سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو :7

بلئس سينڊرارس

 

(بلئس سينڊرارس (اصلي نالو فريڊرڪ ساسر) تاريخ پهرين سيپٽمبر 1887ع تي سئٽزرلينڊ جي شهر چاڪس ڊي فانڊس ۾ ڄائو. سندس پيءُ جيئن ته ڌنڌن جون مختلف رٿائون (جيڪي ڪڏهن به پوريون نه ٿيون.) هٿ ۾ کڻي ڏيهان ڏيهه پيو رلندو هو. ان ڪري سينڊرارس جي ننڍپڻ به پنهنجيءُ پيءُ اسڪندريه، نيپلس، برنڊسي ۽ نيوچاٽيل شهرن ۾ گذري.

بلئس سينڊرارس 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو ۽ هيرن جي هڪ واپاريءَ سان وڃي شريڪ ٿيو. ٻنهي ڄڻن گڏجي واپار سانگي روس، ايران ۽ چين جو سفر اختيار ڪيو. 1910ع ۾ پيرس شهر ۾ بلئس سينڊرارس جي ملاقات ايپوفائر سان ٿي ۽ کانئس تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت اهو صاحب علم ۽ آرٽ جي حلقن جو مائي باپ ڪري ليکيو ويندو هو.

بلئس سينڊرارس پنهنجو پهريون طويل نظم `Les Paques a New York` 1912ع ۾ آمريڪا ۾ ويهي لکيو. 1918ع ۾ اهو طويل نظم ۽ ٻيا طويل نظم گڏي پنهنجو پهريون ڪتاب شايع ڪرايائين. 1931ع ۾ آمريڪا جي مشهور ليکڪ جان ڊاس پاسوز سندس انهن نظمن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو. سندس انهن نظمن جو جديد شاعريءَ جي پيڙهه ٻڌڻ ۾ وڏو حصو آهي.

بلئس سينڊرارس انهن نظمن کان پوءِ ناولن ۽ سوانحي ناولن لکڻ جو سلسلو به شروع ڪيو جيڪي هن ريت آهن:

Moravagine(1926) sutter’s Gold (1926), L’or (1924). Rhum (1930). Les Confessions de Dan yack (1929)

جڏهن ٻيءَ عظيم جنگ ڇڙي ته بلئس سينڊرارس رپورٽر جي حيثيت ۾ برطانوي فوجن سان شريڪ ٿي ويو. 1940ع ۾ جڏهن پيرس جرمنن جي هٿ ۾ آئي ته پاڻ سڀڪجهه ڇڏي ايڪس پراوينس ۾ رٽائر زندگي گذارڻ لڳو ۽ سندس لکڻ بند رهيو. 1944ع ۾ ٻيهر لکڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجين يادگيرين تي مشتمل هڪ ٻئي پويان ڪتاب لکندو ويو، جيڪي هن ريت آهي:

La Main Coupee (1946) L’ Homme Fourdroye (1945) Trop & Le Lotssement du Ciel (1949), Bour linguer (1948) C’est Trop (1957)

1957ع کانپوءِ جلد ئي کيس بيماري ٿي پيئي ۽ بيماريءَ وگهي مفلو ٿي پيو ۽ تاريخ 21 جنوري 1961ع تي پيرس ۾ وفات ڪيائين.)

 

بلئس سينڊرارس

 

انٽرويو وٺندڙ: مائيڪل مينول

 

انٽرويو وٺندڙ: سڀئي ليکڪ اِها دانهن ڪندا آهن ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ ليکڪ کي ڌار ڌار دٻائن هيٺ رهي لکڻو ٿو پوي. اِها ڪيتري قدر حقيقت آهي؟

سينڊرارس: اديب مڙيئي پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ ۽ ڳالهه کي دلچسپ بنائڻ جي چڪر ۾، ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائي ڇڏيندا آهن. کين پنهنجي فن جي بدلي ۾ جيڪا موٽ ملندي آهي، جيڪا حاصلات ٿيندي آهي ۽ جيڪي سندن ڀاڳ کُلندا آهن، انهن جو به ته ذڪر ڪرڻ گهرجي. اهو ڇا آهي ته ’آءُ هيئن، آءُ هونئن.‘ پاڻ کي اِها ڳالهه صفا ڪو نه وڻي. آخر جيڪا ٻي خلق ويٺي آهي، اها کانئن ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ گهٽ آهي. سڀڪو پنهنجيءَ هڻ پٽ ۾ پورو آهي. اڪثر ماڻهو ويچارا ته سوسائٽيءَ جي مشين جا پرزا ئي آهن، جيڪي سوسائٽيءَ جي گيئرن کي صاف ڪري اڳتي هلائڻ ۾ ڪم ايندا رهندا آهن. آءٌ جڏهن کان پيرس موٽي آيو آهيان، ته گهر جي دريءَ مان ويهي تماشو ڏسندو آهيان ته دل دکندي اٿم. دريءَ جي بلڪل سامهون مقرر وقت تي مقرر جاءِ تي گاڏي اچي بيهندي آهي ۽ سوين ماڻهو اوڳاڇيندي آهي ۽ ايترائي ماڻهو ڳڙڪائي رواني ٿي ويندي آهي. ماڻهو نه ٿيا الاءِ ڇا ٿيو. اِها ڪا زندگي ته نه آهي. اِهو عمل انساني ته لڳيئي نٿو. اِها ته وڏي غلامي آهي. چڱا مَٺا سڀ غلام ٿا لڳن. زندگيءَ جو اِهو واهيات پڻو ته ختم ئي ٿيڻ کپي.

مون جهڙو عام ماڻهو جديد زندگيءَ جو ڏاڍو عقيدتمند آهي. نين نين فيڪٽرين جو واکاڻي آهي. پر ٿوري وقت لاءِ ويهي انهن فيڪٽرين ۽ انهيءَ جديد زندگيءَ تي سوچجي ٿو ته آخر اِهي شيون اسان کي ڪيڏانهن پيو وٺيو وڃن ته پوءِ ته تاڪ ٿا لڳيون وڃن. سچ ڪري پڇين ته اڳتي هلي معاملو ڏاڍو خراب ٿيندو.

انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته تون وڏي فجر ڏيئي اُٿندو آهين ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکندو رهندو آهين؟

سينڊرارس: مون کي خبر آهي ته ڪم وڏي لعنت آهي. ان ڪري مون ڪم کي ڪڏهن به عادت نه بنايو آهي. ان هوندي به ائين ضرور آهي ته جيئن ٻيا مقرر ٿيل گهڙيءَ کان مقرر ٿيل گهڙيءَ تائين ڪم ڪندا آهن، ائين مون کي به ڪرڻو پوندو آهي. آءٌ هاڻ پنجونجاهيءَ کان مٿي چڙهي ويو آهي. سوچيو هئم ته چار ڪتاب لکي وٺان، سو لکيا اٿم. گهڻي ئي لکيو اٿم. لکڻ لاءِ ڪو خاص طريقيڪار نه اٿم. بس ڪوشش ڪيم ۽ لکي ويس. رڳو اِهي ڪتاب ڪلهي تي رکي جيئڻو نه اٿم. ڪتابن لکڻ کان سواءِ ماڻهوءَ کي ٻيا به ڌنڌا ڌاڙي هوندا آهن. آخر زندگي رڳو ڪتابن جي ڀَرَ تي ته نه گهارڻي آهي.

ليکڪ لاءِ اِهو ڪو ضروري نه آهي ته هو اهڙي هنڌ ويهي لکي جتي لکندي لکندي اک مٿي کڻي ته سهڻا نظارا پسي. ليکڪ کي ته جيروم وانگر کُڏيءَ ۾ به ويهي لکڻ گهرجي. نظاري کي پُٺ ڏيئي به لکي سگهجي ٿو. لکڻي اصل ۾ روح جو نظارو آهي- ’دنيا اها آهي جيڪا آءُ ٿو پيش ڪريان.‘ انسانيت پنهنجي افساني تي جيئندي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن فاتح ڪو ملڪ فتح ڪندو آهي ته هو سڄي ملڪ تان ڦرهي ڦيري ان کي اهڙو بنائڻ چاهيندو آهي، جهڙو سندس دل گهرندي آهي. اڄڪلهه ته آرسيءَ ۾ به منهن ڏسڻ تي دل نٿي چوي.

ايپولي فائر کي پيرس شهر ۾ پنهنجو عاليشان گهر آهي. گهر ۾ وڏا وڏا شاندار ڪمرا اٿس. ٽئين ماڙ تي عاليشان آڳر اٿس، جتي ويهي جي نظر ڌر جي ته نظارن مان اک نه ڍاپي، پر هو آڳر يا ڇت تي ويهي لکڻ جي بدران بورچيخاني ۾ ويهي لکندو آهي. اتي به اهڙي سوڙهي ميز ڪرسي رکي اٿس، جنهن تي ويهي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.

پيسون جو ته گهر ئي ٽڪرين ۾ ٺهيل آهي. ان گهر جي آڳر ۾ ويهي ماٿريءَ ۾ نهاريو ته سهڻي کان سهڻا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. پر هو انهن ڪمرن ۾ ويهي لکڻ بدران، گهر جي پُٺ ۾ ٺهيل پنهنجيءَ لئبرريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي لکندو آهي. پاسي کان هڪ ننڍڙي دري اٿس، پر اُها به گلن سان ڍڪيل هوندي آهي. منهنجو پنهنجو گهر ٻهراڙيءَ ۾ آهي. انهيءَ گهر جي مٿئين ماڙ وارن ڪمرن ۾ ويهبو ته سامهون سهڻو باغ ڏسڻ ۾ ايندو. پر آءٌ مٿئين ڪمرن جي بدران هيٺ هڪ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهيان، جنهن جي هڪ دريءَ مان سامهون ڀت ڏسڻ ۾ ايندي ته ٻئي پاسي طابيلي ڏانهن ويندڙ چور گهٽي.

منهنجي تمام گهٽ اديبن سان ملاقات ٿي. پر انهن سڀني مان مون کي هڪڙو نظاري باز اديب سُجهي ٿو، جنهن جي مغز تي نيپولين جو ڀوت سوار ٿيل آهي. هو پنهنجي گهر ۾ اهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو آهي، جتان دريءَ مان آرڪ ڊي ٽرومڦي جي تاريخي عمارت سڄي جي سڄي ڏسڻ ۾ ايندي اٿس. پر سندس گهر جي اها دري اڪثر بند هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مرشد سڳوري(نيپولين) جو اِهو ڪارنامو کيس انسپائر نه ڪري سگهندو آهي، ۽ سندس کنڀ ٻڌل هوندا آهن. ڪن ڏيئي ٻڌندؤ ته همراهه پنهنجي اسٽڊيءَ جي ڪمري ۾ ايندو ويندو، پنهنجون سٿرون ڪُٽيندو، پنهنجا لکيل جملا ٻاڪاريندو، ڪنجهڪارون ڪندو، رئندو ۽ جفاڪشيون ڪندو ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ وقت سندس زال نوڪرن کي چئي ڇڏيندي آهي ته ”صاحب پنهنجي فن جي مستيءَ ۾ آهي، مٿي ڪو به ڌيان نه ڏيو.“

انٽرويو وٺندڙ: پڙهيو به ڏاڍو هوندءِ؟

سينڊرارس: تمام گهڻو پڙهيو اٿم. پڙهڻ منهنجو خفت آهي. آءٌ مختلف هنڌن تي مختلف ماحولن ۾ هر قسم جا ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪو ڪتاب ور چڙهندو اٿم ان کي چٽي ويندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: تو هڪ هنڌ چيو آهي ته تولاءِ پڙهڻ زمان ۽ مڪان ۾ سفر ڪرڻ نه آهي بلڪه ڪردار جي اندر ۾ بنا اٺسٺي جي پيهي وڃڻ آهي؟

سينڊرارس: پڙهڻ منهنجو وڏو نشو آهي. قلم جي مس مون کي نشي ۾ آڻي ڇڏيندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ:  ڪجهه غير معمولي شيون به پڙهيون هوندءِ؟

سينڊرارس: ڪيپٽن ليڪ روئڪس نالي هڪ پوڙهو جهازي آهي. سندس لکيل ڪتاب نه آهن، پر ڪتابن اندر ميڙا متل آهن. قسمت سان ساڻس ملاقات ٿي نه سگهيو آهيان. نئنتيس ۽ سائنٽ ناذائر شهرن ۾ ڳولا ڪئي مانس، پر ملي نه سگهيوسانس. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته همراهه اسي ورهين کي پهتل آهي، پر اڃان تائين ڀڙ لڳو پيو آهي. جڏهن ڏٺائين ته هاڻي سامونڊي سفر اختيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته وري ٻيڙن جو ويمو ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس ۽ اڃا تائين اونهي ۾ ٻيڙيءَ کي ائين آلائيندو آهي، جو کيس پنهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جا ڪڻٺا ياد اچي ويندا آهن. انهيءَ عمر ۾ اهو وڏو ڪارنامو آهي. مون کي لڳي ٿو ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر مَچُ دُکايو ويٺو آهي. سامونڊي هوا سندس گهر جي مٿان گهلي رهي آهي. سياري جون راتيون ڊگهيون آهن ۽ هو وقت گذارڻ لاءِ لتاڙيل ستن سمنڊن ۽ ٻيڙين کي ياد ڪري ڪتاب مٿان ڪتاب لکندو وڃي.

سندس انهن ٿلهن ڪتابن ۾ ڏاڍي سچائيءَ سان اڪيومينٽيشن ٿيل آهي. ڪن ڪن هنڌن تي اهي ڪتاب ٿورا ٿورا ڳرا لڳن ٿا، پر منجهن ڏاڍي تازگي هوندي آهي، پڙهندي ٿڪائين نٿا. کيس جيئن حالتون درپيش اينديون ويون آهن، هو جيڪي ڪجهه ڏسندو ويو آهي، اُهو لکندو ويو آهجي. کيس ڪيپ هارن کان وٺي چيني سمنڊ تائين ۽ تسمانيه کان وٺي يوشانت تائين جيڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان جو تذڪرو ڪيو اٿس- لائيٽ هائوس، وهڪرا، هوائون، سامونڊي ڇپون، طوفان، وانئرون، ٻيڙا، سامونڊي آمدرفت، جهازن جون برباديون، مڇيون، پکي، آسماني ڏيک، سامونڊي آفتون، تاريخ، ريتون رسمون، قومون، سمنڊ سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ پنهنجيون پراڻيون چوڻيون مطلب ته ڪا شيءِ ڇڏي نه اٿس. هڪ ايماندار سامونڊيءَ وانگر جنهن ڏينهن کان ٻيڙن جي پيار ۾ سمنڊ جي ڇاتيءَ تي پير رکيو اٿس، ان ڏينهن کان وٺي هڪ هڪ ڳالهه چٽي اٿس. ها! ان ڪتاب کي تون هروڀرو ادب جي خاني ۾ به جاءِ ڏيئي نٿو سگهين. ڪتاب جي هر صفحي تي توکي ڪجهه نه ڪجهه حاصلات ٿيندي. ۽ ڪتاب جا پورا ڏهه ٿلها جلد آهن. ڪتاب جيترو دلسوز آهي اوترو ئي سندس وانگيان سادو آهي. پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجيءَ آڱر سان دنيا جي سڄي گوليءَ کي ڇُهي ورتو هجيس.

ان کان سواءِ نوسترا داموس جا پيشنگوئين وارا شعر آهن، جيڪي ايڏيءَ سهڻيءَ زبان ۾ لکيل آهن، جو پڙهڻ سان اندر ٽڙيو پوي. حالانڪه منجهن ابهام به ڏاڍو آهي. اِهي شعر پاڻ چاليهن سالن کان پڙهندو اچان. اهي شعر پڙهندو نه پر پيئندو ۽ اوڳاريندو رهندو آهيان. پر ان جي باوجود اڄ تائين اهي شعر چڱيءَ طرح سمجهه ۾ نه آيا اٿم. نظم يا نثر کي سمجهڻ لاءِ آئون ڪنهن گائيڊ وغيره کي هٿ نه لائيندو آهيان. هيستائين جيڪي به گائيڊون ڇپيون آهن، اُهي سڀ نظرن مان ڪڍيون اٿم. سڀ بي معنيٰ ۽ ڪوڙيون آهن. ڪو هڪڙي گائيڊ ڇپيندو آهي ته ٻن ٽن سالن کان پوءِ وري ڪو ٻي گائيڊ ڇپيندو آهي ۽ اڳئين گائيڊ کي رد ڪري ڇڏيندو آهي. ڪُلف بند جو بند رهندو آهي. ڪنجي ڪنهن کي به هٿ نه ايندي آهي. ڪُجا گائيڊن جي مڪينزم ڪجا اعليٰ تخليق جو ڪم. فرينچ زبان ۾ هيتائين جيڪي به عظيم شاعر پيدا ٿيا آهن، نوسترا داموس انهن مان هڪ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: هن وقت پڙهڻ لاءِ تازو ڪهڙو ڪتاب ڳولي لڌو اٿئي؟

سينڊرارس: پڙهڻ لاءِ تازو جيڪو ڪتاب ڳولي لڌو اٿم ان جو عنوان آهي `Reportoire General` اهو ڪتاب ريتن رسمن جي ڊڪشنري آهي. 1937ع ۾ ڇپيو آهي. ٻن وڏن جلدن تي ٻڌل آهي ۽ منجهس 58 ڪلو وزن آهي. آءٌ جيڏانهن به ويندو آهيان ته اهو ڪتاب گڏ کڻي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته آءٌ ميري ميگلڊالين جي سوانح تي مشتمل هڪ عدد ناول لکي رهيو آهيان. ميري ميگڊالين دنيا جي اها واحد عورت آهجي، جنهن حضرت عيسيٰ کي رئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ ريتن ۽ رسمن جي فهرست جي ضرورت پوندي اٿئي ڇا؟

سينڊرارس: منهنجا مٺڙا سائين مسئلو ٻوليءَ جو آهي. ڪيترا سال ٿيا آهن جو آءٌ جڏهن به ڪو ڪتاب لکندو آهيان ته ڪتاب لکڻ کان اڳ لفظن جو ذخيرو گڏ ڪندو آهيان. مثلنِ `L’ Homme Foundroye’ لکڻ کان اڳ پورا ٽي هزار لفظ گڏ ڪري لڪکي رکيا هئم ۽ جڏهن ڪتاب لکڻ ويٺس ته ٽيئي  هزار لفظ ڪتاب ۾ استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيم. انهن لفطن منهنجو تمام گهڻو وقت بچايو ۽ منهنجيءَ لکڻيءَ کي گهربل روشني عطا ڪيائون. اِهو طريقو مون پهريون ڀيرو استعمال ڪيو هو، جيڪو ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو. مسئلو سڄو ته ٻولي ئي آهي. ٻولي اُها شيءِ اٿئي، جنهن مون کي ڌتاريو آهي، بگاڙيو آهي، ٺاهيو آهي ۽ ڦٽايو آهي. جيئن ته آءٌ شاعر آهيان، ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس آهيان. ٻوليءَ ۾ صحيح يا غلط تي منهنجي نظر رهي ٿي. گرامر کي مون هميشه نظر انداز ڪيو آهي، بلڪه ڌڪاريو آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڌڪاريندو رهندس. پر ان جي باوجود آءٌ ڊڪشنرين جو وڏو پڙهاڪو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجو ڌيان هجي ۽ اُچارن تي رهندو آهي. هجي ۽ اُچار ئي ٻوليءَ کي زندهه رکندا آهن. آلاپ اڳ ۾ پيدا ٿيو آهي، لفظ پوءِ پيدا ٿيا آهن. پکين جا آواز ئي ٻڌي ڏس ته خبر پئجي ويندءِ.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ٻولي اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا هڪ هنڌ ڄمي ويل يا مُئل آهي، بلڪه هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا زندگيءَ ۽ حقيقت سان ڳانڍاپيل آهي ۽ زندگيءَ سان گڏ سفر ڪندي رهي ٿي؟

سينڊرارس: اهو ئي ته ڪارڻ آهي جو ريتن رسمن جي فهرست تي ٻڌل ڪتاب `Reportoire General` مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. مثلن؛ `Ribbon` لفظ کي ئي کڻي وٺ. ان اکر جي معنيٰ پورن 21 صفحن تي ڏنل آهي. عجب ته اِهو آهي جو اهو لفظ هن وقت جي الٽرا ماڊرن دنيا ۾ ۽ نئين مشينن ۽ ڪارخانن جي دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪم اچي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: لوڪ ادب ۾ تنهنجي دلچسپي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿي؟

سينڊرارس: منهنجي سڄي حياتي گيرارڊي نيروال جي تخليقن جي اثر هيٺ گذري آهي. مون کي مقبول عام شاعري ۽ لوڪ گيتن سان جيڪو پيار آهي، اُهو سندس ئي تخليق جو پيدا ڪيل آهي. آءُ سڄيءَ دنيا ۾ روس، چين ۽ برازيل وغيره جتي جتي به ويو آهي اُتي جي موسيقيءَ ۾، شاعريءَ ۾، ۽ ادب ۾ دلچسپي ورتي اٿم. ٻڌو اٿم، پڙهيو اٿم ۽ نوٽ ڪيو اٿم. ڊوملس جون لکڻيون، محلاتي سازشن تي ٻڌل ناول، ٽائپسٽن جي پيار تي ٻڌل ڪهاڻيون- اهي سڀ پڙهڻ جهڙيون شيون آهن. دنيا جي سڀني اسٽينو گرافرن جي ذهنيت تقريبن ساڳي ئي آهي. هر ملڪ ۾ ادب جا ڪي نه ڪي اهڙا نمونا هوندا آهن، جيڪي وڏي عام مقبوليت رکندا آهن. جيئن `The key of dreams` آهي يا `The language of flowers` يا ٻيا اهڙا هزارين مثال موجود آهن. مڃان ٿو ته گهورڙين جيڪو لوڪ ادب تخليق ڪيو آهي، پيرس جهڙي شهر ۾ اُن جو اُهو ساڳيو مان نه آهي پر برازيل جهڙن ملڪن ۾ اڄ به ويندؤ ته اُتي جي اڻ پڙهيلن ۾ ’ڪامڻ‘ ۽ ’ست بگهاڙي‘، ’ڪنڌ وڍيو چراغ‘، ’اڇي مائي‘، جنن ڀوتن جا قصا، پرين جون آکاڻيون، سورمن جا قصا، مسافرن جا جوکا، ڏاڍن مڙسن جا ڏاڍ مڙسيون، مطلب ته ڪيترن ئي قسمن جا ادب پارا مشهور آهن. ان کان سواءِ انگلينڊ جا جاسوسي ناول، آمريڪي ڪائو بوائز جا قصا ۽ عشق و محبت متعلق ٺهيل فلمون به انهيءَ ادب جو ئي حصو آهن، جنهن ادب جي پيڙهه لوڪ ادب ۽ عوامي ادب تي ٻڌل آهي.

انٽرويو وٺندڙ: برازيل جو جيڪو لوڪ ادب آهي، اهو شيدين جي لوڪ ادب تان ته ورتل نه آهي؟

سينڊرارس: نه. اِهو ادب پورچو گال مان آيل آهي. گهورڙئي جو پيدا ڪيل جيڪو به لوڪ ادب آهي، اُهو پورچو گال مان ئي آيل آهي. هونئن اهو ادب برازيل جو قومي ادب آهي. اُن ادب جي جُڙت ۾ اُتي جي استادن جو حصو نه آهي، بلڪه استاد اديب ان کان ئي متاثر آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته اهي استاد اديب فرنيچ زبان جي ادب کان به متاثر آهن. برازيل جي اديبن جي جيڪا صفا نئين پيڙهي آهي، اُها اتر آمريڪا جي انهن اديبن کان متاثر آهي، جيڪي اديب ٻن جنگين جي وچ ۾ پيدا ٿيا ۽ زندگيءَ جو وچ عرصو پيرس ۾ به گذاريائون. انهن اديبن ۾ هيمنگوي، جان ڊاس پاسوس ۽ هينري ملر اچي وڃن ٿا.

انٽرويو وٺندڙ: پر جيڪي شيدي اُتي اچي آباد ٿيا آهن، انهن ڪجهه ته لکيو هوندو؟

سينڊرارس: شيدين جي ڳالهه ٿو ڪرين، غلام ويچارا لکندا ٿورو ئي آهن. سندن لکڻ تي ته پابندي هئي. انهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻه اکر پڙهي وٺندو هو ته اُها ئي وڏي ڳالهه هوندي هئي. اهو ته ٺهيو پر برازيل ۾ مورڳو ڪتابن ئي ڇپڻ تي پابندي لڳل هئي. پورچو گال مان ڪتاب ڇپجي ايندا هئا. 1818ع ۾ شهنشاهه جي حڪومت دوران پهرين  پريس ريوڊي جينرو ۾ لڳي. ان کان اڳ اُتي پريس به ڪا نه هئي. 1633ع کان 1696ع جي وچ ڌاري تائين گريگوريو ماتوس نالي هڪ شاعر پنهنجا شاهڪار شعر  لکيا هئا، جن ۾ بيٺڪي راڄ جي سماج تي وڏي طنز ٿيل هئي. اهي شعر 1882ع ۾ ريوڊي جينرو ۾ ڇپيا. 1882ع کان اڳ ۾ اهي شعر مخطوطن ذريعي ۽ زباني طرح سماج جي هڪ خاص طبقي يعني باهيا جي بوهيميا طبقي ۾ گردش ڪندا رهيا.

انٽرويو وٺندڙ: اهو شاعر ته شيدي نه هو؟

سينڊرارس: نه. سندس پيءُ وڏو زميندار هو. سندن ٻنيءَ تي 130 شيدي غلامن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئا. ڀاڳ وارو ماڻهو هو، جو کيس پورچو گال جي مشهور يونيورسٽي ڪوئمبرا ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. همراهه پورچو گال مان پڙهي جڏهن باهيا موٽيو ته وات بند ئي نه ٿيئس، ملامتن ۽ گارين جا ڌوڙهيا چاڙهيو ويٺو هو. ان ڪري کيس انگولا ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني ختم ڪري جڏهن واپس موٽيو ته همراهه ڪاوڙ ۾ اڳي کان به رتيون ڪسر بيٺو هو، اُن ڪري کيس ڪجهه عرصي لاءِ پرنامبوڪو ۾ سندس گهر ۾ ئي قيد رکيو ويو. اُتان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي حالت سڌارڻ جي بدران نشي ۾ ٽٻ ۽ بندرگاهه ۾ڪم ڪندڙ نيگرو ڇوڪرين سان عياشيءَ ۾ غرق رهڻ لڳو. ان شاعر جيڪي پيار جا گيت لکيا آهن، انهن مان ڪجهه گيت ته اهڙا آهن جو دل کي جهٻيون ڏيو  ڇڏين. مسڪيني حال ۾ وفات ڪيائين. جڏهن کيس هڪ غريب ماڻهوءَ وانگر دفن ڪيو ويو ته سندن سڄي ملڪيت رڳو هڪ گٽار ئي هئي.

انٽرويو وٺندڙ: 15 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن تون گهران ڀڄي نڪتين ته اها تنهنجي رٿا اڳ ۾ رٿيل هئي يا ائين منهن ڪري ڀڳو هئين؟ موٽڻ جو به خيال هيئي يا نه؟

سينڊرارس: مون اوڀر طرف رُخ رکيو. ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا پهرين ٽرين ملي اُها اوڀر طرف پئي ويئي. ان جي جاءِ تي جيڪڏهن اولهه طرف ويندڙ ڪا ٽرين مليم ها ته ڪر ايشيا جي بدران اولهه طرف آمريڪا مان وڃي نڪران ها.

انٽرويو وٺندڙ: جنهن تاريخ تي تون گهر کان ڀڳين، اُها تاريخ تنهنجي حياتيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان تاريخ کان پوءِ تنهنجي زندگي ٻن واٽن ۾ ورهائجي ويئي. هڪڙي واٽ ايشيا جا جوکا هئا ۽ ٻي واٽ مغرب جا جوکا. ڀانيان ٿو ته تڏهانڪر تو وٽ مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت ئي نه هئي؟

سينڊرارس: اِهي واٽن ۽ حصن ۾ ورهائجڻ جون ڳالهيون تڏهن ڪبيون آهن، جڏهن پنهنجي متعلق ويهي افساني طرازي ڪبي آهي. منهنجي زندگيءَ جا ٻه حصا رهيا ئي نه آهن. ها! ائين ته ڪو چاهي ته ٻه حصا ته ڇا پنهنجي زندگيءَ جا چار، اٺ، يا ٻارهن سورهن حصا به ڪري سگهي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: Transsiberien`, Paquese a New york` ۽ `Panama` جهڙا نظم لکي ٿو  ته جيڪو نئون تجربو ڪيو، سيٽن ۽ تِک آندءِ ۽ شاعريءَ جي نئين ٽڪنڪ اختيار ڪيئي. ان تجربي کي اڳتي هلي تو ڇو نه جاري رکيو؟

سينڊرارس: 1917ع ۾ مون هڪ نظم لکيو هو. اُهو هڪ ڀرپور جديد نظم هو، جنهن ۾ مون پنهنجي اندر جي پوري قوت ڀري ڇڏي هئي. اهو نظم آڪوتا (Anti- poetic) هئو ۽ ان جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. مون ان ئي وقت سوچي ڇڏيو هو ته اهو نظم نه ڇپائبو، ۽ اهو ڏسبو ته ٻيا جيڪي جديد شاعري لکي رهيا آهن، ڏسان ته اُهي ڇا ٿا ڪن. اهو نظم لکي صندوق ۾ بند ڪيم ۽ اُها صندوق ٻهراڙيءَ جي هڪ بالاخاني ۾ رکي ڇڏيم ۽ سوچيم ته ڏهن سالن کان پوءِ اهو نظم ڇپائبو. ان ڳالهه کي چاليهارو سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر سوچيان ٿو ته اڃا تائين ان جي ڇپائڻ جو وقت نه آيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org