صفحو : 19

 

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

سيڪشن: شخصيات

انٽرويو وٺندڙ: هڪ لکڻي گهڻا ڀيرا لکندو آهين؟

موراويا: Romana ٻه ڀيرا لکيم. ان کان پوءِ ٽيون ڀيرو به ايستائين وڏي غور ۽ فڪر سان نظر مان ڪڍيم، جيتائين پڪ ٿي ويم ته هاڻي سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻه ڀيرا نئين سر مسودو لکيئه. ٽيون ڀيرو مسودي اندر ئي درستون ڪيئه. ائين نه؟

مورايا: ها، ائين ئي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻين ڪتاب لکڻ ۾ به ائين ڪيئه؟

موراويا: ها! پر IL Conformista جو مسودو ٽي ڀيرا لکيم.

انٽرويو وٺندڙ: تو جڏهن Gli Indifferenti لکيو، تڏهن يا ان کانپوءِ ڪنهن ليکڪ کان متاثر هئين؟

موراويا: انهيءَ سوال جو جواب ڳولڻو ڏکيو آهي. شايد دوستو وسڪي ۽ جوائس جي انداز بيان کان متاثر هجان.

انٽرويو وٺندڙ: جوائس؟

موراويا:ها....ته.....بيهه مون کي ڳالهه سمجهائڻ ڏي. جوائس کان آءٌ صرف ايتريءَ حد تائين متاثر آهيان ته ڪهاڻيءَ ۾ واقعي جو وقت سان ائين تعلق پڌرو ڪجي جو ڳالهه ۾ جهول نه رهي. دوستو وسڪيءَ جي ناولن مان مون ڊرامائي ناول جو داءُ پيچ سکيو آهي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان مون لاءِ `Crime and Punishment` تمام گهڻو دلچسپ ناول آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻيا  ڪي لکيڪ؟ ٻيا ڪي اثرات؟ تو وٽ جيڪا حقيقت پسندي آهي، اُهو فرنيچ ادب جو اثر آهي ڇا؟

موراويا: نه. ائين ته ڪونهي. ڀلا جيڪڏهن ائين هجي ته به شعوري طور تي آءٌ ان کان واقف نه آهيان. منهنجا سرواڻ مانزوني، دوستو وسڪي ۽ جوائس آهن. جيستائين فرينچ ادب جو تعلق آهي ته مون کي ارڙهين صديءَ جا ليکڪ وڻيا آهن. پهرين وولٽائر ۽ ڊائڊروٽ، ان کان پوءِ اسٽينڊال ۽ موپاسان وڻيا.

انٽرويو وٺندڙ: فلابرٽ؟

موراويا: ايترو خاص نه.

انٽرويو وٺندڙ: زولا؟

موراويا: ايترو صفا نه....مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم. وڌيڪ ڪافي پيئندين؟.... ها! پاڻ ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي؟

انٽرويو وٺندڙ: خير زولا ته پسند نه اٿئي. ڀلا شاعري پڙهي اٿئي؟

موراويا: رمباڊ ۽ بادليئر تمام گهڻو وڻندا اٿم. بادليئر وانگيان ڪجهه جديد شاعر به وڻندا اٿم.

انٽرويو وٺندڙ: ڀلا انگريزيءَ جا ليکڪ؟

موراويا: شيڪسپيئر جون لکڻيون وڻنديون اٿم. ڊڪنس ۽ پوءِ وڻندا اٿم. ڪجهه سال اڳ جان ڊان جا شعر ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هيم. انگريزيءَ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ بٽلر تمام سٺا ناول لکيا آهن. ان کان پوءِ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ ٿامس هارڊي ۽ جوزف ڪونراڊ وڏا ناول نگار آهن. اسٽيونسن ۽ ورجينيا وولف به سٺا ناول لکيا آهن. ڊڪينس جو صرف هڪ ڪتاب Pick wick papers سٺو آهي ۽ سندس ٻيا ڪتاب اهڙا سٺا نه آهن. ڪتاب ۾ مون لاءِ ٽرئجڊيءَ جي بنسبت مزاحيه ڪتاب لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هونئن به مزاحيه ڪتاب آهن ئي ڪيترا! تمام ٿورا آهن. ,Rabelais, The Golden ass, The pick Wick papers, Don Quixote Satyricon The Sonnets of Belli ۽ گوگول جو  Boccaccio, Dead souls ۽ منهنجا دلپسند ڪتاب آهن. منهنجي ادبي تربيت ڪلاسيڪل نثر ۽ ڪلاسيڪل ڊراما ڪئي آهي. حقيقت پسند ۽ فطرت پسند ليکڪ ڏاڍا کُليا آهن، پر مون کي ايترو مزو نٿا ڏين.

انٽرويو وٺندڙ: اهي ليکڪ بظاهر ته دلچسپ آهن. انهن لکيڪن نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، خاص ڪري آمريڪي ليکڪن جهڙوڪ هيمنگوي، اسٽيئن بيڪ ۽ ڊاس پاسوس.

موراويا: جنگ کان پوءِ جي اٽالين ليکڪن تي انهن جو اثر پيو. پر اهو اثر اڻ سڌيءَ طرح پيو ۽ وٽورنيءَ جي معرفت پيو. نئي پيڙهيءَ جي اولين ليکڪن تي وٽورينيءَ جو اثر تمام گهڻو پيو آهي. انهيءَ اثر کي تون آمريڪي اثر چئي سگهين ٿو، پر بهتر اِهو ٿيندو ته ان کي وڏو رينائيزڊ آمريڪن اثر چئجي. ايل يونيٽا وارن هڪ ڀيري مون کي هڪ ادبي مقابلي جو جج مقرر ڪيو. انهيءَ مقابلي ۾ جيڪي پنجاهه موسدا آيا انهن مان اڌ لکنين تي وٽورينيءَ جو اثر هو. وٽورينيءَ جون لکڻيون شاعراڻيون آهن. اهي ساڳيون شاعراڻيون لکڻيون ڪٿي ڪٿي هيمنگوي ۽ وليم فاڪنر وٽ ملن ٿيون.

انٽرويو وٺندڙ: رسالي نيوو آرگومينٽي ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجڻ لاءِ اچن ٿيون انهن مان وڏو تعداد نين لکڻين جو آهي؟

موراويا: بس اسان کان جيڪي پهچي ٿو سو ڪريون ٿا. پر اٽالين ليکڪ ڏاڍا سست آهن. ڪميونسٽ آرٽ جو سمپوزيم ڪرايوسين. اسان سان 25 شريڪن جو واعدو ٿيل هو پر خبر اٿئي گهڻا شريڪ ٿيا؟ صرف ٽي ڄڻا. اسان کي 20 کان 30 صفحن تائين ادبي ۽ سياسي مضمونن جو تمام گهڻو کپ آهي. پر اسان کي 4 يا 5 صفحن تي اڌورا مضمون جام ملن ٿا، جيڪي اسان جي ضرورت پوري نٿا ڪن.

انٽرويو وٺندڙ: پر مون فڪشن جي باري ۾ ڳالهه پئي ڪئي. نيو آرگومينٽي ايڊٽ ڪندي توکي فڪشن جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي هوندي؟

موراويا: سچ ڪري پڇين ته مون کي انهن ئي ليکڪن جي باري ۾ معلوم آهي، جن جي سڀني کي خبر آهي. هر لکڻي ته پڙهي نٿي سگهجي. نالا ان ڪري نٿو کڻان جو ڳالهه اڌوري ٿي پوندي.

انٽرويو وٺندڙ: اٽالين ناول جي تاريخ ۾ وڏا وڏا خال آهن. انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: سوال تمام وڏو آهي. نه؟(مرڪندي) جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اهو چئي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اٽليءَ ۾ ناول لکجندو رهيو آهي. 13 ۽ 14 صديءَ ۾ بورجوا طبقو صحيح معنيٰ ۾ بورجوا هو. ان زماني ۾ بيانيه انداز ترقي ڪئي. پئنٽنگ ۾ اها صورتحال رهي، پر ڪائونٽر رفارميشن کان پوءِ اٽالين سوسائٽي اهڙي نه رهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ڏسي سگهي، جيڪو بيانيه، ادب تخليق ٿيو، ان ۾ تنقيد جو حصو تمام گهڻو هو. اٽليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي سهڻو چون ته ڄڻ پٿر تي ليڪ ڪڍيائون. اٽالين سچ کان وڌيڪ سونهن کي اهميت ڏيندا آهن. ناول لکڻ جي فن جي ترقيءَ جو تعلق يورپ جي نئين اسرندڙ ۽ اڀرندڙ بورجوا طبقي سان رهيو آهي. پر اٽليءَ ۾ اهو جديد بورجوازي طبقو اڀري نه سگهيو، جيڪو ٻئي يورپ ۾ اُڀريو. حقيقت ۾ اٽلي هڪ قديم ملڪ آهي ۽ ڪنهن قدر اها قدامت کيس نواڻ بخشي ٿي. هن وقت ثقافتي نقطه نگاهه کان اٽلي ٻئي يورپ جي پُٺ ورتي آهي. يورپ جا ٻيا ملڪ جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، اُهو ساڳيو ڪم اٽلي انهن کان پوءِ ڪري ٿي. (ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اسان جي ادبي تاريخ ۾ وچولي درجي جي ليکڪن جي بدران پربت جيڏا وڏا ليکڪ پيدا ٿيا آهن. پيٽراچ 13 صديءَ ۾ لکيو، پوءِ به پهريون چار صديون ادب تي ڇانيو رهيو. بوڪاشو 14 صديءَ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ لکڻ جي فن کي ٿيڻي بنايو. اسان جي ادب ۽ زبان جون اهي سونيون صديون هيون. انگلينڊ ۽ فرانس ۾ اهي سونيون صديون گهڻيون پوءِ آهيون. دانتي جو مثال وٺ. دانتي خالص اٽالين زبان لکي ۽ اُها زبان اڄ تائين مڪمل طرح سمجهي سگهجي ٿي. پر سندس انگريزي زبان جي همعصر چاسر جيڪي ڪجهه لکيو، ان کي اڄ جي انگريزي پڙهندڙ لاءِ ترجمو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته انگريزي اٽالين جي مقابلي ۾ ان وقت ترقي پذير زبان هئي، جڏهن ته اٽالين زبان ترقي يافته هئي. اٽليءَ جا نوجوان ليکڪ ايترا اٽالين کان رهنمائي ٿا وٺن، ڇاڪاڻ ته سندن ملڪي روايتون تمام پراڻيون آهن. گذريل ڏهن سالن کان انهن نون ليکڪن جي نظر آمريڪي حاڪم ليکڪن تي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي ڪتاب Racconti Romani جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: ڪهاڻيءَ جي انهيءَ مجموعي بابت وڌيڪ ته ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهان. البت ايترو چوندس ته اهي ڪهاڻيون جنگ کان پوءِ واري خاص وقت ۾ روم شهر جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي متعلق آهن.

انٽرويو وٺندڙ: بس! وڌيڪ نه ٻڌائيندين ڇا؟

موراويا: وڌيڪ ڇا ٻڌايان. ها!....نه...سچ ڪري پڇين ته انهن ڪهاڻين تي چوڻ لاءِ مون وٽ تمام ٿوريون ڳالهيون آهن. منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب جي باري پڇندين ته جام ڳالهيون ٻڌائيندوسانءِ. رڳو سوال پڇ.

انٽرويو وٺندڙ: Corriere della sera ڏاڍو مهانگو ڪتاب آهي، ان ڪري اهو پڙهي نه سگهيو آهيان.

موراويا: (مرڪندي) 2400 ليرن ۾ ته ملي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه به آهي. مون کي اها خبر آهي ته تو جيڪي ڪهاڻيون پوءِ لکيون آهن، انهن جو ڳچ حصو ٻين لکڻي جي نسبت هيٺئين يا وچولي طبقي متلق نه آهن. هونئن به لڳي ٿو ته تو اڳئين واٽ ڇڏي ڪا نئين واٽ ورتي آهي. ائين ڪندي ڪجهه مسئلا به درپيش آيا هوندءِ؟

موراويا: منهنجو جيڪو به ڪتاب آهي، اُهو جيتوڻيڪ اڳواٽ ٿيل باقاعدي رٿا جو نتيجو ته نه آهي، پر Racconti Romani پئي لکيم، تڏهن به ڪن خاص مسئلن کي منهن ڏيڻو پيم خاص ڪري ٻوليءَ جو مسئلو. هاڻي مون کي ٿوري ڳالهه سمجهائڻ ڏي. ڪتاب آهن، انهن ۾ La Romana به اچي وڃي ٿو، جيڪو هينئر لکي پورو ڪيو اٿم- اهي سڀ ڪتاب اسم متڪلم ۾ بيان ڪيل آهن، پر جيڪڏهن قصي کي اسم غائب ۾ کڻجي ته پوءِ ڪنهن حد تائين ليکڪ کي پنهنجي مخصوص اسٽائيل پاسيري ٿي رکڻي پوي. اها سڄي ڳالهه مون Woman of Rome جي پينگئن واري ايڊيشن ۾ سمجهائي آهي. Rocconti Romani ۾ پهريون ڀيرو مون کي اسم غائب يا ڪردار جي ٻوليءَ جو پرائو لهجو اختيار ڪرڻو پيو. ان ڍنگ ۾ لکڻ سان فائدو به آهي ته نقصان به. فائدو اِهو آهي ته پڙهندڙ ڪتاب پڙهڻ وقت لکندڙ سان پنهنجائپ محسوس ڪري ٿو ۽ سڌيءَ طرح شين جي روح تائين پهچي ٿو، نه ڪه ٻاهران بيهي اک ٽيٽ ڪري شين کي ڏسي ٿو. وڏو نقصان اهو آهي ته اسم حاضر ۾ ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ ليکڪ کي عجيب ڍنگ ۾ ڪردار تائين محدود ٿيڻُ پوي ٿو ۽ هو پنهنجي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. مون کي اهو لکڻو پوي جيڪو ڪجهه ڪردار چاهيو پئي. ٽئڪسي ڊرائيور جو مثال ٿا وٺون. ظاهر آهي ته ٽئڪسي ڊرائيور ڌوٻن ڪم متعلق گهڻو نٿو ڄاڻي. ان ڪري ڌوٻين جي ڪم متعلق هو جيڪا ڳالهه ڪندو سا اُها ئي هوندي جيڪا ڄاڻندو. پر جيڪڏهن ٻنهي ڌرين جي ڳالهه اسم ۾ ڪجي ته روم جي متعلق اهو ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو، جيڪو آءٌ روم جي باري ۾ ڄاڻان ٿو. اها ڳالهه جيڪڏهن ليکڪ کي بيان ڪرڻي پوندي آهي ته ليکڪ ڪردار جي بدران پنهنجي واتان سولائيءَ سان ڳالهه ڪري ويندو. Woman of Rome جي آڊريانا اسم غائب آهي ته هاڻي جيڪڏهن روم شهر جي هيٺئين طبقي متعلق اسم متڪلم ۾ ڳالهه ڪبي ته لهجو به هيٺئين طبقي جو ئي استعمال ڪرڻو پوندو ۽ اهو لهجو آءٌ ويهي استعمال ڪندس ته ظاهر آهي ته ان لهجي جون جيڪي  حدون آهن، اُهي مون کي اورانگهڻيون نه پونديون. Romanesco جي مالڪ بيليءَ جي ذريعي جڏهن ڳالهه ڪرڻي پيم ته ان ۾ به انهيءَ ڪردار ڪي ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ۽ ڪي روڪي ڇڏيائين، جيڪي مون ڪرڻ گهُريون ٿي. مزدور ڪلاس جي ماڻهن کي پنهنجا تاثرات صحيح ڍنگ ۾ بيان ڪرڻ جو گهڻو اختيار نه آهي. هونئن مقامي لهجي واري ادب ۾ منهنجي گهڻي دلچسپي نه آهي. مقامي لهجو دراصل ايترو تهذيب يافته نه هوندو آهي، جو تاثرات جو اظهار چڱيءَ طرح ڪري سگهي. مقامي لهجي ۾ ڪافي دل کي جهٻيون ڏيندڙ شيون هونديون آهن، پر ان جي باوجود اِهو لهجو سڌريل زبان جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪُڍنگو ۽ اڻ پورو هوندو آهي. مقامي لهجي ۾ صرف خواهشون ۽ ضرورتون بيان ڪري سگهبيون آهن. مثلنِ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، پيار ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم.

Racconti Romani ۾ 61 ڪهاڻيون آهن. خير هاڻي ته انهن ڪهاڻين جو تعداد هڪ سؤ تائين ڪري ويو آهيان. اهو ڪتاب منهنجي آمدنيءَ جو خاص ذريعو آهي. ان ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪيل آهي. اُها ڳالهائڻ ۾ ڪم ايندڙ اٽالين ٻولي آهي. ان ٻوليءَ جو گهاڙيٽو بي ترتيبو آهي. ان ۾ هتي هُتي مقامي لهجي جا رواجي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، ته جيئن Romanesco جو ماحول برقرار رهي. منهنجو اِهو واحد ڪتاب آهي، جنهن ۾ مون کِل ڏياريندڙ ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن. ڪجهه وقت لاءِ ته پڙهندڙ سوچيو هوندو ته مون ۾ حس مزاج جهڙي ڪا شيءِ نه آهي.

انهن ڪهاڻين ۾ منهنجي وڏي ڪوشش اِها رهي آهي ته ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هيٺئين ۽ وچئين طبقي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻين اهڙن ڌنڌن تحت جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اُها بيان ڪريان. اهڙي قسم جي ڳالهين کي ڇڏائڻ لاءِ وڏي هوشياري ٿي کپي. انهن ۾ ’پڪارو‘ هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي صرف پيٽ جي لڳل آهي. هن جي زندگيءَ ۾ پيار ۽ اصلي سونهن جهڙي ڪا شيءِ ئي نه آهي. هن لاءِ  وڏو مسئلو آهي ته هو يا ته پيٽ جون ضرورتون پوريون ڪري يا ختم ٿي وڃي. کيس ٽيون رستو مليل ئي نه آهي. هو هڪ وانجهيل ماڻهو آهي. سندس حدياتي حرفت بازيءَ، دولاب ۽ بي ايمانين ۾ ڦاٿل آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي سڀني لکڻين ۾ موضوع واري سان اچن ٿا؟

موراويا: بلڪل. اها ڳالهه ته قدرتي آهي. ڪو به لکيڪ هجي، سندس ڪا به لکڻي هجي ته ظاهر آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ وارتا ئي موضوع کڻندو. منهنجيءَ نظر ۾ ناول ليکڪ جي اندر جو حصو آهي. جيئن ڪنهن موسيقيءَ جي ڌُن ۾ سُر ئي موضوع هوندا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان لڳي پوري ڌُن ٺاهيندا آهن. منهنجي ذهن ۾ موسيقيءَ جي انهيءَ ساڳي ڪيفيت سان ڳالهه جُڙندي آهي. منهنجي لکت اڳواٽ رٿيل يا ڳڻيل ڳوتيل نه هوندي آهي، پر جبلتي هوندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ڪجهه تنهنجي آخري ڪتاب La Mascherata جي باري ۾. ڪتاب جا سڀ پهلو ته زير بحث نٿا آڻي سگهون، پر ڪجهه ته ٻڌائي سگهندين. خاص ڪري سينسر جي خيال کان؟

مورايا: ڪو وقت هو جڏهن سماجي تنقيد لکندو هوس ۽ اِهو اُهو ئي وقت هو جڏهن آءٌ 1936ع ۾ ميڪسيڪو ويس. اُتي جيڪو اسپيني آمريڪن سماجي پس منظر ٺم ته خيال آيم ته ڇو نه طنزيه ڪتاب لکان. موٽي اچڻ کان پوءِ ڳچ سال انهيءَ خيال ۾ رهيس. پوءِ جڏهن 1940ع ۾ ڪيپريءَ ويس ته اُتي ويهي اهو ڪتاب لکيم. ان کانپوءِ ڇا ٿيو؟... تو سينسر جي باري ۾ به پڇيو آهي، ته اها ڳالهه هن وقت ڏاڍي مزيدار لڳندئي. 1940ع جو سال هو ۽ ملڪ جنگ جي سٽ ۾ آيل هو. فاشزم به هئي ته سينسرشپ به زوران زور هئي. مطلب ته الائي ڇا ڇا هو. انهيءَ زماني ۾ جيئن ٻيا مسودا پهرين ثقافت کاتي جي منسٽريءَ ۾ سينسرشپ لاءِ پيش ٿيندا هئا، تيئن منهنجو مسودو به پيش ٿيو. منسٽريءَ سينسرشپ جي تي گرامر اسڪولن جي الاهي ماسترن کي ڇڏيو هو. ماستر کي هر ڪتاب پڙهڻ جا 300 ليرا ملندا هئا. ماستر سرڪار کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا هئا ۽ ’مدعي سست گواهه چست‘ وانگر سندن رويو منفي هوندو هو. منهنجو مسودو به ڪنهن ماستر وٽ هو. ماستر ان جو فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ مسودو انڊر سيڪريٽريءَ ڏانهن فيصلي لاءِ موڪلي ڇڏيائين. انڊر سيڪريٽري به فيصلو ڪري نه سگهيو، ان اِهو ڪتاب سيڪريٽري ڏانهن فيصلي لاءِ موڪليو. سيڪريٽريءَ به ساڳيءَ حالت ۾ وزير کي ۽ وزير مسولينيءَ کي موڪليو.

انٽرويو وٺندڙ: پوءِ ته توکي به سڏ ٿيو هوندو؟

موراويا: نه. مسولينيءَ حڪم ڏنو ته ڪتاب ڀلي ڇپيو وڃي.

انٽرويو وٺندڙ: هڻ ته سهي!

موراويا: پوءِ الائي ڇا ٿيو جو مهيني کان پوءِ بنا صحيح مون کي خط مليو ته ڪتاب کي في الحال ڇپجڻ کان روڪيو وڃي. سو سڄو قصو ائين ٿيو. اِهو ڪتاب وري ظاهر نه ٿيو، جيستائين ڪه ملڪ آزاد نه ٿيو.

انٽرويو وٺندڙ: اهو معاملو صرف سينسر تائين محدود هو ڇا؟

موراويا: نه بابا. مون فاشزم سان وڙهندي حياتي گذاري آهي. منهنجي ۽ فاشسٽ اختياريءَ وارن جي جنگ 1929ع ۾ شروع ٿي ۽ 1943ع ۾ جڏهن جرمنن اٽليءَ تي قبضو ڪيو، تڏهن اُها جنگ ختم ٿي، پر انهيءَ وقت به مون کي لڪڻو پيو. آءٌ ڀڄي ڏاکڻينءَ سرحد وارن جبلن ۾ لڪس. اتي 9 مهينا لڪو رهيس، تان جو اتحادي فوجون اچي پهتيون. انهيءَ سڄي عرصي ۾ مون اخبارن جون نوڪريون وڃايون ۽ ’نام نهاد‘ جي هٿرادو نالي سان لکندو به رهيس. سينسر شپ ڏاڍي خراب شيءِ آهي. هڪ ڀيري پاڙون کوڙي وڃي ته وري نه نڪرندي آهي. ثقافت جي منسٽريءَ جو دڪان ته سڀني کان پوءِ بند ٿيو. مون پنهنجو مسودو انهن ڏانهن فاشزم جي زوال کان ٻه مهينا اڳ آگسٽونو کي موڪليو هو. ٻيا سڀ کاتا ۽ حڪومت جا سڀ حصا ڌوڙ ٿي ويا، پر ڪلچر جي منسٽريءَ پوءِ به پنهنجو دڪان کوليو ويٺي هئي. همراهه سُڃاڻو هئا، ان ڪري آءٌ وٽن هلي به ويس ته ”بابا آخر تڪليف ڪهڙي اٿوَ. ٻڌايو ته سهي.“ همراهن ٻڌايو ته قصو منظوريءَ کان چڙهيل آهي. منهنجو فائيل سيڪريٽريءَ جي ميز تي رکيو هو. سيڪريٽري صاحب ڪنهن ڪم سان اُٿي ٻاهر ويو ته هڪ نظر مون به فائيل تي وڌي. ان فائيل ۾ هڪ خط پيل هو، جيڪو برازيل جي ڪلچرل اتاشيءَ لکيو هو. ان خط ۾ ڄاڻايل هو ته  برازيل ملڪ ۾ مون کي ڦيٽائو اديب سمجهيو وڃي ٿو. لڳو ٿي ته برازيل جي سرڪار لاءِ رڳو اهو ڪم بچيو هو. منهنجي ٻئي ڪتاب Le Amizioni Sbagliate (قسمت جو ڦيٿو) سان به وڏو حشر ٿيو. منسٽريءَ ۾ پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته سڄي مسودي جا صفحا ڌار ڌار ڪري، ڌار ڌار آفيسن ۾، ڌار ڌار ماڻهن ڏانهن موڪليا ويا هئا ۽ هر ڪو پنهنجو حصو پڙهڻ ۾ لڳو پيو هو. سينسر شپ وڏو راڪاس آهي، سو اهي اٿي خبرون.

همراهن جڏهن ڪم شروع ڪيو ته ڪنهن حد تائين آزاد خالي ڏيکارين، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن حالت خراب ٿيندي ويئي. رهيو کهيو سوجهرو تڏهن چٽ ٿيو، جڏهن منسٽريءَ ۾ گرامر اسڪولن جا ماستر ڀرتي ڪين. هونئن به سينسر جو ڪم يا ماستر ڪندا آهن يا ڪامورا ڪندا آهن يا ناڪامياب ليکڪ حضرات. انهن ليکڪ حضرات جي ور مسودو چڙهي وڃي ته پوءِ الله پناهه ڏئي.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا اڃا به سينسر آهي؟

مورايا: خير! هن وقت ليکڪ کي ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪي چاهي سو ڇپائي سگهي ٿو، پر فلم ۽ ٿئيٽر وارن لاءِ اڃا به سينسر موجود آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انڊيڪس جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

موراويا: انڊيڪس سينسر نه آهي. گهٽ ۾ گهٽ اٽليءَ ۾ ته ائين نه آهي. اٽليءَ ۾ ويٽيڪن (پوپ جو مذهبي مرڪز) الڳ رياست آهي ۽ خود اٽلي ٻي رياست آهي. اِهي ٻئي رياستون هڪ ٻئي کان ڌار آهن، پر اڄ يا سڀاڻي ويٽيڪن وارن جو اٽليءَ تي ائين قبضو ٿي ويو، جيئن آئرلينڊ يا اسپين تي آهي، ته پوءِ حالت خراب ٿي ويندي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته جڏهن تنهنجو نالو Index ۾ شامل ڪيو ويو، ته توکي ان ڳالهه تي اعتراض هو، ته ائين ڪرڻ سان ليکڪ جي آزاديءَ کي ڌڪ ٿو لڳي. اها ڳالهه ڪيئن آهي؟

موراويا: نه مون اعتراض ته نه ڪيو هو. پر اها ڳالهه ڏکي برابر لڳي هيم. ڇاڪاڻ ته اسڪينڊل بازيءَ کان آءٌ ڀڄندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن به هو، Index ۾ نالو اچڻ کانپوءِ تنهنجي ڪتاب جو وڪرو وڌيو ۽ مون کي ياد آهي ته ان ڳالهه جي ڪري ئي بومپيانيءَ وارن تنهنجين سڀني لکڻين کي گڏي ڊي لڪس ايڊيشن ڇاپيو؟

موراويا: نه. اٽليءَ ۾ Index جو ڪتاب جي وڪري تي ڪنهن به قسم جو اثر نه پوندو آهي. منهنجا ڪتاب هونئن به سدائين گهڻي تعداد ۾ وڪرو ٿيندا آهن. انڊيڪس ۾ نالو اچڻ کانپوءِ وڪري ۾ ڪو به اهڙو واڌارو نه ايندو آهي، جو کڻي چئجي ته اهو انڊيڪس جي ڪري آيو.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا توکي اهڙا امڪان لڳن ٿا ته ڪجهه وقت کانپوءِ اٽليءَ جا نئين آپيشاهي حڪومت جي هٿ ۾ اچڻ جا امڪان آهن؟

موراويا: امڪان ته آهن، پر گهڻا نه. اڄ يا سڀاڻي جيڪڏهن آپيشاهي حڪومت اچي ٿي وڃي ته پوءِ لکڻ وارن کي کپي ته لکڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته ڏاڍي خراب حالت ٿيندن.

انٽرويو وٺندڙ: ناول جي مستقبل جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

موراويا: اڻويهينءَ صديءَ ۾ پرائوسٽ ۽ جوائس ناول کي مرڻ کان بچائي ورتو. اهي ٻئي عظيم ناول نگار اڻويهين صديءَ جا آخري ناول نگار هئا. هن وقت لڳي ٿو ته اسان اهڙي قسم جي ناول طرف رُخ رکيو آهي، جو يا ته خالص خيالن تي ٻڌل آهي يا جيئن زندگي آهي ان کي ائين جو ائين کڻي ناول ۾ آڻيون ٿا. جنهن ۾ نه ڪردار جڙن ٿا ۽ نه وري انهن جي نفسيات. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پيئي آهي ته سٺو ناول ڪهڙي به قسم جو ٿي سگهي ٿو. هن وقت ۾ ٻن قسمن جي ناولن جو رواج آهي. هڪڙا اُهي آهن، جن ۾ ڊاڪيومينٽيشن ٿيل هوندي آهي ۽ ٻيا اُهي جيڪي پنهنجي ذاتي تجربن جي بنياد تي ٻڌل هوندا آهن. وقت زندگيءَ جا ٻه رُخ آهن- هڪ ماڻهن جو ميڙ ٻيا دانشور ماڻهن جو ميڙ حادثو آهي ۽ دانشور فلسفو آهي. هن وقت ڪا به بورجوازي نه آهي. بس هڪڙا دانشور آهن ۽ ٻيا ميڙ آهن.

انٽرويو وٺندڙ: ”ادب اسڪينڊل جي حيثيت ۾“ واري معاملي جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟ خاص ڪري فرينچن جي حوالي سان؟

موراويا: ٽيهه سال گذري ويا آهن، پر فرينچ اڃا تائين هڪ ٻئي کي اسڪينڊلائيز ڪندا اچن.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجين ايندڙ لکڻين ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي؟

موراويا: بس آءٌ ناول ۽ ڪهاڻيون لکندو  رهندس.

انٽرويو وٺندڙ: توکي سامهون اهو وقت ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن تنهنجا صبح ٻئي ڍنگ ۾ گذرندا؟

موراويا: اهو وقت سامهون ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه بچندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org