سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو : 19

البرٽو موراويا

 

]البرٽو موراويا سن 1907ع ۾ البرٽو پنچرلي (اٽلي) ۾ ڄائو. گرامر اسڪول ۾ معمولي نصابي تعليم ورتائين ۽ جواني سلهه جي بيماريءَ ۾ گذريس. پاڻ جڏهن 22 سالن جو هو ته سندس پهريون ناول “Gli Indifferenti” ڇپيو. انهيءَ ناول يورپ جي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو. پر جيئن ته ان ناول جو جيڪو ترجمو انگريزيءَ ۾ (1932- (The Indifferent Ones ٿيو، اهو سٺو نه هو. ان ڪري اهو ناول آمريڪا ۾ نالو نه ڪڍائي سگهيو. 1953ع ۾ اهو ساڳيو ناول The Time Indifference جي عنوان سان ٻيهر ترجمو ٿي ڇپيو ته نيويارڪ ٽائيمز لکيو ته ”البرٽو موراويا پنهنجن حقيقي هم عمعصر ليکڪن مان هڪ آهي. هو اسٽينڊال وانگر زندگيءَ کي انسانيت جي بنياد تي غير جانبداريءَ سان غير جذباتي ڍنگ ۾ چٽي ٿو.“

البرٽو موراويا جا جيڪي ناول تمام گهڻا مشهور ٿيا، انهن مان هڪ `The Conformist~ آهي، جنهن کي پاڻ ڌڻي پنهنجو بهترين ناول سمجهي ٿو. ٻيو ناول “Women of Rome” آهي، جيڪو هيستائين 13 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ٽيون خاص ناول “Two Women” اٿس.

البرٽو موراويا پنهنجن ناولن ۾ جيئن ته پنهنجن ڪردارن جي معرفت عام اخلاقي اصولن تي کُلي حملا ڪيا آهن، ان ڪري مٿن ڪيترائي ڀيرا فحاشيءَ جا الزام پڻ ڌريا ويا. ان جي باوجود ان کي سندس لکڻين تي ڪافي اعزاز ۽ انعام ڏنا ويا. 1952ع ۾ کيس اسٽريگا لٽرري پرائيز ۽ ليجن آف آنر پڻ مليا.[

 

البرٽو موراويا

 

انٽرويو وٺندڙ: ماريا ڊومينيسز ۽ بين جانسن

 

انٽرويو وٺندڙ؛ منهنجو خيال آهي ته ڳالهه ابتدا کان شروع ڪريون. ڀلا ڪريون؟

موراويا:  ڇا جي ابتدا؟

انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ جي.

موراويا: ها! آءٌ هتي ئي ڄائس روم ۾. 28 نومبر 1907ع تي.

انٽرويو وٺندڙ: تعليم؟

موراويا: تعليم؟ منهنجو نصابي تعليم وارو خانو خالي آهي. گرامر اسڪول جي ڊپلوما کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. 9 سال اسڪول ۾ گذاريم. مٿان هڏي جي سلهه ٿي پيم ته اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون. پورا پنج سال بستري تي گذاريم. ٽي سال ٻيا بيماريءَ ۾ گذريا. مطلب ته 9 ورهين جي ڄمار کان وٺي سترهن سالن جي ڄمار تائين بيمار رهيس ۽ 1924ع ۾ بيماري ڇڏي ويئي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجو ڪتاب “Inveno di malato” ۾ شايد انهن ئي بيماريءَ وارن ڏينهن جو تذڪرو آهي انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته...

موراويا: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ان ۾ جيڪو گيرولامو جو ڪردار آهي، اُهو منهنجو ئي آهي. ائين نه؟

انٽرويو وٺندڙ: جي ها!

موراويا: نه، اهو ڪردار منهنجو نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پر ڪردار جي بيماري ته ساڳي آهي؟

موراويا: منهنجي ڳالهه ٻُڌ! آءٌ پاڻ کي ڪڏهن به پنهنجن ڪتابن ۾ نه آڻيندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. پهرين...

موراويا: ٺيڪ آهي، پر آءُ ان ڳالهه کي چِٽو ڪرڻ ٿو گهران. مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان کي تون عام طور استعمال ٿيندڙ ’آتم ڪٿا‘ ۾ سڌيءَ طرح آڻي نٿو سگهين. جيڪڏهن آتم ڪٿا آهي به سهي ته اُها اڻ سڌيءَ طرح آهي، عام ڍنگ ۾ آهي. گيرولامو  جي ڪردار سان منهنجو لاڳاپو ته برابر آهي، پر گيرولامو آءٌ پاڻ نه آهيان. آءٌ جيڪي ڪردار ۽ واقعا پنهنجن ڪتابن ۾ آڻيندو آهيان، اُهي سڌي طرح زندگيءَ مان کڻندو ئي نه آهيان. ها! زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ڪي واقعا ٻين واقعن کي تخليق ڪرڻ يا ڪي ڪردار ٻين ڪردارن کي تخليق ڪرڻ ڏانهن مائل ضرور ڪندا آهن. لفظ ’مائل ڪرڻ‘ کي ذهن ۾ رک. ماڻهوءَ کي جنهن ڳالهه جي خبر هوندي اُها ئي لکندو. مثلن آمريڪا مون گهميو ته برابر آهي، پر آمريڪا جي ايتري خبر نه اٿم جون اُتان ٿي ويهي لکان. ته اها ڳالهه صحيح آهي ته ماڻهو اهو ڪجهه لکندو آهي، جنهن جو کيس پتو هوندو آهي. پر تون ان کي ’آتم ڪٿا‘ نٿو چئي سگهين. اُها ٻي شيءِ آهي. آءٌ افساني طرازي ڪندو آهيان، ڪوڙ لکندو آهيان. حقيقت ۾ آءٌ ڏٽائي آهيان. انهيءَ جو مطلب اِهو ٿيو ته ڪجهه به آهي، آءٌ ناول نگار آهيان. جيڪا خبر هوندي اٿم، ان متعلق ئي لکندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: سمجهي ويس ڳالهه کي. تنهنجو پهريون ڪتاب `Gil Indeifferenti~ ئي آهي؟

موراويا؛ ها.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: ڇا ٻڌايانءِ؟ آڪٽوبر 1925ع ۾ شروع ڪيومانس. ڪتاب جو ڳچ حصو ڪارٿينا ۾ مورا (اٽالين زبان جو مشهور مترجم، نقاد ۽ تاريخدان) جي گهر ۾ بستري جي حوالي هوس ته اُتي ئي لکيم. اهو 1929ع ۾ ڇپيو.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي عام پڙهندڙن يا نقادن ڪا مخالفت ڪئي؟

موراويا: مخالفت؟ ڪهڙي قسم جي مخالفت؟

انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته مختدلف شيءِ هئي، ان ڪري.

موراويا: نه! ڪنهن به مخالفت ڪا نه ڪئي. اها تمام وڏي ڪاميابي هئي. حقيقت ۾ اٽالين ٻوليءَ جي جديد ادب ۾ جيڪي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن، هيءُ ڪتاب به انهن مان هڪ آهي. اها ڳالهه آءٌ توري تڪي ٿو چوان. ايڏي ڪاميابي ڪنهن کي ملي ئي نه آهي. گذريل 50 سالن ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، جنهن جي ايڏي چاهه ۽ ڌيان سان آجيان ٿي هجي، جيتري منهنجي ڪتاب جي ٿي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت ته تون صفا جواڻ جماڻ هئين؟

موراويا: 21 سالن جو هوس. اخبارن ۾ ڪتاب جي باري ۾ مضمونن جي ڌم لڳي ويئي. ڪي ڪي مضمون ته پنجن پنجن ڪالمن تي ڇپيا. بناڪنهن شڪ جي ڪتاب کي ايڏي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ اڄ تائين نه منهنجي ٻيهر اهڙي لئه ٿي آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي انهيءَ ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ناول ۾ تو رومن بورزوا سوسائٽيءَ جي قدرن تي ڏاڍي تِکي، ڪڙي ۽ اثرائتي تنقيد ڪئي آهي. ڇا اِهو تنهنجو ظالمه ردعمل آهي، ان سوسائٽيءَ جي خلاف؟

موراويا: نه. گهٽ ۾ گهٽ شعوري ردعمل ته نه آهي. (ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اِهو بورزوا سوسائٽيءَ جي هر شيءِ جي خلاف به ردعمل نه آهي. بس! اهو ناول هو.

انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه نقاد توکي سويوو سان وڃي ڳنڍين ٿا. منهنجو خيال آهي ته اهي غلط آهن. تون ڇا ٿو چئين؟

موراويا: تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. حقيقت اته اها آهي ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سويوو جي باري ۾ مون کي گهڻي خبر نه آهي. مون هن جا ٻه ڪتاب پڙهيا آهن. هڪڙو آهي Senilita ۽ ٻيو ڇا ٿا چونس.... La Coscienza di Zeno مون پنهنجو اهو ناول `Gli Indifferenti` انهن ڪتابن پڙهڻ کان اڳ ۾ لکيو هو. دراصل سوويو بورجوازيءَ تي شعوري تنقيد ڪئي آهي. جڏهن ته جيڪا تنقيد مون کان ٿي ويندي آهي. اُها غير اِرادي طور تي اتفاقن ٿي ويندي آهي. منهنجو نقطه نگاهه اِهو آهي ته لکندڙ جو ڪم شعوري طور تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، پر جيئرا جاڳندا ڪردار تخليق ڪرڻ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ جو مطلب ته تون جيڪي لکين ٿو سو...

موراويا: آءٌ ذهني طور تي پاڻ کي ٿانيڪو بنائڻ ۽ ٻين ماڻهن کي وندرائڻ لاءِ لکندو آهيان. هڪڙيءَ طرح اهو منهنجيءَ پنهنجيءَ شخصيت جو اظهار به آهي. هر ڪنهن ماڻهوءَ وٽ اظهار جو پنهنجو ڍنگ هوندو آهي. مون وٽ به پنهنجو ڍنگ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: لڳي ٿو ته تون پاڻ کي اخلاق پسند (Moralist) نٿو سمجهين. اِها ڳالهه صحيح آهي؟

موراويا: نه. جيئن تون ٿون چوين ائين آئون Moralist نه آهيان. سچ ۽ سونهن پاڻ سيکاريندڙ آهن. کاٻي ڌر هجي يا ڪا به ٻي ’ڌُر‘ هجي، ان جو پاسو وٺي لکڻ يڪ طرفو معاملو ٿيو پوي. اها لکت گهڻين ضروري ڳالهين جي نمائندگي نٿي ڪري. جيڪڏهن ڪو ڪا ’ڌر‘ جهلي ڳالهه ڪندو ته پوءِ اهو سچيءَ تنقيد ڪرڻ کان وانجهو هوندو. ’ڌر‘ ڌاري اهڙي قسم جي ڪيل سماجي تنقيد قطعي طور تي سطحي هوندي. ها! پر منهنجي ان ڳالهه مان غلط مطلب نه وٺنجاءِ. حقيقت پسنديءَ سان لاڳاپيل جيڪي به ليکڪ آهن يا فنڪار آهن، انهن کي موجوده حقيقت کان به وڌيڪ مڪمل ۽ جامع حقيقت پيش ڪندو ته انهن جي ڪا نه ڪا اخلاقي پوزيشن هوندي. سندس چٽيءَ طرح سوچيل سمجهيل سياسي، سماجي ۽ نظرياتي لاڙا هوندا ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته ڪنهن نه ڪنهن ڍنگ ۾ اهي لاڙا سندس لکڻين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ويندا. ڪيئن به هجي پر فنڪار جو فن پهرين آهي ۽ عقيدا پوءِ آهن. ليکڪ جي عقيدن کي ڇڏي به ڏبو ته ليکڪ زنده رهندو آهي. مثلن لارينس کي ان ڪري ليکڪ نٿو مڃيو وڃي ته هن جا جانسن جي باري ۾ ڪي خاص نظريا آهن. پر ان ڪري مڃيو ٿو وڃي جو هو وڏو ليکڪ آهي. دانتي جا ڪجهه به نظريا هجن، پر ان هوندي به سوويت يونين ۾ پڙهيو ويندو آهي.

ٻئي پاسي فن جو ڪم آهي نمائنده قسم جو اظهار ڪرڻ. ان عمل ۾ ليکڪ، سندس ويچار ۽ سندس فيصلا موجود حقيقت سان گڏجي ويندا آهن. تنقيد ته انهيءَ سڄي ڪم جو هڪ ننڍڙو پهلو آهي. ته سمجهه کڻي ته آءٌ ڪنهن حد تائين Moralist آهيان ۽ اسين Moralist آهيون به سهي. توکي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ننڊ مان اُٿبو آهي ته ڪا به ڳالهه ڪا به شيءِ صحيح نه لڳندي آهي ۽ دل چوندي آهي ته هر شيءِ ٽوڙي ڦٽي ڪجي، ته جيستائين اها ڪيفيت ماڻهوءَ تي سوار رهندي آهي ته هو هڪ حد تائين Moralist ئي هوندو آهي. تنهنڪري ڳالهه کي چٽو هيئن ڪبو ته هر ماڻهو پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ Moralist ته هوندو آهي، پر هو ان کان سواءِ به گهڻو ڪجهه هوندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ٿورو وري Gli indifferenti ٿا موٽون.. جڏهن اهو ڪتاب لکيو پئي ته ڪن ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پيئي؟

موراويا: انهيءَ ڪتاب لکڻ وقت منهنجي وڏي ڪوشش اِها هئي ته سڄو ڪتاب ڊراما ٽيڪنڪ مطابق شروع ٿئي ۽ ان جي پڄاڻي به چٽيءَ طرح ڄاڻايل وقت اندر ائين ٿئي، جيئن ڪا شيءِ رهجي نه وڃي. ان ۾ جيڪي به واقعا ۽ حقيقتون پيش اچن ٿيون ته اُهي ٻن ڏينهن ۾ ئي درپيش اچن ٿيون. ڪردار ماني کائين ٿا، ڄمن ٿا، هڪٻئي کي وندرائين ٿا، هڪٻئي کي بڇڙو به ڪن ٿا، ته اهو سڀڪجهه ائين ٿئي ٿو جيئن اسٽيج تي ٿيندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڀلا ڪڏهن اسٽيج لاءِ لکيئه؟

موراويا: تمام ٿورو۔ Gli Indifferenti کي گولي اسڪئلر زينا سان گڏجي ڊرامائي تشڪيل ڏنيم ۽ La Mascherata عنوان سان هڪ عدد ناٽڪ پڻ لکيم.

انٽرويو وٺندڙ: اهو ته تنهنجو ڪتاب به آهي، ڇا ان ڪتاب جي بنياد تي اهو ناٽڪ لکيئه؟

موراويا: نه. مرڪزي خيال برابر ساڳيو هو، پر ان ۾ پيش ايندڙ واقعا ناٽڪ ۾ ٻيا هئا ۽ ڪتاب ۾ ٻيا. ان ناٽڪ کي پيوڪولو ٽيٽرو شهر ميلان ۾ اسٽيج ڪيو.

انٽرويو وٺندڙ: آئينده اسٽيج ناٽڪ لکڻ جو شوق آهي؟

موراويا: ها! بلڪل. اُميد اٿم ته ضرور لکندس. منهنجو اهو شوق ته تمام پراڻو آهي. جڏهن آءُ ڪچي وهيءَ ۾ هئس تڏهن به ڊراما پڙهڻ ۾ مون کي وڌيڪ مزو ايندو هو. شيڪسپيئر، موليئر، گولڊوني ۽ لوپ دي ويگا ۽ ڪاليدرون ان وقت ۾ ئي پرهيم. ڊڙاما پڙهڻ جو اڃا تائين شوق اٿم. مون کي ٽرئجڊي ناٽڪ ڀرپور لڳندا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ فني اظهار جا جيڪي وڏي ۾ وڏا ذريعا آهن، اسٽيج ناٽڪ انهن مان هڪ آهي. ۽ ڏاڍي مڪمل قسم جي صنف آهي. بدقسمتي رڳو اها آهي ته هن وقت اسٽيج ناٽڪ پڙ تي ئي نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: اهو ڪيئن ٿو چوين؟ تنهنجي مراد اٽليءَ مان ته نه آهي؟

موراويا: رڳو اٽليءَ جي ڳالهه نه آهي. بس ناٽڪ پڙ تي آهي ئي ڪو نه. اسٽيج ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر لکيوئي نٿو پيو وڃي.

انٽرويو وٺندڙ: پر اونيل، شا، پرانديلو ۽ .... موراويا: نه. انهن مان ڪنهن به اهڙو ناٽڪ نه لکيو آهي، جنهن کي پڪي ٽرئجڊي چئي سگهجي. ناٽڪ جو بنياد شاعراڻي ٻولي آهي. ويندي ابسن تائين جنهن کي هن وقت جو وڏو ناٽڪ نويس چيو ٿو وڃي، ان وٽ به اها ٻولي ڪونهي. اهو به روزمره واري ٻولي ٿو استعمال ڪري. منهنجي خيال ۾ ابسن به ڊرامو تخليق ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڪرسٽافر شاعرانه ناٽڪ لکندو آهي. تو ايسليو ۾ وڃي سندس لکيل ناٽڪ `The Lady’s not for burning` ڏٺو آهي؟

موراويا: نه.

انٽرويو وٺندڙ: ڏسندين ته وڻدئي؟

موراويا: ٿي سگهي ٿو. پهرين ڏسان ته سهي.

انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکيو اٿئي؟

موراويا: نه. ايترو نه لکيو اٿم. ڪجهه لکيو اٿم پر مزو نٿو اچي.

انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکڻ جو فارم وري صفا الڳ آهي؟

موراويا: بلڪل الڳ آهي. جتي هنرمندي آهي اتي فن به آهي. پر سوال ٿو اٿي ته فلم ڪيتريءَ حد تائين اظهار جي آزادي ڏئي ٿي. ڪئميرا ٻين جي مقابلي ۾ اڻ پوري آهي، پوءِ اها پين آسئن اسٽائين جي هٿ ۾ کڻي ڇو نه هجي. ڪئميرا ڪنهن به صورت ۾ ان لائق نه ٿيندي ته پرائوسٽ جون لکيل ڳالهيون ان ۾ اچي سگهن- ڪڏهن به نه. اٽليءَ ۾ اهو ئي آرٽ آهي جنهن کي وڏي مالي پٺ آهي. ڏاڍو آزاريندڙ ڪم آهي. فلم ۾ ليکڪ ته صرف آئيڊيا ڏيندڙ ماڻهو يا سينري لکندڙ ماڻهو هوندو آهي. ان ۾ لکڻ واري کي پئسي واري معاملي کان سواءِ ٻي ڪا به تسڪين نه ٿيندي آهي. پوسٽرن تائين لڪيکڪ جو نالو موجود نه هوندو آهي. ليکڪ لاءِ اِهو ڪني ۾ ڪنو ڪم آهي. ان کانسواءِ فلم هڪ اهڙو آرٽ آهي جيڪو مشين بازيءَ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل هوندو آهي. ان ۾ ٽيڪنيشن جي پوري فوج هوندي آهي ۽ مشينن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شيون هونديون آهن. فلم جو سڄو Process سُڪن سُڃن حصن ۾ هلندو آهي. فلم خالص آشرٽ نه آهي. ماڻهوءَ جي انسپائريشن فلم ۾ پهچيو صفا پاروٿي ٿيو وڃي. جيڪي ماڻهو لکي ٿو اها لکڻي انهيءَ ساڳئي ڍنگ ۾ اسڪرين تي اچي ئي نٿي. گهٽ ۾ مون لاءِ فلم لکڻ ناپسنديده مشغلو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فلم لکڻ ۾ ضرورت جي وقت پئسن هٿ اچڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڪشش نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: (Woman of Rome) La Romana جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: La Romana هڪ مختصر کان مختصر ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پهرين نومبر 1945ع تي مون ان لاءِ شروع ڪيو ته اِها اخبار جي ’ادب ۽ ثقافت‘ واري صفحي ۾ ڇپجي. ماءُ ۽ ڌيءُ جي تعلق تي مون کي وڌ ۾ وڌ ٽي يا چار صفحا لکڻا هئا. پر پوءِ جڏهن لکڻ ويٺس ته لاڳيتا چار مهينا لکندو رهيس ۽ پهرين مارچ تي اِها ڪهاڻي ناول جي صورت ۾ ختم ڪيم.

انٽرويو وٺندڙ: ائين ته ڪو نه آهي ته ڪُتي جي پڇ به ڪتي سان تري پار پيو؟

موراويا: بس ارادو ته ڪهاڻيءَ لکڻ جو هو پر چئن مهينن اندر مختصر ڪهاڻيءَ مان ڦري ناول ٿي پيو.

انٽرويو وٺندڙ: ڪٿي ائين ته نه ٿيو جو لکندي لکندي ڪردار هٿ مان نڪري ويا هن؟

موراويا: نه، ائين ته ڪونهي. جڏهن سجهه ته ڪردار هٿ مان نڪرندا ٿا وڃن ته پوءِ سمجهه ته ڪهاڻي اصلي Inspiration جي بنياد تي ڪو نه اُڀري آهي، پوءِ ته ڪهاڻي سولي هلندي ئي نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: افواهه گرم آهن ته (Woman of Rome) La Romana لکڻ لاءِ اوهان اڳواٽ نوٽس ورتا هئا؟

موراويا: سوال ئينٿو پيدا ٿئي. پهرين نوٽس وٺي پوءِ لکڻ جو رنگ ڍنگ مون وٽ نه آهي. دراصل ڏهه سال اڳ آءٌ روم جي هڪ عورت سان مليو هئس. جيتوڻيڪ انهيءَ عورت جي زندگيءَ جو ناول سان ته ڪو به تعلق نه آهي، پر ان ۾ جا چڻنگ ضرور هئي، جنهن ناول لکڻ تي مجبور ڪيو. باقي اهو نوٽبڪن تي نوٽس لکي پوءِ ڪهاڻي جوڙڻ جو ڌنڌو پاڻ کان ڪو نه ٿئي. مون لاءِ ڪهاڻي لکڻ وقت ئي جنم وٺي ويندي آهي، اڳ ۾ رٿيل نه هوندي آهي. بلڪ ائين کڻي سمجهه ته جڏهن آءٌ لکڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول نه هوندو آهيان ته پنهنجين لکڻين جي باري ۾ سوچيندو ئي نه آهيان. آءٌ گهڻو ڪري صبح جو 9 کان 12 بجي تائين لکندو آهي. هڪ بجي کان شام جو يا رات جو مون ڪڏهن هڪڙي سِٽ به نه لکي آهي. ٽيبل تي جڏهن لکڻ ويهندو آهيان ته اها خبر نه هوندي اٿم ته ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ٿيڻو آهي. منهنجو سڄو ڀروسو In Inspiration تي هوندو آهي. پوءِ ڏات ڪڏهن رُسي ويندي آهي ته ڪڏهن اچي ويندي آهي. ويهي انسپائيريشن جو انتظار ڪندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: منهنجي خيال ۾ ڪردارن جي نفسيات جي باري ۾ تنهنجي زال به توکي مدد ڪئي هوندي؟

موراويا: ڪڏهن به نه. ڪرادرن جي نفسيات هجي يا ڪهاڻيءَ جا ٻيا حصا هجن، آءٌ پنهنجي ئي تجربي جي آڌار تي لکندو آهيان. ها! ڊاڪيومينٽري هُجي يا ڪو نصابي ڪتاب ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ڪنهن زماني ۾ روم شهر ۾ آءٌ آرڊينيا نالي هڪ عورت سان گڏيو هوس. ان ملاقات کان ڏهه سال پوءِ انهيءَ عورت متعلق ڪنهن خيال مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو. انهيءَ عورت پڪ سان اِهو ڪتاب نه پڙهيو هوندو. مون کيس ڏٺو ئي هڪ ڀيرو هو، ان ڪري ناول منهنجي تصور تي ئي ٻڌل آهي.

انٽرويو وٺندڙ: حقيقي موضوع جي پيڙهه تي ڪا فينٽسي (خيالي آکاڻي) لکيئي؟

موراويا: تصور ۽ فينٽسي جي لفظن کي پاڻ ۾ نه نه مونجهاءِ. اهي ٻئي ذهن جون ڌار ڌار حرڪتون آهن. انهن ٻنهي لفظن جو فرق جي بينڊيٽو ڪروس عاليشان تشريح ڪئي آهي. اُها پڙهي ڏسو. سڀني فنڪارن وٽ تصور ته هوندو آهي پر انهن مان ڪن وٽ فينٽسي به هوندي آهي. مثلن سائنس فڪشن فينٽسي هوندو آهي، جڏهن ته فلابرٽ جو ناول ميڊم بُواري عظيم تصور تي ٻڌل آهي. ان ناول کي تون فينٽسي نٿو چئي سگهين.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ڪتابن ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي. اُها هيءَ ته تنهنجا جيڪي به ڪردار پڙهندڙن جون همدرديون ٿا وٺن، اهي گهڻو ڪري عورتون آهن. مثلن La Messicanan, La provincale ۽ La Romana .

موراويا: ائين نه آهي. منهنجن ڪافي ڪتابن ۾ اهڙا مرد ڪردار به آهن، جيڪي همدرديون وٺنداآهن. اهڙيءَ طرح ٻار به آهن. مثلن Gli Indifferenti ۾ مائيڪل جو ڪردار، Agostino ۾ ايگسوٽينو جو ڪردار ۽ La Disubbidienza ۾ ليوڪا جو ڪردار. بلڪ ائين کڻي چئه ته منهنجا سڀ مک ڪرادر همدردي لهڻندا آهن.

انٽرويو وٺندڙ: جيئن Conformist جو ڪرادر مارسيلو ڪليريسي آهي؟

موراويا: ها. اُهو به.

انٽرويو وٺندڙ: پراٽولينيءَ جو ايروڊيل ناسترو ٽيپو جو جيڪو ڪردار آهي. لڳي ٿو ان سان توکي ڪو دلي لڳاءُ نه آهي؟

موراويا: دلي لڳاءُ ته نٿو چئي سگهين. البت رحم چئي سگهين ٿو. اهو ڪردار ان ڪري رحم جوڳو هو جو آسپاس جي حالتن جو شڪار ٿيل هو. پر ان جي باوجود اهو ڪردار منفي نه آهي. آءُ منفي ڪردار نه کڻندو آهيان. اهو ضروري نه آهي ته سٺو ناول منفي ڪردارن ذريعي لکي سگهجي. ها! ڪجهه ڪردار اهڙا به آهن جن سان منهنجو دلي لڳاءُ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: جيئن آرڊينيا.

موراويا: آرڊينيا؟ ها آرڊينيا لاءِ تون سورهن جا ويهه آنا اِها ڳالهه ڪري سگهين ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: لکڻ کان اڳ نه تون نوٽس وٺندو آهين ۽ نه ڪا تو وٽ رٿا هوندي آهي، اهو ته ٺيڪ پر ڇا لکڻ کان پوءِ ان ۾ درستيون ڪندو آهين؟

موراويا: ها! بلڪل درستيون ڪندو آهيان. هڪ ڪتاب ڪيترائي ڀيرا نظر مان ڪڍندو آهيان. منهنجي ڪم جو طريقو قديم مصورن وانگر آهي. جيڪي تهه در تهه ڪم ڪندا هئا. منهنجون پهريون مسودو ڪُڍنگو هوندو آهي. هڪ ڪري ان کي اڻ پورو به چئي سگهين ٿو. بعد ۾ آءٌ ان کي ٻيهر لکندو آهيان.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org