سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :2

 

ٻئي ڇاپي لاءِ ٻھ اکر

سچ پچ تھ مون کي اھا پڪ ھئي تھ ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ ڪتاب، پبلشر محترم علي نواز گھانگھرو کي مور بھ موٽائي ڪو نھ ڏيندو، ڇو تھ ڇپجڻ جي حوالي سان منھنجو نالو نئون ھيو ۽ ٻيو تھ فلسفي جي موضوع تي ڪتاب، سوک بھ فلسفي جي ابن، سقراط ۽ افلاطون جو - ۽ خود يونان جي فلسفي بابت اھو سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ پھريون ڪتاب ھيو. پر پڙھندڙن، موٽ ان جي بلڪل ابتڙ ڏني، ۽ ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ساڳئي سال ۾ ختم ٿي ويون، ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اسان جو سنڌي پڙھندڙ ۽ لکندڙ ھينئر شعوري طور تمام گھڻو اڳتي وڌي چڪو آھي. ھن کي ڪنھن وڏي ادبي نالي جي ضرورت آھي ۽ نھ ئي نعري بازي واري ادب جي. ھو سنجيده موضوع پڙھڻ لڳو آھي.

پڙھندڙن ج انھيءَ موٽ مون کي اتساھھ ڏنو، ۽ مان افلاطون جي “REPUBLIC” جو اڌ ڪتاب ترجمو ڪري ويس تھ ايتري ۾ سنڌالاجي پاران ان جو ترجمو ”رعيتي راڄ“ جي سري سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو – ان کان پوءِ مان افلاطون جا ٻھ ٻيا مڪالما ترجمو ڪيا، جيڪي بھ روشني پبليڪيشن پاران ”دوستي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپياک. ان ڪتاب جون بھ باقي ڪي ڪاپيون، ڪن ڪتاب گھرن وٽ بچيون ھونديون.

ھينئر سقراط جو، زھر پيئڻ واري ڏھاڙي پنھنجي دوستن سان ڪيل ڪچھري، ”آخري ملاقات“ جي نالي سان ڇپائيءَ لاءِ تيار آھي. جيڪو افلاطون جي مڪالمي “PHEDO” جو ترجمو آھي. ان کان سواءِ ”سڌارٿ“ جو اصلي انگريزي ايڊيشن تان، مڪمل ترجمو پڻ روشني پبليڪيشن وٽ ڇپائيءَ ھيٺ آھي.

”ڏاھيون ڏک ڏسن“ جي ٻئي ايڊيشن لاءِ ھن ڀيري مان پاڻ ان جي مسودي کي پڙھيو ۽ پھرين ايڊيسن ۾ رھجي ويل ڪيترن ئي لفظن ۽ سٽن جو اضافو ڪري متن کي مڪمل ڪيو ۽ گھڻن ھنڌن تان غير ضروري ۽ ٻٽا سٽا لفظ ڪٽيا اٿم. گڏگڏ پھرين ايڊيشن جي پروف جي بھ ڪيترين ئي غلطين جي تصحيح ڪئي اٿم. اميد تھ ھي نئون ايڊيسن، جيڪو ھينئر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪيل ۽ نئين ٽائيٽل سان ڇپيل آھي. مھربان پڙھندڙن کي وڌيڪ مزو ڏيندو ۽ سھنجو لڳندو.

                                                         ڊاڪٽر گل

16 جولاءِ 1994ع                               ميڊيڪل آفيسر

    سينٽرل جيل حيدرآباد


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org