سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟

 

صفحو : 10

انٽرويو وٺندڙ؛ هونئن شاعري انسان کي وڌيڪ سٺو انسان بنائڻ ۾ ڪم ايندي آهي ڇا؟

فيض احمد فيض؛ جي ها. اسان جي ڳالهه انهن تائين پهچڻ ته گهرجي، خاص ڪري اسان جي سماج جهڙي سماج ۾، جتي طبقاتي مسئلا موجود آهن ۽ هڪ طبقي جي ڳالهه ٻئي طبقي تائين پهچي ئي نٿي سگهي يا جي پهچي ٿي ته اهي طبقا هڪ ٻئي سان همدرديون رکڻ کان لاچار آهن.

انٽرويو وٺندڙ؛ توهان هڪ انٽرويو ۾ ترقي پسند تحريڪ سان پنهنجي اختلاف جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان ترقي پسند تحريڪ جي منتظمن طرفان فرة العين حيدر منٽو، يا عصمت  وغيره جي خلاف اختيار ڪيل موقف کي ننديو آهي. يا تحريڪ وارن علامه اقبال جون غلط تفسيرون بيان ڪيون آهن،  سندن انهن ڳالهين جي ڪري اوهان ترقي پسند تحريڪ سان اختلاف ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان آئون پڇڻ ٿو گهران ته اردو ادب جي سڀ کان وڏي تحريڪ جي زوال جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اسان جي ڪجهه بزرگ نفادن جو خيال آهي ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪري تحريڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو ٺهي وڃڻ ترقي پسند تحريڪ جي توقع ۽ خواهش جي خلاف ڪم هو ۽ اُتان کان ئي تحريڪ کي فڪري ۽ عملي طور ڌڪ لڳو؟

فيض احمد فيض؛ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آزاديءَ جي جيڪا تحريڪ هلي هئي، اها ڌار ڌار نظرين وارن ماڻهن ۾ هڪ متحد محاذ ٺهڻ جو نتيجو هئي. انهيءَ محاذ ۾ جيڪي ماڻهو شامل هئا، انهن جا سياسي نظريا ٺپ ڌار هئا، پر ڪجهه ڳالهين ۾ يڪراءِ هئا. جيئن ته انگريزن کان آزادي حاصل ڪجي. عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ سک ۽ آرام جو واڌارو ٿيڻ گهرجي. انهن معاملن جي حد تائين منجهن اختلاف نه هُئو، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ذهني ڦيٽاڙو پيدا ٿيو. مسئلو اهو پيدا ٿيو ته آزادي ته ملي ويئي، پر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انهيءَ ڳالهه تي ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل اسان جي دوستن انتهاپسنديءَ جي واٽ جهلي ته اسان کي انهيءَ کان پوءِ هڪدم انقلابي ٿي وڃڻ گهرجي.  ٻين اکرن ۾ سندن مطلب اِهو هو ته جيڪي انتها پسند ناهن، اُهي اسان مان نه هوندا. اهو رويو اختيار ڪري هنن هڪڙي خيال کان حالتن جو غلط اندازو لڳايائون. ائين به هو ته ڪجهه نوجوان ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيا، جن وٽ نه ته سياسي تجربو هو ۽ نه ئي وري حالتن کان چڱيءَ ريت واقف هُئا. انهيءَ اڻڄاڻائيءَ جي ڪري کانئن غلطيون ٿي ويون. اها ڳالهه ڪا حيرت ۾ وجهندڙ به ناهي جو ائين ٿيندو رهندو آهي. وٽن آزاديءَ جو هڪ اڻ چٽو تصور ته هو، پر آزاديءَ کان پوءِ حالتون ڪهڙي رُخ تي وڃن ٿيون. انهيءَ باري ۾ سندن ذهن ۾ ڪا چٽائي ڪا نه هئي. جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ڪجهه ماڻهو جذباتي بڻجي انتهاپسنديءَ ڏانهن هليا ويا. ۽ ٿيو ائين ته جيڪي ماڻهو شروع کان اسان سان گڏ هئا ۽ جن کي اسان سان گڏ رهڻ کپي ها، اسان انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي، تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي بدران اسان پنهنجو حلقو محدود ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ائين ڪرڻ صحيح نه هو. اصول ته اهو هجي ها ته اسان پنهنجن اديبن ۽ شاعرن کي نظرين جي حد تائين رکون ها ۽ سندن لکڻين تي فتوائون جاري ڪرڻ کان پاسو ڪريون ها پر اسان ائين نه ڪيو ته نتيجي ۾ منٽو، عصمت ۽ قرت العين حيدر جهڙن ليکڪن کي اسان پنهنجي دائري مان ڪڍي ڇڏيو. آئون انهيءَ ڳالهه جي خلاف هوس.

انٽرويو وٺندڙ: پوءِ توهان پنهنجي فيصلي تي اسٽينڊ ڇو نه ورتو؟ انهيءَ فيصلي ۾ جيڪو نقصان سمايل هو ۽ اوهان ڏٺو پئي ته اوهان اهڙن فيصلن جي خلاف جي آواز اٿاريو ها ته ترقي پسند تحريڪ کي شايد ايترو نقصان کڻڻو نه پوي ها ۽ تحريڪ محفوظ رهجي وڃي ها؟

فيض احمد فيض: نقصان ته پڪ پڪاڻي پهتو. رڳو ترقي پسند تحريڪ کي ڪو نه پهتو، پر اسان جون جيڪي ٻيون تنظيمون هُيون، مزدورن جون ۽ ٻين طبقن جون، انهن کي به نقصان سهَڻو پئجي ويو. سڄو ڪم جذباتيت جي ڪري خراب ٿي ويو. آزاديءَ کان پوءِ جو جيڪو نشو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڀ پاسا نظر نه ايندا آهن، اِهو انهيءَ نشي جو اثر هو. هنن اهو سوچي ڇڏيو ته آزادي ملي ويئي ته هاڻي انقلابي ٿي وڃجي. خير! غلطيون ٿي وينديون آهن.

انٽرويو وٺندڙ: فيض صاحب! ترقي پسند تحريڪ ته پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ نه هُئي. انهيءَ ڪري پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ جيڪا اسان کي آزادي ملي، ته انهيءَ جو جيڪو رنگ ڍنگ جڙيو، ته ترقي پسند تحريڪ جي اڳواڻن جي نظر ۾ ائين ته نه هو؟

فيض احمد فيض: جي ائين نه هو. صورتحال اِها هئي ۽ اسان به ائين سمجهيو ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا جيڪي پاڻ ۾ اختلاف هئا، اهي آزاديءَ سان گڏ ختم ٿي ويندا. اهو ته ڪنهن به ڪو نه سوچيو هو ته پنجاب ورهائجي ويندو ۽ ايڏي مارا ماري ٿيندي. اهڙين حالتن جي پيدا ٿيڻ جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. خيال ته اهو بيٺو هو ته جيڪي جهيڙا جهٽا هلن پيا، آزاديءَ کان پوءِ انهن جو خاتمو اچي ويندو. پاڪستان بنجي ويو ۽ هندستان کي آزادي ملي ويئي. انهن معنائن ۾ اسان جي ته خواهش پوري ٿي ويئي، پر دوستاڻن طريقن سان اختلاف ختم ٿيڻ جي اسان جي خواهش پوري نه ٿي. ڪجهه پنهنجون غلطيون، ڪجهه انگريزن جون چالاڪيون، ڪجهه عوام جي مرضي، ڪجهه خود غرض طبقن جا مفاد، سڀني ملي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي، جو اسان جي ذهن ۾ جڪيو نقشو موجود هو، اهو اڌورو ۽ اُڃايو رهجي ويو. انهيءَ ڪري ئي اسان کي اڄ تائين جيڪو مِهڻو ملي ٿو، اهو ان ڪري ملي ٿو، جو اسان اهو چيو ته، ”وه انتظار تها جس کا يه وُه سحر تو نهين“ـ

جيڪا حالت اسان ڏٺي ته اسان کي آزادي ڪيئن ملي، اها حالت ٻين نه ڏٺي. هن وقت ته اسان اهو تصور به ڪري نٿا سگهون ته آزاديءَ جي نتيجي ۾ اسان کي ايتري قدر قرباني ڏيڻي پوندي، ايڏي اذيت سهڻي پوندي، نجات جي بدران مارا ماريءَ جا غير انساني ڏيک ڏسڻا پوندا.

انٽرويو وٺندڙ: مجنون گورکپوريءَ صاحب هڪ انٽرويو ۾ راءِ ڏني هئي ته ترقي پسند تحريڪ انهيءَ ڪري ختم ٿي ويئي جو پاڪستان ٺهي ويو. اوهان ان راءِ کي مڃو ٿا؟

فيض احمد فيض: پر ترقي پسند تحريڪ ختم ڪٿي ٿي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ظاهر آهي ته 1936ع واري صورتحال ته نه رهي. ادب ۾ هاڻي نيون تحريڪون ۽ نوان لاڙا گهِڙي آيا آهن؟

فيض احمد فيض: ترقي پسنديءَ جي ختم ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اوهان اهو چئي سگهو ٿا ته ترقي پسند تنظيم ختم ٿي ويئي آهي. تنظيمون ته جڙنديون ڦٽنديون رهنديون آهن، پر تحريڪون ختم نه ٿينديون آهن. ترقي پسندي ڪا اسان ته پيدا نه ڪئي آهي، اُها شروع کان هلندي پئي آئي. حالتن جي گهرج هڪ تنظيم کي جنم ڏنو ۽ پوءِ حالتن جي ڪري ئي تنظيم ختم ٿي ويئي، پر تحريڪ ڪٿان ٿي ختم ٿئي. ترقي پسند تنظيم اُنهيءَ زماني ۾ جُڙي هئي، جڏهن ترقي پسند تحريڪون هلي رهيون هُيون ۽ انهيءَ وقت به ادب ۾ داخليت پسندي، ذآتي ۽ غير شعوري تجربن کي لکڻ وارا موجود هئا. انهيءَ وقت ٻئي تحريڪون پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي هلي رهيون هيون. پوءِ جيڪي نيون تحريڪون آيون ته اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هُئي. ادب ۾ تحريڪون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، پر جيتريقدر ترقي پسند تحريڪ جو تعلق آهي، ته اُنهيءَ جو مقصد ستايل عوام مٿان ٿيندڙ قهر کي چٽڻو آهي ۽ ڪنهن سان ڪو بغض رکڻو ناهي. ها! اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته تنظيم جُڙي نه سگهي.

انٽرويو وٺندڙ: فيض صاحب! تنظيم ته ختم ٿي ويئي پر گڏوگڏ تحريڪ جي زور ۾ گهٽتائي ته آئي. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئجي ته جيڪو نڪته نگاهه هو لکڻ جو، جنهن ۾ شدت به شامل هئه، انهيءَ ۾ جيڪو ادب تخليق ڪيو ويو، اهو هڪ رنگو هو؟

فيض احمد فيض: ٻي ڳالهه اها آهي ته لکڻ جي اها صورتحال رڳو ترقي پسند تحريڪ تائين ته محدود ناهي. پاڪستان ۽ هندستان ٺهڻ کان اڳ جيڪا هڪ يڪراءِ تحريڪ هلي ته آزادي ملڻ کپي، اُها ته ملي ويئي. اها تحريڪ به ختم ٿي، آزاديءَ کان پوءِ ايندڙ منزل ڪهڙي هجي يا ان کان پوءِ اڳتي ڪيئن وڌجي، ته انهيءَ جي باري ۾ رڳو ترقي پسند ته ڪو نه سوچيو. زندگيءَ جي هر سطح تي ڌار ڌار خيال ۽ نظريا پيدا ٿيا، انهيءَ سان سڄي زندگيءَ متاثر ٿي. اِها بلڪل غلط ڳالهه آهي ته پاڪستان ٺهڻ جي ڪري ترقي پسند تحريڪ ختم ٿي ويئي. جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهي ها ۽ هندستان ۾ آزاديءَ کان پوءِ جي اهڙا مسئلا ٿي پون ها ته پوءِ؟ آزادي ته هڪ مجرد شيءِ آهي. رڳو ايترو چئي ڇڏڻ ته ڪافي ناهي ته بس ملڪ آزاد ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ به جي ته ڪا سياسي رٿابندي هوندي آهي. اقتصادي جوڙجڪ ڪهڙو هوندو؟ سماج جو ڪاروبار ڪيئن هلندو؟ انهن سڀني شين جي باري ۾ نئين ڍنگ سان سوچڻ، رٿائون ٺاهڻ، ڇنڊڇاڻ جي صورت پيدا ڪرڻ، ته ظاهر آهي ته انهن سڀني مسئلن تي اسان يڪراءِ نه هُئاسين. آزاديءَ کان پوءِ اقتصادي، سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ کي ڪنهن خاص گهاڙيٽي ۾ آڻڻ جي باري ۾ ڪنهن جو به ذهن صاف نه هو.

انٽرويو وٺندڙ: اديبن کي انهيءَ وقت قومي تعمير جي سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها. ڇا انهن اهو ڪردار ادا ڪيو يا ڪن ٽار ڪري ويا؟

فيض احمد فيض: اديب جو ڪردار محدود ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو حڪومت نه هلائيندو آهي. هو ته رڳو عوام جو ترجمان ٿيندو آهي ۽ عوام جي ذهني ۽ جذباتي سکيا ڪندو آهي. انهيءَ زماني ۾ سٺن اديبن جو جيڪو حال هو ته انهن حال سارو ڪيو، پر هر دور ۾ سٺن اديبن جي کوٽ هوندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: جنهن دور جو ذڪر ٿئي پيو، انهيءَ زماني ۾ اديبن ۽ دانشورن جو سماج تي گهڻو اثر هو. انهيءَ حساب سان ڏٺو وڃي ته اديبن گڏجي ڪري قومي ذميوارين کان ڪن ٽار ڪئي، مٿن اهو الزام مڙهي سگهجي ٿو. مثلنِ فرانس ۾ الجزائر جي آزاديءَ جي جنگ جي سلسلي ۾ سارتر جنهن مُڙسيءَ سان پِڙُ جهلي بيٺو يا جيئن اوهان لورڪا ۽ پئبلو نيرودا جا نالا ورتا ته انهن شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سياسي ڪردار به ادا ڪيو. اوهان کي اسان جي اديبن ۾ انهيءَ درجي جو ڪردار نظر نٿو اچي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟

فيض احمد فيض: ڇو نظر نٿو اچي. جنهن حد تائين اسان جي اديبن ۾ صلاحيتون هيون. انهيءَ مطابق انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. تنهن کانپوءِ اسان وٽ سارتر ۽ لورڪا جهڙا اديب به ته نه هئا. وڏا اديب روز روز پيدا ڪرڻ جو نسخو ته ناهي. فرانس ۾ اوهان کي سارتر يا اراگون جا نالا ئي هٿ ايندا. انهن کان وڌيڪ ته اُتي به ناهن. ڪن ملڪن ۾ ته اوهان کي وڏو نالو ملندو ئي ڪو نه. اهو ته رڳو هڪ اتفاق آهي.

انٽرويو وٺندڙ: مثال ته اسان جي ملڪ جو حصو ڌار ٿي ويو، هڪڙي ٻانهن وڍجي پيئي، پر ادبي سطح تي ماٺ ڇانيل رهي. هيڏي وڏي ناحق تي اسان جي اديبن جي اندر ۾ ڪا به هلچل، ڪو به طوفان ڪو نه اٿيو، ڪو وڏو ناول يا ڪو اهڙو ادب تخليق نه ٿيو، جنهن جري اسان چئي سگهون ته اقتدار پرستن جا ضمير مري چڪا آهن ۽ اسان جا اديب جيئرا ويٺا آهن؟

فيض احمد فيض: اهو اِنهيءَ ڪري نه ٿيو، جو جيڪا ٻانهن ڪٽاڻي آهي، ادب اُتي پيدا ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ٻانهن اسان جي نه پر هُنن جي ڪٽاڻي آهي. آئون سمجهان ٿو ته مغربي پاڪستان جي ماڻهن کي ڪو به اهڙو تجربو نه ٿيو آهي ته مشرقي پاڪستان ۾ ڇا واپريو. تجربو ته بنگالين کي ٿيو آهي، ان ڪري بنگالين کي ئي وڏو ادب تخليق ڪرڻ گهرجي.

انٽرويو وٺندڙ: اسان يعني مغربي پاڪستان جي اديبن لاءِ به ته ايڏو وڏو واقعو ذهني ۽ روحاني تجربي جي حيثيت ته رکندو هوندو؟

فيض احمد فيض: پاڻ لاءِ اهو ذهني ۽ روحاني تجربو هو ئي ڪو نه. انهيءَ ڪري جو پري جي ڳالهه هئي، اسان کي سڌي طرح تي ڪو به تجربو نه ٿيو. بنگلاديش ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو هو. اتان جي اديبن جو تجربو اسان جي دانشورن جي بنسبت سڌيءَ طرح هو. هتان جي اديبن جو تجربو ته خيالي هو. اسان کي بنگالي ته اچي ڪا نه ٿي، پر مون کي ايتري خبر آهي ته اتان جي ڪهاڻيڪارن ۽ ٻين ليکڪن ڏاڍيون اثرائتيون شيون لکيون آهن. جيئن شهيد الله قيصر وغيره وارن لکيو.

انٽرويو وٺندڙ: اسان لاءِ ذهني ۽ روحاني تجربو ته هو. توهان خود انهيءَ تجربي کي موضوع بڻائي غزل لکيو ته:

هم که ڻهيري اجنبي کتني صدا راتون کي بعد

پهر بني گي آشنا کتني ملاقاتون کي بعد.

فيض احمد فيض: اسان ڪوشش ته ڪئي، پر اسان لاءِ اهو سڌيءَ طرح جو تجربو نه هو. بهرحال اهو هڪ ذهني تجربو ته ضرور هو. پر اهيءَ ناحق مان جيڪي ماڻهو جسماني طور تي لنگهيا آهن، اُهي وڌيڪ ڄاڻندا هوندا. اسان وٽ اها واردات ذهني ۽ روحاني ان ڪري به بڻجي نه سگهجي، جو اسان وٽ وچان ئي ٻيو مونجهارو پيدا ٿي پيو. اُهو اِهو ته خود هتان تي هندستان جو حملو ٿيو. ماڻهوءَ انهيءَ ۾ ڦاسي پيا ۽ ائين مشرقي پاڪستان جو واقعو اسان کان گهڻو پري رهجي ويو.

انٽرويو وٺندڙ: هڪ پاسي اوهان جي ڳڻپ هن دور جي پيغامبرن ۾ ڪئي وڃي ٿي. اوهان کي جيڪا مقبوليت ملي، اقبال کان پوءِ اِهو توهان جو ئي حصو بڻجي ٿي. جيتوڻيڪ ن. م راشد ۽ جوش به هن ئي زماني جا ماڻهو آهن پر جيترا هار اوهان جي ڪنڌ ۾ وڌا ويا ۽ اوهان جي اچڻ تي جيتريون تاڙيون وڄن ٿيون، انهن جي ڏهين پتي به ٻين شاعرن جي حصي ۾ نه آئي آهي. ٻئي پاسي توهان جا ڪجهه نقاد، جن ۾ ميراجي ۽ ن. م راشد جا حامي اچي وڃن ٿا، انهن جو چوڻ آهي ته توهان جي شاعريءَ جو مزاج سراسر رومانوي آهي. اهي ئي ڏهه ٻارهن مترنم بحر، جهولندڙ ڪافيا، اهي نقاد شايد اهو ٿا سوچين ته زندگيءَ جا جيڪي بنيادي جذبا آهن، جهڙوڪ ڪاوڙ، نفرت، بَڇان ۽ ڊَپ جو اظهار اوهان جي شاعريءَ ۾ نه ٿيو آهي. اِنهيءَ جو ابتڙ اوهان شين کي رڳو سونهن جو روپ ڏيو ٿا. انهيءَ ڪري اوهان جي شاعريءَ جو ڪينواس محدود آهي. توهان جو ڇا خيال آهي؟

فيض احمد فيض: راشد جي شاعريءَ جو ڪينواس وري ڪهڙو وڏو آهي. سندن شاعريءَ ۾ ته ڪينواس آهي ئي ڪو نه. سندن شاعريءَ ۾ سندس پنهنجي ذاتي شخصيت ۽ لاشعور کان سواءِ آهي ئي ڇا. ساڳي طرح ميراجي گيتن جو شاعر آهي. انهيءَ کان سواءِ سندس شاعريءَ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ Content ئي ناهي. شاعريءَ جي ڪنيواس جو مطلب ته تجربي جي وسعت ۽ اُن جي پکيڙ آهي. شاعر ته پنهنجيءَ ذات مان نڪري ڪائنات سان لاڳاپو جوڙي ٿو. اهو صحيح آهي ته اسان پنهنجن تجربن کي سونهن بخشي آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ کانسواءِ پُهچ ناممڪن آهي. راشد جن تمام سٺا شاعر آهن، پر کين ڪيترا ماڻهو ٿا سمجهن، ڪيترا ماڻهو ٿا ڄاڻن ته هنن ڇا لکيو آهي ۽ هُو چوڻ ڇا ٿا چاهين. سندن شاعريءَ جي پهچ ته آهي ئي ڪو نه. شعر ته تڏهن شعر بڻبو آهي، جڏهن ٻين تائين پهچي.

انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته اوهان کي راشد جي شاعريءَ تي اعتراض اهو آهي ته اُها خاص ماڻهن تائين محدود آهي؟

فيض احمد فيض: راشد جي شاعريءَ جي پهچ ته خاص ماڻهن تائين به ناهي. سندن پهچ ته تمام ٿورن ماڻهن تائين آهي. خاص ماڻهن مان ڪجهه اهي ماڻهو آهن، جن کي محدود قسم جي سهوليت يا آسائش موجود آهي. جيڪي مغربي شاعري ۽ ادب ۾ هلڻ وارين تحريڪن جهڙوڪ سرريئلزم ۽ ايڪسپريشن ازم کان واقف آهن. انهن محدود طبقي جي ماڻهن جو پنهنجيءَ زبان ۽ ادب سان ڪو به واسطو ناهي. تنهن کان پوءِ راشد صاحب جي زبان فارسي آهي ۽ اُها به ڏُکي فارسي. جن ماڻهن کي اِهي ٻئي زبانون سمجهه ۾ نٿيون اچن، اُهي ته سندن شاعري سمجهي نه سگهندا. اِنهيءَ  جو وڏو ڪارڻ اِهو آهي جو پاڻ هِن ملڪ ۾ رهيائي ناهن. هتان جي ماڻهن کان سندس لڳ لاڳاپا ٽٽي ويا. کين اهو به ڳولي لهڻ جو موقعو نه مليو ته سندن ڳالهه ماڻهن تائين پهتي به يا نه؟ ميراجيءَ جي ڳالهه عوام تائين پهچي ٿي جو پاڻ گيت جا شاعر آهن ۽ سندن شاعري هلڪي ڦلڪي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: توهان ’شاعريءَ جي پهچ‘ جي اهميت تي زور ڏيئي شاعريءَ کي صحافت يا پروپئگنڊا جي ويجهو ته نٿا آڻيو؟

فيض احمد فيض: شاعريءَ ۽ صحافت ۾ رڳو ايترو فرق آهي، جو صحافت ۾ جمالياتي پهلو نه هوندو آهي. جماليات کي اوهان پهچ ۾ شامل ڪريو ته اُهو ادب بڻجي ويندو آهي ۽ جي جماليات کي ڪڍي ڇڏيو ته اها صحافت بڻجي ويندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو قسم آهي، جنهن کي پنهنجيءَ دل جو حال پاڻ سان اورڻ چئي سگهجي؟

فيض احمد فيض: بلڪل ممڪن آهي. خالص جمالياتي شاعريءَ جو تصور موجود آهي ۽ انهيءَ ۾ فرحت وٺڻ جو پلو به آهي، جيڪو شاعريءَ لاءِ لازم آهي، پر انهيءَ جو ميدان محدود آهي. داغ جي شاعري تمام سُٺي آهي، پر اوهان کين غالب جي مقابلي ۾ ته آڻي نٿا سگهو. شاعريءَ ۾ مضمون کي اهميت مليل آهي. رڳو فني ڪمال سان وڏي شاعري نه ٿيندي ۽ نه ئي وري پروپئگنڊا جي ذريعي ٿي سگهندي. اهي ٻئي شيون جڏهن گڏبيون آهن ته تڏهن وڃي شاعري جنم وٺندي آهي. خالص رومانوي شاعري يا خالص ڳائڻ وڄائڻ واري شاعريءَ کي به گهٽ سمجهڻ نه گهرجي. انهيءَ جو پنهنجو جمالياتي ڪارج آهي.

انٽرويو وٺندڙ: چيو وڃي ته راشد شاعريءَ جا نوان سانچا بڻايا ۽ گهاڙيٽي ۾ به تجربا ڪيائين؟

فيض احمد فيض: تجربا ته بروبر ڪيا اٿس، پر رڳو تجربو ڪرڻ به ته ڪافي ناهي. تجربي جي اهميت ته تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن تجربو ڪامياب ٿئي. ڪنهن شاعر جو تجربو هڪ حد تائين محدود رهجي وڃي ۽ شاعر کي اڳتي گهٽي نه ملي، اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ناهي. تجربي جو ڪمال اِهو هُجي ته ان مان آرٽ پيدا ٿئي.

انٽرويو وٺندڙ: ايليٽ لکيو آهي ته ’پنهنجو رنگ پنهنجي موج‘ ورجاءَ، کان وڌيڪ سٺي آهي؟

فيض احمد فيض: ورجاءَ کان ته هر شيءِ وڌيڪ سُٺي آهي. توهان اقبال جو مثال وٺو. کانئن وڌيڪ ورجاءُ ڪنهن شاعر وٽ نٿو ملي، پر اُنهيءَ سان سندس شاعريءَ ۾ گهٽتائي نه آئي. پر ورجاءَ جي هڪ ٻي به صورت آهي ته اوهان مَکِ مٿان مَکِ ماريندا وڃو ۽ ٻي وري صورت اها آهي ته توهان پنهنجي پراڻي مواد کي اهڙيءَ طرح اڳتي وڌايو جو اُن ۾ سونهن پيدا ٿئي ۽ ڪو ورتاءُ نه رهي.

انٽرويو وٺندڙ: مغرب ۾ گهڻا اهڙا  اديب آهن، جيڪي ساڳئي وقت تخليق ۽ تنقيد لکندا رهيا آهن. جيئن ايليٽ شاعري به ڪئي ته تنقيد به لکي. لارنس فڪشن لکڻ سان گڏ تنقيد ۾ به وڏو سرمايو ڇڏيو. اسان وٽ فراق ۽ حسن عسڪريءَ جا چٽا مثال آهن، توهان پاڻ به شاعريءَ سان گڏوگڏ تنقيد به لکي، پر توهان جي تنقيد جي ڪتاب ’ميران‘ کان پوءِ توهان تنقيد تي ڌيان نه ڏنو. انهيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ۽ خاص ڪري اهڙين حالتن ۾، جڏهن اسان وٽ اهو روئڻو پيو روئجي ته اسان جو تنقيد وارو پاسو خالي آهي؟

فيض احمد فيض: (کلي) ڌيان ته ڏيڻ گهرجي ها، پر ڪو نه ڏنوسين. گهڻا ئي اهڙا ڪم هئا، جن تي ڌيان ڪو نه ڏنوسين.. ڇا ڪري ڇا ڪريون ها. شاعري ڪريون ها، صحافت ڪريون ها، ماستري ڪريون ها يا تنقيد لکون ها. زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، پر ضروري ناهي ته دل جون سڀ مُرادون پوريون ٿين. توهان جي اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان وٽ تنقيد نه لکي ويئي آهي. تنقيد لکڻ لاءِ ماڻهوءَ کي شاهه ڪاريگر هئڻ گهرجي. اسان جا گهڻا نقاد تخليقي صلاحيت کان وانجهيل هئا. تخليقي نقاد ته رڳو فراق گورکپوري آهي.

انٽرويو وٺندڙ: حسن عسڪري صاحب جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟

فيض احمد فيض: حسن عسڪري صاحب جن سمجهو نقاد هئا. منجهن ڏاڍي حساسيت به هئي، پر پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ اهڙي پاسي نڪري ويا، جيڪو سندن ميدان ڪو نه هو.

انٽرويو وٺندڙ: سندن ٻه ڪتاب ”ستاره يا بادبان“ ۽ ”انسان اور آدمي“ جي باري ۾ اوهان جا تاثرات ڇا آهن؟

فيض احمد فيض: چڱا ڪتاب آهن، پر هڪ ٻن مضمونن کي ڇڏي ڪري ڪا اهڙي لکڻي نه ڇڏيائون، جيڪا اڳتي لاءِ نشامبر بڻجي وڃي. هونئن عسڪري صاحب جن ڏاڍا ذهين هُئا. ڏک اهو آهي ته پاڻ تنقيد جو ميدان ڇڏي، فلسفي ڏانهن هليا ويا، جيڪو سندن ميدان نه هو.

انٽرويو وٺندڙ: عزيز حامد مدني جن ڪنهن ڪچهري ۾ دانهن پئي ڏني ته جيئن مغرب جو هر وڏو شاعر پنهنجي پويان ايندڙ شاعرن جا نالا ڳڻائيندو آهي ۽ سندن مڃتا ڪندو آهي، ائين توهان ڪڏهن اهڙي ذميواريءَ کي قبول نه ڪيو ۽ پاڻ کان پوءِ اچڻ وارن شاعرن جي باري ۾ چُپ رهيا آهيو؟

فيض احمد فيض: ڀاءُ! تمام گهڻا سٺا ليکڪ آهن. انهن مان جي هڪ ٻن جو نالو کڻون ته ڏهه ٻيا نالا رهجي ٿا وڃن. ائين پوءِ دانهن ٿيو پوي. اسان جي چوڻ سان ڪو به ليکڪ نه سٺو ٿي ويندو ۽ نه وري خراب.

انٽرويو وٺندڙ: پر ائين ڪرڻ سان شاعري کي سگهه ٿي ملي ٿي؟

فيض احمد فيض: نقاد جي راءِ ڪنهن به شاعر کي ننڍو يا وڏو نٿي بڻائي. شاعر  ڄائي ڄم کان وڏو يا ننڍو شاعر هوندو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org