سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :6

 

ڏاھيون ڏک ڏسن

(سقراط جي ٻن ڊائيلاگن (Dialogues) ”پيار“ (Symposium) ۽ ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ [Apology] جو ترجمو، جن کي سقراط جي شاگرد افلاطون سھيڙيو)

 

تعارفي نوٽ

”پيار“ (Symposium) افلاطون جي شروعات لکيل مڪالمن مان شايد آخري آھي، جو 389 ق-م ۾، سقراط جي موت کان ڏھھ سال پوءِ جو لکيل آھي. سڄو منظر اگيٿون جي گھر جو آھي. اگيٿون ھڪ ڏک ڀريو ناٽڪ (Tragedy) لکيو جيڪو ھو ناٽڪن جي مقابلي ۾ پيش ڪري ٿو. کيس مقابلي ۾ انعام مليو. اھو کيس مليل پھريون انعام آھي. ان ڪاميابي جي خوشيءَ ۾، ھن ٽئين ڏينھن تي پنھنجي گھر، دوستن لاءِ، رات جي ماني جھلي آھي. اھا 416 ق-م جي ڳالھھ آھي. اٽڪل 15 سالن کان پوءِ (جڏھن سقراط اڃا حيات ھو) اھو احوال، اپالودورس، ھڪ ٻئي ھمراھھ کي ٻڌائي ٿو، جيڪو ھن ارسٽوڊيمز کان ٻڌو ھو ۽ ھڪ ڀيرو اڳ، گلاڪون کي بھ ٻڌايو  اٿائين.

 

 

پيار

(SYMPOSIUM)

گفتگو ۾ شريڪ ماڻھو

1.        اکيٿون: ميزبان، الميھ شاعري ڪندڙ، نوجوان خوبصورت شاعر نالي جي معنيٰ اٿس ”سٺو“. گورگياس ۽ پراڊيڪس جو شاگرد.

2.       سقراط: نالي جي معنيٰ ”زندگي جو مالڪ / ڌڻي“ ھن وقت عمر اٽڪل 53 سال.

3.       فيڊرس: افلاطون جو دوست، نالي جي معنيٰ آھي ”روشن، خوشي مان چمڪندڙ / ٻھڪندڙ“ ھپياس ۽ لائسياس جو شاگرد.

4.       پاسنياس: اگيٿون جو عاشق، نالي جي معنيٰ اٿس ”غمگسار“، ”پراڊيڪس“ جو شاگرد.

5.        اريڪسيميڪس: ھڪ طبيب، نالي جي معنيٰ آھي ”جنگ ۾ بچائيندڙ“ يا فوجي طبيب.

6.       ارسٽوفينز: مشھور مزاحيھ شاعر، ھن وقت عمر اٽڪل 32 سال. نالي جي معنيٰ ”بھترين شڪل / صورت“ پنھنجي مزاحيھ ناٽڪ ”بادل“، جيڪو ھن پنج سال اڳ لکيو، تنھن ۾ سقراط تي ٺٺول ڪئي ھئائين.

7.       السيبيادس: نالي جي معنيٰ آھي، ”زندگيءَ جو سگھارو محافظ“، عمر اٽڪل 35 سال، ناميارو سياستدان. اڄڪلھھ اٿينس ۾ پنھنجي سياسي قوت جي اوج کي پھتل ھڪ يوناني جون ھڙئي خصلتون منجھس موجود آھن، ويندي ”سقراط“ ۽ ”يوليسس“ جون بھ، ڏاڍو خوبصورت ۽ ذھين، پر عياش ۽ بدچلن، سقراط جو وڏو مداح، سقراط ھڪ جنگ ۾ سندس جان بچائي ھئي جڏھن سندس عمر اٽڪل 19 سال ھئي.

-                    ڊايوٽما، ھڪ فرضي ڪردار آھي، جنھن جو تاريخي وجود نھ ٿو ملي.

 

پيار

SYMPOSIUM

اپالودورس: مزيدر ڳالھھ اھا آھي تھ مان ھڪ دفعو اڳي بھ ساڳيو قصو ٻڌائي چڪو آھيان، جيڪو تو مون کان پڇين پيو،  ڇو تھ ٽيون ڏينھن، جڏھن مان فليرم مان پنھنجي گھران نڪري شھر ڏانھن آيس پئي تھ منھنجي ھڪ واقف ڪار مون کي ڏسي ورتو ۽ پري کان ئي ٽوڪ واري انداز ۾ رڙ ڪري چيائين ”او فليري (1) اپالودورس وو! اتي بيھجان مان اچان ٿو. بيھين نٿو؟“ مان بيھي رھيس. ”اپالودورس، مان اجھو اجھو تنھنجي ڳولا پئي ڪئي“ ھن چيو ”تھ جيئن توکان اھو سربستو احوال وٺان تھ اگيٿون جي گھر، ان رات جي مانيءَ تي سقراط السيبيادس ۽ ٻين پيار جي واکاڻ ۾ ڪھڙيون ڪھڙيون تقريرون ڪيون. اصل ۾ اھو احوال فلپ واري پٽ فوئينڪس. ٻئي ھڪڙي ھمراھھ کي ٻڌايو ھو، جنھن کان وري مون ٻڌو. ھن وارو بيان مڙئي ڪجھھ مجھيل ھيو. ھن اھو بھ ٻڌايو تھ توکي ان واقعي جي سموري سڌ آھي، سو مون کي اميد تھ تون مون کي سڄو قصو ”الف“ کان وٺي ”ي“ تائين بيان ڪري ٻڌايئندين. سقراط تنھنجو دوست آھي، سو سندس گفتگو بيان ڪرڻ لاءِ بھترين ماڻھو توکان وڌيڪ ڪو ٻيو؟ پر پھريون اھو ٻڌاءِ تھ تون پاڻ ان دعوت ۾ ھئين؟“

مون ھن کي چيو: ”گلاڪون واقعي ھن ھمراھھ جو احوال توکي منجھيل معلوم ٿيندو. جي تون اڳ ۾ ئي اھو سمجھي ويٺو ھوندين تھ ڪو اھو واقعو ويجھڙائي ۾ ئي ٿيو آھي يا اھو تھ مان بھ ڪو انھن سان گڏ مانيءَ تي ھيس.“

”مان تھ ڄاڻي بھ ائين سمجھي ويٺو ھيس.“

”منھنجا پيارا گلاڪون تو ائين ڪيئن سمجھي ڇڏيو؟ ڇا توکي خبر نھ آھي تھ ڪيترن سالن کان اگيٿون اٿينس ۾ رھندو ئي ناھي ۽ سقراط سان منھنجي واقفيت کي اھي ڪي ٽي سال مس ٿيا آھن، جو مون پنھنجو اھو روز جو معمول بڻايو آھي تھ ھو جيڪي ڪجھھ چئي ٿو يا ڪري ٿو. تنھن جي خبر رکان. ڪو وقت ھيو جو مان دنيا لتاڙي ان وھم ۽ گمان ۾ ھئس. مان وڏي شيءِ ٿي ويو آھيان. جڏھن تھ حقيقت ۾ سڄي ڌرتيءَ تي مان وڌ ۾ وڌ نڀاڳو ۽ نامراد شخص ھئس. بلڪل ائين جيئن ھينئر تنھنجي حالت آھي. مان سوچيندو ھئس تھ مون کي فلسفي ٿيڻ بجاءِ، ڪھڙو بھ ٻيو ڪم ڪار ڪرڻ گھرجي.“

”چڱو ھاڻي اھي ڀوڳ ٺڪاءَ ڇڏ“ ھن چيو ”۽ مون کي ٻڌاءِ تھ اھا مجلس ٿي ڪڏھن ھئي؟“

”اسان جي ننڍپڻ ۾“ مون وراڻيو ”جڏھن اگيٿون کي پنھنجي پھرين ڏک ڀرئي ناٽڪ تي انعام مليو ھو، ان کان ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھن پنھنجي ساٿي فنڪارن سان گڏجي، پنھنجي سوڀ جي ڀيٽا ڏني ھئي.“

”پوءِ تھ اھا ڏاڍي پراڻي ڳالھھ چئبي، ڀلا توکي ڪنھن ٻڌايو؟ - سقراط پاڻ ڇا؟“

”نھ، نھ“ مون وراڻيو ”مون کي بھ ان ساڳئي ھمراھھ ٻڌايو جنھن فوئينڪس کي ٻڌايو – ھو ھڪڙو ننڍڙو ھمراھھ ناھي جنھن ڪڏھن بھ پيرن ۾ جتي پائڻ جي تڪليف نھ ڪئي آھي – سائڊ اٿينيم وارو ارسٽوڊيمز. ھو اگيٿون جي دعوت ۾ موجود ھيو. ۽ منھنجي خيال ۾، انھن ڏھاڙن ۾ ھن کان وڌيڪ سقراط جو مداح ٻيو ڪو بھ نھ ھيو. وڌيڪ اھو تھ مون خود سقراط کان ھن جي بيان جي ڪجھھ حصن جي سچائي جي باري ۾ پڇا ڪئي ۽ سقراط پاڻ ھن جي ٻين سڀني ڳالھين جي پڻ تصديق ڪئي.“

”پوءِ ڀلا تون ايترو انتظار ڇو ٿو ڪرائين؟ ڇا اٿينس تائين ھي رستو اسان جي گفتگو لاءِ ئي نھ ٺاھيو ويو آ“ گلاڪون چيو،

۽ ائين پوءِ اسان رستي تي ھلندا بھ ريھاسين ۽ ان رات جو پيار بابت ڪيل بحث مباحثي جي باري ۾ گفتار بھ پئي ھلندي رھي.

”اپالو درس“، تنھن ڪري ئي جيئن مون توکي شروع ۾ بھ چيو تھ مان تنھنجو عرض اگھائيندي، اھو قصو سٺي نموني ٻڌائي سگھان ٿو. سو جي چاھين ئي ٿو تھ پوءِ مان ان کي ضرور بھ ورجائيندس. سچ پڇين تھ مون کي پاڻ کي فلسفو ڳالھائڻ يا ڪنھن ٻئي کي فلسفي تي ڳالھائيندي ٻڌڻ ۾ وڌ ۾ وڌ راحت ۽ فرحت اچي ٿي. ان منجھان ملندڙ نفعي واري تھ ڳالھھ ئي الڳ آ. – جڏھن مان ڪا اھڙي گفتگو ٻڌان ٿو – خاص ڪري توھان جھڙن شاھڪارن ۽ واپارين واري گفتگو – تھ مون کي بيزاري ٿئي ٿي ۽ توھان تي رحم اچي ٿو، توھان جيڪي منھنجا سنگتي آھيو ۽ ائين سمجھو ٿا تھ توھان اصلي ڪا وڏي مڻيا ھٿ ڪري ورتي آھي. جڏھن تھ حقيقت ۾ توھان کي ڪا ھڙ حاصل نھ ٿي آھي ۽ مون ۾ اھو چوڻ جي جرئت بھ آھ تھ توھان وري مون کي نڀاڳو ۽ نامراد شخص سمجھي. الٽو مون تي رحم کائيندا ھوندؤ، جيڪس تھ اوھان صحيح ئي آھيو، پر اوھان جي باري ۾ منھنجو جيڪو خيال آھي سو گمان تي نھ پر ڄاڻ تي ٻڌل آھي - ۽ اھو ئي تھ فرق آھي....؟

ھمراھھ: اپالودورس، تون سدائين اھو ائين رھيو آھين، نھ مٽي جو نھ مٽئين – سدائين پنھنجن ۽ ٻين جي براين بابت پيو ڳالھائيندين ۽ مون کي ويساھھ آھي تھ توکي سڄي انسان ذات جو ارمان آ سواءِ سقراط جي ۽ پھريون پنھنجو اٿئي. ان سلسلي ۾ تنھنجو اھ پراڻو نالو درست ئي آھي يعني چريو اپالودورس، جيڪو تون گھٽ ۾ گھٽ جي حد تائين تھ ضرور آھين. جيتوڻيڪ مون کي خبر آھي تھ توتي اھو نالو ڪيئن پيو. تون سدائين پنھنجو پاڻ تي ھڪ سقراط کي ڇڏي ٻي سڄي دنيا تي ڦوڪيو ٿو وتين.“

اپالودورس: ”ھائو دوست، منھنجي مت کسيل ۽ سودائي سڏجڻ جا سبب منھنجا پنھنجي ۽ ٻين جي باري ۾ اھي خيال ۽ گمان ئي آھن. ٻي ڪنھن بھ شاھدي ۽ ثابتي جي ضرورت ئي ناھي. ائين نھ؟

ھمراھھ: ”بس يار بس – گھڻو ٿيو. پاڻ ھاڻ ان تي بحث بند ڪيون تھ چڱو. مان پنھنجو عرض وري ورجايان ٿو تھ تون قرب ڪري ھاڻي مون کي اھا گفتگو ٻڌاءِ ئي کڻي.“

اپالودورس: ھائو اھو پيار جو قصو ڪجھھ ھن ريت آھي – پر شايد بھتر ائين ٿيندو جو مان ارسٽوڊيمز وانگر قصو منڍ کان شروع ڪيان ۽ ڪوشش ڪندس تھ توکي ارسٽوڊيمز جي لفظن ۾ ئي ٻڌايان. سندس قصو ھن ريت آھي:

-                    مان سقراط سان ان وقت مليس. جڏھن ھو اڃا تازو تڙ ڪري نڪتو ھو ۽ پيرن ۾ چؤنپل بھ پاتل ھس – اھي ٻھ شيون جيڪي گھڻي ڀاڱي سقراط جي دستور ۾ شامل ئي نھ ھونديون آھن. مون کانئس پڇيو تھ ”ڀلا اڄ ھي پوشاڪون پھري ڪيڏانھن ڪاھھ آھي؟“ ”اگيٿون جي مانيءَ تي“ ھن وراڻيو، ”مان سندس ڪلھوڪي انعام کٽڻ جي خوشيءَ ۾ ڪيل دعوت کان ان ڪري نٽائي ويس جو اتي ماڻھن جي پيڙھھ جو انديشو ھو، پر ساڻس وعدو ڪيو ھيم تھ ان بجاءِ اڄ ھن ڏي ايندس. تنھن ڪري اڄ ھي تيل ڦليل ڪيا آھن. ڇو تھ ھو بھ سھڻو جوان آھي ۽ جڏھن بھ ڪو ڪنھن خوبصورت ماڻھوءَ سان ملڻ وڃي تھ پاڻ سينگاري وڃي.“ ۽ پوءِ ھن مون کان پڇيو. ”ڀلا تون بھ مون سان گڏ ھلندين، جيتوڻيڪ توکي سڏ نھ آھي؟“ مون وراڻيو، ”مون کي توھان جيئن حڪم ڪندؤ، حاضر آھيان.“ ”تھ پوءِ مون سان گڏجي ھل ۽ اڄ اسان ان چوڻي کي ختم ٿا ڪري ڇڏيون تھ:

”نيچ ماڻھن جي دعوت ۾ سٺا ماڻھو ري صلاحيا ئي ويندا آھن.“

ان جي بدران اڄ کان اسان جي ھيءَ چوڻي ھلندي تھ:

”سٺن ماڻھن جي دعوت ۾ سٺا ماڻھو ري صلاحيا ئي ويندا آھن.“

۽ ھن تبديلي جي حمايت ھومر جي آڌار تي پڻ ڪري سگھجي ٿي. جيڪو ان چوڻي کي نھ صرف ڊاھي پٽ ڪيرائي ٿو، پر ائين کڻي چئجي تھ ان جا ڌاڻا ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇو تھ ھو اگيميمنن کي ھڪ تمام دلير انسان ڏيکارڻ کانپوءِ، مينيلاس کي، جيڪو ھڪ بزدل ويڙھو آھي. تنھن کي ري صلاحيو اگيمينن جي دعوت ۾ شريڪ ڏيکاري ٿو، جيڪا ھن پنھنجي طرفان ڪيل قرباني جي موقعي تي ڏني آھي. يعني ھڪ بھتر، بدتر ڏي نھ، پر بدتر بھتر ڏانھن وڃي ٿو.“

.سقراط ون کي دپ ٿو ٿئي.“ مون چيو، ”نھ ڄاڻان مون وارو قصو بھ ساڳيو ئي ھجي ۽ ائين جيئن مينيلاس کي ھومر ڄاڻايو آھي. تيئن مان بھ ھڪ نيچ انسان ھجان، جيڪو ”ڏاھن جي دعوت ۾ ري صلاحيو وڃي ٿو“ سو چي تون مون کي ساڻ وٺيون ھلين ٿو تھ پاڻ ئي ڪو بھانو يا عذر ڳولي ھٿ ڪجان. ڇو تھ مان ائين ڪو نھ چوندس تھ ڪو مان اڻ ڪوٺيو آيو آھيان، مان تھ کين ائين ٻڌائيندس تھ مون کي سقراط صلاحي ساڻ کنيو آ.“

”ھڪ کان ٻھ چڱا“. ھن ھومر واري انداز ۾ وراڻيو ”ٻھ ڄڻا ھونداسين تھ واٽ ويندي ڪو نھ ڪو بھانو گھڙي وٺنداسين.“

ان گفتار کان پوءِ اسان ھلڻ لڳاسين پر سقراط پنھنجن ئي سوچن ۾ گم ڪجھھ پٺتي رھجي ويو، ۽ جڏھن مان سنس انتظار جي خيال کان بيھي رھيس تھ ھن مون کي اشارو ڏنو تھ ھلندو ھل. مان جڏھن اگيٿون جي گھر وٽ پھتس تھ ڏٺم تھ دروازا کليا پيا ھئا. مون سان ھڪ چرچي جھڙي ڳالھھ ٿي جو اوچتو ھڪ نوڪر ٻاھر آيو، مون سان مليو ۽ مون کي ھڪدم مھمان خاني ڏانھن بھ وٺي ويو. جتي سمورا مھمان ٺھيا ٺڪيا ويٺا ھئا. جو دعوت بس شروع ٿيڻ واري ھئي.“

”ارسٽوفينز! ڀلي ائين، جي آئين“، اگيٿون ڏسڻ شرط ئي مون کي کيڪاريو ”تون مھل تي پڳو آھين تھ اسان سان گڏ رات جي ماني کائي سگھين. پر جي ڪنھن ٻئي ڪم سانگي آيو آھين تھ مھرباني ڪري ان کي ھاڻي پاسيرو رک ۽ اسان سان رلي ملي وڃ. ڇو تھ ڪالھھ مون تولاءِ ڏاڍو واجھايو. پر تون نھ ملين جو توکي کڻي ٻڌايان – پر تون سقراط کي پاڻ سان گڏ ڇو نھ آندو آ؟“

مون ڪنڌ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو،  پر سقراط ڏسڻ ۾ ڪو نھ آيو ۽ مون کي اھا وضاحت ڪرڻي پئي تھ ھو ڪي گھڙيون اڳ مون سان گڏ ھيو ۽ اھو تھ مان سندس ئي ڪوٺ تي ھتي رات جي ماني تي آيو آھيان.

”چڱو ٿيو جو آئين“ اگيٿون وراڻيو ”پر ھو پاڻ ڪاٿي آ؟“

”جڏھن مان ھتي گھر ۾ داخل پئي ٿيس تھ ھو منھنجي پٺيان ئي پئي آيو. “ مون چيو، ”پر مون کي پاڻ کي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ھو ويو ڪاڏي؟“

.اڙي ڇوڪر وڃ“، اگيٿون ھڪ نوڪر کي حڪم ڪري چيو ۽ مون ڏانھن منھن ڦيري چيائين ”ارسٽوفينز! تون تيستائين اريڪسيميڪس جي ڀرسان ويھھ“ ان کان اڳ جو مان ويھان، ھڪ نوڪر منھنجي ھٿن ڌوئڻ لاءِ پاڻي کڻي آيو. ڪجھھ گھڙين ۾ ھو پھريون نوڪر پڻ موٽي آيو ۽ اچي ٻڌايائين تھ اسان وارو يار سقراط پاڙي جي ھڪ گھر جي ڏيڍي وٽ سوچ ۾ گم، چپ چاپ بيٺو آھي. ”ھن کي ڄڻ ڪنھن پنڊ پاھڻ ڪري ڇڏيو آ،“ نوڪر ٻڌايو. ”سڏ بھ ڪيامانس پر چري ئي نھ ٿو.“

”ڪيڏي عجيب ڳالھھ چئبي!“ اگيٿون چيو، ”چڱو تو وري وڃي کيس سڏ ڪر ۽ ائين سڏيندو رھيس. مان جواب ۾ ”نھ“ جو لفظ ٻڌڻ نھ ٿو چاھيان.“

”کيس اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ مون چيو، ”ھن کي بس ائين ھندي ھلندي ڪئي بھ بيھي رھڻ“ ۽ ”سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ“ جي عادت آھي. مون کي پڪ آ تھ ھو سگھو ئي ايندو، سو کيس تنگ نھ ڪيو، ڇڏي ڏيوس.“

”چڱو جي تون ائين ئي بھتر ٿو سمجھين تھ پوءِ ٺيڪ آ“ اگيٿون وراڻيو، ۽ پوءِ نوڪرن ڏي منھن ڪري چيائين، ”اسان کي ھن جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ماني کائڻ گھرجي، جيڪو اوھان کي وڻي سو اسان کي کارايو پيئاريو. سدائين مان اوھان کي حڪم جاري ڪندو رھيو آھيان پر اڄ ڪير بھ اوھان کي حڪم ڪرڻ ۽ چوڻ آکڻ وارو ڪونھي. اڄوڪي موقعي تي ائين کڻي سمجھو تھ توھان اسان جا ميزبان آھيو ۽ مان پاڻ بھ ۽ ھيءَ سڄي سنگت اوھان جا مھمان آھيون، جي اسان جي سٺي خدمت چاڪري ڪيو تھ توھان جي ساراھھ ڪندي نھ ٿڪنداسين.“

ان کان پوءِ ماني شروع ٿي، پر سقراط ٺھي نھ جڙي. مانيءَ دوران اگيٿون ڪيترائي ڀيرا سقراط ڏي ماڻھو موڪلڻ جي خواھش ڏيکاري، پر مان کيس روڪيندو رھيس. آخرڪار جڏھن دعوت اڌ کان مٿي گذري چڪي ھئي تھ سقراط اچي پھتو. ڇو تھ عام طور تي اھا بيخوديءَ جي حالت ايڏو گھڻو وقت نھ ھلندي ھيس. اگيٿون جيڪو صوفي تي ھڪ ڇيڙي ڏانھن اڪيلو ئي ويٺو ھو (2) تنھن رڙ ڪري چيو تھ، ”سقراط ھيڏانھن اچ! منھنجي ڀرسان اچي ويھھ تھ جيئن مان توکي ڇھي سگھان ۽ ائين ان ڏاھپ مان فيض وٺان، جيڪا تنھنجي دل ۾ آئي ۽ ھينئر تون وٽ سوگھي آھي. ڇو تھ مون کي پڪ آ تھ تون اوستائين ھيڏانھن نھ آيو ھوندين، جيستائين اھا ڳالھھ نھ لڌي ھوندئي، جنھن جي ڳولا ۾ ھئين“.

سقراط، اگيٿون جي خواھش مطابق سندس ڀرسان ويھندي چيو: ”اگيٿون، اھا ڪيڏي نھ نعمت چئبي جو ڏاھپ ڇھڻ سان اوتجي سگھجي، ڀريل انسان منجھان ان انسان ۾ جيڪو خالي ھجي. ائين جيئن ڀريل ڪوپ مان پاڻي پشم جي ڌاڳي وسيلي گذري، خالي ڪوپ کي ڀري ڇڏيندو آھي جي واقعي ڏاھپ بھ ائين ھجي تھ پوءِ مان تنھنجي ڀر ۾ ويھڻ کي املھھ پائيندس! ڇو تھ تون پنھنجي خوبصورت، جھجھي ۽ جالاري ڏاھپ جي وھڪري سان مون کي صفا سيراب ڪري ڇڏيندين. منھنجي ڏاھپ تھ خسيس ۽ اعتراض جوڳي قسم جي آھي ۽ ان جي حقيقت تھ بس ھڪ خواب کان وڌيڪ نھ آھي. پر تنھنجي ڏاھپ اؤجل ۽ ڪاميابين جي اميدن سان پر آھي. ڏس نھ، اھا تو منجھان ڪيئن تھ تجلا ڏئي نڪتي ۽ ٽيون ڏينھن، ٽيھن ھزارن کان وڌيڪ يونانين کي پنھنجو جلوو پسايو، جڏھن تھ تون اڃا نوجوانڙو آھين!“

”بس سقراط، بس – ھاڻي گھڻيون ٽوڪون ڪيئي.“ اگيٿون چيو، ”ڪي گھڙيون ترس تو ۽ مون ۾ اھو طئھ ٿي ويندو تھ اسان ٻنھي منجھان ڪير ڏاھپ جو ڀنڊار آھي – شراب جو ديوتا ڊيوليسس اسان جو جج ھوندو. پر ھينئر بھتر ائين ٿيندو تھ مانيءَ جا ٻھ گرھھ ھڻي وٺجن.“

سقراط صوفي تي پنھنجي جڳھھ ورتي. سڀني سان گڏجي ماني کاڌائين، تنھن کانپوءِ ديوتائن کي شڙاب جي ڀيٽا ڏني وئي سندن شان ۾ ڀڄن ڳايو ويو، ۽ جڏھن ٻيون رواجي رسمون پوريون ٿي چڪيون ۽ شراب پيئڻ وارا ئي ھئاسين (3) تھ پاسنياس چيو، ”منھنجا دوستو! ترسو – پھريون اھو طئھ ڪريون تھ اڄ اسان پيئڻ جو ڪھڙو گھٽ ۾ گھٽ سخت قائدو مقرر ڪريون. ڇو تھ مان اوھان کي يقين سان ٿو چوان تھ مون تي اڃا تائين ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار آھن ۽ وري پاڻ سنڀالڻ لاءِ اڃا ڪي وقت گھرجيم ۽ مون کي لڳي ٿو تھ اوھان مان بھ گھڻن جي ئي ساڳي بري حالت آھي، ڇو تھ ڪالھوڪي دعوت ۽ اوھان بھ ھيؤ. سو ھاڻي صلاح ڪري ھلڪي پيئڻ جي ڪا ترڪيب ڳولي ڪڍجي تھ چڱو.“

”مان بلڪل راضي آھيان“ ارسٽوفينز چيو، ”اسان کي ڪنھن بھ نموني اڻ مئي مڌ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ مان پاڻ بھ انھن منجھان ھڪڙو آھيان، جيڪي ڪالھھ مئي منجھان پاڻ پسائي نڪتا ھئا.“

”منھنجي خيال ۾ تون ٺيڪ پيو چوين“ اڪيومنيس جي پٽ اريڪسيميڪس چيو، ”پر اڃا ھڪڙو ھمراھھ آھي، مان جنھن جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌڻ چاھيندس، اگيٿون تون پاڻ ۾ ڪيتري سگھھ ٿو سمجھين؟“

”نھ بابا- منھنجي ڀيڻي ناھي. مون ۾ اھڙو ست ڪونھي.“ اگيٿون وراڻيو،

”تھ پوءِ“ اريڪسيميڪس چيو، ”ارسٽوڊيمز، فيڊرس ۽ ٻيا مون جھڙا نٻل سرير جيڪي مئي جي سٽ نٿا سھي سگھن، تن جي ڄڻ جند ڇٽي ۽ ڀاڳ ڀلا چئبا جو اڄ وڏا گڙنگ پياڪ مس مس دستبردار ٿيا آھن – مان سقراط کي نٿو ڳڻيان، جيڪو اڻ ميو پي بھ ڄاڻي ۽ بلڪل پرھيز ڪري بھ ڄاڻي، ۽ ھو دل ۾ نھ ڪندو جي اسان ڪھڙو بھ فيصلو ڪيون. تھ پوءِ جڏھن سنگت منجھان ڪو بھ جھجھي پيئڻ جي خيال ۾ نھ آھي تھ پوءِ مون کي معاف ڪيو وڃي جي مان اوھان کي پيئڻ جي اٿرن بابت سچ ٻڌايان. مان اوھان کي ھڪ طبيب جي ھيثيت ۾ پنھنجي تجربي مطابق اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تھ اڻ ميو پيئڻ انسان لاءِ نقصانڪار آھي ۽ اھا عادت وس پڄندي مون پاڻ ۾ بھ ڪڏھن نھ وڌي آھي ۽ پڪ ڄاڻو تھ نھ ئي ڪنھن ٻئي کي اھڙو مشورو يا ھدايت ڏيندس. خاص ڪري انھن کي جن تان ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار اڃا لٿائي نھ آھن.“

”مان تھ سدائين تنھنجي مشوري تي عمل ڪيو آھي. خاص ڪري صحت ۽ بيماري بڙي جي معاملي جڏھن تون طبيب جي حيثيت ۾ ڪو نسخو ڏيندو آھين.“ مائرينس جي فيڊرس وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”۽ ٻي سنگت بھ جي سياڻي آھي ۽ کين عقل ۽ سرت آھي تھ پوءِ اھي بھ ائين ئي ڪندا.“

آخر سڀ ان تي راضي ٿيا تھ اڄوڪي محفل ۾ مدھوشي جي حد تائين مڌ نھ پيتو وڃي پر جنھن کان جيترو اڪلي سگھي ۽ وڻي، اوترو پيئي.

(وڌيڪ پڙهندا)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org