سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :7

 

”پوءِ“ اريڪسيميڪس چيو، ”جيئن تھ توھان سڀ ان تي متفق آھيو تھ ھرڪو پنھنجي راز مطابق پيئندو ۽ اھو بھ تھ ڪھن تي ڪا زور زبردستي نھ ھوندي تھ پوءِ ھينئر مان ھڪ ٻي تجويز ڏيندس تھ بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري، جيڪا اجھو اجھو آئي آھي تنھن کي چيو وڃي تھ ھوءَ ھلي ُڃي ۽ ڀلي وڃي پنھنجي منھن سان وڄائي يا جي ھوءَ چاھي تھ پوءِ اندر زناني ۾ وڃي وڄائي (4). ان جي بدران اڄ پاڻ ۾ ڪچھري ٿا ڪريون ۽ جي توھان ان ڳالھھ تي راضي ٿي اھڙي اجازت ڏيو ٿا ۽ ائين پڇو ٿا تھ گفتگو ڪھڙي موضوع تي ٿيڻ گھرجي تھ مون وٽ ان لاءِ بھ ھڪ تجويز آھي.“

سندس اھا تجويز قبول ڪري کيس اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ اريڪيسميڪس چيو، ”مان يورپيڊس جي ميلانپي وانگر ڳالھائيندي شروعات ائين ڪندس تھ ”اھا منھنجي رٿ نھ آھي، جيڪا مان ٻڌائڻ وارو آھيان. اھا ڳالھھ فيڊرس جي آھي. ھو اڪثر فرياد واري انداز ۾ مون کي چوندو آھي. اريڪيسميڪس اھا ڪيڏي نھ عجيب ۽ شرم جھڙي ڳالھھ آھي تھ ٻين ديوتائن جي شان ۾ تھ بيت، ڀڃن ۽ قصيدا ٺھيل آھن. پر آڳاٽي عظيم ۽ سھگاري ديوتا پيار جو، ھيترن سارن شاعرن، جيڪي بھ ٿي گذريا آھن تن منجھان ڪو بھ واکاڻيندڙ ۽ مداح ڪونھي. جنھن ھڪڙو گيت ئي سندس ساراھھ ۾ لکيو ھجي. ڪافي لائق سافسٽ / استاد بھ آھن. مثال طور تمام سٺو پراڊيڪس آھي. ھنن پنھنجي لکيل ساراھھ واري نثر ۾ ھيراڪلس ۽ ٻين ڪيترن سورمن جي گڻن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو آھي. پر ھڪ ٻي عجيب ڳالھھ ٻڌ تھ مون کي ڪنھن ڏاھي جو لکيل ھڪ ليک ھٿ لڳو جنھن ۾ لوڻ کي ان جي فائدن جي ڪري، تعريف ۾ آسمان تي پھچايو ويو آ! ۽ اھڙين ئي ٻين ڪيترين سارن شين کي سندن مان مطبق مرتبو ۽ مڃتا ڏني وئي آھي ۽ سوچ تھ – لوڻ ۽ ٻين موضوعن تي ڇا تھ بکيڙو ۽ مٿاماري ڪئي وئي آھي. پر اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ اھا جرئت نھ ڪئي آھي تھ پيار جي شان مطابق ڪو شبد چئي! ۽ ائين ھن سگھاري ۽ عظيم ديوتا کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي.“

منھنجي خيال ۾ فيڊرس بلڪل درست پيو چوي، سو مان سندس مدد ڪرڻ چاھيندس. ٻي ڳالھھ تھ مان پڻ اھو ئي سوچيان ٿو تھ اسين جيڪي ھن وقت ھتي اچي گڏ ٿيا آھيون. ان کان بھتر ٻيو ڪجھھ نھ ٿا ڪري سگھون تھ پيار ديوتا کي مڃتا ڏيون. سو جي توھان مون سان ان ڳالھھ تي متفق آھيو تھ پوءِ پڪ ڄاڻو تھ تقريرن جي ڪمي نھ ھوندي. ڇو تھ پوءِ منھنجي رٿ اھا آھي تھ اسان مان ھر ھڪ، کاٻي کان ساڄي پاسي ڏانھن، پير جي شان ۾ تقرير ڪندو وڃي. ھر ھڪ وٽ ڏات جي ڏيھھ مان جيڪو ڪجھ بھ آھي سو سڀ ٻڌائي ۽ فيڊرس جيئن تھ منھنجي کاٻي پاسي ڏانھن پھريون پھريون ويٺل آھي ۽ جيئن تھ ان موضوع جو ابو بھ اھو ئي آھي. سو منھنجي خيال ۾ شروعات کيس ئي ڪرڻ گھرجي.“

”اريڪيسمڪس، تنھنجي رٿ خلاف ڪو بھ ووٽ نھ پوندو“ سقراط چيو، ”جيتري قدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ مان آخر ڪيئن تنھنجي رٿ جي مخالفت ڪنس، مان جيڪو اھو باسيان ٿو تھ مان، ھڪ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڄاڻان ئي نھ ٿو. نھ ئي مان سمجڪھان ٿو تھ ڪو اگيٿون يا پاسينياس ان موضوع جي مخالف ڪندا. ارسٽوفينز جي باري ۾ تھ شڪ ڪرڻ ئي اجايو آ، ڇو تھ سندس واسطو ئي ڊايونيسس ۽ ايفروڊائيٽ سان آھي ۽ مون کي چوڌاري ويٺلن ۾ بھ اھڙو ڪو نظر ڪو نھ ٿو اچي، جيڪو نااتفاقي ڏيکاري. جيتوڻيڪ مان ان ڳالھھ کان باخبر آھيان تھ اھا رٿ اسان بارن لاءِ ڪجھھ ڏکي پوندي ۽ اسان سان انصاف نھ ڪندي جو اسان جو وارو آخر ۾ آھي. بھرحال پوءِ بھ پاڻ ان تي راضي آھيون ۽ دل ۾ نھ ڪنداسين. جيڪڏھن اسان کان اڳ وارا ھمراھھ پنھنجين سيبتين تقريرن سان موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ باقي ڪجھھ بچائين ئي نھ، چڱو تھ پوءِ فيڊرس کي پيار جي واکاڻ شروع ڪرڻ گھرجي، اسان جون نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آھن.“

سڄي سنگت ھائوڪار ڪئي ۽ خواھش ڏيکاري تھ فيڊرس، سقراط جي چوڻ مطابق، شروعات ڪري، اسٽوڊيمز کي اھو سمورو ياد نھ ھيو، جيڪو ڪجھھ ڳالھايو ويو ۽ نھ ئي وري مون کي اھو سمورو ياد آھي، جيڪو ھن مون کي ٻڌايو. سو انھن تقريرن منجھان جيڪو ڪجھھ مون کي ياد آ، ۽ جيڪو مون ياد ڪرڻ لاءِ اھم سمجھيو، سو توکي ٻڌايان ٿو.

جيئن چيم تھ ارسٽوڊيمز مون کي ٻڌايو تھ فيڊرس ھتان شروعات ڪئي تھ ”پيار ھڪ وڏو طاقتور ديوتا آھي ۽ ڌرتي توڙي آسمان تي سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ خاص ڪري پنھنجي ڄم جي لھاظ کان ھن جو وڏو شان آ، جو ھو سڀني ديوتائن کان آڳاٽو آھي. ان جي ثابتي اھا آھي تھ پيار جو ڪو پيءُ ماءُ ڪونھي، نھ ئي ڪنھن شاعر يا نثرنگار ڪڏھن ائين لکيو يا چيو آھي تھ کيس والدين ھئا، جيتوڻيڪ ھيسئائڊ چوي ٿو:

پھريون آيو / ڄايو انڌ ڌنڌ ۽ پوءِ ڄائي ڌرتي.

موڪري ڇاتي واري،

جيڪو سڀ ڪجھھ آھي تنھن لاءِ،

ھميشه جي لاءِ رھڻ واري،

۽ ان سان گڏ پيار.

ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تھ انڌ ڌنڌ کان پوءِ ھي ٻئي، يعني ڌرتي ۽ پيار، وجود ۾ آيا. پير مينڍس پڻ ڄم بابت ھينئن ٻڌائي ٿو.

ديوتائن جي سلسلي ۾.

پھريائين پھريائين.

پيار کي جوڙيائين.

۽ اڪيو سيلاس بھ ھيسئائڊ سان متفق آھي ۽ ائين گھڻا ان ڳالھھ تي متفق آھن تھ پيار ڀني ديوتائن کان آڳاٽو آھي ۽ نھ صرف اھو تھ ھو آڳاٽو ۽ مربي ديوتا آھي، پر اسان لاءِ تمام گھڻين سٺاين جو سبب ۽ وسيلو پڻ آھي. مان نٿو ڄاڻان تھ ڪنھن بھ نوجوان لاءِ ان کان وڌيڪ سٺائي ڪا ٻي ٿي سگھي ٿي تھ ھن کي پنھنجي نوجواني کان وٺي ئي ھڪ نيڪ ۽ سٺو پيار ڪندڙ ملي. يا ھڪ پيار ڪندڙ کي پنھنجي پيار لاءِ ھڪ لائق، نوجوان محبوب ھٿ اچي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ مانائتي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪو اصول ۽ رھنمائي ھجڻ گھرجي. ان رھنمائي لاءِ مان چوان ٿو تھ نھ ئي مٽ مائٽ، نھ ئي رتبو، نھ دولت ۽ نھ ئي ڪا ٻي شيءِ اثرائتي ۽ ڪارگر ٿي سگھي ٿي، پر رڳو پيار ئي ٿي سگھي ٿو ۽ منھنجو ان مان ڇا مطلب آ؟ منھنجو مطلب آھي اھو احساس جيڪو خواري جي ڳالھھ مھل شرم ڏياري ۽ اتم ۽ اعليٰ آدرش لاءِ اتاھھ ڏئي. ھا ان احساس کانسواءِ نھ ئي رياستون ۽ نھ ئي ڪو فرد سٺا، سھڻا ۽ عظيم ڪم ڪري سگھي ٿو. ٧ تڏھن مان چوان ٿو تھ ھڪ عاشق جڏھن ڪو خواري جھڙو ڪم ڪندي پڪڙجي پوي ٿو يا جڏھن ڪو سندس بيعزتي ڪري ۽ ھو بزدلي ڏيکاري. پنھنجو بچاءُ نھ ڪري ۽ پوءِ ان ويرم ۾ جي سندس محبوب کيس ڏسي ورتو تھ ھن کي وڌيڪ پيڙا ۽ پشيماني ٿيندي. جڏھن تھ سندس پيءُ، يا ڪنھن سنگتي يا ڪھڙي بھ ٻئي ماڻھوءَ جي ڏسي وٺڻ تي ھن کي اڏي پشيماني ۽ اڻ تڻ نھ ٿيندي. وري معشوق کي بھ پنھنجي باري ۾ ساڳيو ئي احساس ٿيندو. جي ھن کي بھ سندس عاشق ڪنھن اھڙي خواري جھڙي صورتحال ۾ ڏسي ورتو.

۽ جيڪڏھن اسان ڪا اھڙي ترڪيب يا طريقو ڳولي ڪڍون جو ڪا رياست يا ڪا فوج عاشقن ۽ معشوقن تي مشتمل ھجي تھ پوءِ ھو پنھنجي شھر / رياست جا بھترين حڪمران ثابت ٿيندا جو ھو بڇڙائي ۽ بدڪاري کان پاسو ڪندا ۽ ھڪٻئي کي عزت، مان ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ريس ڪندا ۽ ٻي صورت ۾ جي ھو ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏئي جنگ ڪندا تھ ڀلي کڻي ٿورا مٺ جيترائي ھجن، پر ھو سڄي دنيا کي فتح ڪري وٺندا. ڇو تھ عاشق ائين ئي چاھيندو تھ پنھنجي سونپيل جڳھھ ڇڏيندي يا پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪرڻ مھل، ڀلي کيس سڄو جڳ تھ ڏسي، پر سندس معشوق کيس نھ ڏسي وٺي. ھو ھزار ڀيرا مرڻ لاءِ تيار ھوندو، پر ھن جو ائين ڏسي وٺڻ سھي نھ سگھندو. يا ڪير پنھنجي معشوق کي اڪيلو ڇڏي ڀاج کائيندو يا ان کي درپيش خطري جي گھڙيءَ ۾ گسي پوندو؟ اھڙي گھڙيءَ ۾ تھ ڀاڙي ۾ ڀاڙي بھ ھڪ بھادر، جوشيلو جوان ۽ پھلوان بڻجي پوندو. جو پيار منجھس اھڙو اتساھھ ڀريندو ۽ جيئن ھومر چوي ٿو تھ خا ڪن سورمن ۾ ”جوش ڦوڪي ٿو“، سو پيار بھ پاڻ منجھان اھڙي قوت عاشقن ۾ اوتي ٿو.

پيار ئي انسان ۾ - پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت – پنھنجي محبوب جي لاءِ موت قبولڻ جي جرئت بھ پيدا ڪري ٿو – ھا، صرف پيار ئي اوھان يونانين جي سامھون ڳالھائيندي، مان پيلياس جي ڌيءُ الڪيسٽس جي مثال کان وڌيڪ ڪو ٻيو مثال، انھيءَ ڳالھھ جي ٻوت طور پيش ڪري نھ ٿو سگھان، اوھان کي خبر آھي تھ ھوءَ پنھنجي مڙس پاران پنھنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. جڏھن تھ ٻيو ڪو بھ موت قبولڻ لاءِ تيار نھ پئي ٿيو. توڙي جو سندس مڙس جا پيءُ ۽ ماءُ بھ موجود ھئا، پر سندس ڪومل پيار گوءِ کڻي. ھن جي پيءُ ۽ ماءُ کي بھ اھڙو اجنبي ثابت ڪري ڏيکاريو جن جو پنھنجي پٽ سان ڄن رت جو نھ پر رڳو نالي ۾ ڪو رشتو ھيو. ۽ ھن جو اھو عمل صرف انسانن کي ئي نھ، پر ديوتائن کي بھ ايڏو اتم لڳو. جو اھڙن گھڻن انسانن منجھان جن سٺا ۽ نيڪ عمل ڪيا آھن. ھن جو شمار انھن چند انسانن منجھھ ٿئي ٿو، جن کي ديوتائن طرفان سندن اتم عملن جي مڃتا ملي ٿي. سو ديوتائن سندس روح کي ھيڊس (5) منجھان آزاد ڪري کيس ڌرتي ڏانھن واپس زندھھ موٽڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. ڏسو تھ پيار ۾ اھڙي دليري، ھمٿ ۽ سچائي کي ديوتا ڪيڏو نھ مان ۽ مرتبو بخشين ٿا پر ائيگرس جي پٽ ارفيس کي ديوتائن، ھيڊس منجھان خالي ھٿين ئي موٽائي ڇڏيو ۽ کيس پنھنجي زال، جنھن جي ڳولا ۽ طلب ھن کي ھئي، اھا خود کيس نھ ڏنائون پر ان جو رڳو عڪس ئي ڏيکاريائونس. ڇو تھ ھو بس ھڪ نازڪ سرندي نواز ئي رھيو ۽ ڪا ھمٿ ۽ دليري ڪو نھ ڏيکاري. ھو الڪيسٽس وانگر پنھنجي پيار جي لاءِ مرڻ جي جرئت تھ نھ ڪري سگھيو. رھندو حرفت ھلائي ھيڊس ۾ زندھ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، وڌيڪ اھو تھ ديوتائن کيس انھيءَ ڀاڙيائپ جي سزا بھ کيس اھا ڏني جو سندس موت بھ ھڪ عورت جي ھٿان ئي ٿيو.

وري اڪائيلس کي سندس عاشق پئٽر وڪلس سان ھن جي سڄي پيار جو اجر بلڪل مختلف مليو – اھو خيال تھ پئٽروڪلس عاشق نھ پر معشوق ھيو. ھڪ بيوقوفي واري ڀل آھي. جنھن جو ايسڪائيلس شڪار ٿيو آھي. ڇو تھ اڪائيلس نھ رڳو پئٽروڪلس کان وڌيڪ حسين ھيو پر ٻين سمورن سورمن کان بھ سھڻو ھو ۽ جيئن ھومر اسان کي ٻڌائي ٿو، اڪائيلس کي اڃا ڏاڙھي بھ نھ لٿي ھئي ۽ پئٽروڪلس کان عمر ۾ گھڻو ننڍو ھيو. سو پئٽروڪلس ساڻس پيار ڪندڙ ھيو نھ ڪي سندس پيار – ھاڻي اڪائيلس کي تھ بلڪل خبر ھئي، ڇو تھ ھن کي پنھنجي ماءُ ٻڌايو ھيو تھ ھو موت کان بچي سگھيو پئي ۽ گھر موٽي وڏي ڄمار تائين زندھ رھي سگھيو پئي جيڪڏھن ھو ھيڪٽر کي قتل نھ ڪري، پر ھن سورمن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي دوست جي مدد ڪرڻ ۽ ھن جي مري وڃن کان پوءِ ھن جو بدلو وٺڻ لاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏني ۽ مرڻ جي جرئت ڪئي، جنھن ڪري ئي ديوتائن کيس الڪيسٽس کان بھ مٿاھين عزت بخشي ۽ کيس بليسٽ جي ٻيٽن ڏانھن اماڻي ڇڏيو. حقيقت اھا آھي تھ جيتوڻيڪ ديوتا، عاشقن جي جرئت ۽ ھمت کي وڏو مان ۽ شان بخشين ٿا. پر ڪنھن محبوب جو پنھنجي عاشق لاءِ پيار جا، ھو اڃا وڌيڪ مداح بھ آھن ۽ ان جو وڏو قدر ڪري اجر ڏين ٿا، ڇو تھ عاشقن کي اھڙو اتساھھ ۽ ھمٿ تھ اڳ ۾ ئي ديوتا طرفان ڏنل ھوندي آھي.

مون وٽ اھي ئي دليل آھن ان ڳالھھ جا تھ پيار ٻين سڀني ديوتائن کان آڳاٽو، اتم ۽ سگھارو ديوتا آھي. اھو ئي انسانن لاءِ خصلت، گڻن ۽ خوشين جو مالڪ ۽ ڏيندڙ آھي. زندگيءَ ۾ بھ ۽ موت کان پوءِ بھ.“

ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ اھا اھڙي ئي قسم جي تقرير ھئي، جيڪا فيڊرس ڪئي. سندس چواڻي تھ ڪي بيون تقريرون بھ ٿيون، جيڪي کيس ٺيڪ طرح ياد نھ رھيون. ھن پوءِ ھڪ ٻي تقرير ٻڌائي جيڪا پاسينياس جي ھئي.

ھن چيو، ”فيڊرس، منھنجي خيال ۾ تھ بحث کي اسان جي سامھون چٽو ڪري نھ رکيو ويو آھي. اسان ائين ڪيئن بلڪل سادي سودي نموني بنا ڪنھن فرق سمجھڻ جي، بس پيار جي واکاڻ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ٿي وڃون. جيڪڏھن پيار صرف ھڪڙو ئي ھجي ھا تھ پوءِ تون جيڪو ڪجھھ چيو سو بلڪل ٺيڪ آھي. پر جيئن تھ ھڪ کان وڌيڪ پيار موجود آھن، سو تون اڳ ۾ ئي اھو واضح ڪري ڇڏين ھا تھ اسان جي مداح جو موضوع ڪھڙو پيار آھي. سو مان پھريائين ان علطي جي تصحيح ڪندس تھ ڪھڙو پيار واکاڻ جو مستحق آھي ۽ پوءِ ان واکاڻ جي مستحق پيار جي، ان جي شان مطابق واکاڻ ڪندس، جنھن جو اھو لائق آھي، جيئن تھ اسان سڀني کي خبر آھي تھ پيار، ايفروڊائيٽ (6) ديوي کان ڌار نھ ٿو ڪري سگھجي. سو جيڪڏھن ايفروڊائيٽ بھ رڳو ھڪڙي ھجي ھا تھ پيار بھ ھڪڙو ھجي ھا. پر جيئن تھ ديويون بھ آھن ان ڪري پيار بھ لازما ٻھ ھجڻ گھرجن، ڇا مان غلط ٿو چوان تھ ديويون ٻھ آھن؟ ھڪ وڏي جيڪا يورينس جي ڌيءُ آھي ۽ جنھن کي ڪا ماءُ ڪونھي. ان کي آسماني ايفروڊائيٽ چيو وڃي ٿو ۽ بي ننڍي، جيڪا زيوس ۽ ڊايوٽي جي ڌيءُ آھي ان کي اسان عام ايفروڊائيٽ سڏيندا آھيون. ۽ پيار جيڪو سانس لاڳاپيل آھي، تنھن کي عام پيار ۽ ٻئي کي آسماني پيار سڏيو وڃي ٿو.

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org