سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو :4

شيخ اياز

 

سونهن، سيرت، محبت، بغاوت ۽ روحانيت جي شاعر شيخ اياز جو اصلي نالو شيخ مبارڪ هو. هو مارڇ 1923ع ۾ سنڌ جي منفرد تاريخي شهر شڪارپور ۾، هڪ خوددار شخص، غلام حسين شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جيڪو عدالت جو پيشڪار هو، ان لاءِ مشهور آهي ته هُن هڪ ڏينهن هڪڙي مئجسٽريٽ کي ڪنهن شاهد کي، گهٽ وڌ ڳالهائڻ تان چماٽ وهائي ڪڍي هئي – اُها ئي سندس پيءُ جي بغاوت اياز اندر ڪاهي پئي هئي، جنهن کي هُن شاعريءَ جي ترنم ۾ ساري سنڌ جي سورن جو اواز بڻائي ڇڏيو هو. بغاوت سندس شاعريءَ جو خمير بڻجي پئي ۽ تڏهن ان صدين کان درد جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ سنڌ، ڪنهن ڪُنڊ مان سِسڪيون ڀريندي، هڪ وڏو سُڏڪو ڀريو هو، ’سنڌ جو آواز- شيخ اياز شيخ اياز’ ۽ اِن موٽ اياز جي شاعريءَ ۾ سمنڊ جيڏي گهرائي آڻي ڇڏي.

شيخ اياز کي 1965ع ۽ 1971ع ۾ سرڪار جي جنگي پاليسين خلاف ڪيل مزاحمتي شاعريءَ جي بدلي ۾ جيل به وڃڻو پيو ۽ پنهنجي طويل ادبي زندگيءَ واري اِن دؤر ۾ اياز جي شخصيت پهاڙن تان لهندڙ درياءَ جيان لڳي ٿي، جيڪو درياءَ جتان جتان گذريو، اُتان اوتان سڀني کي سيراب ڪندو ۽ رڪاوٽن کي ٽوڙيندو هليو ويو. ليڪن اهو درياءُ ٿوري عرصي لاءِ تڏهن خاموشيءَ ۾ اچي ويو، جڏهن کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. پر اياز وٽ اهو جمود گهڻو عرصو نه رهيو ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هُو هڪ ڀيرو وري پنهنجي شاعراڻي موج ۾ اچي ويو. باوجود ان جي جو هُن جي صحت، هُن کي ايتري لکڻ جي اجازت نه پئي ڏني پر پوءِ به هُو شاعريءَ کي عبادت سمجهي مسلسل لکندو رهيو ۽ آخري وقت تائين بقول سندس ته ننڊ ۽ جاڳ، ٻنهي حالتن ۾ قلم هُن جي هٿن مان ناهي ڪِريو.

شيخ اياز، شاعريءَ جي چاليهارو کن ڪتابن کان علاوه نثر جا به ڪيئي ڪتاب ۽ چئن حصن تي مشتمل پنهنجي اڻپوري سوانح عمري لکڻ سان گڏ ’شاهه جو رسالو’ جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي

هيءَ حقيقت آهي ته جتي هُن سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين تازگي پيدا ڪئي، اُتي سندس نثر به ڪمال جو اثر ڇڏيو.

هِن خوبصورت شاعر جو مرتيو 27 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن جي ابدي آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي.

 

 

شيخ اياز

 

انٽرويو وٺندڙ: پروڙ پينل

 

انٽرويو وٺندڙ: هن وقت توهان جي ڪهڙي ڪيفيت آهي؟

شيخ اياز: منهنجي هن وقت تمام چڱي ڪيفيت آهي. زندگي اوتري ئي پرمسرت آهي، جيتري اڳ ۾ هئي. صرف اهي ڳالهيون جيڪي اڳ ڪشش ڪنديون هيون، سي هاڻي ڪو نه ٿيون ڪن، پر ان جاءِ تي ڪي نيون ڳالهيون آهن، جيڪي زندگيءَ کي پوريون رکنديون ٿيون اچن. سو ڪيفيت نهايت چڱي آهي.

آءٌ ڏهن مهينن کان مسلسل لکندو ٿو رهان ۽ مان اها هام هڻي ٿو چوان ته دنيا جي ڪنهن به اديب پنجن هزارن سالن جي تاريخ ۾، ڏهن مهينن ۾ ايترو نه لکيو هوندو. مون ان وقت ۾ ڏهه ٻارنهن ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ست ڪتاب منظوم شاعريءَ جا آهن، ٻه نثري نظمن جا ۽ ڪجهه نوٽس وغيره آهن. مطلب ته ڏهن ٻارنهن ڪتاب ٿي ويندا. باقي Quality جو فيصلو هر ماڻهو پنهنجي ليکي ڪندو. تازي ڪتاب ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جا ساڍا ٽي سؤ صفحا ڇپيا آهن ۽ باقي اٽڪل ست اٺ سؤ صفحا کن ٻي ۽ ٽين ڀاڱي لاءِ مڪمل ڪري رهجيو آهيان. ان کان علاوه ڪتاب ”نِنڊَ وَليون“ پنهنجي ليکي هڪڙو عجيب تجربو آهي. جيئن سورِيئلي شاعري جو تجربو ڪيو ويو هو. بيماريءَ جي دؤران مون کي ان ڳالهه جو احساس نه رهيو آ ته اهو سڀ ڪجهه مون لکيو آ يا ٻئي ڪنهن لکيو آ. Moving finger writes واري ڪيفيت آهي پر آڱرين کي ڪير ٿو هلائي، اها مون کي خبر نه آهي. ڪنهن مهل ٻي بجين رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي ويندي هئي، قلم ۽ ڊائري ويجهو رکي هوندي هئي ۽ اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ لکندو هوس ۽ بتي نه ٻاريندو هوس. مان توهان کي نوٽ بڪ ڏيکاريان ته سٽون پکين جي پرن وانگر ٿيون اُڏامن، جيئن آڙيون هيٺ مٿي اڏامنديون آهن، اهڙي ئي نموني ٿيون اڏامن. ڪنهن مهل ڊائري اُبتي ٿي وڃي ٿي ته وري انهيءَ جي مٿان لکي ٿو وڃان. ٻئي ڏينهن اهو سڄو ڪَٽي اُن کي ڪاپي ڪيان ٿو. ڪنهن مهل مون کي Wheel chair تي ڪارڊيو ويسڪيولر اِنسٽيٽيوٽ جي ٻاهران وٺي ويندا هيا، هيٺان لان هوندي هئي، ان جي ورانڊي مان ويهي ماڻهو ڏسندو هوس. اُن وقت منهنجي دماغ ۾ ڪافي نظم ٺهي ويندا هيا ته يڪدم ڪمري ۾ موٽندو هوس ته وسري نه وڃن ۽ لکي ڇڏيان، ڇاڪاڻ جو شاعري آڙيءَ وانگر ته ناهي جو هر سال جيئن آڙي سائبيريا مان موٽي ايندي آ ائين موٽي اچي پر شاعري ته مڇيءَ وانگر آ، جي تِرڪي ويئي ته سمنڊ جي تري ۾ هلي ويندي. شعر جي سٽ کي ڪيفيت ئي پنهنجي آ. اڳ مون کي يادگيري ڏاڍي هوندي هئي. ڇاڪاڻ جو بار بار پڙهندو رهندو هوس. مون تڏهن ايترو نه لکيو هو ۽ اهو شعر ايترو ٿورو هو جو يڪدم مون کي ياد اچي ويندو هو. هاڻي ته جيڪڏهن توهان مون کي ڏيکاريندؤ ته اها سٽ مون  لکي آ يا نه لکي آ، ته مون کي ياد نه ايندو. ڇو ته مون گهڻي تيزيءَ سان لکيو آ. انهيءَ لاءِ  ٻه سبب آهن، هڪڙو ته ڪيترو وقت منهنجو اجايو ويو آهي  ۽ مون کي پنهنجيءَ ڳالهه کي پنهنجي  منطقي نتيجي تي پهچائڻو آهي، ۽ ٻيو ته مون کي ڀرپور زندگيءَ جو احساس ۽ Self Fulfilment رڳو انهيءَ تخليق ۾ ئي ملي ٿي. مون کي نه صلي جي پرواهه آهي، نه ڪنهن تحسين جي پرواهه آهي، نه ڪنهن پُٺيءَ ٺپ جي پرواهه آهي ۽ نه ڪنهن حڪومت جي Patronization جي پرواهه آهي. انهيءَ ڳالهه جو مون ڪو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ان جي پرواهه آهي ته نئون نسل انهيءَ جي قدرداني ڪندو. نه اهو سوچيو آهي ته گهڻا ماڻهو آهن، اڪثريت Appreciate ٿي ڪري يا اقليت. هن وقت جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، اهو سياسي پيغام جي لحاظ کان نه لکيو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ منهنجي Political Poetry به اچي ٿي وڃي. منهنجي پنهنجي ذات جو اظهار ان ۾ آهي، جيڪو ڪڏهن ته سياست جو حصو آهي، پر انهيءَ ۾ جيڪي ٻيا انسان جا گوناگون مسئلا آهن، اهي منهنجي Mind کي Ocupy ڪندا رهيا آهن. ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“   جو مون نالو ئي ان ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مون کي جاڳ ٿيندي هئي ته ٿوري وقت کانپوءِ اسپتال ۾  پردو هٽائي ڏسندو هوس ته ڪتيون ڪر موڙينديون نظر اينديون هيون. مون کي ٿوري پنڌ ڪرڻ جي وٿي هوندي هئي، ان ڪري اٽينڊنٽ کي چوندو هوس ته ”دريءَ تان پردو هٽائي ڇڏ ته مان آسمان ڏسان ۽ منهنجي ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪا ديوار نه رک.“ ڇو ته جي وڃڻو پئي ته ماڻهو سڌو  هليو وڃي، ڪا روڪ نه هجي، تنهن کان پوءِ ننڊ وليون! لکيم. اهو ڪتاب خصوصن ۽ ٻيا عمومن مون لاشعور ۽ تحت الشڪور جي  سرحد تي لکيا آهن. تنهن کان پوءِ ”سورج مکيءَ سانجهه“، جيڪو ٽي حصا آهن. تنهن کان پوءِ ٻه جلد نثري نظمن جا آهن. ”سَر لوهيڙيا ڳڀيا.“ انهيءَ ۾ هڪڙي به سٽ ڪٿان ترجمو وغيره ناهي. ڇاڪاڻ جو مان ڏاڍو حساس ٿي پيو آهيان، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ڏاڍا ٽرڙا آهن. هڪڙيون 19 سٽون مليون اٿن ته بيوقوف گهڻو گوڙ پيا ڪن. ڪُوئي جي هيڊ ڳڙيءَ وارو مثال آهي. اهو ائين هوندو هو ته منهنجا سَوَ نوٽ بوڪ آهن، جيڪا سٽ مون کي Appealڪندي هئي ته اها آءٌ ڪاپي ڪري ڇڏيندو هوس. جيڪڏهن ليکڪ Significant هوندو هو ته انهيءَ جو نالو لکي ڇڏيندو هوس، ۽ ڪنهن مهل ته اُهو به وسري ويندو هو. تاجل مون وٽ آيو. چيومانس ته ”اهي جيڪي 19 سٽون تو  لکيون آهن (نظم به ناهن سٽون آهن) انهن مان مون کي هڪڙي به ليکڪ جو نالو ٻڌاءِ. ڇو ته تو تازو لکيون آهن.“ هُو هڪڙي به ماڻهوءَ جو نالو نه ٻڌائي سگهيو (مون اهو جواب ٽيپ ڪري رکيو آهي.) اهي نوٽس مون تڏهن ورتا جڏهن مان V.C هيس. جڏهن منهنجي Original ۽ Cerative لکڻي ختم ٿي چڪي هئي. ڪجهه مصلحتن ڪري مون نه پئي لکيو، ڪجهه حالتون اهڙيون هيون جن مون کي لکڻ نه ٿي ڏنو ۽ ڪجهه Compromising Situation هئي، تنهن منهنجي Talent کي Repress ڪري ڇڏيو. جڏهن يوسف شاهين کي مون ’پتڻ ٿو پُور ڪري’ اشاعت لاءِ ڏنو ته اتفاقن انهيءَ ۾ اهي سٽون به اچي ويون. هنن جو ته ايترو مطالعو ڪونهي، پر ڪجهه ٽڪرا انهن ۾ ناولن مان به هيا، جيڪي هينئر آءٌ محسوس ڪيان ٿو. اِهي ٽرڙا ماڻهو اهو نه ٿا سوچن ته جنهن ماڻهو هڪ لک سٽون لکيون آهن ۽ جيڪو پاڻ اُنهن کان سٺو لکي ٿو سگهي، تنهن کي ڪٿان 19 سٽن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟ مٿي ذڪر ڪيل مَسودن کان علاوه اٽڪل پنج سؤ صفحا مون انهن شخصيتن، شاعرن، فنڪارن، سنگتراشن، سياستدانن، انقلابين ۽ جن سياسي واقعن جو دنيا کي بدلائڻ ۾ حصو هيو، انهن سڀني تي، جدا جدا Notes لکيا آهن. مثال طور: ازراپائونڊ تي مون هڪڙو نوٽ لکيو آهي، مون پنهنجي انسائيڪلو پيڊيا ڏٺي ته ان ۾ ايڏو چڱو نوٽ ڪو نه هيو. ازراپائونڊ نوي ورهين تائين جيئرو رهيو ۽ انهيءَ جي شاعري ڏسي مون کي دماغ ۾ هڪڙو خفت ويٺو، ڇاڪاڻ ته ان جيڪي Cantos لکيا هيا سي چيني تاريخ جي پس منظر ۾ هيا، ته مون سوچيو ته سڄي ننڍي کنڊ جي تاريخ جي پس منظر  ۾ لکان (جيڪا ڳالهه مان اڃان ڪري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ ’سرُمد ڇا ٿو سوچي‘، ٽيپو يا حالي وغيره تي جدا جدا نظمون لکيون اٿم. پر مان مسلسل Cantos وانگر نه لکي سگهيو آهيان) ته ازراپائونڊ تي مان پنج ڇهه صفحا لکيا. پهرين ته ازراپائونڊ فاشزم جي پروپيگنڊا ڪندو هيو، هيو ته آمريڪي شهري، پر هيو مسوليني جو ماڻهو. جنگ کان پوءِ هن کي آمريڪا ڏانهن ٻڌي وٺي ويا، ته هن جي دوستن سوچيو ته Conspiracy جي ڪري هن کي ڦاهو ايندو ۽ ڏيندس Execution Squad جي اڳيان، سو هن کي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنائون ته تون چَريو آهين. جڏهن اهو اتان رها ٿيو ته Time اخبار جي عيوضي انٽرويو ٿي ڪيس ته چيائينس ته ”آمريڪا ۾ چريو ئي رهي سگهندو، ٻيو سڄو ماڻهو ڪهڙو رهندو؟“ وينس ۾ برج ڪراس پئي ڪيائين ته ڪنهن رپورٽر اچي پڪڙيس، چيائينس ته ”بابا هاڻي ڇڏ مان زندگي گذاري چڪو آهيان.“ هڪڙي ڳالهه تنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪيان ٿو ته ”مان فقط اهو ڄاتو آ ته مان ڪجهه به نه ڄاتو آ.“ اها هئي ازرپائونڊ جي اسي ورهيه کان مٿي جي عمر Last Statement، جيڪا رپورٽ ٿي ۽ تنهن کان پوءِ هو گذاري ويو، جنهن جي ڪتاب جي Biography جو نالو ئي Living Volcano (هر وقت ٻرندڙ جبل) آهي. اهو انسان جيڪو Living Volcano هو، تنهن جو آخري نتيجو اهو هو. ڇاهي ته هيءُ ڪائنات ايتري رنگين، ايتري پراسرار، ايتري وسيع، ايتري هوش و حواس کان بعيد آهي جو انهيءَ جي باري ۾ ڪو به قطعي رايو، ڪو به انسان نه ٿو ڏئي سگهي.

روشنيءَ ۽ آواز جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار في سيڪنڊ آهي، انهيءَ رفتار تي جيڪڏهن توهان ويجهي ۾ ويجهي ستاري تي وڃو ته ڏهه هزار سال لڳندا. ماڻهو ڪو جيئرو ئي نه هوندو جو اُتي پهچي سگهي، ۽ اهڙا ڪروڙين ستارا آهن، هڪ ڪهڪشان (Galaxy) ۾، اهڙيون ڪروڙين Galaxies آهن هڪ ڪائنات ۾. جيستائين دوربينن جي ذريعي حد نگاهه وڃي پئي، تيستائين ڪواسرس (Quasers) انهن کي محسوس ٿين ٿا، پوءِ اهي ڪهڙي نموني، ايڏي ائسٽراناميءَ تي منهنجي مهارت ڪونهي، پر Rudimentry ڳالهيون ڄاڻان ٿو. ڪواسرس نالي هڪڙا Objects آهن جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان وڃي رهيا آهن، جنهن کي اسان ’ڪُن فيڪون‘ ٿا چئون. بهرحال Scientific theory به اها آهي ته Big Bang وقت هڪڙو Heaviest Possible آڻو هيو، اُهو ٽٽي پيو ته اهي سڀ چنڊ ۽ تارا ساري ڪائنات ۾ ڦهلبا ويا ۽ انهن مان ڪواسرس روشني جي رفتار تي اڃا تائين وڌندا ٿا رهن. ڪاڏي ٿا وڃن سا خبر ڪانهي. Space ۾ Black Holes تي ٽن صفحن جو مضمون ڇپيو هو. ڪائنات ۾ Holes آهن، جتان روشنيءَ Penetrate نه  ٿي ڪري سگهي. ماڻهو جو ڌُڪو اِهو آهي ته ڪائناتون به ايتريون گهڻيون آهن، جيتريون Galaxies آهن. سو اها ڳالهه تمام بعيد از فهم آهي ۽ انهيءَ ئي ڳالهه عمر خيام کي Inspire ڪيو، جنهن پنهنجي سڄي شاعري انهيءَ حيرت ۾ ٽٻي ڏئي لکي ۽ جنهن شاعري غزالي جهڙي ماڻهوءَ کي ڪاوڙايو هو، جنهن عمر خيام جي Observatory جلائي ڇڏي. خيام جي شاعري مون چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ پڙهي هئي.، خيام به ان ساڳي ڳالهه تي سوچيندو هيو ته:

اسرارء ازل را نه توداني و نه من

(هي ازل جا جيڪي اسرار آهن نه تون ٿو ڄاڻين نه مان ٿو ڄاڻان.)

وين حريفِ معما نه تو خواني و نه من

(هي ڳجهارت نه تو ڀڳي آ نه مان ڀڳي آ.)

هست از پس ما پرده من و تو

چون پرده بر اُفتد نه تو ماني و نه من

(تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ جو هڪ پردو آ، جڏهن پردو کڄي وڃي ٿو ته نه تون ٿو رهين نه مان ٿو رهان.)

اها صوفيءَ واري ڪيفيت آهي، جڏهن رجنيش جا رڪارڊ ٻُڌندؤ ته توهان کي ساڳي ڪيفيت محسوس ٿيندي.

اهو ماڻهو به پنهنجي ليکي همه اوست ۾ اعتبار ڪندڙ هو، جيڪڏهن صوفين واري Doctrinaire attitude وٺڻي پئي ته همه از اوست ۽ همه اوست ۾ وڏو فرق ٿي ويندو. بهرحال هن وقت منهنجي سرحد ويجهي آ.

انٽرويو وٺندڙ: ڪنهن زماني ۾ توهان روح رهاڻ ۾ لکيو هو ته سوڀو ٻنڊي ۾ جيڪا خاموش جي زندگي گذاري پيو، اها ائين آ جيئن شينهن ڪُوئي جي ٻر ۾ گذاري، ان ڳالهه کي لکي به ڪيترا سال ٿي ويا آهن. اڄ جڏهن توهان ڪراچيءَ جي هن ڪنڊ ۾ چوٿين ماڙ جي هن فليٽ ۾ جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيو، ان تي توهان جي ڇا راءِ آهي؟

شيخ اياز: منهنجو  زندگيءَ ڏانهن هڪڙو پنهنجو رايو آ. جمال ابڙي مون کي سڄو ٿر ۽ لاڙ گهمايو (جمال جو ڀاءُ ڪمال X.E.N هوندو هو. جيڪو انتظام ڪري وٺندو هو.) جمال، ابراهيم جويو رباني ۽ رشيد ڀٽي مون  سان سفر ۾ گڏ هوندا هيا. مون سوچيو ته پنهنجي لاءِ ڀيرو مل مهر چند نه ڇڏيان، جيڪو اچي منهنجا سير سفر لکي. مان پنهنجا سير سفر پاڻ لکي سگهندس يا انهيءَ ماڻهوءَ کي چوندس، جنهن مون کي سير سفر ڪرايا. مون جمال کي چيو ته ”تون لک.“ چيائين ته ”اياز! مون لکڻ ڇڏي ڏنو آ.“ چيومانس ”توتي جمال ابڙو ڪري ڪتاب لڪکان ٿو، ان ۾ پنهنجا  سير سفر به لکندس ۽ تنهنجي زندگي به لکندس.“ جمال ڏاڍو ذهين ۽ نڪته سنج ماڻهو آ، انهيءَ جا جيڪي پنهنجا واقعا ڏنل آهن، مون، جمال سان ڏهاڪو کن ويهڪون ڪري ورتيون آهن، مان توهان کي اهو انهيءَ ڪري ٿو ٻڌايان ته سوڀي جي باري ۾، جيڪي مون چيو هو ته ڇو چيو هو، ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن.“ جي مهاڳ ۾، مون سقراط جي ”فيڊو“ جو ذڪر ڪيو آ. سقراط پنهنجي پوئين وقت ۾، هيملاڪ پيئڻ کان پوءِ، پنهنجي شاگرد ’ڪرٽو‘ کي وصيعت ڪئي ته ”يار مون ڏي فلاڻي جو ڪڪڙ رهيل اٿئي، اهو موٽائي ڏيندينس نه؟“ ڇيائين، ”استاد خيال نه ڪر. تنهن کان پوءِ هن کي هميشه لاءِ ننڊ وٺي وئي. مون جمال کي چيو. ”سقراط ته هڪڙي ڪڪڙ جي ٿي پارت ڪئي، مون ته تنهنجا ڪيئي ڪڪڙ کاڌا آهن ۽ اهو پورهيو مان توتي ضرور ڪندس. ”مون جمال سان جيڪو دؤر گذاريو هو سو ٽيتاليهن، چوئيتاليهن کان وٺي هو ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ مون اهو سڄو دؤر نئين سر زندهه ڪرڻ پئي چاهيو. جڏهن  مان پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيس ته جمال ۽ مان مدرسي رُوپ ولاس ۽ جناح هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئاسين. جمال خاڪسار تحريڪ ۾ هوندو هو ۽ مان ايم. اين. راءِ کان متاثر هوندو هوس. ايم. اين. راءِ منهنجي لاءِ هڪڙو دفاع ٿي ٿي آيو. جي مان ايم. اين. راءِ جي معرفت مارڪسزم ڏانهن نه اچان ها ته پوءِ ڪٽر مارڪسٽ ٿي پوان ها، جيئن ٻين مارڪسٽن جي هن وقت حالت آهي. ”ٻُڏندي ٻوڙن ۾ هاتڪ هٿ وجهن“ واري ڳالهه آهي. هاڻي سوال آ ته ”جيڪا شيءِ غرق ٿي، اُڪوئي غرق ٿئي. جان ڇٽي اُن مان.“ جيڪڏهن خدا توهان کي ايترو عقل نه ڏنو آ جو توهان زندگي جو نئون فلسفو پيدا ڪري سگهو، ته سڄي انسانذات ته ختم نه ٿي چڪي آهي! مارڪسزم اسان کي Bipolar سياست ڏني، جيڪا روس پاڻ USSR ختم ڪري، آمريڪا جي وڃي پيرن تي ڪِريو. ووزينسڪي جيڪو ايوتوشينڪو کان پوءِروس جو وڏي ۾ وڏو شاعر آ، انهيءَ اٺ مهينا اڳ آمريڪا جي شاعر ايلن گنسبرگ (Alen Ginsberg) کي خط لکيو هو، جيڪو News week جي فرنٽ پيج تي ڇپيو آهي- ”جي آمريڪا اسان جي مدد نه ڪندي ته هن سياري ۾ اسان جو اهو حال ٿيندو جيئن 1917ع جي انقلاب کان پوءِ مردا کاڌا هياسين يا جيئن 1942ع  جي نازي ازم جي گهيراءَ کان پوءِ کاڌا هياسين.“ مون جڏهن “Nine Hundred day” پڙهيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ته انسانن سان  اُتي ڇا ڇا نه گذريو هو! ٻيو ته ٽئين دنيا جي خلاف آمريڪا جي جيڪا ڦرلٽ هئي، USSR ان جي لاءِ  هڪڙو جهَلو هئي. سياست ۾ Venturism خطرناڪ شيءِ آهي. هر ڳالهه ۾ ماڻهو هڪڙي حد مقرر ڪري، ويٽنام ۾ آمريڪنس پنهنجو مٿو وڃايو. ڇو ته Over doing هئي. منهنجي گائيڊ دوست گُل رخسار جيڪا دوشمبي تائين مونسان گڏ هئي، ان تازو International ۾ مضمون لکيو آ، جيڪو رسالو مون کي ڄام ساقي ڏئي ويو هو. ان لکيو آ، ”اسان افغانستان ۾ ايتري هاءِ دوس مچائي، جيتري تيمورلنگ ۽ چنگيز خان به ڪو نه مچائي. ۽ 60 بلين ڊالر افغانستان جي بي معنيٰ جنگ تي خرچ ڪري، پنهنجي ملڪ کي کُٽائي پاڻ کي آمريڪا جي پيرن تي آڻي وڌوسون، ته جي توهان اسان کي راشن سپلاءِ نه ڪندؤ ته اسان هن سياري ۾ ختم ٿي وينداسين.“ اهو مضمون ان وقت لکيو هيائين جڏهن USSR اڃا ٽڪرا نه ٿي هئي، پر هاڻي ته اها ٽڪرا ٿي چڪي آ. دراصل منهنجو خيال اڳ به اهو هيو ۽ اهو  مون پنهنجي ڪتاب ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۾ لکيو آهي. ايم. اين. راءِ جڏهن ميڪسيڪو مان ڪميونسٽ انٽرنيشنل تي ڊيليگيٽ ٿي ويو، (ڇا لاءِ ته هن پهريون انقلاب ميڪسيڪو ۾ آندو هو) لينن چيس ته انڊين مسلمان خلاف تحريڪ ۾ تاشقند مان ٿي تُرڪي وڃن ٿا، تون هنن جي برين واشنگ ڪري، مون کي ڪميونسٽ تيار ڪري ڏي. ايم. اين. راءِ ويچاري ڇهه مهينا مٿو هنيو. هو ڇا ڪندا هيا جو صبح جو هن جا ليڪچر ٻُڌي، شام جو وري انور پاشا جو ليڪچر وڃي ٻڌندا هيا (جنهن اُتي اچي پناهه ورتي هئي) ايم. اين. راءِ جي ليڪچرن جو سڄو اثر ختم ٿي ويندو هو ۽ هو چوندا ها ته ”اسان خلافت جي لاءِ وڃي مرنداسين.“ ايم. اين. راءِ لينن کي خط لکيو ته:

“I am not preparing an army of revolution. I am preparing of army of God. Please releave me. Let me to my mother land.”

جڏهن ايم. اين. راءِ اُتان آيو ته پوءِ هتي ڪافي وقت روپوش هيو، تنهن کان پوءِ ميرٺ سازش ڪيس ۾ ٻڌائونس ۽ هن کي ڇهه سال ٽيپ ڏنائون. هن اُتان به ڪميونسٽن کي لکيو ته ”توهان وڏا ڪي بيوقوف آهيو، جنهن تي به ڪورٽ ۾ ڪيس هلائن ٿا ته اهو ڦري ٿو وڃي ۽ ميرٺ سازش ۾ ڪو نه هيس. اڙي ڇا انگريز توهان کي ڇڏيندا؟ ٽيپ ته هونئن به ڏيندوَ، پر هڪڙي بولڊ اسٽينڊ وٺي چئو ته ’ها آزادي اسان جو حق آهي. ۽ توهان ڪير ٿيندا آهيو جو هتي آيا آهيو؟ اسان توهان جي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ٻاهر ڪڍنداسين ۽ اها سازش اسان ڪئي آهي ۽ اها سازش اسان جو بنيادي حق آهي.“ ڳالهه اُتان آئي ته Bipolar, USSR سياست ختم ڪري ڇڏي. باقي ٽين دنيا هوا ۾ لڙڪيل آهي.

ته ڳالهه نڪتي سوڀي جي ذڪر تان. گفتگوءَ جي وهڪري ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتاسين. مان ڪراچيءَ ۾ گوشه نشيني پاڻ نه چونڊي آهي، نه ڪنهن قيد و بند کان لنوائڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي. اها گوشه نشيني مون تي بيماريءَ مسلط ڪئي آهي. هينئر طبيعت ڪجهه سُڌري آهي، چاهيان ٿو آزاد هوا ۾ وري ڪنهن Sea- gull (سمنڊ جي پکيءَ) وانگر اُڏامان؟ ڪيئن چئجي؟ دل شايد پڃري تي هِري وئي آهي. اوهان پکي ڏٺا آهن جن کي پڃري ۾ گهڻو وقت قيد رکيو ويندو آهي؟ اُنهن جي پڃري جو در کولي ڇڏبو آهي، تڏهن به نه اُڏامندا آهن. هي د‍ؤر به اهڙو آيو آهي. دل پوريءَ طرح مرجهائي ته نه آهي، پر اُن کي لهس اچي چُڪي آهي. انسان جا صدين جا خواب ٽُٽي چُڪا آهن. هي مُئا جي منهنجي لئبرريءَ ۾ بند آهن. اهي اديب، اهي شاعر، اهي فلسفي، اهي ناول نگار، اهي سير و سياحت، سائنس، تاريخ، ثقافت تي لکڻ وارا، جيڪي مري چڪا آهن، مون لاءِ جيئرن کان وڌيڪ جيئرا آهن. نه سوڀو اُن وقت زندگيءَ کان صفا ڪٽيو هيو، نه مان ڪٽيو آهيان. هن جي بي دلي ۽ بي حسي به عارضي هئي ۽ منهنجي به عارضي آهي. دل اڃا دنيا سان واڳيل آهي. حسن سان، حق سان، نيڪيءَ سان، انسان ذات جي محبت سان، جنهن ۾ خدا جي محبت ۾ هاڻي مون لاءِ فرق نه آهي. سوڀي ۽ مون ۾ هڪ فرق آهي. سوڀو اڃا چڱو ڀلو ۽ کڙو تڙو آهي. مون کي بيماريءَ لوڏي رکيو آهي. جيتوڻيڪ صحت سڌري رهي آهي پر بيماريءَ مان اهو فائدو ٿيو آهي ته مان ايترو ڪجهه لکيو آهي، جيترو اڌ صديءَ ۾ لکيو اٿم ۽ منهنجي تخليق اڳي کان به اُجري، اڳي کان به جوان، اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org