سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :18

 

ڏاھيون ڏک ڏسن

(اپالاجي Apology)


 

تعارف

سقراط جي عدالت سقراط جي عدالت آڏو ڪيل ھن تقرير جو مفھوم ويچارن / فلسفي جي حوالي سان ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي پنھنجي مھاڳ ۾ مناسب لفظن ۾، بھترين انداز سان واضح ڪري چڪو آھي. پنھنجيءَ پر ۾، پنھنجي عقل مطابق، ان بابت جانٺا مان بھ ھنيا آھن. ”سقراط، سچ ، ڪوڙ ۽ مان“ ۾، خود ھيءَ تقرير ۽ ان جي پٺيان آيل حوالن ۽ وضاحتن ۾ گھربل وضاحتون موجود آھن، مان ھتي رڳو ھڪ ڳالھھ چوندس تھ سقراط تي فرياد ڪيئن ۽ ڪنھن داخل ڪيو.

سقراط تي اصل الزام لڳائيندڙ اينيٽس ھيو، جيڪو ھڪ سياستدان ھو. ھو پاڻ پردي جي پٺيان رھيو ۽ ھي ھڪ ٻئي ھمراھھ ميليٽس کي سمجھايو ۽ سيکاريو، جنھن اچي ڪيس داخل ڪيو تھ سقراط فلاڻي فلاڻن ڏوھن جو ڏوھاري آھي (ڇو تھ سقراط کان ڪجھھ ڪاوڙيل ميليٽس بھ ھيو). اينيٽس جيئن تھ حڪومت ۾ بااثر ھيو، ان ڪري سقراط خلاف الزامن ۽ ڪيس کي ھٿي ۽ حيثيت ملي ۽ ھن اڻڄاڻ (سقراط) کان ڄاڻي واڻي واقعي اھڙا عمل سرزد ٿيندا رھيا، جيڪي مٿانئس الزام ھڻندڙن جي خيال ۾ بدنيتيءَ تي ٻڌل ۽ سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ ھئا. نتيجي ۾ مٿس مقدمو ھليو ۽ کيس سزا ملي. اھو سڀ ڪجھھ ھڪ ۽ ساڳي ڏينھن ٿيو.

بلڪل اھڙا يا ڪجھھ اھڙا واقعا اڄ بھ ٿين ٿا.

 

ڏاھيون ڏک ڏسن

(اپالاجي (Aplogy

-اي اٿينس جا رھاوسيو! خبر نھ آھي تھ مون تي الزام لڳائيندڙن توھان کي ڪيترو متاثر ڪيو آھي، پر جيتري قدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ سچ تھ ھنن ايتري تھ پرفريب انداز ۾ ڳالھايو آھي جو مون کان پاڻ کان ئي اھو وسري ويو آھي تھ مان آھيان ڇا؟- ۽ ايتري ھوندي بھ ھنن جيڪي ڪجھھ چيو آھي، تنھن ۾ ذرو بھ سچ ڪونھي ھنن جيڪي ڪوڙ ڳالھايا تن مان ھڪڙي تھ مون کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون، اھو اھو تھ توھان پاڻ سنڀالجو متان مون جھڙي پراثر ۽ ڀلوڙ ڳالھائني جي ڳالھين ۾ اچي ڌنارجي ۽ ٺڳجي نھ وڃو. مان سوچيان ٿو تھ ھنن کي اھڙو ڪوڙ ڳالھائيندي ۽ غلط بياني ڪندي ڪا لڄ، ڪو شرم بلڪل ئي نھ آيو. ڇو تھ کين خبر ھجي تھ ھو اجھو ئي ڪوڙا ثابت ٿيندا جڏھن مون ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ اھو واضح ٿيندو ويو تھ مون ۾ مقرر ھجڻ جو ذرو بھ ڏانءُ ڪونيھ- پر، ھا، جيڪڏھن پر اثر مقرر مان سندن مراد سنئون سڌو سچ ڳالھائيندڙ جي آھي تھ پوءِ ٺيڪ آھي- جيڪڏھن ھنن جو مطلب اھو ئي ھيو تھ پوءِ مان چوندس تھ مان ھڪ سٺو مقرر آھيان، پر انھن جھرو نھ، ڇو تھ جيئن مون اڳ بھ چيو تھ ھنن ھڪڙو اکر بھ سچ نھ ڳالھايو آھي. جڏھن تھ مون کان اوھان صرف سچ ئي ٻڌندؤ. جيتوڻيڪ انھن وانگر اڳ ۾ ئي ٺھيل ٺڪيل، موتين سان پوئيل مالھا جيان لڀائيندڙ اکرن ۽ انداز ۾ نھ، زيوس ديوتا جو قسم! مون کي ٿڏي تي ئي، دل ۾، جتان آيو ۽ جيئن آيو. تيئن ڳالھائيندو ويندس. ڇو تھ جڏھن مون يک پنھنجي مقصد، دڳ ۽ ويچارن جي سچائي ۾ يين آھي تھ پو٣ جملن جي جڙاءُ ۽ لفظن جي تڪرار ۾ پوڻ جو ڪھڙو ضرور؟- سو مون کان سچ کان سواءِ ٻي ڪنھن بھ شيءِ جي ڪا اميد نھ رکجو. اي اٿينس واسيو! پنھنجي عمر جي ھن حصي مان اوھان آڏو پاڻ کي ڪنھن نوجوان اسڪولي ڇوڪري وانگر، لفظن سان راند ڪندڙ جوشيلي مقرر وانگر پيش ڪري نھ ٿو سگھان.

ھا، معزز شھريو! مان اوھان کان ھڪڙي رعايت وٺڻ لاءِ ضرور عرض ڪندس، اھو تھ جي اوھان مون کي ان ئي لھجي ۾ ڳالھائيندي ب+و، جيئن بازار ۾ ھنڊي وارن (1) وٽ ڳالھائڻ جي ھير اٿم يا شھر جي ڪنھن گھٽ تي يا ڪنھن ٻئي ھنڌ جتي اوھان مون کي ٻڌو ھجي تھ پوءِ مھرباني ڪري انھيءَ سبب ڪري نھ ئي عجب ۾ پئجو ۽ نھ ئي منھنجي ڳالھائڻ ۾ رخنو وجھجو، حقيقت ھيءَ آھي تھ منھنجي عمر ستر سالن کان بھ مٿي ٽپي چڪي آھي ۽ پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيو آھيان، سو عدالت سڳوري ۾ ڳالھائڻ جي انداز، آداب ۽ طور  طريقن کان بلڪل اڻ واقف آھيان، تنھن ڪري مون کي اھڙو اجنبي سمجھندي معاف ڪري ڇڏجو، جيڪو پنھنجي اباڻي وطن جي ريتن ۽ رواج موجب عوامي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھجي. ڇا منھنجو عرض واجبي ناھي؟ تھ پوءِ اوھين ان جو فڪر نھ ڪريو تھ منھنجي ڳالھائڻ جو اندازو ڪھڙو آھي – جيڪو ڀلي سٺو ھجي يا نھ، پر اوھان صرف ان ھڪ ئي نقطي بابت سوچ ويچار ڪجو ۽ ان ڏانھن ئي پنھنجو سمورو ڌيان ڏجو تھ- منھنجا دليل واجبي آھن يا نھ، ھڪ منصف جو پھريون فرض ۽ خوبي اھا ئي آھي، جڏھن تھ ڳالھائيندڙ جو فرض وري اھو آھي تھ ھو سچ ئي ڳالھائي.

منھنجا سائين! منھنجي لاءِ بھتر ائين ٿيندو تھ پھريائين مان پنھنجي خلاف لڳايل پراڻين تھمتن ۽ پراڻن الزامن لڳائيندڙن جا جواب ڏيان ۽ پوءِ پوين الزامن ۽ الزام مڙھيندڙن جا، ڇو تھ اھڙا کوڙ ماڻھو آھن، جن ھڪ عرصي کان مون تي الزام ھڻي، اوھان کي ڀڙڪيو آھي. جڏھن تھ انھن الامن ۾ ڪا صداقت بھ ڪونھي. مون کي اينيٽس ۽ سنس ساٿارين (2) جي مقابلي ۾ انھن پراڻن کان وڌيڪ خوف ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ خطرناڪ ھي بھ اھي پر وڌيڪ خطرناڪ پراڻا آھن. ڇو تھ اھي اوھان جي ننڍپڻ کان وٺي ئي شروع ٿيا آھن ۽ اوھان جي زھنن تي ان وقت کان وٺي اثرانداز ٿيل آھن. سو بھ ڪوڙ تي ۽ اھو ٻڌائيندي تھ ”سقراط نالي ھڪڙو ھمراھھ آھي، جيڪو ڏاڍو سياڻو آھي، ھو مٿي آسمان جي ڳجھن جون ڳالھيون بھ ڪري ٿو تھ ھيٺ ڌرتيءَ جي گھراين ۽ رازن ۾ بھ وڃي پھتو آھي ۽ جيڪو غلط ڳالھين کي بھ دليلن ذريعي درست ثابت ڪري ٿو.“ اھي جيڪي منھنجي لاءِ اھڙا افواھھ ڦھلائين ٿا. سي منھنجي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ الزام تراش آھن، ڇاڪاڻ تھ انھن جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌندڙ اھو ئي يقين ڪري ويھندا تھ اھڙي قسم جا ماڻھو جيڪي ڄاڻڻ چاھين ٿا، کوجنا ڪرڻ چاھين ٿا، سي ڄڻ خدا جي وجود ۾ ايمان نھ ٿا رکن. ويتر ظلم اھو تھ اھڙا ماڻھو آھن بھ کوڙ ۽ انھن جا الزام بھ پراڻي وقت کان وٺي آھن ۽ اوھان کي اھي ان وقت ٻڌايا ويا جڏھن اوھان پنھنجي عمر جي ان حصي ۾ ھيؤ جڏھن ماڻھو ھر ڳالھھ جھٽ قبولي وٺندو آھي. جڏھن اوھان ٻار ھيو ۽ اوھان مان ڪي ڳڀرو جوان، تڏھن ھنن پنھنجي منشا ۽ مقصد، منھنجي غير حاضري ڪري حاصل ڪري ئي ورتو. وري ڏچو تھ اھو بھ آھي جو مون کي انھن جي نالن جي بھ خبر نھ آھي جو کڻي اوھان کي ٻڌايان. سواءِ ھڪ مزاحيھ ناٽڪ نويس جي (3) انھن جنھن وڏي ڪيني ۽ ساڙ وچان اوھان کي مڃرائي ورتو- انھن پھريون پاڻ کي پاڻ يقين ڏياريو ۽ مڃايو ۽ پوءِ ٻين کي – تن سان منھن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇو تھ انھن مان ڪنھن کي بھ نھ تھ ھتي عدالت ۾ آڻي سگھجي ٿو ۽ نتيجي طور نھ ئي کانئن آڏي پڇا ڪري کين ڪوڙو ثابت ڪري سگھجي ٿو. سو مون کي رڳو پاڇولن سيان ئي جھيڙڻو پوندو ۽ دليل ڏيڻا پوندا.

مان ان ڪري ئي اوھان کي بھ چوندس تھ توھان اھا ڳالھھ ذھن ۾ ويھاريو تھ مون تي الزام ھڻندڙ ٻن قسمن جا اھن، ھڪڙا ھي جن تازو مون تي الزام ھنيا آھن ۽ ٻيا پراڻا جن جو مون ھينئر ذڪر ڪيو. منھنجي خيال ۾ مان پھريائين پنھنجن پراڻن الزام ھڻندڙن جا جواب ڏيان. ڇو تھ اوھان الزام بھ اڳ ۾ انھن جا ئي ٻڌا آھن ۽ وڏي ڳالھھ تھ تون الزامن جي مقابلي ۾ جھجھي تعداد ۾، وقت بوقت ۽ گھڻي عرصي کان پڻ.

چڱو، تھ پوءِ مون کي کين جواب ڏيڻ گھرجي. مان ڪوشش ڪندس تھ ھن ٿوري وقت اندر ان بد گماني کي پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪيان جيڪا منھنجي خلاف ڪنھن وقت کان وٺي اتي اوھان جي دلين ۾ گھر ڪري ويئي آھي ۽ ائين اوھان جي ذھن کي صاف ڪيان. مان چاھيندس تھ مون کيڪاميابي ٿئي جيڪڏھن اھا ڪاميابي منھنجي ڀلي لاءِ بھ ھجي ۽ اوھان جي ڀلي لاءِ بھ. مان اميد ڪندس تھ مون کي اھو مقصد حاصل ٿئي. پر مان سمجھان ٿو تھ اھو ڪم ايڏو سولو نھ آھي ۽ اھو ڪيترو ڏکيو آھي. تنھن جو اندازو بھ اٿم. بھرحال جيئن خدا کي منظور ھوندو ائين ئي ٿيندو. مون کي ھر حال ۾ قانون جي پوئواري ڪندي پنھنجي وڪالت شروع ڪرڻ گھرجي.

اچو تھ واپس شروعات ڏانھن ھلون ۽ اھو ڏسون تھ آخر اھي ڪھڙيون تھمتون ھيون جن جي ڪري ئي مون يک ھيءَ بدنامي پلئھ پئي آھي ۽ حقيقت ۾ ميليٽس کي بھ ھمٿايو آھي تھ اھي ئي الزام مون تي وري ھڻي، مقدمو قائم ڪري. اچو تھ ڏسون تھ مون تي الزام ھڻندڙ ڇا ٿا چون. مان عدالت ۾ داخل سندن بيان ۾ لڳايل الزامن کي ورجايان ٿو. ”سقراط ھروڀرو جي مداخلت جو ڏوھاري آھي. ڇو تھ آسمان جي اوچاين ۽ زمين جي گھراين ۾ شين بابت ڄاڻڻ گھري ٿو ۽ ڳجھن جي ڳولا ڪري ٿو. ھو غلط ڳالھين کي بھ دليلن سان صحيح ثابت ڪري وڃي ٿو ۽ وري اھي سموريون ڳالھيون ٻين کي بھ سيکاري ٿو.“ مون تي الزام ڪجھھ اھڙي قسم جا آھن ۽ اوھان پاڻ بھ ارسٽو فينز جي مزاحيھ ناٽڪ ۾ ائين ڏٺو آھي جنھن ۾ ھن ھڪ ڪردار سقراط جي نالي سان ڏيکاريو آھي جيڪو جھولا ٿو کائي ۽ چوي ٿو تھ ھو، ھوا تي گھمي رھيو آھي (4) ۽ اھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي واھيات ڳالھيون مون سان منسوب ڪيل آھن جن جي مون کي ٿوري تھ ڇا اصل ڪا خبر ئي ناھي- مون کي اھڙي قسم جي ڪائناتي علم جي ڄاڻڻ جي اھميت کان انڪار ڪونھي ۽ نھ ئي ڪنھن اھڙي ڏاھي کان ڪا نفرت اٿم جيڪو اھڙي ڄاڻ رکي ٿو.مون کي افسوس ئي ٿيندو، جيڪڏھن ميليٽس منھنجي خلاف اھڙو ڪو الزام ھڻي ٿو. پر اي اٿينس واسيو! سچ تھ اھو آھي تھ منھنجو اھڙي علم سان پري جو بھ واسطو نھ آھي. ھتي موجود ماڻھن منجھان ڪيترائي ان جي شاھدي ڏيندا ۽ مان کين اھڙي اپيل بھ ڪندس، تھ پوءِ اوھان اھي سڀئي ڳالھايو جن مون کي گفتگو ڪندي ٻڌو آھي ۽ توھان ۾ کوڙ ئي اھڙا آھن ۽ پنھنجي ڀرسان ٻين ويٺلن کي بھ ٻڌايو تھ اوھان ڪڏھن بھ مون کي انھن موضوعن تي ڪو ھڪڙو اکر، فقرو يا جملو ئي سھي، ڳالھائيندي ٻڌو آھي؟.... (ماڻھو سقراط جي حق ۾ شاھدي ڏين ٿا. سنڌيڪار)..... اوھان انھن جا جواب ٻڌا؟. ۽ مون تي لڳايل الزامن جي ھن حصي جي جواب ۾ ھي جيڪو چون ٿا پيا، ان مان ئي اوھان کي اھا خبر پئجي ويندي تھ مون تي لڳايل باقي الزامن ۾ بھ ڪيتري سچائي ھوندي.

حقيقت ۾ انھن الزامن ۾ ذرو بھ سچ ڪونھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن اوھان کي ائين بھ ٻڌايو آھي تھ مان پاڙھيندو بھ آھيان ۽ ان جي بدلي في بھ وٺندو آھيان تھ اھو بھ نسوري ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ناھي. پر ان ھوندي بھ مان اھ چوان ٿو تھ واقعي جي ڪنھن وٽ اھڙو علم، ھنر ۽ قابليت آھي تھ ھو ٻين کي سيکاري سگھي ۽ ان جي بدلي اجورو وٺي تھ پوءِ منھنجي خيال ۾ اھو ھن لاءِ وڏو اعزاز آھي ۽ اھڙا سافسٽ (5) آھن بھ. مثال طور ليونٽيم شھر وارو گورگياس، ڪوس جو پراڊيڪس ۽ ايلس جو ھپياس، اھي شھرن ۾ ھليا ٿا وڃن ۽ نوجوانن کي اھو بھ مڃائي ۽ ريجھائي ٿا وڃن جو ھو پنھنجي شھر واسين جي ان سنگت کي بھ ڇڏي ٿا ڏين. جيڪا کين مفت ۾ پاڙھي ٿي ۽ ھنن يارن سان اچي گڏجن ٿا، جن کي نھ رڳو في ڏين ٿا پر سندن ٿورائتا بھ ھجن ٿا.

مون کي معلوم ٿيو آھي تھ اڄڪلھھ اسان جي شھر اٿينس ۾ پئروس کان آيل ھڪ ڏاھو رھيل آھي. مون کي ان جي باري ۾ ھپانيڪس جي پٽ ڪيلياس وٽان خبر پئي، جنھن سافسٽن تي خزانا لٽائي ڇڏيا آھن. ھن کي ٻھ پٽ آھن. ”ڪيلياس“ مون ھن کان پڇيو، ”جيڪڏھن تنھنجا ٻئي پٽ کودڙا يا گابا ھجن ھا تھ اسان کي ڪنھن اھڙي ماڻھو جي ڳولھا ۾ تڪليف نھ ٿئي ھا، جيڪو سندن سار سنڀال لھي ھا. اسان ڪنھن سيس يا ھاريءَ کي کڻي وٺي اچون ھا ۽ ھو انھن کي سندن ٿھساب ڪتاب مطابق سکيا ۽ تربيت ڏئي ھوشيار ۽ تيار ڪري ھا. پر ھينئر جيئن تھ ھو انسان ئي آھن، سو تون سندن تربيت لاءِ ڪنھن ماڻھوءَ جي باري ۾ سوچيو آھي؟ ڇا سياسي ۽ سماجي وھنوارن ۽ انساني گڻن ۽ خصلتن جي سکيا لاءِ ڪو اھڙو ماھر آھي؟ تو ضرور ان جي باري ۾ سوچيو ھوندو، ڇو تھ آخر تون بھ پٽن جو پيءُ آھين. ڇا اھڙو ڪوئي ماڻھو آھي؟- يا ڪونھي؟ ”نھ، نھ. اھڙو آھي“ جواب ڏنائين. ”ڪير آ اھو“ مون پڇيو، ”ھن جو نالو ڇا آھي؟ ڪٿان جو آھي ۽ ھن جي في گھڻي آھي؟“ ”ھن جو نالو ايويناس آھي ۽ ھو پئروس کان آيل آھي ۽ ھن جي في گھڻي آھي؟“ ”ھن جو نالو ايويناس آھي ۽ ھو پئروس کان آيل آھي ۽ ھن جي في پنج مينا آھي.“ بختاور آھي ايويناس مون دل ۾ چيو جيڪڏھن واقعي ھن وٽ ڏاھپ ۽ فن آھي ۽ ايتري واجبي في ۾ پڙھائي ٿو. مان واقعي پاڻ ٻڌايان ۽ فخر ڪيان ھا چي مون کي بھ اھڙي ڄاڻ ھجي ھا. پر حقيقت ھيءَ آھي تھ مون وٽ اھڙي ڪا ڄاڻ ڪونھي.

توھان مان ضرور ڪو روڪي، مون کان ائين پڇندو ”پوءِ ڀلا سقراط تون آخر ڌنڌي ڪھري سان آھين؟ تنھنجي ٿان لڳايل تھمتون ۽ الام آخر آيا ڪٿان؟ جي ڪم سان ڪم رکين ھا تھ مڙيئي خير ٿي وڃي ھا. پر ضرور اھڙي ڪا مختلف قسم جي ڳالھھ آھي، جيڪا تون ڪندو رھيو آھيان. ڇو تھ اھي افواھھ ۽ ڳالھين جي جيڪا ڀرمار ۽ چؤپچؤ لڳي پئي آھي. ضرور تڏھن ئي شروع ٿي آھي، جو تون ٻين عام ماڻھن وانگر نھ آھين. سو ٻڌاءِ تھ آخر اھن جو سبب آھي ڇا- تھ جيئن اسان توڏانھن بھ بي خيالا ۽ بي پرواھھ ۽ غافل نھ رھون ۽ پنھنجي ليکي اٻھرا ٿي ڪجھھ ٻيو نھ سمجھي ويھون.“ ۽ اھو بلڪل واجبي آھي بھ جي ڪو ائين پڇي ٿو. پوءِ مان ڪوشش ڪندس تھ اوھان کي اھي سبب ٻڌايان جن جي ڪري مون کي ڏاھو بھ سڏيو وڃي ٿو ۽ مون کي اھا بدنام شھرت بھ ملي آھي، تھ پوءِ ڌيان سان ٻڌو. شايد توھان مان ڪو ائين سمجھي تھ مان ڀوڳ ٺڪاءُ ڪري رھيو اھيان، پر يقين ڪريو تھ مان جيڪو ڪجھھ چوندس، سو سمورو سچ ئي چوندس.

اي اٿينس جا باشندؤ! منھنجي ان شھرت جو ٻيو ڪو بھ سب ڪونھي. سواءِ ھڪ قسم جي ڏاھپ جي، جي اوھان مان ڪنھن پڇيو تھ ڏاھپ جو ڪھڙو قسم؟ تھ منھنجو جواب ھوندو ”اھا سنئين سڌي عام انساني ڏاھپ“ جيڪا ئي انسان وٽ ٿي سگھي ٿي. جڏھن تھ اھي مھان ڏاھا جن جو مون ھينئر ذڪجر ڪيو، انھن وٽ مافوق البشر ڏاھپ آھي، جيڪا عام انساني ڏاھپ ۽ شعور جي حدن کان ٻاھر آھي يا جنھن کي مان بيان ڪري نھ ٿو سگھان. ڇو تھ مون کي اھڙي قسم جي ڏاھپ بابت ڪا ڄاڻ ڪونھي ۽ جيڪڏھن ڪو چوي ٿو تھ مون کي آھي تھ ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي ۽ مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٿو ڳالھائي. (6).

معزز شھريو! مھرباني ڪر ھن وقت منھنجي ڳالھائڻ ۾ رنڊڪ نھ وجھجو. جي کڻي اوھان کي ائين سمجھھ ۾ اچي بھ تھ مان ڪا اڍنگي ڳالھھ ڪري رھيو آھيان يا ٻٽاڪ ٿو ھنان، پر مان جيڪا ڳالھھ چوندس سا منھنجي دلؤن جڙيل ناھي. آءٌ شاھدي طور اوھان کي ھڪ اعتبار جوڳي ھستي جو حوالو ڏيندس. مان پنھنجي ان ڏاھپ – جيڪڏھن واقع اھا ڏاھپ آھي تھ - ۽ ان ڏاھپ جي نوعيت بابت شاھدي طور ڊيلفي جي ديوتا (7) کي پيش ڪيان ٿو. توھان شيرفون کي تھ سڃاڻو. ھو منھنجو بھ ننڍپڻ کان دوست ھيو ۽ اوھان منجھان بھ گھڻن سان سنگت ھيس. جو ھو اوھان سان جلاوطني دوران بھ گڏ ۽ واپس موٽي اچڻ مھل بھ. توھان کي خبر آھي تھ شيرفون ھر ڪم ڪار ۾ ڪيڏونھ تڪڙو ۽ اٻھرو ھيو. ھو ھڪ دفعي ڊيلفي ڏانھن ويو ۽ وڏي جرئت سان اپالو ديوتا کان سوال ڪيائين- مھرباني ڪري گوڙ نھ ڪيو. جيئن مون اڳ ۾ بھ اوھان کي عرض ڪيو – ھن ان کان منھنجي باري ۾ پڇيو تھ ”ڇا سقراط کان وڌيڪ ڪو ڏاھو ڪو ماڻھو آھي؟“ الھام ۾ جواب مليو تھ نھ، ٻيو ڪو بھ ڪونھي.“ شيرفون تھ زندھ نھ آھي، پر سندس ڀاءُ اڄ ھتي عدالت ۾ موجود آھي ۽ ھو انھيءَ ڳالھھ جي تصدق ڪندو.

مان اوھان کي اھو قصو ڇو ٻڌايو؟ رڳو ان ڪري جو مان اوھان کي پنھنجي بدنامي جو اصلي ڪارڻ ٻڌائڻ چاھيان ٿو. مون جڏھن اھو جواب ٻڌو تھ پنھنجو پاڻ کان پڇيم. ”ديوتا جو ان مان ڇا مطلب آھي؟ ان پرولي جي معنيٰ ڇا آھي؟ ڇو تھ مون کي پوري ريت خبر آھي تھ مان بلڪل ڏاھو نھ آھيان، ڪنھن بھ معاملي ۾ پوءِ ٿورو يا گھڻو. پوءِ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ڇا آھي تھ مان سڀني ماڻھن کان ڏاھو آھيان، جيئن تھ ھو ديوتا آھي. سو پڪ سان ھو ڪوڙ بھ نھ ٿو ڳالھائي سگھي، کيس قطعي طور ڪوڙ ڳالھائڻ ئي نھ گھرجي. ڪو وقت تھ مان ان جي معنيٰ تي سوچيندو رھيس. پر ڪجھھ ڪين وريو. نيٺ مان ان سوال کي آزمائڻ لاءِ، آخر ھڪ طريقو ڳولي ئي ورتو. مون سوچيو تھ ڪنھن اھڙي ڏاھي کي ڳولي ھٿ ڪيان، جيڪو مون کان وڌيڪ ڏاھو ھجي ۽ رڳو ائين ئي مان ديوتا کي ڪوڙو ڪري سگھان ٿو. سو، پوءِ وڃي کيس چوان ”اجھو ھي آھي اھو ماڻھو جيڪو مون کان وڌيڪ ڏاھو آھي، پر تون تھ چيو پئي تھ مان سڀني کان وڌيڪ ڏاھو آھيان.“

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org