سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :3

گھڙيءَ پل جو ساٿ ....

 

·     مون انگريزي جي ڇھن مختلف ڪتابن کي آڏو رکي، ھي ترجمو ڪيو آھي ۽ ان کي وري وري اٿلائي پٿلائي، پنھنجي سمجھھ آھر تصحيح ڪئي اٿم، پر پوءِ بھ عين ممڪن آھي تھ ترجمي ۾ ڪافي ڪوتاھيون رھجي ويون ھجن، جن کي اوھان پڙھندڙ ئي صحيح ڪري سگھو ٿا، گڏوگڏ اھي خاميون جيڪي اوھان جي نظر کان گسي وڃن، پر حقيقت ۾ ھجن سھي. مان انھن نشانبر ٿيل / نھ ٿيل غلطين جو اڄ بھ ۽ ھميشه لاءِ ذميوار آھيان ۽ رھندس.

۽ مون سان ترجي ۾ جنھن ھڪ اکر جي مدد بھ ڪئي، مان اجو بھ ٿورو مڃڻ ضروري ٿو سمجھان.

وڏي ۾ وڏو ٿورو مون تي خود سقراط جو، جيڪو ترجمي دوران مون سان کلندو ڳالھائيندو پئي ھليو.

مان ڪھڙن لفظن سان ٿورو مڃان، سائين سوڀي گيانچنداڻيءَ جو، جنھن پنھنجي بيحد مصروف وقت منجھان ڪجھھ گھڙيون ڪڍي، ھي ترجمو پڙھيو بھ، ڪجھھ لفظن جي تصحيح بھ ڪئي ۽ مھاڳ بھ چوندو ويو ۽ مان لکندو ويس. ڪامريڊ رڳو ڪامريڊ يا رڳو اديب نھ آھي، پر حقيقت ھيءَ آھي تھ ھو ھڪ تاريخ آھي، انسائيڪلو پيڊيا آھي، جنھن ۾ سياست ۽ سائنس، ادب ۽ فن، ڏاھپ ۽ سھپ، مذھب ۽ ثقافت، انسانيت ۽ ماڻھپي جا مڙئي موضوع موجود آھن.

گھڻو ٿورائتو مان پنھنجي وڏي ڀاءُ منظور بلوچ جو جنھن مون کي ھن ترجمي ڪرڻ جو ڏس بھ ڏنو، گس بھ ڏنو ۽ جڏھن مان ترجمي دوران اڪثر ڪڪ ٿي، ان کي اتي ئي ڇڏي ڏيڻ جو سوچيندو ھيس تھ ھو مون کي ھينئن چئي ھمٿ ٻڌائيندو ھو تھ: ”اھو نھ وسار تھ تون دنيا جي ادب جو ھڪ ڪلاسڪ ترجمو ڪري رھيو آھين“

منھنجو ھڪ مھربان محترم ”استاد“ ڪليم الله لاشاري صاحب آھي، جيڪو اڳي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ھينئر سياحت ۽ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آھي. سندس مھربانيون بھ ھن ترجمي ۾ شامل رھيون آھن.

پنھنجن صلاحن سان سٺن لفظن جو انتخاب ڪري، ترجمي کي سھڻو بڻائڻ ۾، ”ڪن“ ماڻھن جي مدد ھڪ ”مسڪين“ ماڻھو، انتخاب شاھھ بھ ڪئي.

ترجمي جي ئي سلسلي ۾ منھنجي اعانت، عنايت مگسي بھ ڪئي، تھ ڊاڪٽر مظفر کوھارو ۽ غفار عباسي بھ.

مان ”ميگھھ ملھار ادبي سنگت“ لاڙڪاڻو جو بھ ٿورائتو آھيان، جتان مون کي ججھو حوصلو ۽ کوڙ صلاحون مليون.

گھڙيءَ پل جو ساٿ، ڪنھن جو او سائين!

اسان موت تائين، وساريندا ناھيون.

سنڌيڪار


 

 

مھاڳ

 

سقراط جعو موت 399 ق-م ۾ وھھ جو پيالو پيئڻ بعد ٿيو. وھھ جي پيالي پيئڻ جي سزا اٿينس (يونان) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي ھئي. مٿس الزام ھيو تھ ھو نوجوانن م بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل دوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رھيو ھو.

سقراط انھن ٻنھي تھمتن کان انڪار نھ ڪيو ۽ ساڳئي وقت انھن تھمتن کي تسليم بھ ڪيو. پر ھن پنھنجي بچاءَ ۾ وڏي عالمانھ انداز ۾ جيڪي چيو تنھن جو سار (حاصل مطلب) اھو ئي ٿئي ٿو تھ جيڪي ڪجھھ ھن ڪيو سو ڪو ڏوھھ نھ آھي. سقراط جي پنھنجي ويچارن جي بچاءَ ۾ ڪيل ھي آخرين تقرير ادب، فلاسافي، منطق، فصاحت ۽ بلاغت جو ھڪ شاھڪار آھي جنھن جي اھميت اڄ بھ قائم آھي ۽ رھندي. اڄ بھ ڏاھي کي پنھنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ بھ ڏاھي کي ڪم ظرف ۽ جاھل ماڻھن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ بھ ڏاھي کي گھڙي گھڙي، ڏينھن ڏينھن، سال سال، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نھ صرف پنھنجي لاءِ، پنھنجن لاءِ، پر پورين قومن ۽ انسانذات لاءِ.

سقراط جو ڪجھھ ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاھي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگھي ٿو. پر ان کان انڪار ڪونھي تھ سقراط پنھنجي ويچارن کي جنھن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاھي جو اھو حق ھميشه ھميشه لاءِ ڇڪيو آھي تھ ھو جنھن ڳالھھ ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتاد رکي ٿو. اھا ڳالھھ چوڻ جو، ان کي کلي طرح ھر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو، ھن کي نھ صرف حق آھي پر ھن جو فرض پڻ آھي.

تقريبا چوويھھ سؤ سال ٿي رھيا ۽ گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن، ھيءَ تقرير، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دؤر ۾ بھ ھڪ پڙاڏو آھي، جنھن جو جواب ھن ڌرتيءَ تي اڄ بھ ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ بھ انسان مجبور آھي، بي زبان رھڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي ڏک ۽ پيڙآ کي ظآھر ڪرڻ جي سا ملي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور ھن جي ڪن تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رھي آھي. اڄ بھ سچ ڳالھائڻ جي سزا جيل، ڪوڙا ڪي، موت، ڦاسي يا ڪنھن اونداھي گھٽ ۾ ڇرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.

سقراط پنھنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگھيو پئي، معافي وٺي سگھيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنھن رياست ۾ وڃي سگھيو پئي. پر ھن انھن سڀني بچاءَ جي صورتن کي رد ڪيو. سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۽ پنھنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو پر 501 مفتن منجھان انھن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪو نھ رھيو جن سقراط کي وھھ جو پيالو پيئڻ جي سزا ڏني.

سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏھن ۽ اڄ اھو ئي آھي تھ ھر انسان کي پنھنجي راءِ آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو حق آھي. نھ صرف حق آھي پر فرض آھي تھ سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اھي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انھن جو نالو ۽ نشان بھ باقي ڪونھي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي سي اڄ بھ دنيا جي چوٽيءَ جي ڏاھن ۾ شمار ٿين ٿا.

يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذھب، ڪو فلسفو، ڪو نظريو ڪونھي جنھن سقراط جي ويچارن مان فائدو نھ ورتو ھجي. ڪنھن زماني ۾ منطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار (اڌارو) ورتو ھو سي ھر ديني مدرسي ۾ لازمي مصمون طور پاڙھيا ويندا ھئا ۽ شايد اڄ بھ پاڙھيا ويندا آھن.

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم، فلسفي، ادب، تاريخ، سياست، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل اميرزادن جو گھيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھا. بھرحال ھو سڄو ڏينھن ۽ سمورو وقت انھيءَ ظلل کي سڏ ڏيندو وتندو ھو، جنھن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاھن سٺو آھي ۽ اڄ بھ سھن پيا. رات جو دير دير سان جڏھن ھو گھر موٽندو ھو تھ اڪثر سندس گھر واري ٿڪجي چور ٿي سمھي چڪي ھوندي ھئي ۽ وقت تي در لاھڻ کان انڪار ڪندي ھئي. سقراط پنھنجي زال جون جھڻڪون ۽ دٻون سھي، صبح جو وري پنھنجي ڪار سان نڪري ويندو ھو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھھ. اھو ئي سقراط، اھي فلسفي جا شاگرد، اھي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا ھن جي ارد گرد گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ انھن شاگردن ۾ افلاطون، ارسٽوڊيمز، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل ھوندا ھئا.

اسان لاءِ سقراط اڄ بھ ھڪ زندھ حقيقت آھي. شاھھ عنايت، شاھھ لطيف، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دؤر ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اھو ئي چئي رھيا آھن جنھن لاءِ سقراط زندھ رھيو. ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاھا پنھنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رھيا آھن جنھن سان سقراط، منصور ۽ سرمد پنھنجو ڪيرس پيش ڪيو. سقراط، منصور ۽ سرمد، شاھھ عنايت، شاھھ لطيف، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آھن ۽ اسان جا ڏاھا انھن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن. ممڪن اھي تھ اڄوڪي ھل ھلان جي دؤر ۾ ڪو انھن کي ٻڌي نھ ٻڌي، پر انھن نظريات جي اھميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نھ ٿو سگھي. سچي لاءِ اڄ بھ وھھ جو پيالو آھي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آھي ۽ عذاب سھي مرڻ آھي. پر ان ۾ شڪ ڪونھي تھ فتح نيٺ سچ جي ٿيندي. باطل کي ھر قدم، ھر جڳھھ تي شڪست ملي رھي آھي ۽ انسان ان ڏاھپ جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آھي، جتي دور افق تي، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رھيا آھن ۽ انسان پنھنجي بيبيڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دؤر مان نڪري پنھنجي ٻن پيرن تي بيھي اوچي ڳاٽ اھو اعلان ڪري رھيو آھي تھ انڌڪار ۽ اونداھي قوتون ناس ٿي رھيون آھن. سچ اڀري رھيو آھي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.

سقراط جنھن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان ھن جي جمھوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي وضاحت مان صاف ظاھر آھي تھ ھو پنھنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو تھ بھ انھن جي راءِ جو احترام ڪندي، انھن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿھو. ظاھر آھي تھ ان دؤر جي يونانين ۾ جمھوريت يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي ھيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نھ ھيو، پر ان مان جوري سسٽم جا اھڃاڻ ملن ٿا، تھ ان وقت جا ڏاھا پنھنجي برابر شھرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا ھئا. اختلاف ڪندي بھ اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو ھو. اسان جا ڪيترا معاشرا اڄ بھ ان بنيادي حق کي تسليم نھ ٿا ڪن تھ اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اھم ضرور آھي پر اڪثريت يا گھڻائي وارن کي مجبور نھ ٿو ڪري سگھجي تھ ھو پنھنجي راءِ کي ريٽي، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين. ٿورائي وارن تھ ٺھيو پر ھڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.

جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اھا حقيقت نھ وسارڻ گھرجي تھ افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا ھئا ۽ ۽ ھنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو ھيو. سقراط ان لھاظ کان ھڪ يگانو شخص ھيو جنھن پنھنجي دؤر ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو قبوليت ۾ ھاڪار نھ ڪيائين ۽ وھھ جو پيالو پي ھميشه ھميشه امر شھيدن جي قطار ۾ مٿانھين جاءِ ماڻي ويو.

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

روز اول کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،

ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،

ڪڏھن زھر پيئاريو ويو آ،

ڪڏھن ڦاھي چاڙھيو ويو آ،

ھي ترجمو ايڏو تھ سٺو، سھڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ھڪ نوجوان شاگرد ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ سندس ساراھھ ۾ ٻھ اکر چوڻ کان رھي نھ ٿو سگھجي. ھڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعظ يا تڪرار جنھن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گل ترجمو ڪيو آھي تنھن لاءِ ھن کيرون لھڻيون.

-1 سيپٽمبر 1989ع                     سوڀو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻو


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org