سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو :6

انٽرويو وٺندڙ توهان هن ڪهڙي ڪهڙي  School of thought کي ويجهو سمجهو ٿا؟

شيخ اياز منهنجو زندگي جو فلسفو منهنجي ڪتابن مان بلڪل ظاهر آهي ۽ توهان پنهنجي دماغ جي ڪجهه  Exercise ڪيو. اسان تشدد جو فلسفو به ڏٺو. ستر پنجهتر سال هڪڙو فل سرڪل ڦري ختم ٿي ويو. هوڏانهن موسيَ کان وٺي اسان جي نبي محمد صلعم تائين، جيڪڏهن توهان ڏسندو ته انهن جا پيروڪار توهان ڪي اوتري ئي تعداد ۾ ملندا. جيترا اڳ ها.  ٻيو ته ٺهيو پر مهاوير، گوتم، ڪرشن جا پوئلڳ به ڪافي تعداد ۾ آهن، مهاوير جا پوئلڳ ڪجهه گهٽجي ويا آهن، پر ڪروڙ جيني اڃا به آهن، جن مان اڪثر بمبئيءَ آهن. يعني ڪي بنيادي قدر آهن. جيڪي پاينده آهن ۽ جيڪي ڪميونسٽن وٽ نه هئا، نه ته ڇو ختم ٿي وڃن ها! هيڏو زار شاهيءَ کان به وڏو سامراج هين، يورپ جي هٿ ۾ هيو، سڄي دنيا کي وچڙي، لئٽين آمريڪا تائين وڃي پهتا، پر مغربي رشيا زار شاهيءَ جي جتيءَ ۾ پير پاتو هو. اهو هڪ ننگو ۽ اڍنگو سامراج هو. مشرقي يو. ايس ايس. آر تي مغربي يو. ايس. ايس. آر جو تسلط هو. پولنڊ تي غلبو هو ۽ پول روسيءَ کي ائين نفرت  سان ڏسندا ها، جيئن ترڪ عرب کي ڏسندا آهن. يورپ جا ٻيا ڪميونسٽ ملڪ بغاپت ۾ هُئا. هنگريءَ ۽ چيڪو سلواڪيا ۾ بغاوتون دٻايون ويون، پر نيٺ اُڀري آيون، اڳِڙي جي گُڏي وانگر ان جا آنڊا گونڊا ٻاهر نڪري آيا. لوهي زنجير وجهي لينن جا بت ڪيريا ويا. مان جڏهن ماسڪو ۾ هوس ته اکين سان ڏٺو هيم ته امن جا ڪبوتر مارڪس جي پيشانيءَ تي وٺيون ڪيرائي رهيا ها. پر ڪنهن توجهه نه ٿي ڏني، جڏهن مان تاشقند، سمرقند، دوشنبي ۾ هوس ته تڏهن ئي منهنجو تاثر اهو هيو، ڇاڪاڻ ته مون اتي گنب جون ڀتيون اکين سان ڏٺيون، جيئن توهان کي مستونگ ۾ ملنديون، ائين تاشقند ۾ هيون، هتي رڳو اسان جي ماڻهن کي ٺڳيو ويو آهي، ڪميونسٽن ۾ به ڪيترا چڱا ماڻهو آهن ۽ انهن اها فلاسافي انهيءَ ڪري اپنائي آ، ڇاڪاڻ جو هو غربت جي مسئلي جو حل چاهن ٿا. ڇاڪاڻ جو هو اقتصادي غلاميءَ کي سياسي غلاميءَ کان به برو سمجهن ٿا، هو اڃا نيت ۾ صاف آهن، اُنهن پاڻ سٺو آهي، اڃا واڳ ڌڻي نه ٿيا آهن، اڃا ڪٺورتا انهن جي اندر ۾ پلي، وڏي نه ٿي آهي. انهن ۾ به خوف خدا معدوم آهي، اهي به جزا سزا، مڪافاتِ عمل ۾ اعتبار نه ٿا ڪن، جڏهن انهن جو وارو آيو ته انهن جو هٿ پڻ بندوق جي ناليءَ تي هوندو، پر هاڻي ته دنيا بدلجي وئي آهي. هاڻي  هو ڪلاسيڪي طريقي  انقلاب نه ٿا آڻي سگهن. تاريخ جا اڳيان دروازا بند ٿي چُڪا آهن. ٽين دنيا جي مسئلي لاءِ انسانذات کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ٽين دنيا ته اتي ئي آهي. هندستان ۽ پاڪستان  ئي ڏسو، مان هندستان به اکين سان ڏسي آيو آهيان فريب، بک، بدحالي، هڪ پاسي فٽ پاٽ تي بسترا ته ٻي پاسي اوچيون ماڙيون، جن کي ڏسي چنڊ شرم کان بادلن ۾ منهن ڍڪي ٿو. اسان جو پاڪستان  به ائين ئي آهي. سنڌ ۾ حالتون سڀ کان بدتر آهن، سڄي ٽين دنيا، فلپين، ٿائلينڊ، ڏکڻ آفريقا، بنگلاديش ڪهڙا نالا وٺي ڪهڙا وٺانَ! اتي انسانيت جي ذلت ٿي رهي آهي. فقط نيسلن منڊيلا جهڙا ليڊر آهن جي فقط جيل ۾ رهي انهيءَ پد تي پهتا آهن. لهن ڪجهه به نه!

انٽرويو وٺندڙ:  Civil disobedience لاءِ جيئن ٿارو وارو زمانو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”مان ٽئڪس نه ڏيندس، ڇو ته جيڪا حڪومت ميڪسيڪو سان ڏاڍ جي لڙائي ٿي ڪري ۽ جيڪا غلاميءَ کي جائز قرار ٿي ڏئي...”

شيخ اياز؛ آمريڪا جي لاءِ ته صحيهح آ، باقي جي توهان ان ڏس ۾ ويندو ته پوءِ......گانڌي جڏهن ريل جي پٽن تي سمهندو هو ۽ ستياگره ڪندو هو ته انگريز حڪومت ڪندا  ها.

انٽرويو وٺندڙ؛ جيڪڏهن هن ملڪ جي اندر ڪٽر مذهبي....

شيخ اياز: نه، مونکي هاڻي ڪو ڊپ نه رهيو آهي، هاڻ ڪهڙو ڊپ!

 باقي زندگي ٻه ٽي سال!! جي اها به ڪنهن کسي ورتي ته ٺيڪ آ، پنج دل جا دورا پيا ته به سرڪار جي آڏو هٿ نه ڦهلايم، پ پ جي دور ۾ مونکي علاج لاءِ ڏهه هزار پائونڊ ڏنائون، لنڊن مان واپس اچي اٽڪل ساڍا اٺ هزار پائونڊ هنن کي موٽائي ڏنم، هڪڙو به اهڙو مثال ٻڌايو ته ڪنهن اڄ تائين ساڍا اٺ هزار پائونڊ  به موٽايا هجن. تنهن کان پوءِ مون علاج جي لاءِ ڪنهن کي به نه چيو آ، ڇاڪاڻ ته مونکي انهيءَ ڳالهه جي خاطري آهي ته جڏهن منهنجو  Appointed Hour ايندو ته انهيءَ مهل مونکي ڪوبه بچائي نه سگهندو. هي ڪائنات هڪ تمام وڏي ڪمپيوٽر وانگر آهي، جنهن ۾ هر انسان جي تقدير محفوظ آهي، اوهان لوح و قلم، ۽ لوح محفوظ جا محاورا ٻُڌا آهن. منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه صحيح آهي. اوهان جو به وس ڪندا، اُهو به ان لوح محفوظ ۾ آهي. ڪڏهن بيوس ٿي وندا يا وس وارا ٿيندا، اهو به طئه ٿيل آهي. ڪاريه ۾ به مايا جو حصو آهي.

غالب چيو آهي؛

موت کا ايک دن معين هي،

نيند ڪيون رات بهر نهين آتي.

جي غالب واقعي سمجهي ها ته موت جو هڪ ڏينهن  معين آهي ته هن کي مون وانگر ساري رات بي فڪري ننڊ اچي ها.

انٽرويو وٺندڙ؛ خاص طور چوندا آهن ته جڏهن ماڻهوءَ جا قوي مضمحل ٿين ٿا ته پوءِ هو تقدير ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تي يقين ڪرڻ شروع ڪري ٿو”

شيخ اياز؛ اهو شعر هئين آهي ته؛

هوگئي مضمحل قوي غالب

اب عناصر مين اعتدال کهان-

اهي غالب جا قوي ٿڙندا هيا، ايترو تون ويهن ورهين جي نوجوان سان ڳالهاءِ جيترو مون سان ڳالهايو اٿئي ۽ پوءِ ڏس ته ايتري جوش ۽ جذبي سان ڳالهائي ٿو يا نه ٿو ڳالهائي سگهي. پوءِ چئه ته مضمحل هو گئي قوي غالب، منهنجي دل و دماغ کي ابدي جُواني آهي، جسم جُهري وڃي ته به اهي هميشه وانگر زنده و تابنده رهندا! ڇا ڪنهن به پيامبر جا ڪنهن وقت به قوي مضمحل ٿيا ها؟ ٽئگور پوئين ڏينهن تائين شاعري ڪئي. غالب جهڙي شرابي شاعر جي ٻي ڳالهه آهي، جو آخري عمر ۾ 62 رپيا پينشن تي گذارو ڪندو هو، جا هن کي انگريز بهادر ڏيندا ها ۽ جنهن لاءِ هُن ڪلڪتي کان دهليءَ تائين چڪر ڪاٽيا ها.

انٽريو وٺندڙ؛شاعري جا مکيه جزا ڪهڙا آهن؟

شيخ اياز؛  نثر گهمڻ وانگر آ ۽ شاعري نچڻ وانگر آ، وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ضروري آهي. هن دور ۾ ڪو به اُمي شاعر نه ٿو ٿي سگهي، پر هر مطالعي ۽ مشاهدي وارو دانشور، شاعر نه ٿو ٿي سگهي، ان لاءِ اندر جا آگم ضروري آهن، شاعري ڪارونڀار وانگر ايندي آهي ۽ وسندي آهي ته لڳاتار وسندي آهي، ان لاءِ ڪوئي محڪمه موسميات نه آهي، ڪنهن وقت نه ڪيئي سال جهڙ نيڻان نه لهي، ڪيفيت هوندي آهي، مان غالب سان مُتفق آهيان ته اها غيب مان ايندي آهي.

آتي هين غيب سي پي مضامين خيال مين

غالب صرير خامي نوائي سروش هي

ڇا ٿو چوي غالب؟ قلم جو آواز جبرئيل جو آواز آهي، سروش جبرئيل کي چوندا آهن. ڀٽائيءَ جا بيت ته آيتون آهن، پر فقط بيت ته مون به ڪڏهن ڪونه لکيا آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ محمود درويش چيو آهي ته ”شاعري جي به موسم ٿيندي آهي، ائين به ٿيندو آهي جو آءُ سڄو سال ڪجهه نه لکي سگهندو آهيان ۽ ڪڏهن ته نظمن جو مينهن وسندو آهي.” ڇا توهان سا به ائين ٿيندو آهي؟

شيخ اياز؛ اهو اڳي ٿيندو هيو، هاڻي ته مينهن ايترو پيو وسي جو مان ڀانيان ٿو ته پانڊيچري کان وڌي ويو آهي.

انٽرويو وٺندڙ يوجيني يووَوشنڪو چيو آهي ته ”شاعري ساڙوليءَ زائفان جيان ٿيندي آهي. جا بي وفائيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.” توهان جو ڇا خيال آهي؟

شيخ اياز؛ اسان ته نڀايو اٿوئنس ۽ نه ئي شاعريءَ اسان سان بي وفائي ڪئي آ، پاڻ ته پوئين دم تائين نڀائيندا رهياسين، بستري تي هياسين تڏهن به لکندا رهياسين.

انٽرويو وٺندڙ؛جان اسڪاچل چيو آهي ته ”نظم شاعر جي ايجاد ناهي، نظم ڪنڊ ۾ لڪل هوندي آهي، شاعر رڳو ان کي ڳولهي لهندو آهي.” توهان ڇا چوندو؟

شيخ اياز؛ مان پاڻ ائين ٿو سمجهان، منهنجو چوڻ آهي ته بت پٿر ۾ لڪل آهي، سنگتراش رڳو ان کي تراشي ڪڍي ٿو، نه ته بت تي اتي اڳ ئي آهي. جيئن ديپڪ راڳ وينا جي تارن ۾ آهي، رڳو بيجو باورا جي ضرورت آهي، جو ان جي تارن کي ڇيڙي، ملهار به ائين وينا ۾ آهي، رڳو ان جي تخليق لاءِ تانسين جي ضرورت آهي، جو ان کي وينا مان ڇڪي ڪڍي. ائين شاعري به ٻوليءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ شاعر جي ضرورت آهي جو سمنڊ مان اوهان کي مُٺيون ڀري موتي ڏِئي . موتي ته اڳي ئي سمنڊ جي تري ۾ آهن.

مان اها دعويَ ته نه ٿو ڪيان پر سمجهان ٿو ته مان نه ٿو لکان. ٽين چئين بجي ماڻهو ننڊ مان اٿي لکي! مون کي ته يادگيري به نه هوندي آهي صبح جو، ته مون ڇا لکيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا ان کي الهامي چئجي؟

شيخ اياز؛ نه....نه مان الهامي ته نه ٿو چوان، موزارٽ اٺن ورهين جي عمر ۾ اهو ميوزڪ ڏنو جو سٺ ورهين وارا موسيقار وائڙا ٿي ويا هئا. بيٿوون پنجٽيهن ورهين جي عمر ۾ پاڻ کي  Over Consume ڪري وڌو ۽ آرڪسٽرا هلائيندي ڦهڪو ڏئي ڪرِيو. آمريڪا ۾ هڪڙو يهودي مينُهون، ڏهن ورهين ۾ پيانو اهڙو وڄائيندو هو جو هن کي ٻڌي ماهر موسيقار حيران ٿي ويندا ها. مان نون ڏهين ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. اهو ڪيئن ٿيو!

ڇا مان اڳئين جنم ۾ ودياپتي هوس؟ ڇا اِها ڏات مون کي خدا بخشي آهي؟ برگسان ڪنهن فلسفيءَ کان پڇيو، ”ماڻهو ڇا جي پيدائش آهي؟” فلسفيءَ جواب ڏنو، ”پنهنجي ورثي ۽ پنهنجي ماحول جي.” (دورِ جديد ۾ جڏهن کان Science of genetics وجود ۾ آئي آهي ته ورثي کي  Genes چيو ٿو وڃي) برگسان وري پڇيو، ”تنهنجي پيءُ جو ورثو ۽ ماحول ڪٿان آيا؟” فلسفي جواب ڏنو، منهنجي ڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان، جي وري منهنجي پڙڏاڏي جي ورثي ۽ ماحول مان آيا.” برگسان اِن تي چيو ته،؟ اُهو سلسلو نيبيولا  (Nebulae) تائين  هليو ٿو وڃي. يعني شيڪسپيئر جي شاعري اصل نيبيولا جي پيدائش هئي! ان کان بهتر ائين ٿيندو جو چيو وڃي ته شيڪسپيئر کي خدا ڏات ڏني هئي.”

يه مسائل، تصوف، يه ترا بيان غالب

تجهي هم ولي سمجهتي جو نه باده خوار هوتا.

 غالب ته  مرندي تائين باده خوار هو. مون ته ڪيترين وقت کان باده خواري ڇڏي ڏني آهي. شاعريءَ مان مونکي ملي به ڪجهه نه ٿو، پر پوءِ به سانده سٺ سال مون ان جي پيروي ڪئي آهي. ته اها  Urge مون ۾ ڇو آئي. ان جو جواب اهو آهي ته گذريل زندگيءَ ۾ مان ڪو شاعر ٿي رهيو آهيان يا ڪيئي ڀيرا شاعر ٿي رهيون آهيان ۽ مون کي اها ڳالهه اڃا مڪمل ڪرڻ آهي، اڳين  Genesمان اها شاعري ته  مون کي ملي آهي، ان جو ڪوئي سوال ئي نه ٿو اُٿي. منهنجي اڳين ستن پيڙهين ۾ ڪوئي شاعر نه ٿيو آهي. جي اڃا پُٺ  تي وڃجي ته ماڻهوءَ  جا Genes وڃي باندر سان ملن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ  ڊارون ته ائين چئي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ؛ غالب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

شيخ اياز: غالب تمام وڏو شاعر ۽  Master Imagist هو.

انٽرويو وٺندڙ؛ پر توهان اڳ لکيو هو ته غالب درٻاري شاعر هو؟”

شيخ اياز؛ اهو ڪنهن مهل مون ائين لکيو هو، دراصل غالب ته ادارو هو، بهادر شاهه ظفر جو ”ذوق” درٻاري شاعر هو، غالب سان ان جي چپقلش هلندي هئي. احساس ڪمتري هميشه شاعرن کي نهوڙي نيندي آهي. پاڻ کان  Superior talent ڪڏهن به هن کي زندگي ۾، قبول  (Acknowledge) نه ڪندا آهن. ظفر جا ٻه پٽ انگريزن مارائي ڇڏيا ۽ هن کي رنگون ۾ قيد ڪري ڇڏيائون.  غالب پينشن لاءِ چتو ٿي پيو ۽  رلندو ڪلڪلتي  ويو ته جيئن هن کي اها ملي، روز ڪيپٽن جي شان ۾ قصيدا لکي موڪليندو هيو ته مون کي سير برف جو ته ڏي، گرمي ۾ پيو مران، نيٺ هن جو ٿورو گهڻو وظيفو بحال ٿيو. پوين ڏينهن ۾ غالب لاچاري ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ مري ويو ۽ شايد جيڪڏهن مان به غالب جي جڳهه تي هجان ها ته ائين ڪيان ها. اها ڳالهه مان اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، ان ڪري ئي مون کيس درٻاري شاعر ڪوٺيو هو. جيتوڻيڪ غالب جي اردو شاعريءَ ۾ ستر فيصد پارسي لفظ آهن؛ کاو کاوِ سخت نيهائي تنهائي نه پوچهه، ۾ ’نه پوچهه‘ لفظ فقط اردو آهن. جيتوڻيڪ هن پنهنجي فارسي ڪلام کي ترجيع ڏيندي چيو هو؛

”فارسي بين تا به بيني نقشهائه رنگ رنگ

مجمع اردو چه بيني ان که بيرنگ من اُست

ان جي باوجود غالب دنيا جي چئن پنجن عظيم ترين شاعرن مان آهي. هن جو شاعرانه تصور پنهنجو مثال  پاڻ آهي.

 غم نهين هوتا هي آزادون ڪو پيش ازيڪ نفس

برق سي ڪرتي هين روشن شمع ماتم خاني هم

ڄڻ ريمبرانٽ جي تصوير اکين اڳيان ڦري ٿي وڃي. اردوءَ جا سڀ ديوان هڪ طرف، اهو هڪ شعر ٻي طرف، نه، مان غالب جي شاعرانه عظمت جو قائل هميشه کان رهيو آهيان. مون کي غلط سمجهيو ويو آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ توهان چيو آهي ته ”وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.” پر ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ هميشه اهي ماڻهو سورما رهيا آهن، جن وڙهندي ساهه ڏنو آهي؟

شيخ اياز؛ وڙهڻ جا ٻه طريقا آهن، رڳو ڪلاشنڪوف کڻي وڙهڻ ته ڪونهي، انسان جي مزاحمت ضروري آهي.  Evil سان ويڙهه آخر تائين ضروري آهي. ترگنيف جو ناول ”روڊن”  مون پڙهيو. جنهن جو هڪڙو ڪردار رڳو ڳالهائيندو هو. پوءِ آخر ۾ هن کان پڇائون؛ ”تون عمل ڪونه ٿو ڪرين ڇڙو ڳالهائين ٿو، تقريرون ڪندو ٿو وتين، تون ته ڪو فضول ماڻهو آهين.” هن ايڏو خوبصورت جواب ڏنو هو، جو مان نه ٿو ڀانيان ته مون ڪنهن به ليکڪ جو ايڏو  خوبصورت جواب پڙهيو آ، هن چيو؛ ” هڪ چڱو لفظ، چڱو عمل به آهي،” ڇاڪاڻ ته  چڱي لفظ جي لاءِ ڪنهن مهل ڪافي سَهِڻو ٿو پوي. ڇا مان پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪافي  نه سَٺو آهي؟  ڇا مان پهريون اديب نه هوس جو جيل ۾ ويو هوس، سو به جڏهن جنگيون پئي هليون؟ ڇا ڪنهن به سنڌيءَ ايتري من جي پيڙا ڀوڳي آهي؟ جيتري مون ڀوڳي آهي، ڇا وائيس چانسيلر شپ وقت مون ذهني عذاب نه ڀوڳيو هو؟ نه جائه رفتن، نه پائه  پاندن جي ذهني اذيت گهٽ آهي؟ ڇا مون لاءِ شاعري چار سال التوا ۾ رکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوئي جهنم ٿي سگهيو ٿي؟ جا ڪائي فراريت مون کي تسلي ڏئي سگهي ها؟ ”لُري ۾ لڙڪن پيا، ڪنڌ نِوايل يار، وووءِ ميان، وو، وو ميان!” واري وائي، مون ڀٽي جي ڦاسيءَ کان سال اڳ، پنهنجي باري ۾ لکي هئي.

مسيحا کان جي ڪوئي صليب ڦري وٺندو ته ڇا اها هُن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندي؟ ڇا انهيءَ دور کان وڌيڪ پيڙا ڪڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن پنهنجا به دشمن هجن، پراوا به دشمن هجن؟ صحيح راه فرار خودڪشي هئي، پر مون کي ان کان نفرت آهي. وقت گذري ويو. ڦٽ ڇٽي ويا، کرنڊ اڃا آهن. جي مان سِنڪي ٿيان ته  Swift ته ڪا شيءَ نه آهي. پر هينئر ته مون کي ڌيرج اچي ويو آهي. مون کي جو ڪائنات جي تصور ۽ انسان جي تقدير ۾ يقين پيدا ٿيو آهي، ان مون کي پهاڙ وانگر آڏول بڻائي ڇڏيو آهي. مستقبل منهنجي آڏو منهنجي ڪمري جي کٻي پاسي نقش به ديوار آهي ۽ ان جي سڄي پاسي هڪ عورت ان کي نمسڪار ڪري، ان جو آڌرڀاءُ ڪري رهي آهي. ڇا اوهان منهنجو ڪمرو ڏٺو آهي؟ اوهان ڏسندا ته اوهان اهو نقش به ديوار ڏسي نه سگهندا. منهنجي لاءِ اهو هڪ آئيني وانگر آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پر اهو ”روڊن” وارو ماڻهو به آخر ۾ جهنڊو کڻي مري ويو؟

شيخ اياز؛ جي جهنڊو کڻي مري ويو ته توهان جو انقلاب به ته مري ويو نه؟ اهو ڪٿي آ؟ دراصل روس ۾ جيڪي انقلاب کان اڳ ۾ ليکڪ هيا اهي وڏا ماڻهو هئا، اهي ته دنيا جي ادب جو حصو آهن. انهيءَ ۾ ٽالسٽاءِ، چيخوف، دوستووسڪي، ترگنيف، گوگول اچي وڃن ٿا. اهي تمام وڏي پائي جا ماڻهو هيا، مان ڀانيان ٿو ته ٽالسٽاءِ دوستووسڪي جي پائي جو ناول نگار سارتر به ناهي پر دوستووسڪي تون پڙهندين ته هن جو عيسائيت ڏانهن لاڙو هيو ۽ ٽالسٽاءِ به ائين هيو.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا پشڪن به انهن مان آهي؟

شيخ اياز؛ نه پشڪن انهن مان نه هيو، پشڪن رومانٽڪ شاعر هيو، پشڪن کي ترجمي ۾ پرجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پشڪن شاهه لطيف وانگر آهي، جيڪو ترجمي ۾ اچي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته شاعري ٻوليءَ جو معاملو آهي، مصوري وانگر رنگن جو معاملو ناهي، لائين يا خطاطي جو معاملو ناهي، مصور ۽ سنگتراش جي ٻولي آفاقي آهي ۽ شاعر جي ٻوليءَ کي قومي رنگ آهي. پُشڪن جا ترجما مون انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ پڙهيا آهن، پر اهو مزو نه ٿو اچي، حورُي منهنجي دوست آهي. هن روس ۾ ڇهه سال پڙهي، روسي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. انهيءَ منهنجو اردو شعر جو ڪتاب ”نيل کنٽهه او نيم کي پتي” ڇپايو آهي. انهيءُ پشڪن روسي ۾ پڙهيو آهي، انهيءَ جو به چوڻ آهي ته اصل ۾ انگريزي ترجمي ۾ انسانيت جي ميراث آهي ۽ ان کي ڪنهن به حد بندي ۾ نه ٿو آڻي سگهجي؟”

شيخ اياز؛ قومي شاعري، مون ان حساب سان چيو هو ته شاعريءَ جو اظهار قومي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو، ان جي ڪري  ان جون روايتون ۽ ان جو پس منظر نه قومي ٿيندو آهي، باقي ان جو پيغام آفاقي ٿي ٿو سگهي ۽ ٿيڻ به گهرجي. ان ۾ شمشير صاحب بلڪل صحيح آ. ڇو ته جيڪا شاعري بين الاقوامي هوندي آ، ان جي پنهنجي اهميت آهي. دراصل ان جي اهميت وڌيڪ آهي ۽ ترجمي جي قابل اها ٿيندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ دنيا ۾ بين الاقوامي شاعري به آهي ڇا؟

شيخ اياز؛ ڪميونسٽ دور ۾ بين الاقوامي شاعري ان کي چون پيا، جيڪا مارڪسٽ شاعري هئي. ان دور جا جيڪي وڏي ۾ وڏا شاعر هيا، جن جي شاعري تصوريت کي وڏو ڌڪ ڏنو، انهن ۾ فيض، ناظم حڪمت ۽ پيبلونرودا اڳرا هيا. پبلونيرودا بچي ويو. پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلونرودا بچي ويو، پر فيض ۽ ناظم حڪمت ماريا ويا. پبلو نرودا لئٽن آمريڪا جي ماحول سان لاڳاپيل هيو. ۽ ان جي سڄي خوبصورتي کي ٻوليءَ ۾ چٽيائين، مون کي لورڪا وڌيڪ پسند آهي. هن کي فرانڪو جي فاشسٽن ٻيرا ٻيرا ڪري، اهڙي هنڌ ڦٽي ڪيو هو، جو هن جو لاش به نه مليو، پر هن جي شاعريءَ تي اسپين جي خانه بدوشن جي زندگيءَ جو ائين اثر آهي، جيئن منهنجي شاعريءَ تي ٿر جي ماروئڙن ۽ لاڙين جي پيڙا جو اثر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ منهنجيءَ شاعري وانگر ڪائنات سان هم آهنگي آهي. هن جو درد به آفاقي آهي ۽ رڳو خانه بدوشن تائين محدود نه آهي، هو نعري باز ۽ ڪنهن نظرئي جي زنجير ۾ گرفتار نه هو، هو هوا وانگر آزاد هو، پرئندي وانگر آزاد هو، اوڀر جي ڪاري گهٽا وانگر آزاد هو ۽ هن جي شاعري انهيءَ آزادي جو اظهار به آهي ۽ ان اذيت جو اظهار به آهي، جڏهن ڏاند،  Matador (ڏاند سان مقابلو ڪندڙ) کي سڱن  تي کڻندو آهي ۽ هن کي ڦٽي، رت ۾ لوئي، لتاڙي ماريندو آهي. موت، هن جي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن هڪ  Matador جي زندگيءَ ۾ رکي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ؛ فيض ڪئين مارجي ويو؟

شيخ اياز؛ فيض جي گهڻي شاعري پروپيگنڊا جي شاعري آ، ”بازو هيه ميري ساٺهه کروڙ” يعني چيني هن  جا سٺ ڪروڙ بازو آهن، چيني ليڊرشپ پهرين نمبر جي رهزن ليڊرشپ آهي، جنهن ٿِيئن مِيئن اسڪوائر ۾ ماڻهو، ڍورن وانگر مارائي ڦٽي ڪيا، چيني ٻارنهن سال کان آمريڪا جي پيرن تي ڪِري چڪا آهن، رڳو نعرا هڻي اسان کي ٺڳيو اٿائون. هاڻي ته مائو جو ديو هيڪل بُت گدام ۾ واڙجي چُڪو آهي ۽ هن جي پياريءَ چوٿينءَ جوءِ کي ”گئنگ آف فور” ۾ شامل هجڻ ڪري، موت جي سزا اچي چڪي آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ نئين ٽهي جي شاعرن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

شيخ اياز؛ سٺو ٿا لکن، جيترو وڌيڪ پڙهندا، جيترو وڌيڪ سمجهندا، جيترو وڌيڪ زندگيءَ جو  تجربو ٿيندن،  اوترو انهن جي شاعري پُختي ٿيندي، پر هينئر به سٺو ٿا لکن.

انٽرويو وٺندڙ؛ توهان کي غصو ايندو آ؟

شيخ اياز؛ غصو ايندو آ، پر جلد لهي  ويندو آ، مان دل ۾ گهڻو وقت ٻيائي سانڍي نه سگهندو آهيان، ڪنهن به انسان جي خلاف مون سازش نه ڪئي آهي. هڪڙو به ماڻهو مونکي ٻڌائي ته مون ان جي خلاف سازش ڪئي هجي. جن به مون کي گاريون ڏنيون آهن، جيڪي به مون سان وڙهيا آهن، تن تي مون کي ڪاوڙ ايندي آهي، پر گهڻو وقت نه رهندي آهي. مون کي ايترو وقت نه آهي ته ڪاوڙ تي ضايع ڪيان، جڏهن انهن کي قدرت ڪيفرِ ڪردار تي پهچايو آهي. ته مون کي افسوس ٿيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ اها ڪهڙي ادا يا  Gesture آهي، جنهن توهان کي وڌيڪ اتساهيو هجي؟

شيخ اياز؛ جدا جدا دؤر ۾ جدا جدا ڳالهين اتساهيو آهي، هڪڙو جوانيءَ جو دؤر هيو، جنهن ۾ انسان جي صورت ۽ انهيءَ جي طبيعت اُتساهيندي هئي، ۽ انهي کان  جڏهن ننڍا هياسين ته ڪتاب اُتساهيندا هيا. اُستاد اُستائيندا هيا. ڪڏهن پنهنجو ديس، پنهنجا مارو، اُنهن جو ماڳ اُتساهيندو هيو. انسان ذات جا آدرش اُتساهيندا ها، پر انهيءَ کان پوءِ سڀ ڳالهيون گڏ سڏ ٿي ويون آهن. انسان جڏهن پنهنجو غلام آهي ته سڀ کان برو غلام آهي، هاڻي ته انهيءَ غلام مان آزادي نصب العين ٿي وئي آهي.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڪجهه ماڻهن جي توهان جي باري ۾ راءِ آهي ته توهان نثر جا وڏا ليکڪ آهيو، پر شاعر ايڏا وڏا نه آهيو توهان ڇا چوندؤ؟

شيخ اياز: مان پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿو سگهان. توهان کي نثر وڻي، يا نظم وڻي، اسان ته پنهنجي دل ويٺا خوش ڪريون.

انٽرويو وٺندڙ؛ زندگيءَ جي هن پوئين وقت ۾ توهانجي ڪا حسرت آهي؟

شيخ اياز حسرت ته آهي....

هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پين دم نڪلي

بهت نڪلي ميري ارمان پهر بهي ڪم نڪلي

هينئر منهنجون حسرتون عمر جي حساب  سان آهن. جيڪي مون ڄاڻڻ پئي چاهيو ته ڄاڻي سگهيس، ازراپائونڊ سان مان متفق آهيان، شايد ڪوبه نه ڄاڻي سگهندو.

انٽرويو وٺندڙ؛ ڇا توهان کي زندگيءَ ۾ نوبل انعام جي خواهش آهي؟

شيخ اياز؛ نه، نه مان چوان ٿو ته اسان جي حالت وارياسي جي گل واري آهي. جيئن وارياسي تي هڪڙو خوبصورت گل نڪرندو آ، پوءِ ڪولهي ۽ ڀيل ان کي نهاريندو پنهنجي گڏهڙي کي اڳتي هڪليندو ويندو آ، موهن ڪلپنا ٽي دفعا منهنجي منهن تي چيو هو ۽ هڪ دفعو سپون ۾ خط لکيو هو، ”شيخ اياز نوبل انعام جو حقدار آهي.” (ٽهڪ ڏئي) نوبل انعام! فردوسي طوس جي هڪ دروازي کان اشرفين جون ٿيلهيون....ٻي دروازي کان هن جو جنازو! نه بابا، مون کي ڪوئي انعام نه گهرجي، منهنجي شاعري پنهنجي ليکي هڪ انعام آهي، منهنجي روح جي تڪميل آهي، منهنجو چئن آهي، منهنجو آرام آهي، منهنجي هر محبوبه جو رُوپ آَهي،  هُن جي آمرتا آهي، هن وانگر ڪڏهن به مرجهائي نه آهي، سدا گلاب وانگر ترو تازه آهي، منهنجي هر درد کي، هر پيڙا کي مسرت ۾ بدلايو اٿائين، منهنجي ماس کي روح بڻايو اٿائين، جو روح القدس تائين پهچي سگهي ٿو، منهنجي موت کي مات ڏني اٿائين، مون کي نئين زندگي ڏني اٿائين، مون کي ٻيو ڪهڙو انعام کپي؟ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو انعام ٿي سگهي ٿو؟ شاعريءَ مون لاءِ خدا جو انعام آهي. نوبل ڪهڙي شيءَ آهي! مون ته اڳئي چيو آهي شاعريءَ ۾ پيسو نه آهي ته پيسي ۾ به شاعري نه آهي، ساتر کي ڏنو هُيائون ته هُن ٺڪرائي ڇڏيو هو.

انٽرويو وٺندڙ؛تنقيد جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ شيخ اياز؛ تنقيد جو فن اسان وٽ اڃا  Develop نه ٿيو آهي، ان جو سبب مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي. مون سان ڀلي ڪو نااتفاقي ڪري، پر هميسه خوش فهمي چڱي ڪانه ٿيندي آ، ماڻهو پاڻ کي  Realistically assess ڪري ته اسان وٽ آهي ڇا! توهان وٽ ڪو چڱو ناول ڪونهي، ٺيڪ آ سراج يا طارق عالم ابڙي يا ٻين ڪوشش ڪئي آ، اسان جو هڪڙو غريب صوبو آ، جيتري ان جي اهميت هوندي اُن جي شاعر ۽ اديب جي به اوتري ئي اهميت هوندي. منهنجو قد ڪاٺ به ته وطن جي حساب سان ماپيو ويندو نه؟ پر پوءِ به تنقيد جي حوالي سان ايمانداريءَ سان چئجي ته اسان ڇاڇر ۾ ڇيروُن هنيون آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ رينيار ماريه رلڪي چيو آهي ته ”فن پارا انتهائي انفراديت جا حامل ٿيندا آهن” تنقيد ان کي سمجهڻ جو ڏاڍو حقير ذريعو آهي؟”

شيخ اياز؛ نه تنقيد خود هڪڙو تخليقي فن آهي، مان تنقيد جا ڪتاب پڙهيا آهن، مون هڪ ڀيري سامر سيٽ مام جي ناول جي تنقيد جو ڪتاب پڙهيو، اهو ان ناول کان به سٺو لکيل هو. ائين نه تنقيد تي مون سوين ڪتاب اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهيا آهن، اردو ڪتاب به معياري نه آهن، هو تنقيد لاءِ ٻولي به پيدا نه ڪري سگهيا آهن. تنقيد تمام ضروري فن آهي ۽ تنقيد کان سواءِ ڪڏهن به توهان جي ادب جي آؤسر پوري نه ٿيندي.

انٽرويو وٺندڙ؛ توهان وائيس چانسيلر ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا؟

شيخ اياز؛ مان ڦاسي ويس، مون کي ڪا لالچ ڪانه هئي، ڇو ته آءُ وڪالت ۾ گهڻو ڪمائيندو هوس، ڀٽي صاحب يارنهين بجي رات جو مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪري چيو ته ”منهنجي مدد ڪر.” ۽ انهيءَ مهل مون سمجهيو ته مان توهان لاءِ ڪوئي چڱو ڪم ڪندس، مثال طور؛ هڪڙي ڏينهن قمرالزمان شاهه جي دعوت تي ويٺا هجون، جنهن ۾ ڀٽي صاحب جي پنهنجي حلقي جا ماڻهو به هجن، مون کي چيائين ”اياز هي جو سنڌالاجي تي پنجاهه لک خرچ ڪياسين توکان اڳ ۾، ته وائيس چانسيلر ڪٺو ڇا ڪيو آهي؟ ٻه اجرڪ، ٻه ڪاوَن واريون ٽوپيون ۽ ٻه گهڙا. ڇا سنڌالاجي تي پنجاهه لک انهيءَ لاءِ خرچ ڪيا اٿوَ؟ تون سنڌالاجي مان ڪهڙو ڪم وٺندين؟” ”توهان مدد ڪيو ته مان گهڻو ڪم وٺي ٿو سگهان” مون هن کي چيو، چيائين، ”ٻڌاءِ” مون چيومانس ته ”بيورو آف ٽرانسليشن ٿو  ٺاهڻ چاهيان ۽ دنيا جي ٽي سؤ ڪلاسڪ، جن انساني سوچ جي اتقا ڪئي آهي، اهي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ ٿو چاهيان، جڏهن اسان جا ڇوڪرا مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ هوندا ته سنڌيءَ ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا مفڪر پڙهي سگهندا ۽ سڄي ننڍي کنڊ کي ڄاڻ ۾ شڪست ڏئي ويندا، ڇو ته سڄي ننڍي کنڊ جي ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ڪنهن ۾ چار آهن ته ڪنهن ۾ پنج آهن، ٽي سؤ ڪنهن ۾ ٻه ڪونهن، جڏهن سارتر وڪٽر هيوگو پڙهندو ته مان لطف الله بدوي پڙهندو هوس، پر جڏهن اسان جي ڇوڪرن ننڍيءَ عمر ۾ وڪٽر هيوگر پڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ تون ويچار ڪر ته سنڌ ڪٿي پهچندي؟” مون کي چيائين ته، ”اليڪشن کان پوءِ مان توکي عرب اميرن کان ڪروڙين رپيا وٺي ڏيندس.” پر اليڪشن کان پوءِ ڀٽو رهيو ئي ڪونه.

انٽرويو وٺندڙ؛ يونيورسٽيءَ جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان وائيس چانسيلر هيا ته توهان جي ڪجهه ويجهن دوستن توهان کي استعمال ڪيو يا  Misguide ڪيو. توهان جو ڇا خيال آهي؟

شيخ اياز؛ ڪنهن به مون کي استعمال نه ڪيو. منهنجون پنهنجيون ئي بيوقوفيون هونديون. دراصل ڇا هو ته هر ماڻهوءَ کي، پنهنجا پنهنجا مفاد پيارا آهن، مان به چاهيان پيو ته جلد منهنجي جان ڇٽي ته مان وڪالت ۾ موٽي وڃان، پر پوءِ ڇاڪاڻ ته مارشل لا لڳو ته مون کي نڀائي نڪرڻو هيو، مارشل لا ۾ ڇڏيان ها ته ڄڻ احتجاج ۾ ڇڏيان ها، پوءِ ته وڙهن ها!

انٽرويو وٺندڙ: ڇا انسان جي بزدلي زندگيءَ کي نقصان نه پهچايو آهي؟

شيخ اياز؛ گليلو جي بزدليءَ ڪهڙو نقصان پهچايو هو؟ سڄي دنيا جي سائنس بدلائي وڌائين، توڙي جو آزمائش مهل ڦري ويو هو.

انٽرويو وٺندڙ: ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته جن ڏينهن ۾ توهان وائيس چانسيلر هيا ته آمر ضياءَ جي ڀَوَ کان توهان نماز به پڙهندا هيا، ڇا اها ڳالهه درست آهي؟

شيخ اياز: منهنجي ته گوڏن ۾ سور ٿو پوي. جي نه پوي ته مان جيڪر هاڻي به پڙهان. منهنجا ته چوويهه ڪلاڪ نماز ۾ ٿا گذرن ۽ منهنجي سڄي زندگي عبادت ۾ گذري آهي. صبح جو تهجد گذار به نه اٿندو هوندو، جنهن وقت مان اٿي شاعري ڪندو آهيان. اُتي به نماز پڙهندا هياسين، ڇاڪاڻ ته ضياءَ دڙڪا ڏنا ته توهان کي ڪَوڙا لڳندا. پوءِ يا ته ڪَوڙا کاوان ها يا الله کي ياد ڪريان ها، سو مون الله کي ياد ڪرڻ بهتر سمجهيو.

انٽرويو وٺندڙ: هڪ راءِ اها به آهي ته توهان جيڪو سٺ واري ڏهاڪي ۾ لکيو، اهو اڄ کان وڌيڪ طاقتور هيو، توهان ڇا چوندؤ؟

شيخ اياز: چڪبست هندستان جو وڏي ۾ وڏو قومي شاعر هو. علامه اقبال جا جيڪڏهن چار شعر نياشواله، همالا، ميرا وطن وهي هي، بانگ درا مان ڪڍي ڇڏجن ته جيستائين قومپرستيءَ جو سوال هيو ته چڪبست جهڙي شاعري اردوءَ ۾ ڪنهن به ناهي ڪئي. جڏهن برطانوي حاڪميت ختم ٿي وئي ته انهيءَ شاعريءَ جي اهميت به ختم ٿي وئي، سفر ته پنهنجو سَرِ ڪري چڪي. انهيءَ کان اڳتي هلي به ڇا جي لاءِ. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي اهميت تمام محدود هئي، Time ۽ Space انهيءَ کي روڪي رکيو، پر هڪڙا Values اهڙا آهن، جيڪي وقت ۽ مڪان کي پُٺتي ٿا ڇڏي وڃن. جيستائين ٻولي آهي تيستائين شاعري به زندهه رهندي، پر جي ريڊ انڊينس جي ٻولي وانگر اسان جي ٻولي به ختم ٿي وئي ته منهنجي شاعري به گم ٿي ويندي ۽ جي اسان جي ٻولي بچي، جنهن جي مونکي پڪ آ ته بچي ويندي.

ڀٽي جي حڪومت مونکي سائين جي. ايم. سيد، حسام الدين راشدي ۽ قاضي فيض محمد کي ٻوليءَ جي مسئلي تي سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد سڏايو. مان ۽ قاضي فيض محمد وياسين. جي. ايم. سيد ۽ حسام الدين راشدي نه آيا. مون اتي ٻه ڪلاڪ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. مون اتي هڪڙي ڳالهه ڪئي ته : ”اسان جو ٻولين سان جهيڙو نه آهي، ٻوليون ته انسانذات جي بيان ۽ رابطي جي واسطي آهن. انگريزن اسان تي سؤ سال راڄ ڪيو، پر اڃا تائين اسان وٽ انگريزي هلي ٿي پئي. پر جيئن توهان کي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ، تيئن اسان کي به پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو حق آ. توهان ٿا چئو ته اردو ٻولي قلعئه موليٰ ۾ پيدا ٿي- جي اها Theory ٿا وٺون ته ٽي سؤ سال اڳ جي. جي جميل جالبي جي Theory ٿا وٺون ته ڇهه سؤ سال اڳي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي. اسان جي ٻولي ته پنج هزار سال پراڻي آهي، جيڪا موهن جي دڙي جي مهرن تي لڌي اٿئون، رسم الخط ساڳيو عربي نه هو، پر اهو ته مڃو ته اسان جي ٻولي هئي. موهن جي دڙي جي تهذيب جيڪا Develop ٿي هئي، جنهن ۾ مهرون ۽ ٻيون شيون اسان کي مليون آهن ته انهيءَ تهذيب تائين پهچڻ لاءِ ڏهه هزار سال ٻيا لڳا هوندا. معنيٰ اسان جي ٻولي پندرهن هزار سال پراڻي آهي، ته اسان کي ايترو حق ته آهي ته اسان پنهنجي ٻولي محفوظ  ڪري رکون. توهان جي ٻولي خدا توهان کي بخشي ڏئي، اسان جو ان سان واسطو ڪونهي، پر اها ڳالهه ته مڃو ته اسان جي ٻولي قديم آهي، جيڪا عراق جي ٻولين کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ قديم آهي.“ پوءِ اهو دليل قومي اسيمبليءَ ۾ ڀٽي ڏنو ته ”بابا اهو ته مڃو ته هنن کي پنج هزار سال پراڻي ٻولي آهي، رسم الخط کڻي عربي نه هيو، پر ٻولي ته هئي نه.“

انٽرويو وٺندڙ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ توهان جيڪي اردو ٻوليءَ جي لاءِ Comments ڏنا هيا...

شيخ اياز: اهو مون غلط ڪيو آهي، ۽ اهو مون انتها پسند ٿي ڪيو، پر ايڏا سخت Comments نه ڏيڻ گهربا هيا. حالانڪه ڪنهن حساب سان ان کي Factual aspect ته آهي، پر هينئر ڪنهن به انسان کي ڪنهن ٻولي يا مذهب جي نالي تي نه ٿو رنجائڻ چاهيان. ماڻهو جي ٻولي، ماڻهو جو مذهب، ماڻهو جا خيال ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ان جو ذاتي معاملو آهن. ڪنهن به ٻئي ماڻهو جو اهو ڪم ڪونهي ته انهن کي Touch ڪري، يا Exploit ڪري.

انٽرويو وٺندڙ: هندستان جي سنڌي ادب جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

شيخ اياز: شارٽ اسٽوري ليکڪ ڏاڍا ذهين آهي، جيئن شيام جئيسنگهاڻي ۽ گنو سامتاڻي وغيره ڏاڍا چڱا آهن پر ڇاهي ته انگريزي لفظ ڏاڍا ٿا استعمال ڪن. شيام جو ڪتاب ”گواني مندر“ گوا کڻي ويس. ڏاڍو چڱو ڪتاب هو، پر ان ۾ هڪڙي سڄي نظم سنڌي Script ۾، انگلش ۾ لکيل هئي. هاڻي ويچار ڪيو ته اها شاعري زنده ڪيئن رهندي.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا اياز اهو ساڳيو آ جيڪو اڳ هيو؟

شيخ اياز: ڪهڙي حساب سان ٿو چئين، Self ته ساڳيو آ. باقي خيالن ۾ تبديلي ته اچي ٿي. ڇا توهان جو دماغ USSR وانگر ٽڙڪي نه پيو آهي؟

 

انٽرويو وٺندڙ: دراصل توهان سياسي شاعر به آهيو؟

شيخ اياز: سياست زندگيءَ جو حصو نه آهي ڇا؟ سياست زندگيءَ جو ائين حصو آ، جيئن سڄي ڪائنات زندگيءَ جو حصو آهي. مان توهان کي ٻڌايو ته زندگي اکٽ آهي ۽ موت فريب آهي. زندگي فريب نه آهي، پر شاعر جو ڪم سياست نه آهي. سياسي واقعن کان متاثر ڪن ڳالهين جو اظهار ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ واقعن ۾ عملي شرڪت (Active participate) ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. هڪڙي عمر تائين ته عمل ۾ به رهياسين، پر هينئر طبيعت اجازت نه ٿي ڏئي. حيدر بخش جتوئي مرحوم جڏهن جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا هيو ته به هن کي مائيڪ ٿي ڏنائون ۽ هن جو دماغ ايترو ته مائوف ٿي چڪو هو جو يحيٰ خان کي پئي دعائون ڪيائين ته اهو توهان کي آزادي ڏيندو ۽ توهان کي ون يونٽ ڊاهي ڏيندو.

انٽرويو وٺندڙ: توهان کي ٻيو ڪجهه چوڻو هجي؟

شيخ اياز: بس، ٿڪجي پيئه! مان ته اوهان جي اڳيان زنده اينسائڪلو پيڊيا آهيان، جيڪي پڇڻو هجيوَ، ڀلي پڇو. توهان چار ڄڻا آهيو، پُڇڻ وارا، مان هڪڙو آهيان يا تمهين سوگئي داستان سنتي سنتي.“

 

انٽرويو وٺندڙ: اسان ته بس ڪَئي، اوهان کي ڪجهه چوڻو هجي؟

شيخ اياز: (کلي) ٿورو ترسو! ڪجهه وقت کان پوءِ ديوانِ حافظ وانگر منهنجي ڪلام ۾ فال وجهندؤ، منهنجو ڪوئي به ڪتاب کوليندؤ ته اوهان کي پنهنجو مستقبل نظر ايندو. منهنجي ساري شاعري پيشن گوئي آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org