جي جوڙ ۽ سٽاء ۾ انوکائي آهي. باوجود ان جي، سندس اسلوب بيان ۾ هڪ خصوصيت ۽ خاص خوبي اها آهي جو بيت جي پهرين سٽ ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال جي وڌيڪ تصديق ٻيءَ سٽ ۾ ٿيل آهي: ٻيءَ سٽ ڄڻ پهرينءَ سٽ جو جواز ۽ جواب آهي. قاضي قادن جي اڪثر بيتن ۾ اها خصوصيت نمايان آهي ۽ سندس بيتن کي سڃاڻڻ لاءِ اها به هڪ ڪارگر پرک آهي.

مجموعي طور سان، جيتوڻيڪ قاضي قادن جي ڪلام ۾ ’سنڌي بيت‘ بنيادي طور تي ٻن سٽن وارو ئي رهيو، مگر فني سٽاءَ جي لحاظ سان ٻنهي سٽن ۾ قافين جي بيهڪ ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ ’سنڌي بيت‘ جون چار مکيه صورتون نِکڙي نروار ٿيون. يعني ته (1) ’ڳاهه‘ واري اصل صورت مطابق بيت جي ٻنهي سٽن جي پڇاڙي ۾ قافيا، (2) پهرين سٽ جي وچ ۾ ۽ ٻيءَ سٽ جي آخر ۾ قافيا، (3) پهرين سٽ جي آخر ۾ ۽ ٻيءَ سٽ جي وچ تي قافيا، ۽ (4) پهرين توڙي ٻيءَ سٽ جي وچ ۾ قافيا. قاضي قادن کان پوءِ جي سالڪن انهن ئي سِٽائن وارا بيت چيا جيتوڻيڪ بيت جي پهرين ۽ آخر سٽ جي وچ ۾ وڌيڪ سٽن جو اضافو ٿيو جن جا قافيا آخر ۾ آندا ويا.

پرک جو سڀ کان وڏو معيار قاضي قادن جو اعليٰ فڪر آهي، جيڪو کيس مٿاهون ۽ ممتاز ڪري ٿو.

 

قاضي قادن جو فڪر. قاضي قادن سنڌ ۽ هند جو وڏو صوفي عارف ۽ شاعر آهي جنهن جي عرفاني ۽ اعليٰ اخلاقي شاعري جو اثر سنڌ جي صوفي درويش توڙي سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي سنتن ساڌن تي پيو. موجوده ڄاڻ موجب، قاضي قادن سنڌ جي صوفيانه فڪر جو اڳواڻ آهي. ان سان گڏ، هو سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جو ابو هو. قاضي قادن بيتن جا مختلف موضوع ۽ عنوان، الفاظ ۽ اصطلاع، بيتن ۾ سمايل فڪر ۽ عرفان، سڀ نوان نرالا آهن جيڪي ان کان اڳ نظر نٿا اچن. البت اهي قاضي قادن کان پوءِ ايندڙ عارفن ۽ شاعرن جهڙوڪ شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميين شاه عنات ۽ شاهه عبداللطيف لاءِ ڪنهن حد تائين مثالي نهج ۽ نمونو بنيا.

تاريخي لحاظ سان، قاضي قادن ڏهين صدي هجري (16-عيسوي) واري دور ۾، اتر- اولهه هندوستان (پنجاب، سنڌ، گجرات) جو اڳواڻ عارف شاعر هو. ان کان اڳ ملتان- پاڪ پٽن جو بزرگ شيخ فريد (ثاني) وڏو صوفي منش شاعر هو جنهن جا دوها مڃيل ۽ مشهور هئا. مٿي پنجاب ۾ لاهور جو درويش لال حسين، ۽ هيٺ گجرات ۾ احمد آباد جو قاضي محمود، قاضي قادن جي پوئين دور ۾ ٿيا ۽ سندس ننڍا معاصر هئا. قاضي محمود سنه 930هه ۾ احمد آباد ۾ ڄائو، ۽ لال حسين جو زمانو (945- 1080هه) اڃان به پوءِ جو آهي. انهن جي صوفيانه ڪلام ۾ وڏو حال ۽ وڏي سچائي سمايل آهي. پر قاضي قادن جي عرفان ۾ وڌيڪ وسعت آهي: سندس بيتن ۾ ذات حق جي معرفت، وحدت ۽ ڪثرت، مجاز ۽ ان ۾ سلوڪ ۽ طريقت جا وڏا سبق سمايل آهن. شيخ فريد، غافل ناکُڻي جي تمثيل سان، غافل انسان کي موت کان ڊيڄاريندي سمجهايو ته: اي ناکڻا! جي سجاڳ ٿي نه سنڀاليندي ته تنهنجو ٻيڙو ڪپر هيٺان اچي ويندو.

ڏينهن لٿا، سَنجها پَئِي، اڳُون آئِي رات

کَڙا پُڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر واتِ

ڀيٽ ۾، قاضي قادن ايمان جي مضبوطي جو سبق ڏيندي اميد ۽ ڪاميابي جي راه ڏيکاري ته:

جي سو سڃاتوءِ، جو سَرَ سندو پاتڻي

وڃ لَهِرين گڏيو، ڪَپرُ ڪِي نه ڪندوءِ.

قاضي قادن جي عارفانه فڪر جو سنڌ جي صوفين سالڪن توڙي سنڌ کان ٻاهر جي سنتن ساڌن تي وڏو اثر پيو. سيوهڻ ۽ پاٽ جا عالم عارف سندس عرفاني فڪر کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ هنن سندس بيتن جي ذخيري کي سانڊيو ۽ هندستان ۾ برهانپور تائين پهچايو(1). سڌ اندر جتي ڪٿي قاضي قادن جا بيت مشهور ٿيا ڇاڪاڻ جو هُو نه فقط وڏي حال وارو مفڪر هو پر ان دور جو وڏو عالم هو. انهيءَ ڪري، عالمن جي محفلن ۽ درسگاهن ۾ سندس بيتن جو ذڪر لازمي هو. ان جو ثبوت ڪنهن حد تائين ان وقت جي درسي ۽ معلوماتي مواد مان ملي ٿو جيڪو اوڻيتاليهن منظوم موضوعن جي صورت ۾ سلامت رهيو آهي(1). هيءَ ذخيرو سنه 1067هه ۾ اتاريو ويو، يعني ته اهو قاضي قادن جي وفات کان پوءِ هڪ سئو سالن واري عرصي (958- 1067هه) جو منظوم مواد آهي جنهن ۾ قاضي قادن جي توحيد ۽ تصوف واري فڪر، ۽ سندس اسلوب بيان ۽ لفظن اصطلاحن جو عڪس موجود آهي. هيٺين مثالن ۾ اهو اثر چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو:

ڪي سرها سيڻن سين، ڪي ڏنائين ڏک

-

اُهارِيندا ٻيڙيون، پڳهه کڻي تڙا

مڻندا درياءُ، پَسندا ڪوڏ ڪَنا.

-

نه دوست ئي دور ڪِيئاءِ، نه تو ڏجڻ ڏور

-

پاڻ هي هئو راڄيو، پاڻ هي هئو راء

پاڻِ جي مُلڪ تنهين پاڻ لئائين پاءُ

-

رک تُنهنجي راڄيا، گهُري سڀوئي جَڳ

-

مَنڊيو ميزان، که سندي نور کي

-

واکاڻيون وڏو ڌڻِي هَٿَوَ هِڪ اللهُ.

قاضي قادن جي دور جا ڪي ٻيا شاعر به هوندا جن جو ڪلام اسان تائين نه پهتو آهي. اهڙو گمان انهيءَ مان ٿئي ٿو جو دادو ديال جي روايت وارن ماخذن ۾ ڏنل باب ”قاضي قادن جي ساکي اور پي ساڌان ڪي ساکي“ ۾ ٻين شاعرن جو ذڪر آهي. انهن مان ٻن سنڌي شاعرن، هالو ۽ ڀِرڪڻ جا بيت ڏنل آهن، جن تي جيتوڻيڪ راجسٿاني لهجي جو رنگ چڙهيل آهي ته به اهي سنڌي ۾ چيل معلوم ٿين ٿا. هالو کي هن کان اڳ ’هَلُو‘ يا ’حلُو‘ ڪري پڙهيو ويو، پر صحيح نالو ’هالو‘ ئي معلوم ٿئي ٿو. ’ڀرڪڻ‘ نالو، ’ڀرڪيو‘ جي پيار ڀري تصغير آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي بيت ڀرڪيي ڪاتيار جا چيل هجن. اهي گمان وڌيڪ تحقيق طلب آهن، پر ڌيان طلب ڳالهه اِها آهي ته قاضي قادن جي دور جي (يا ٿورو اڳ يا پوءِ جي) انهن شاعرن جي ڪلام جي ڀيٽ ۾ قاضي قادن جو ڪلام وڌيڪ اتم ۽ اعليٰ آهي. هالو ۽ ڀرڪڻ جي هيٺين بيتن جي ڀيٽ مان پڻ ائين معلوم ٿئي ٿو.

سَفر مٿي سُپرين اُڀا بارَ لَڏِن

هَلن جون هالون چوي ڳجهيون ڳالهيون ڪن

(جيپور گرنٿ-6 (77)، سنتونڪي واڻي (77) جيپور گرنٿ-4 (83)

-

نِڪنجو (ڪُنجو) ٿيو، ڪُنجو ٿيو نِڪُنج

جنهين ڪم نِڪُنج سان سو ساٿڙو مَ مُنجهه *

-

هليا سي نِڪُنجڙو، ڀِرڪڻ چيا ڀَري

لوڪان اورِي آسري، اسان پَتِ پَري. *

سنڌ کان ٻاهر، گجرات جو درويش دادو ديال (1544- 1903ع) جيڪو قاضي قادن جي وفات وقت ننڍو هو سو پوءِ قاضي قادن جي بيتن ۽ انهن ۾ سمايل فڪر کان بيحد متاثر ٿيو ۽ سنڌي ۾ بيت ۽ دوها چيائين. دادو ديال قاضي قادن کي روحاني طور تي پنهنجو گُر پير ڪري ٿي ڄاتو، جئن هيٺين بيت ۾ چيائين ته:

تون وِيرئون ئي وِير، جوڳي سو جو جڳ ۾

تون اسانهه جو پير، سُوڌي ڏئين سرير ۾.

هيءَ بيت، دادو ديال جي چئني روايتي ماخذن ۾ ”قاضي قادن جي ڪي ساکي“ ۾ موجود آهي(**). دادو ديال جي سنڌي بيتن ۾ سمايل خيالن تي قاضي قادن جي خيال جي ڇانوَ آهي. اڪثر ڪن بيتن ۾ ته ساڳيا قاضي قادن وارا لفظ آندائين. مثلاً:

قاضي قادن: جِي تو لائي رَچمچَ، ته لِڪڻ ڇپڻ ناه

زَ هر هَلاهِل هٿ ڪر، ڪارڻ پِريان کاء

دادو: سِتگر هَم دَم مين ڪَٺن سَنم رهيا نه جاءِ

دادو گيان وچار وِن وِکَئه هلاهل کاءِ

سنڌ ۾ قاضي قادن جي اثر جو وڌيڪ چٽو ثبوت شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ آهي. شاهه عبدالڪريم (ولادت 944هه) چوڏهن سالن جو هو جو قاضي قادن 958هه ۾ وفات ڪئي. ان وقت ٺٽي جي درسگاهن ۾ ۽ پڻ ٻين عالمن وٽ قاضي قادن جا بيت عام مقبول هئا جو شاهه عبدالڪريم به ٻڌا ۽ ياد ڪيا، جيڪي پوءِ پنهنجن فقيرن آڏو پڙهيائين. اهڙن ستن بيتن پڙهندي، نالو وٺي چيائين ته اهي قاضي قادن جا آهن. قاضي قادن لاءِ کيس وڏي عزت هئي جو سندس نالو وڏي احترام سان ورتائين. پر شاهه عبدالڪريم پاڻ به علم ۽ فڪر جو صاحب هو ۽ پڻ سلوڪ ۽ طريقت جي راهه کان باخبر هو، ايتري قدر جو قاضي قادن جي ٻن بيتن ۾ سمايل ڳُوڙهن خيالن بابت پنهنجي راءِ ڏنائين. ’نفي ۽ اثبات‘ واري فڪر بابت قاضي قادن جي چيل هيٺئين بيت جي توضيح ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي طرفان اصلاح جي صلاح ڏنائين:

”لا“ لاهيندي ڪَن کي، ”لا“ مُورهين ناهه

بالله ري پريانہِ، ڪَٽُ نه ڏُسي ڪي ٻيو.

’بيان العافين‘ جو مصنف لکي ٿو ته پوءِ ”انهيءَ بيت جي رد ۾ حضرت جن هيءُ بيت پڙهيو“:

’لا‘ مَ لوڌي ڪَڍُ، ’اِلا‘ مَ لاهِه لِکَ سِين

جو مَظهَرُ سندو ماڙهُوئين، تِنہ ڪئن ڪَريين وَڍُ“

هڪ ٻئي بيت ۾، قاضي قادن پنهنجي ’حال جي مشاهدي‘ ۾ ’جِهَت جي نابودي‘ جو اظهار ڪيو ته:

سائرَ ڏيئي لَتَ، اوچي نيچي ٻوڙئي

هيڪائين هيڪ ٿئو، ويئي سڀ جِهَت

شاهه عبدالڪريم جواب ۾ چيو ته:

سائر ڏي نه لَت، اوچي نيچي سڀ ڪهين

نابودي نه ٿئي اي ناديدي جِهتَ

مٿئين پهرئين بيت ۾ ’نفي ۽ اثبات‘ هيئت ۽ حقيقت ۽ هيٺئين ٻئي بيت ۾ جِهات ۽ تَعَيُنات جي اهميت ۽ اِفاديت، بابت هن عارفانه اختلاف کي ڪي وڏا صوفي سالڪ ئي صحيح طور تي سمجهي ۽ سمجهائي سگهندا. تفصيلي توضيح آسان نه آهي. البت هن عارفانه اختلاف جي باريڪي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سلوڪ ۽ طريقت جو فهم ۽ عرفان ڪيڏي نه اعليٰ سطح وارو هو.

شاهه عبدالڪريم کان پوءِ، ويندي شاهه عبداللطيف جي وقت تائين، قاضي قادن جا بيت مشهور معروف رهيا. شاهه عبداللطيف کي انهن بيتن بابت پهريائين ’بيان العارفين‘ مان معلومات حاصل ٿي ۽ پوءِ سنڌ جي عالمن عارفن ۽ ڪن ٻين سالڪن کان هن قاضي قادن جا وڌيڪ ٻڌا. ان جي تصديق ’شاهه جي رسالي‘ ۾ شامل قاضي قادن جي انهن بيتن مان ٿئي ٿي جيڪي ’بيان العارفين‘ ۾ آهن، يا ناهن پر ٻين ماخذن (دادو ديال جي روايت) ۾ ملن ٿا. اهڙن بيتن بابت ’قاضي قادن جي رسالي‘ جي مختلف عنوان هيٺ وضاحت ڪئي ويئي آهي.

’شاهه جي رسالي‘ ۾ نه فقط قاضي قادن جا ڪافي بيت شامل آهن پر شاهه صاحب جا پنهنجا به ڪيترائي بيت آهن جن ۾ قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. شاه صاحب، قاضي قادن جي ڪن موضوعن (سمنڊ، ٻيڙي، گهاتو وغيره) کي پنهنجي رسالي جي سُرن ۽ داستانن جا عنوان بنايو؛ قاضي قادن جي بيتن جي ڪن سٽن کي پنهنجن بيتن ۾ آندو ۽ انهن ۾ سمايل معنيٰ کي وڌيڪ چٽو ڪيو؛ ۽ پڻ قاضي قادن جي فڪر جي ڪن رخن کي وڌيڪ روشن ڪيو. مثلاً قاضي قادن اهو اهڃان ڏنو ته:

جيئن ڦِڦڙ ماههَ ۾، ائين روزا عيد نماز

اڃان آهي ڪا ٻِئِي اَلله سندي حاج.

شاهه عبداللطيف هن بيت ۾ سمايل معنيٰ کي وڌيڪ کوليو ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’عمل جي معيار‘ بدران ’فهم ۽ فڪر جي معيار‘ جو اهڃاڻ ڏنو، پر اهڙو فهم جيڪو پرينءَ تائين پهچائي:

روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪمُ

اُوڪو ٻئو فَهمُ، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

قاضي قادن حقيقي محبوب سان وصال واري منزل کي مٿاهون ڪري روز محشر جي ميعاد تائين پهچايو، ۽ ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته:

روز محشر ڏينهڙي ستر سج تپن

سڀوئي جُهڙ ڀانيان، جي مون پري مِڙن.

شاهه عبداللطيف، حقيقي وصال واري منزل کي اڃان وڌيڪ مٿاهون تصور ڪندي چيو ته: قيامت جي ڏينهن وصال واري منزل ته ويجهي آهي؛ حقيقي وصال جون واڌايون ته اڃان اڳاهيون آهن:

جي قِيَامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپرين

تِهان پَري سُڄنِ، واڌايون وصال جون!

قاضي قادن جي تخليقي فڪر جا نوان رخ سندس رسالي جي معنوي عنوانن ۽ انهن هيٺ آيل بيتن جي مطالعي مان نروار ٿين ٿا. موضوعن جي اعتبار سان، قاضي قادن پهريون ڀيرو عوامي ڳالهين ۽ قصن جي روايت کي عارفانه فڪر جي عنوان سان ملايو. قاضي قادن عام قصن ۽ زندگي جي عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ جا ماڻ ڀري، خاصن جي خاص فڪر کي عوام جي عام ذوق سان پيوَند ڪري، سنڌي شاعري ۾ هن نئين لاڙي کي ايترو ته پڪو پختو ڪري ڇڏيو جو کانئس پوءِ ايندڙ وڏن شاعرن ان جي ديوارن تي ئي شعر ۽ ادب جي شاهي عمارت اڏي. مختلف موضوعن جئن ته واڍوڙيل ۽ ويڄ، سورهيه ۽ رڪ وهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سونهان ۽ معلم، اُٺ ۽ اُلٽي عادت، بَٺ ۽ باهه، اَپيري ۽ اَواٽ، لڱو مڱڻو ۽ سخي جي سخا، سسئي جو پنهون لاءِ پنڌ، ليلان جي چنيسر کي آرداس، ۽ گهاتو ڀائرن کي سندس پيءُ اوباهيي جي نصيحت- انهن مڙني جي تمثيلن ۽ تلميحن کي قاضي قادن پنهنجي بيتن ۾ آندو، ۽ اهڙن اهڃاڻن لاءِ موزون الفاظ ۽ اصطلاع استعمال ڪيائين: اهي موضوع ۽ مثال اڳتي هلي اعليٰ شاعري جا مکيه موضوع بنيا، ۽ شاهه عبدالڪريم، ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين اهي تشبيهون، تمثيلون ۽ تلميحون پنهنجن بيتن ۾ آنديون.

جڳ جهان جي خالق ۽ مالڪ ۾ ايمان، توحيد جي اقرار، وحدت ۽ ڪثرت جي ويچار، محبت جي اعليٰ معيار، اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ترغيب سان گڏ، قاضي قادن ڪاميابي ۽ ڪامراني واري منزل تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ۽ حيلي، همت ۽ حوصلي، خود آگاهي ۽ خوداعتمادي جي تعليم ڏني. قاضي قادن جي فڪر جو اهو رخ سندس دور جي لحاظ سان وڏي اهميت وارو آهي. ٻن خاص عنوانن (همت ۽ خوداعتمادي ۽ تُرهي جي تات‘ صفحا 150- 160) هيٺ آندل بيتن ۾ ڏنل ترغيب ۽ تاڪيد مطابق: سچو سورهيه اهو جو رُڪ وهندي راند ۾ ترارين سامهون وڃي؛ بهادرن جي ڀيٽ تڏهن ٿيندي جڏهن وڏا پهلوان منهن مقابل ٿيندا؛ نازڪ مزاجي ۽ ضعيفي جو انجام موت آهي؛ نازڪ ٻاٻيهِڙا ڳيرڙا ته چُرونءَ پاڻيءَ ۾ به ٿا ٻڏي مرن! توکي ڪا سمجهه هجي ته جيڪر ڳيرو نه ٿئين!

ٻُڪَ پاڻيءَ منجهه، ٻاٻيها ٻڏي مئا

جي تو پوي سمجهه، تان تون ڳيرو نه ٿيوين!

حوصلي ۽ همت واري معنيٰ ۾ سندس ٻين بيتن ۾ ڏنل ترغيب ته: درياءُ تيڏو ئي ڀر جي تکو وهندو جيڏوان جو منهن هوندو! پنهنجي ڪوشش ۽ ڪمائي کان سواءِ مچ نه مچندو! شال تون همت ۽ حوصلي سان تَرين جو مٿي سان ٻَڌلُ پنهنجو مولهيو نه پُسائين ۽ چڱن آڏو لڄي نه ٿئين! تون پنهنجي تُرهي (ٻيڙي) جي تات ڪر ۽ ان کي سنڀال! پر جي وڏي پاڻيءَ ۾ ڪٿي تُرهي جو ترو ٽٽي پوي ته پنهنجين ئي ٻانهن کي اوليون ڪر ۽ تري پار پهچ، باقي ٻين کي نه ٻاڏاءِ.

جي تَرُ ٽُٽو تُرهَڙي، سائِر منجهه ٿِيانہِ

ڪَرِ بانهيان پاڻيجيان، مَ ڪَرِ سَڏ ٻِيانہِ


(1) ڏسو راقم جي تحقيق ۽ تصحيح سان مرتب ڪيل ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ ، مطبوع سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1414هه-1993ع

* هي ٻئي بيت ’ڀرڪڻ‘ جا چيل آهن ۽ نالو هيٺئين بيت ۾ آيو آهي.

(1) دادو بابت ”دَبِستان مذاهب“ جي مصنف لکيو آهي ته هو هڪ نَداف (پڃاري) جي گهر ۾ ڄائو ۽ عام روايت موجب احمد آباد ۾ وڌي وڏو ٿيو. سندس اصل نالو ’دائود يار‘ هو ۽ سامڀر جي درويش شيخ ٻُڍڻ صوفي جي دعا سان پاڻ به صاف دل صوفي ٿي پيو. جئن پوءِ تئن گهڻا هندو سندس مڃتا ۾ آيا ۽ اهي کيس پنهنجي ويساه موجب هندو ڀڳت سمجهڻ لڳا. مسلمان مريد بدستور سندس دائري ۾ داخل رهيا ۽ ويندي بنگال تائين هو کيس مسلمان درويش طور مڃيندا رهيا آهن. دادو جي مريدن ۾ رجب پٺاڻ هڪ وڏو درويش هو، جنهن جا چيل دوها مشهور آهن.

(2) ڏسو راقم جي تصنيف ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ، سنڌ يونيورسٽي1990ع، صفحا 295- 297 ۽ 331- 333

(1) ڏسو ’ڀاڱو ٽريو ضميمو‘

(1) جيئن هيري ٺڪر قاضي قادن جو ڪلام (صفحا 37-38) ۾ تفصيل سان ڄاڻايو آهي.

(*) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جي تصنيف ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ، مطبوع سنڌ يونيورسٽي 1411هه/1990ع، صفحا 232- 236

 

ڀاڱو ٻيو

 

متن

قاضي قادن جو رسالو

 

 

 

 

حمد: سائينءَ جِي ساراههِ

(1)

اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هِي ڄاڻُ

مَنڊي تُر مِيزاڻ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين.

• ماخذ. حڪايات الصالحين (4)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ: ٻيءَ سٽ ۾ ’منڊي تر مِيزان‘ هڪ آڳاٽو اصطلاح آهي: تُرميزانُ منڊڻ= ساهمي سنئين بيهاري پوري پڪي تور ڪرڻ، تارازي ٽنگي پڪي پختي تور ڪرڻ. روايتي اصطلاح موجب، قيامت جي ڏينهن تازاري ٽنگبي ۽ هر ڪنهن جي نيڪين بدين ڏوهن ثوابن جي تور ٿيندي، هڪ پڙ ۾ نيڪيون ۽ ٻئي ۾ بديون پونديون: جن جي نيڪين جو تُراڙو ڳرو ٿيندو تن تي ڌڻي تعاليٰ جي نوازش ٿيندي ۽ جن جي گناهن جو تُراڙو ڳرو ٿيندو تن تي عذاب ايندو.

ــــ يا الله! اسين تنهنجا بندا آهيون، توئي اسان جو مالڪ آهين (۽ اسان جو حساب ڪتاب به تون) پاڻهي پاڻ ئي ڄاڻ!

ــــ رحم جي نظر ڪر! باقي ثوابن گناهن جي پڪي تور وارو حساب پنهنجن گنهگار بندن سان ڪيترو ڪندين!

(2)

اَنان ئِي ٻَنا ڪَرِين، ٻَنا اَن منجهاوَ

راڄُ تُنهنجو راڄِيا، ٻيا راوَ ئِي راوَ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (107)، سنتون ڪي واڻي (107)، ورهد (104)

• پڙهڻي. پهرئين سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’ٻنا‘ بدران ’پَنا‘ آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ته: اي ڌڻي، تون ’اَن‘ مان ’پَن‘ ٿو ڪرين (= ’ٻج‘ مان پنن وارا ٻُوڙا ٿو اپائين‘ )، يا ’ان‘ کي ڦيرائي ’پن‘ ٿو ڪري ڇڏين. پر لغت ۾ صحيح لفظ ’پن‘ آهي ۽ نه ’پنا‘ . وڌيڪ سهڻي معنيٰ تڏهن ٿيندي جڏهن ’پنا‘ جي بدران ’ٻنا‘ پڙهبو. ’ٻنا‘ معنيٰ ’وڏيون ٻنيون‘ يا ’وڏا کيت‘.

معنيٰ:

ــــ (اي خالق مالڪ! هيءَ تنهنجي ئي قدرت ۽ وڏائي آهي جو) اَن جي ڪڻن مان وڏا شاهي کيت ٿو اُپائين! تون بيشڪ وڏا شاهي کيت ان (ٻج) مان ئي ٿو اُپائين.

ــــ اي وڏا مالڪ! حقيقي راڄ تنهنجو ئي آهي؛ توکان سواءِ ٻيا سڀ ننڍڙا راوَ ۽ راڄواڙا آهن.

(3)

جي گهُر گهَڙِي نه ڪِينِ، سائين تو ديدار کي

ڪيهِي حُجَ ڪَرينِ، سيئِي پنهنجي رَب ڏانہ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (5)، سنتون ڪي واڻي (5)، ورهد (5)، جيپور گرنٿ-4 (6)

• پڙهڻي: اصل پڙهڻي ’گهُرِي‘ آهي: صحيحُ گَهڙي‘ ؛ پڻ پهرين سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’ڪين‘ بدران ’ڪِينهه‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ان سان ملندڙ قافيو ’ڪَرينهه‘ آهي، ۽ ٻنهي جا اُچار پاڻ ۾ ملن ٿا. ڀانئجي ٿو ته قاضي قادن جي دور واري آڳاٽي ٻولي ۾، ڪن لفظن جي اچار پويان ٽيڪ واري ’هه‘ آڻيندا هئا. ڪن لفظن ۾ اهو ’هه‘ وارو آخر اُچار ضمير مخاطب جي چٽائي وارو هو. ’ڪينِ‘ ۽ ’ڪرينِ‘ (ضمير غائب جمع) پڙهڻ سان صاف صحيح معنيٰ نڪري ٿي. ٺٽي طرف رهڻ وقت اهي لفظ قاضي قادن جي زبان تي چڙهيا.

پهرين سٽ ۾ ’سائين تو‘ پڙهڻ سان معنيٰ نڪري ٿي؛ ’ساعت ئي‘ ڪري پڙهجي ته به چڱي معنيٰ نڪرندي، يعني:

”جي گهُري گهڙي نه ڪِينِ، ساعت ئي ديدار کي“

معنيٰ:

ــــ اي رب سائين! جيڪي تنهنجي الاهي ديدار لاءِ هڪ گهڙي به نٿا ٻاڏائينِ

ــــ سي پنهنجي رب سان (سندس قرب، ٻاجهه ۽ ڪرم جي) ڪهڙي حجت ڪري ٿا سگهن!

(4)

ڏِنَئِين پاڻَ واکاڻَ کي، ڄِڀِ تُنهنجي واتِ

بندا خالق نه گهُرين، ڪَريَن پرائي تاتِ

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (63)؛ سنتون ڪي واڻي (63)، ورهد (68).

• پڙهڻي. پهرئين سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’واکاڻ کؤن‘ آهي؛ ’واکاڻ کي‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي ’ورهد‘ مطابق آهي: جيپورگرنٿ-6 ۾ پڻ پهرين سٽ جو پهريون اڌ ”بندا خالق نه گهرين“ آهي. ’سنتون ڪي واڻي‘ جي سنواريل پڙهڻي: ’وڏي خالق نه گهرين، ڪرين ٻاڙي تات‘

• معنيٰ:

ــــ (تُنهنجي جوڙيندڙ ۽ خالق) پنهنجي حمد ۽ ساراهه لاءِ توکي وات ۾ زبان ڏني؛

ــــ پر اي بندا! تون پنهنجي خالق سان لئون لڳائڻ بدران ٻين( غيُرالله‘) کي ياد پيو ڪرين!

(5)

جي مون ڏِيئين لَکَ ڌَڙَ، ڌَڙِ ڌڙِ لَکَ سِران

سِرِ سِرِ لَکَ مُهان ٿِيئنِ، مُههِ مُههِ لَکَ ڄِڀان

سَڀي ڄڀان تِکيَان، تَڪڙَيان لَوان

صِفَتِ تُنهنجِي راڄِيَا! تَوهئون ڪيئن ڪَران!

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (73)؛ سنتون ڪي واڻي (83).

• پڙهڻي: چوٿين سٽ جو پويون اڌ ”توهون ڪيئن ڪَران“ آهي، جنهن ۾ ’توهَئون‘ (= تنهنجي لاءِ، تنهنجي لائق) پڙهڻ سان سهڻي معنيٰ نڪري ٿي. ’ڪران‘ سرائڪي لفظ (ڪريان) آهي ۽ پڻ ڍاٽڪي- مارواڙي ۾ ’ڪران‘ چوندا. سِران، مهان، ڄڀان ۽ ڪران چارئي قاضي قادن جي ٻولي جا لفظ آهن.

• معنيٰ: هن بيت ۾ سچي محبت ۽ عقيدي جو اظهار نهايت ئي اعليٰ شاعري ۾ ڪيل آهي ته:

ــــ اي منهنجا ڌڻي! جي تون مون کي لکين ڌڙ ڏين، ۽ هرهڪ ڌڙ تي لکين سر هجن،

ــــ هر سر ۾ لکين وات هجن، ۽ هر وات ۾ لکين زبانون هجن،

ــــ اهي سڀ زبانون ڳالهائڻ جون تکيون هجن، ۽ انهن کي (تنهنجي واکاڻ ۾) تڪڙو ورايان

ــــ ته به اي سڀن جا سائين! تنهنجي لائق ساراهه آءٌ ڪا پوري ڪري سگهان!

(6)

تون آڌارُ سڌارُ تون، تون آڏائُو اَڏَ

تون ئي اکڙيُنِ ۾، تون ئي اَندرِ هَڏَ

ڳَلِ لَڳي ڳالِهه چوان، ڪيهِي حاجَتَ سَڏَ!

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (112)، سنتون ڪي واڻي (112)، ورهد (111).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان، بيت جي صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ:

ــــ (اي منهنجا مالڪ) تون ئي منهنجي آڌر آهين، تون ئي مون کي وڌائيندڙ سکيو ڪندڙ آهين، ۽ تون ئي منهنجو اجهو ۽ اوٽ آهين:

ــــ تون ئي (منهنجو محافظ، ۽ مون سان گڏ) منهنجي اکين ۾ ۽ منهنجي هڏ هاٺي ۾ سمايل آهين:

ــــ (تون مون کي ايترو ته ويجهو آهين جو) آءٌ توکي ڳل لڳي دل جي ڳالهه چئي سگهان ٿو: سڏ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي.

(7)

آهر اَلاهان، ڪو مَ لاهيو ڪَڏِهين

ويا ڪاڄَ هَٿان، وَڌَ آڻيندو وڏو ڌڻي.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (108)، سنتون ڪي واڻي (108)، ورهد (110).

• پڙهڻي. ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ پهرين سٽ جي پڙهڻي ’الاهان‘ بدران ’الاهر‘ ۽ ’ڪوم‘ بدران ’ڪوءِ م‘ آهي. قافيي جي لحاظ سان، ’اَلاهان‘ (= الله مان) پڙهڻ صحيح ٿيندو. ’ڪوءِ م‘ بدران ’ڪوم‘ پڙهڻ وڌيڪ موزون ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ’هٿان‘ پڙهڻ سان ئي قافيو صحيح ٿيندو.

• معنيٰ

ــــ الله تعاليٰ (جي رحم ۽ ڪرم) مان هرگز اميد آسرو نه لاهيو!

ــــ وڏا ڪم جيڪي هٿن مان نڪري ويا آهن (جن جي ٿيڻ جي اُميد ئي ڪانهي) سي به ڌڻي وري وڌائي پورا ڪندو.


 

وحدت ۽ ڪثرت

(1)

تون چَئُه اللهُ هيڪَڙو، وائي ٻِي مَ وارِ

سوئِي ڏِيو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏِهين.

• ماخذ: شاه جو رسالو (22)، جيپور گرنٿ-6 (7)، سنتون ڪي واڻي (7).

• پڙهڻي: مٿي ڏنل پڙهڻي ’شاه جو رسالو‘ مطابق آهي. باقي ٻن ماخذن ۾ پهرين سٽ جي پڙهڻي:

اکر ٻيا وسار، الف انگُ هي ياد ڪر

• معنيٰ:

ــــ اي انسان! اي حق ۽ حقيقت جا طالب! تون اهو اقرار ڪر ۽ چَئُه ته الله هڪڙوئي آهي؛ ٻي ڪا وائي زبان تي ئي نه آڻ!

ــــ تون اها ’توحيد‘ (هيڪڙائي حق) واري دائمي شمع روشن ڪر، جيڪا ڪڏهن به وسامڻ واري ناهي.

(2)

تون چَئُه الله هيڪَڙو، وائي ٻِي مَ سِکُ

سَچو اکرُ مَنَ ۾، سوئي لِکيو لِکُ.

• ماخذ: بيان العارفين (11) ۽ شاهه جو رسالو (11) (جنهن ۾ بيان العارفين وارا سڀ بيت موجود آهن، ۽ انهيءَ ڪري اها ساڳيا نمبر رکيا ويا آهن).

• پڙهڻي. اصل ائين. هيءُ بيت ۽ هن کان پوءِ ايندڙ بيت ٻئي ’بيان العارفين‘ ۾ هڪ ٻئي پٺيان آندل آهن ۽ ٻنهي جي ٻولي قاضي قادن واري آهي: هن ۾ اکر، لکيو، لکڻ، سکڻ قاضي قادن جي موضوع ۽ بيان جا الفاظ آهن، ۽ هن بعد ٻئي بيت ۾- مروئان، موران، پکڻان جي جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي.

• معنيٰ:

ــــ اي انسان! اي حق ۽ حقيقت جا طالبَ! تون اهوئي اقرار ڪر ۽ چَئُه ته ’الله‘ هڪڙوئي آهي: ان اقرار کان سواءِ ٻي ڪا ٻولي ئي نه سِکَ.

ــــ الله جي هيڪڙائي وارو اهو سچو اکر، پنهنجي اندر ۾ پيو وري وري لک (پنهنجي دل تي پيو وري وري وِرد ڪَرِ).

(3)

وائي ٻي مَ ڀُلُ، مِرُوئان مُووران پَکَڻان

بِاللهِ سَندو سَڄَڻين، هُو هُلاچو هُلُ.

• ماخذ: بيان العارفين (12)، شاهه جو رسالو (12)

• پڙهڻي: اصل ائين. مِرُوئان، مُوران، پکِڻان جي ’جمع‘ واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. ميين شاهه ڪريم ’پَکڻان‘ پڙهيو، پر قاضي قادن جي ٻولي مطابق ’پَکيان‘ پڙهڻ به صحيح ٿيندو.

• معنيٰ:

ــــ اي انسان! اي حق ۽ حقيقت جا طالب! مِروئن، جيتن، ماڪوڙين، ۽ پکين جي ٻولي به ’الله جي هيڪڙائي‘ واري آهي: تون مُنجهه نه ته ڪا ٻي آهي.

ــــ الله جي ذات جو قسم! انهن جاندارن جي ٻولين وارو هول ۽ غوغاءُ ساڳيو ان سائين جي آواز وارو ئي آهي!

(4)

ايڪ قَصرَ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين سَهسين کِڙڪِيَان

جان ئي ڪَرِين پَرکَ، تان ئي سَڄڻَ سامُهان.

• ماخذ: شاهه جو رسالو (23)، جيپور گرنٿ-6 (32)، سنتون ڪي واڻي (32)، ورهد (31)، جيپور گرنٿ-4 (45)

• پڙهڻي: مٿين پوين چئن ماخذن ۾ اصل پڙهڻي ’عين قصر‘ ’شاهه جي رسالي‘ ۾ هي بيت هيٺين پڙهڻي سان موجود آهي:

ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين سهس ڳڙکيون

جيڏانہ ڪريان پرک، تيڏانہ صاحب سامهون.

پهرين سٽ ۾ ٻي پڙهڻي: ’ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون‘ ، پر رسالي جي جن به دستخطن يا ڇاپن ۾ هي بيت آيو آهي، تن ۾ شروعات وارا لفظ ”ايڪ قصر‘ آهن. قاضي قادن جا بيت جيئن سنڌ ۾ هلندا آيا، تيئن هن بيت جي پڙهڻي ”ايڪ قصر“ رهي؛ پر اهي بيت جڏهن دادو ديال جي روايت ۾ سندس ٻالڪن جي زباني بيان ٿيا ته ”ايڪ قصر“ بدران ”عين قصر“ جا الفاظ آيا. ”ايڪ قصر“ واري پڙهڻي ترجيح واري آهي، ڇاڪاڻ ته فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ سان ”ايڪ قصر در لک“ وارو فقرو وڌيڪ وزنائتو آهي، جوان ۾ ’هڪ‘ ۽ ’لک‘ جي ڀيٽ آهي. لفظ ’عين‘ کانسواءِ، دادو ديال جي روايت وارا باقي ٻيا لفظ ’شاهه جي رسالي‘ واري پڙهڻي کان بهتر آهي. ’کڙڪيان‘ قاضي قادن جي بکر واري ڀاڱي جي ٻولي مطابق آهي، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ”ڳڙکيون“ لاڙ جي ٻولي آهي. ’جان ئي‘ پڻ قاضي قادن جي ٻولي جو لفظ آهي. ’ڪرِين‘ پڻ اتر جي هڪ مخصوص محاوري مطابق ’ڪريان‘ جي برابر آهي؛ جيڪڏهن ان کي ضمير حاضر مخاطب واري عام مفهوم ۾ وٺجي ته به معنيٰ صحيح ٿيندي.

• معنيٰ: هيءُ بيت وحدت ۽ ڪثرت جي معنيٰ ۾ چيل آهي:

ــــ هيءُ جملي جهان هڪ ئي محل مثال آهي، پر ان کي لکين در ۽ ڪوڙين هزارين دريون آهن (بي شمار رنگ ۽ نظارا آهن)

ــــ جتان ئي نهاربو، يا جتان به تون نهارين، ته اتان اهو سائين (خالق، ڌڻي) سامهون نظر ايندو.

(5)

سوئِي هيڏان، سوئِي هوڏان، سوئِي سو وَسي

تهين سندي سوجهري، سوئي سو پَسي.

• ماخذ: شاهه جو رسالو (31)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ (جيڪو هن سڄي جهان ۽ ڪائنات جو خالق مالڪ آهي) سوئي هر طرف هرجاءِ موجود آهي.

ــــ هو پاڻ پنهنجي روشنيءَ سان ئي سڀ ڪجهه ڏسي پسي ٿو.

 

(6)

واحِدُ هَنڌين دائرين، هيڪڙو ميئِي

جِنهِين جان جُدا ڪِي، پَسندا سيئي.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (25)، سنتون ڪي واڻي (25)، ورهد (25)، جيپور گرنٿ-4 (27)،

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل لفظ ’هيڪڙيو‘ آهي، جنهن کي ’هيڪڙو‘ ڪري پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. لفظ ’ميئي‘ شايد قاضي قادن جي مقامي ٻولي جو آهي، يعني ’مڙيئي‘ ؛ ٻي معنيٰ ۾ ’ميئي‘ (مقامي محاوري ۾) ’مائي‘ (سمائي) جي بدليل صورت ٿي سگهي ٿي. ’هنڌين‘ = هنڌين ماڳين، هرجاءِ. ’دائرو‘= ’حلقو‘ تعليم جي سلسلي جو (شاگردن جو استاد آڏو گولائي ۾ ويهڻ)، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ ٿيندي درسگاه يا علمي مرڪز. مهدوي تحريڪ ۾ (جنهن ۾ قاضي قادن شامل هو) ’دائرو‘ ملڪ جي هر ڀاڱي ۾ هڪ مقرر علائقو هو جنهن ۾ مهدوي طريقي وارن کي ڪن اصولن موجب زندگي بسر ڪرڻي هئي. اهڙا ڪيترائي علائقا هئا. ان لحاظ سان دائرو معنيٰ اعتقادي نظريي ۽ فڪر وارو ماڳ يا گروه.

• معنيٰ:

ــــ هنڌين ماڳين دائرين، هرجاءِ ۽ هرماڳ، ڌڻي واحد هڪ ئي آهي.

ــــ پر ان کي اهي ئي ڏسي سگهندا جن پنهنجو پاڻ وڃايو آهي ۽ پنهنجي هستي ۽ خودي کي ختم ڪيو آهي.

(7)

سائِرَ ڏيئي لَتَ، اوچِي نِيچِي ٻوڙِئي

هيڪائِين هيڪُ ٿئو، ويئَي سَڀَ جِهَت.

• ماخذ: بيان العارفين (5)، شاهه جو رسالو (5).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ:

ــــ سمنڊ (يا درياء) وڏي اُٿل ڏيئي، هيٺاهين مٿاهين ٻوڙي ڇڏي

ــــ پاڻي سڄو ملڪ ٻوڙي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڪا هيٺ مٿاهين رهي ئي ڪانه!


 

رسمي علم ۽ حقيقي فهم

(1)

اکَرَ ٻيا وِسارِ، الفُ اڳيون ئي ياد ڪَر

سو تون ڏِيئو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏِهين.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (7)، سنتون ڪي واڻي (7)، ورهد (7)، جيپور گرنٿ-4 (2).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’اڳهون‘ آهي. پر جيئن ته قاضي قادن جي ٻئي هڪ مشهور معروف بيت ۾ ’اڳيان‘ لفظ موجود آهي ( ”اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام“ )، انهيءَ ڪري هت پڻ ’اڳيون‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ”اَجهنپئه“ ، راجسٿاني لهجي مطابق آهي؛ سنڌي ۾ ”اُجهامي“ ئي ٿيندو.

ــــ هن بيت ۾ هڪ الله سان محبت ۽ سندس يادگيري واري معنيٰ سمايل آهي. سنڌ جي عارفن ۽ الله وارن اهو سبق وري وري پئي ڏنو آهي. چون ٿا ته ڀٽائي صاحب کي جڏهن پهريون سبق مليو، ۽

استاد چيس ته چئو ’الف‘ ، ته چيائين ’الف‘ ؛ پوءِ استاد چيس ته چئو ’ب‘ ، ته چيائين ته هڪ ’الف‘ ئي بس آهي. هڪ سنڌي ڪافي جي مصرع آهي ته:

”اکر هڪ ’الف‘ جو ڪافي- ملان! ڏي ’ب‘ ڪنا معافي“!

هن معنيٰ جو مثال اسان کي پهريائين قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ ملي ٿو جنهن ۾ چيو اٿس ته ”الف- ب“ جا باقي ٻيا اکر وساري، فقط پهريون اکر ”الف“ (= الله) ئي ياد ڪر.

ــــ ٻيا سڀ اکر وسار ۽ فقط منڍ وارو هڪ اکر ’الف‘ ( ’الله‘ جي نالي جو پهريون اکر) ئي ياد ڪر.

ــــ تون اهڙو ڏيئو ٻار جيڪو وري نه اُجهامي.

(2)

جُون جوُن پاڙهه ۽ لِکَ، ڪوڙين ڪُتَيبان پَڙهين

ايءَ سِڀائِي سِکَ، جان جان پِريان نه مِڙين.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (2)، سنتون ڪي واڻي (2)، ورهد (2)، جيپور گرنٿ-4 (2)

• پڙهڻي. پهرين سٽ جي اصل پڙهڻي ’ٻاره لَک‘ جيڪا اصل راوي يا لکندڙ جي غلطي آهي: صحيح پڙهڻي ’پاڙه ۽ لِک‘ ٿيندي. تعداد واري معنيٰ اڳتي لفظ ’ڪوڙين‘ ۾ موجود آهن، جنهن سان گڏ ’ٻاره لَک‘ آڻڻ شعر ۽ معنيٰ جي سهڻائي جي خلاف ٿيندو. پڻ اصل پڙهڻيءَ ۾ ’لَک‘ ( ’ل‘ جي زبر) وارو قافيو ٻيءَ سٽ جي ’سِک‘ ( ’س‘ جي زير) سان نٿو ملي. اڳتي صحيح لفظ ’ڪُتيبان‘ آهي جيڪو ’ڪُتَيبُ (معنيٰ ’ڪتابڙو‘ ) جو جمع آهي. ٻيءَ سٽ جي اصل پڙهڻين ۾ ’ايههَ‘ ’سَبائي‘ ۽ ’مڙء‘ الفاظ راجسٿاني لهجي مطابق آهن، جيڪي سنڌي ۾ ’اِيَ‘ ، ’سڀَائي‘ ۽ ’مڙين‘ ڪري پڙهبا.

• معنيٰ:

ــــ جيستائين جو تون لِک ۽ پڙهه ۾ رُڌل آهين، ته پوءِ کڻي ڪوڙين ڪتابڙا پڙهين

ــــ ته به اها سڄي ٻاراڻي ٻُڌ واري سکيا چئبي، جيستائين جو (تو ۾ اها ڄاڻ ۽ روشني پيدا نه ٿي آهي جو) حقيقي محبوب سان تنهنجو وصال ٿئي.

(3)

ڪوڙين ڪِتابان پَڙهين، جُزان جانڪِيتان

سُوڌِي ساڃاءِ نه ٿِئي، پَهڻي ري پِريان.

• ماخذ: شاهه جو رسالو (30)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ:

ــــ تون ڀل کڻي ڪِروڙين ڪتاب، سڄا سارا ۽ جُزون جزون ڪري پڙهين (يا جزن جي تفصيل سان پڙهين)

ــــ ته به محبوبن جي پَرچاءِ ۽ رضا کان سواءِ، توکي پوري پروڙ ئي نه پوندي.

 

(4)

زيران زبران آيَتان، اکران اَنتُ نه پار

هڪڙي ئي ايمانَ ۾، لَهِين سَڀنِي سارِ.

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (1)، سنتون ڪي واڻي (1)، ورهد (1)، جيپور گرنٿ-4 (1)

• پڙهڻي. اصل پڙهڻي ۾ پهرين سٽ جا الفاظ ”اکر انتُ نه پار“ آهن؛ پر جيئن قاضي قادن پنهنجي اُتر واري ٻولي مطابق ’زيران زبران آيتان‘ آندو آهي، تيئن ’اکران‘ وڌيڪ صحيح ۽ موزون ٿيندو.

• معنيٰ:

ــــ زيرن، زبرن، آيتن ۽ اکرن جو ڪو ڇيهه ۽ شمارئي ڪونهي (انهن سڀني جُزن کي سنڀالڻ مشڪل آهي، جو جزوي علم جي تفصيل کي ڪوبه عالم پڄي ڪونه سگهندو)

ــــ پر هڪ (ڌڻي ۾) ايمان سان تون انهن سڀني کي سنڀالي سگهندين (خالق واحد ئي سڄي جهان جي علم ۽ معلومات جو مُور ۽ جامع ڪل آهي؛ انهيءَ ’ڪل‘ عالم جي جامع ۾ ايمان سان ’جزن‘ جو علم خودبخود حاصل ٿي ويندو).

 

(5)

ڪَنزُ، قُدورِي، ڪافِيَہُ جي پَڙهِي پَروڙين سَڀ

ڪَر مَنڊي ماڪوڙي کوهَ ۾ پيئي ڪَڇي اَڀ

• ماخذ: بيان العارفين (14)، شاه جو رسالو (14).

• پڙهڻي: اصل ائين

• معنيٰ

ــــ (جيتوڻيڪ تون فقہ ۽ صرف نحوَ جا اهم دَرسي ڪتاب) ڪَنزُ، قُدوري ۽ ڪافِيَہ- سڀيئي سڄا پڙهين پروڙين

ــــ ته به (تنهنجو علم ايترو ٿورو جو) ڄڻ کوه اندر مَنڊي ماڪوڙي پئي آسمان جي ڪَڇ ڪري!

(6)

ڪَنزُ، قُدُورِي، ڪافِيَہ، ڪِي ڪينِ پَڙهيامِ

سو پاڙه ئي ڪو ٻيو، جان ئِي پِرين لَڌامِ.

 

• ماخذ: گلزار ابرار (1)، بيان العارفين (1)، شاه جو رسالو (1) جيپور گرنٿ-6 (3)، سنتون ڪي واڻي (3)، ورهد (3)، جيپور گرنٿ-4 (3).

• پڙهڻي. 1. بيان العارفين ۾ ’پڙهيام‘ ۽ ’لڌام‘ جي بدران ’پڙهيوم‘ ۽ ’لڌوم‘ قافيا آيل آهن؛ پر پڙهيام ۽ لڌام (جمع واري صورت ۾) وڌيڪ صحيح ۽ قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق آهن. ٻيءَ سٽ ۾ ’جان ئي‘ واري پڙهڻي قاضي قادن جي بکر واري ٻولي مطابق آهي. ’بيان العارفين‘ جي ڇاپي ۾، ’ڏيهه ئي‘ جي بدران ’پارئي‘ آهي، جيڪو اصل ۾ ’پاڙهه ئي‘ هو، ۽ اهو وڌيڪ صحيح آهي.

• معنيٰ

ــــ فقہ ۽ صرف نحو جا درسي ڪتاب- ڪنز، قدوري ۽ ڪافيہ- مون (ڪيترو به پڙهيا ته به ڄڻ) ڪجهه ڪين پڙهيا (انهن مان ڪجهه به نه پروڙيو، ڪي ڪين حاصل ڪيو)

ــــ اهو پاڙههُ (علم ۽ پڙهڻ جو طريقو) ئي ڪو ٻيو، جتان مونکي پنهنجي پرينءَ جو پتو پيو.

(7)

سيئِي سيلَ ٿِيامِ، پَڙهيامِ جي پاڻَ لئي

اَکرَ اڳيان اُڀِرِي، واڳُون ٿِي وَريامِ.

• ماخذ: بيان العارفين (3)، شاهه جو رسالو (3).

• پڙهڻي: اصل ائين

• معنيٰ:

ــــ مون جيڪي اکر پنهنجي ذاتي نفعي لاءِ پڙهيا، سي منهنجي سامهون سڌا ڀالا ٿي بيٺا.

ــــ اهي ساڳيا اکر آڏو مون تي واڳو ٿي وريا.

(8)

لوڪان نَحوُ صَرفُ، مون مُطالِعُ سُپرِين

سوئِي پَڙهيو سو پَڙهان، سوئِي سو حَرفُ.

• ماخذ: بيان العارفين (2)، شاهه جو رسالو (2).

• پڙهڻي: اصل ائين

• معنيٰ:

- عام پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ ماڻهو سڀ ’نَحو صَرف‘ جي علم پڙهڻ ۾ مشغول آهن پر آءٌ محبوب جي مطالعي ۾ مشغول آهيان:

- اهوئي (محبوب جي مطالعي وارو) ساڳيو سبق (حرف) ورائي ورائي پيو پڙهان..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org