سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :16

 

سندس اھي سر ڀلي پوءِ ڪو وڏو استاد ۽ ماھر مرد وڄائي يا ڪا عام رواجي بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري، پر پنھنجي الاھي اصليت سبب ڪري، اھي سر ماڻھن کي بيوخد ڪري ڇڏيندا آھن ۽ اھڙن انسانن کي پڌرو ڪري بيھاريندا آھن، جيڪي ان جستجو ۽ تڙپ ۾ ھوندا آھن تھ ڪھڙي معرفت کين ديوتائن ۽ انھن جي اسرارن جي ويجھڙآئي نصيب ٿئي. پر سقراط! تون مارسياس کان بھ گھڻو مٿانھون انڪري آھين، جو تون پنھنجن لفظن سان، ساز، کان سواءِ ئي، اھي ساڳيا سر ۽ منڊ مڙھين ٿو. جڏھن اسان ڪنھن ٻئي ڳالھائيندڙ کي ٻڌون ٿا. پوءِ ڀلي اھو ڪيڏو نھ سٺو ۽ ڪامل مقرر ھجي، پر ڇا بھ ٿي پئي، ان جو اسان تي اثر يا تھ بلڪل گھٽ، يا مورڳو ٿئي ئي ڪو نھ ٿو. جڏھن تھ تنھنجا چيل رڳو ڪجھھ جملا، پوءِ ڀلي اھي ٻئي جي واتان ٻڌل ھجن يا انھن کي اڌوگابرو ورجايو ويو ھجي. تڏھن بھ اھي اسان جي اندر جي گھراين ۾ لھي ٿا وڃن ۽ اسان کي منڊي ٿا ڇڏين. پوءِ تنھنجون ڳالھيون ڪنھن مرد، عورت يا ڪنھن ڳڀرو نوجوان ئي ٻڌيون ھجن، سڀني تي ساڳيو سحر ۽ اثر ٿئي ٿو ۽ مھربانو! جيڪڏھن مون کي اھو خوف نھ ھجي ھا تھ توھان مون کي صفا مدھوش سمجھندا ھوندؤ، تھ پوءِ مان اھا ڳالھھ ساک پت تي چوان ھا تھ ھن جي لفظن مون تي ڪيڏو نھ اثر ڪيو آھي، اھڙو اثر جيڪو اڃا تائين قائم ۽ دائم آھي. مان جڏھن بھ کيس ٻڌندو آھيان تھ منھنجي دل اڳي کان وڌيڪ ڌڙڪڻ لڳندي آھي، ڄڻ مون تي ڪا ديوانگي طاري ٿي وئي ھجي ۽ منھنجي اکين مان ڳوڙھا نڪري ڳلن تان وھڻ لڳندا آھن. مان ڏٺو آھي تھ کوڙ سارن ٻين سان بھ ساڳي حالت ٿئي ٿي. مان پيريڪلس ۽ بين ڪيترن سٺن مقررن کي ٻڌو آھي. پر مون سان اھڙي ڪار ڪڏھن بھ نھ ٿي آھي، مان مڃيان ٿو تھ انھن بھ سٺو ڳالھايو ھوندو، پر منھنجو من ڪڏھن بھ جنبش ۾ نھ آيو ۽ نھ ئي اچي مون کي ان ڳڻتي ورايو ۽ خوف ۽ افسوس ٿيو تھ منھنجي زندگي تھ غلام کان بھ بھتر ڪونھي. اھو اسان جو ھي نئين دؤر جو مارسياس ئي آھي، جيڪو مون کي اھا ڳالھھ مڃائي ويندو آھي تھ مان جنھن نموني زندگي گذاريان پيو سا بلڪل بيڪار آھي ۽ سقراط تون ان ڳالھھ جي سچائيءَ کان انڪار ڪري نھ سگھندين ۽ مان ڄاڻان ٿو تھ جي مان ھينئر بھ ھن شخص کي ڪن ڏئي ٻڌو تھ مان وري بھ پاڻ بچائي نھ سگھندس ۽ ساڳيو حشر ٿيندم، ڇو تھ ھي مون کي اھو اعتراف ڪرائڻ تي مجبور ٿو ڪري وجھي تھ مان بلڪل  ڳھيلو آھيان ۽ مون کي ائين زندگي نھ گذارڻ گھرجي. جيئن مان ھاڻي ڪچاين ۽ غلطين جو گھر بڻجي گذاريان ٿو ۽ پنھنجي حقيقي فائدن جي پرواھھ نھ ڪندي، اٿينس جي عوام جي اجاين معاملن ۾ پاڻ کي وچڙائي رکيو اٿم (24) سو مان پنھنجو پاڻ تي جبر ڪري، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيان ٿو  ۽ ائين ڀڄي جند ڇڏايان ٿو، جيئن يوليسس، سائرنس کان پاڻ بچايو (25) نھ تھ جيڪر مان ھن وٽ اوستائين سوگھو ٿيو ويٺو رھان، جيستائين ڪراڙو ٿي وڃان ۽ ھي ئي اھو واحد شخص آھي، جنھن جي موجودگي ۾ مون کي اھو ڪجھ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو اوھان سڀني کي خبر آھي تھ ھونئن منھنجي طبيعت ۽ فطرت ۾ شامل ئي نھ آھي- ڪنھن ٻئي جي اڳيان لڄي ٿيڻ، سو مان صرف ھن جي اڳيان ئي لڄي ۽ شرمندو ٿيندو آھيان. ٻئي ڪنھن جي بھ اڳيان نھ. ان جو سبب ھي آھي جو مان ڄاڻان ٿو تھ مون وٽ ھن جي ڪنھن بھ دليل جو ڪو جواب ڪونھي، جو کڻي کيس چوان تھ مان ائين نھ ڪندس جيئن ھو چوي ٿو. پر جڏھن مان کانئس پري آھيان تھ پوءِ عوامي شھرت جو پيار مون تي غالب اچي ٿو وڃي. سو مان ھڪ ڀاڄوڪڙ غلام وانگر آھيان، جيڪو ھن کان ڀڄي بھ وڃان ٿو ۽ وري جڏھن ساڻس ملان ٿو تھ ڏاڍو شرمسار ٿيان ٿو، جو ھن جي آڏو ڳالھيون مڃي ۽ اعتراف ڪري اٿيو ھيس. ڪيترائي ڀيرا مون ائين سوچيو تھ جيڪر ھي شخص ھن ڌرتيءَ جي گولي تان ئي گم ٿي، مري کپي وڃي تھ مان ڏاڍو خوش ٿيندس. پر مان اھو ڄاڻان ٿو تھ جي ائين ٿيو تھ مون کي خوشيءَ کان وڌيڪ افسوس ئي ٿيندو. سو حقيقت ھيءَ آھي تھ مون کي بلڪل سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ مان ھن سان ڪيئن پڇان.

”۽ ھن بانسري – وڄائيندڙ ون ديوتا جي اثر ٻين ڪيترن ئي بھ مون وانگر. متاثر ڪيو آھي. پر اڃا مون کي بڌو جو مان اوھان کي اھو ڏيکاريندس تھ ھي انھن سان ٻين ڪھڙين ڳالھين ۾ ھڪجھڙائي رکي ٿو، جن سان مان سندس ڀيٽ ڪئي آھي ۽ ڇا تھ عجيب انداز آھي! ٻڌو، مان ٿو اوھان کي بڌايان. ڇو تھ مان يقين سان چوان ٿو تھ توھان کي ھن جي اصلي طبيعت جي خبر ئي نھ آھي. سو مان کيس اوھان آڏو پيش ڪندس ۽ جي شروع ٿيو آھيان تھ پوءِ چپ ڇاجي، توھان کي خبر آھي تھ سقراط کي خوبصورت نوجوانن سان نينھن لڳائڻ وارا نيڻ آھن. ھو سدائين انھن جي موھ ۾ رھي ٿو ۽ انھن جو ئي ڪٺل آھي ۽ وري ظاھر ائين ڪري ٿو تھ کيس اھڙي ڪنھن معاملي جي ڪا خبر چار ڪانھي ۽ ڄڻ ھي ھر الھھ کان بي خبر ۽ اياڻو آھي- سندس ٻاھريون ڏيکاءُ اھڙي قسم جو آھي ۽ ان ڳالھھ ۾ ھي سالينس جھڙو آھي. اصل ۾ سالينس جي مجسمي وانگر ھن ۾ اھي اھڃاڻ بھ مٿاڇرا ئي آھن. منھنجا معزز پيالي ڀائرو! توھان کي خبر آھي تھ ھن جي اندر ۾ ڇا آھي؟- پاڻ تي ضابطو ۽ توھان سوچي ئي نٿا سگھو تھ ڪيترو – مون تي يقين ڪندؤ تھ ھن لاءِ اھو رتي جيترو بھ مسئلو ناھي تھ ڪوئي خوبصورت بھ آھي. توھان تصور ئي نھ ٿا ڪري سگھو تھ ھي حسن کان ڪيڏي نھ حد تائين نفرت ڪندو آ ۽ ان ت اک ئي نھ ٻڏندي اٿس. نھ ئي ھن کي ڪنھن جي شاھوڪاري يا شھرت جي ڪا ذري برابر بھ پرواھھ آھي، جيڪا ماڻھن ليکي وڏي ڳالھھ ھوندي آھي. پر ھن لاءِ اھو سڀ ڪجھھ بلڪل بيڪار آھي ۽ اسان پڻ ڪجھھ بھ ناھيون، سندس نظر ۾! ھا اھو ٻڌائي ڇڏيانو، ٻين ماڻھن کي تماشو بڻائي ۽ پاڻ وري اياڻپ جو سانگ رچائي ٿو- پنھنجي عمر ائين گذاري ٿو، پر مون کيس گولي سندس گنڀيرتا ۽ اصليت توڙي ارادا ڏٺا آھن. سندس اندر جا اھي خزانا شايد ئي ڪنھن کي معلوم ھجن. بھرحال مون ھڪ دفعو انھن جو مشاھدو ماڻيو آھي ۽ مون کي اھي ايڏا تھ الاھي، املھھ، خوبصورت ۽ من موھيندڙ لڳا جو مون کي ان کان سواءِ ٻي ڪا واھھ ئي نھ پئي سجھي تھ بس ان گھڙيءَ ئي جيئن سقراط چوي، جھٽ کڻي ائين ڪيان. مون کي اھو وھم ويھي ويو تھ ھي منھنجي حسن تي موھت ۽ اڪن ڇڪن تي پيو آھي. مون سوچيو اھا تھ منھنجي لاءِ نعمت ٿي ۽ ڀلا ڀاڳ چئبا جو مان خوبصورت ھجڻ سبب اھڙي موقعي ۾ آھيان تھ سقراط کي ائين راضي ڪر، کانئس اھو سڀ ڪجھھ ٻڌان ۽ جاڻي وٺان جيڪو ڪجھھ ھن وٽ آھي، ڇو تھ توھان کي خبر آ تھ تن  ڏينھن ۾ مون کي پنھنجي حسن تي جيڪو ناز ۽ غرور ھيو ۽ پڻ ان جي جيڪا ھاڪ ھئي، انھن ٻنھي جي ڪا حد ئي نھ ھئي، سو اھا اٽڪل ويڙھائي ۽ ارادو رکي مان پاڻ واري نوڪر کي موڪل ڏئي ڇڏي. توھان کي بڌايان تھ ان کان اڳ مان ڪڏھن بھ سواءِ ڪنھن نوڪر چاڪر کي ساڻ ڪرڻ جي اڪيلو کان اڳ مان ڪڏھن بھ سواءِ ڪنھن نوڪر چاڪر کي ساڻ ڪرڻ جي اڪيلو سقراط ڏانھن نھ ويندو ھوسھئس. پر ان ڏينھن کان پوءِ مان سدائين اڪيلو ھن ڏانھن نڪري ويندو ھئس. مان اوھان سان شڄي ڳالھھ سچي ڪيان ٿو ۽ اوھان مھرباني ڪري ڌيان سان ٻڌجو ۽ تون بھ سقراط، جيڪڏھن مان ڪٿي ڪوڙ ڳالھايان تھ بيشڪ ان گھڙيءَ ئي پڪڙي وٺجان. سو مون ائين ھن سان ملاقاتون شروع ڪيون ۽ اسان ٻئي بلڪل اڪيلا ھونداسين. مان اصل ڪپڙن ۾ ئي نھ پئي ماپيس جو مون ڀانيو تھ جڏھن اسان وٽ ٻيو ڪير بھ موجود ڪونھي تھ ھي اجھو ٿو اھڙي قسم جي ڳالھھ ٻولھھ ۽ سرگوشيون شروع ڪري، جيئن ھڪ عاشق پنھنجي معشوق سان اڪيلائي ۾ ڪندو آھي. پر ڪجھھ بھ نھ، اھڙي قسم جي ڪا ڳالھھ ئي ڪو نھ ٿي- ھو مون سان ڏينھن ائين ئي گذاريندو رھيو جنھن جو عام طرح ھي ھيراڪ آھي. جڏھن اسان جو ڪو ڏينھن سٺو پئي گذريو تھ ھي ھميشه موڪلائي ھليو ويندو ھو. ان کان پوءِ مون ھن کي آکاڙي ۾ پاڻ سان گڏ ڪثرت ڪرڻ ۽ سکيا وٺڻ جي بھاني ساڻ کنيو. مان اتي ساڻس ڪٺي رھيم تھ من ھينئر ڪو ڪامياب ٿيان. ھو مون سان گڏ ڪٿرت ڪندو ھو ۽ ڪيترا دفعا ڪشتي وڙھندي منھنجي بلڪل ويجھو بھ ھيو ۽ ان مھل ٻيو ڪو بھ ماڻھو موجود نھ ھوندو ھو. سوچيم تھ متان ان ٽل سان مان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان. پر صفا چاڙھو نھ ٿيو. آخر سڀني اٽڪلن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مون اھو فيصلو ڪيو تھ مون کي اڃا وڌيڪ پختا اپاءَ وٺڻ گھرجن ۽مٿانئس سڌو سنئون وار ڪرڻ گھرجي ۽ اھو تھ مون ھڪ دفعو جيڪو ارادو ڪيو آھي. تنھن کي اڌ ۾ نھ ڇڏيندس. ڇو تھ مان معاملي جي پاڙ تائين پھچڻ پئي چاھيو. سو مون کيس رات جي ماني جي دعوت ڏني. بلڪل ائين ڄڻ ھو ڪو حسين محبوب ھجي ۽ مان ڪو حرفتي عاشق، جو کيس اٽڪلن سان سوگھو ڪري رھيو ھجان. پھريون تھ ھن بلڪل مڃيو ئي نھ پئي. نيٺ ھڻندي ماريندي. ايلاز منٿن سان مس وڃي اچڻ لاءِ راضي ٿيو. پھريون دفعو جڏھن ھو آيو تھ ماني کائڻ کان پوءِ ھن جلدي موڪلايو ۽ ان واري مان بھ کيس لڄ وچان روڪي نھ سگھيس. پر مان آھيان جو ڪٿي ٿو مڙان، سو ساڳيو وار وري ڪيم، ۽ ھن ڀيري ماني کائڻ کان پوءِ رات جو دير تائين ساڻس ڪچھري ڪنبدو رھيس ۽ پوءِ جڏھن ھن موڪلائڻ پئي چاھيو تھ مان کيس ٽڪي پوڻ لاءِ زور ڀريو، اھو بھانو ڏئي تھ جيئن تھ رات ڪافي گذري چڪي آھي سو ھينئر ايڏو دير سان، اويلو وڃڻ بھتر نھ ٿيندو.

”سو ھو مون واري بستري جي ڀرسان واري ان صوفي کي ئي ھنڌ طور استعمال ڪندي، اھلي پيو، جنھن تي ويھي ھن رات جي ماني کاڌي ھئي، ڪمري ۾ اسان ٻن ڄڻن کان سواءِ، ٻيو ڪير بھ ستل ڪو نھ ھيو. ھاڻي ھيستائين مان جيڪو قصو اوھان کي ٻڌايو آھي سو بنا ڪنھن جھجھڪ جي ڪنھن کي بھ ٻڌائي سگھجي ٿو. پر قصي جو جيڪو پويون حصو آھي. اھو، جيڪڏھن مان سنجيده ۽ سرتيو ھجان ھا تھ توھان کي ڪو نھ ٻڌايان ھا. پر ھينئر ٻن سببن ڪري اوھان کي ٻڌايان ٿو. پھريون تھ جيئن چوڻ آھي تھ ”شراب سچو آھي“ ۽ ڪو ان ۾ اھو بھ واڌارو ڪري سگھي ٿو تھ ”ٻار بھ سچا آھن“ جيڪو واڌارو بھرحال ھينئر اھم ناھي (26). ٻي ڳالھھ تھ اھو بھ انصاف نھ ٿيندو تھ مان سندس تعريف تھ ڪيان، پر ھن جي طرفان ايڏي مغروري ۽ ظلم سان ڪيل استحصال ۽ بي واجبي کي لڪايان. وڌيڪ اھو تھ مان بھ، جيئن چوندا آھن تھ ”نانگ جو ڏنگيل“ ، ائين آھيان ۽ ”خبر کاڌن  کي پوي“ جي مصداق، ڏنگيل بھ پنھنجون پيڙائون ۽ ڏک سور انھن کي ڏسيندو آھي، جن کي اڳ ۾ ئي اھڙو جذبو ھوندو آھي، ڇو تھ رڳو اھي ئي کيس سمجھي سگھندا ۽ جيڪڏھن ڏنگيل کان سخت تڪليف ۽ پيڙا جي ڪري، ڪي اھڙا اکر نڪري ويا يا ڪو اھڙو عمل ۽ رويو بھ ٿيو تھ ھو مٿانئس ناراضگي ۽ سختي نھ ڪندا. تھ ٻڌو، مونکي سڀ کان وڌيڪ زھريلي ۽ سور ڪرائيندڙ کير ڏنگيو آھي ۽ اھو بھ ان جاءِ تي، جنھن کان وڌيڪ حساس ۽ سور ڪندڙ ھنڌ بيو ٿي ئي نھ ٿو سگھي – دل، روح يا اوھان ان کي جيڪي ڪجھھ چئو – مون کي ھن شخص جي فلسفي ڏنگيو آھي ۽ گھائي وڌو اٿس. فلسفي جو ڏنگ جيڪو وڌيڪ آزار ڏيندڙ بھ آھي ۽ جيڪو کير کان بھ وڌيڪ مضبوطيءَ سان چنبڙي ۽ چھٽي پئي ٿو. جڏھن اھو ڪنھن مھربان ۽ فراخدل نوجوان جي اندر جي گھراين ۾ پھچي ٿو ۽ جيڪو کيس ڪا بھ ڳالھھ چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿو ڪري وجھي ۽ جڏھن تھ چوڌاري، سنگت بھ اھڙي ويٺي آھي – فيڊرس، ۽ اگيٿون، اريڪسيميس، ارسٽوفينز ۽ ارسٽوڊيمز، سقراط جي نالي وٺڻ جي تھ ضرورت ئي ناھي - ۽ ٻيا بھ کوڙ اسارا ويٺا آھيو. ڇاڪاڻ تھ اوھان سڀ بھ ڏاھپ / فلسفي جي حصول جي سوق ۾ ان پيڙا ۽ ان چريائپ منجھان گذريا آھيو. سو اوھان بھ اھو سڀ ڪجھھ ٻڌو تھ مون سان ڇا وھيو واپريو ۽ مون کي ان وقت جي ڪيل عملن ۽ ھينئر چيل لفظن جي معافي ۽ ڇڏڇوٽ ڏجو. باقي جيتري قدر نوڪرن ۽ ٻين اڻ گھڙيلن جي ڳالھھ آھي تھ اھي پنھنجي ڪنن کي آڱريون ڏئي ڇڏين.

”سو مھربانو! جڏھن نوڪر ٻاھر ھليا ويا ۽ پتي بھ وسامي وئي تھ مون فيصلوڪيو تھ ھاڻي ٻنا ۽ ڪنا، وٽيون ۽ پاسا مور نھ وٺندس، پر مون کي سنئون سڌو جرئت سان پنھنجي جذبن جو اظھار ڪرڻ گھرجي. سو مون کيس ٿورو لوڏو ڏنو ۽ پڇيو، ”سقراط! ننڊ اچي ويئي ڇا؟“ ”نھ، اڃا تھ اھڙي ڳالھھ ئي ڪانھي“ ھن وراڻيو، ”توکي خبر آھي تھ مان ڇا سوچي رھيو آھيان؟“ ”نھ- ڇا؟“ ”مان سوچيان ٿو تھ منھنجي مرني عاشقن منجھان تون ئي اھو واحد عاشق آھين جيڪو ئي منھنجو مستحق بھ آھين پر تون وري ايڏو لڄارو آھين، جو پنھنجي جذبن جي اظھا رکان بھ ڊجين ٿو. توکي بڌايان تھ مان ڪيئن ٿو سمجھان، مان ائين ٿو سمجھان تھ مان وڏي بيوقوفي ڪندس، جيڪڏھن انھي معاملي ۾ توکي راضي نھ ڪيم، سو جيڪڏھن ٻي بھ ڪا گھرج جيڪا توکي ھجي يا جيڪو بھ مال ملڪيت مون وٽ يا منھنجي دوستن وٽ ھجي تھ اھو سڀ ڪجھھ تنھنجي لاءِ حاضر آ. ڇو تھ مان گڻن کي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ڪنھن بھ شيءِ کي قيمتي نھ ٿو سمجھان. ۽ منھنجو پختو ايمان آھي تھ ان مراد ماڻڻ ۾ منھنجي جيتري مدد تون ڪري سگھين ٿو. بيو ڪير نھ ٿو  ڪري سگھي. پوءِ مان ڏاھن آڏو لڄي ٿيندس. جيڪڏھن مون توکي راضي نھ رکيو، ان کان بھ وڌيڪ لڄي، جيترو ھونئن بيوقوفن جي ھڪ ميڙ آڏو ٿيندس، ڇو تھ سندن سمجھھ مطابق تھ مون پنھنجو پاڻ کي تنھنجي آڏو بي شرمائي سان حوالي ڪري ڇڏيو.“

(وڌيڪ پڙهندا)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org