صفحو : 19

باب-16/17

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

سيڪشن: شخصيات

جيئن جيئن اها خبر پکڙي ان تي سنڌ اندر شديد ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي توڻي سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ان رٿا خلاف سخت قرارداد منظور ڪيا. ڪائونسل پنهنجي 2 فيبروري واري اجلاس ۾ سخت لفظن تي مبني بيان جاري ڪيو:

”سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي هيءَ ڪائونسل اهڙين لاڳيتين ايندڙ خبرن تي پنهنجي حيرت ۽ ڳڻتيءَ جي اظهار کي رڪارڊ تي آڻي ٿي جن ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪراچيءَ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن کي سنڌ کان الڳ ڪري هڪ ڌار علائقو ٺاهيو ويندو جيڪو حڪومت پاڪستان جي مرڪزي انتظام هيٺ هلايو ويندو. هيءَ ڪائونسل سنڌ جي مسلمانن جي ترجمان پاڪستان جي خيرخواهه جي صورت ۾ اهڙي عمل خلاف هيٺين ڳالهين ۽ سببن ڪري پنهنجي سخت احتجاج ڪرائڻ کي پنهنجو مقدس فرض سمجهي ٿي ۽ قائداعظم محمد علي جناح کان پرزور مطالبو ڪري ٿي ته هو رياست جي آئيني سربراهه ۽ مسلم ليگ تنظيم جي چونڊيل سربراهه طور هيٺين سببن جي ڪري سڀني لاڳاپيل ڌرين جي مفادن ۾ انهيءَ فيصلي کي نامنظور ڪري:

”پهريون ته ڪراچي صدين کان سنڌ جو فطرتي ۽ لازمي حصو رهي آهي ۽ هن وقت اهو شهر صوبي جي معاشي، واپاري، صنعتي، تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ ان جي حيثيت صوبي جي نِرو سينٽر (دماغ) واري آهي ۽ انهيءَ مرڪز کي ڌار ڪرڻ سان صوبي جي عام زندگي ۽ ترقيءَ کي ٻنجو اچي ويندو.“

”ٻيو ته اهڙو عمل نه رڳو انهيءَ قرارداد جي کلم کلا ۽ سنگين ڀڃڪڙي هوندو جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ 1940 ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو. جنهن موجب چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ شامل هر هڪ يونٽ کي ان جي سرحدي ۽ علائقائي استحڪام جي ضمانت هوندي، پر ان سان صوبن جي عوام جي ويساهه کي به وڏو هاڃو رسندو ۽ انهن وٽ پاڪستان جي مقصدن ۽ نظريي بابت جيڪي عظيم ويچار ۽ جذبا آهن، اهي سڀ خواب به چڪنا چور ٿي ويندا. ٽيون ته انهيءَ عمل جا انتهائي ڀوائتا ۽ سنگين نتيجا نڪرندا. سنڌ جي عوام اسلامي ڀائيچاري ۽ روايتي مهمان نوازي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان حڪومت جي جيڪا آجيان ڪئي ۽ سنڌ اندر انهن لکين ماڻهن جي لاءِ هر ممڪن قربانيون ڏنيون، جيڪي نه رڳو هندستان جي مختلف حصن پر خود پاڪستان جي ڪيترن حصن کان هجرت ڪري هتي آيا هئا، اهو عمل انهن سڀني قربانين ۽ جذبن جو سٺو صلو ثابت نه ٿيندو.“

”چوٿون ته انهيءَ عمل سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي اها پاڪستان جي عوام ۾ اتحاد واري جذبي کي ڪاپاري ڌڪ رسائي سگهي ٿي، ڇو ته صوبن جي عوام پنهنجي اهم مفادن جي بچاءَ لاءِ جيڪا فطري ۽ جائز جاکوڙ شروع ڪندا تنهن جو پاڪستان دشمن قوتون ڀرپور فائدو حاصل ڪنديون. جيڪي سنڌ جي مسلمان برادري جي اتحاد جي ڀرپور، پر خلوص ۽ سگهاري حمايت جي ڪري اسري نه سگهيون آهن. هيءَ ڪائونسل پنهنجي سڀني جائز عيوضين ۽ نمائندن، خاص ڪري پاڪستان آئين ساز اسيمبلي جي سنڌ وارن ميمبرن، سنڌ جي وزيرن ۽ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن، مسلم ليگ جي ضلعي ۽ پرائمري شاخن ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀني خير خواهن کان مطالبو ڪري ٿي ته اهي پنهنجي سگهه جو ڀرپور مظاهرو ڪندي، انهي غير قانوني، غير سياسي ۽ غير دانشمنداڻي عمل جي مخالفت ڪن.“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ 0 1  فيبروري تي ان مسئلي تي قرارداد منظور ڪئي:

”هيءَ اسيمبلي پاڪستان حڪومت پاران ڪراچيءَ جي شهر کي سنڌ انتظاميه جي ڪنٽرول کان کسي ان کي مرڪز جي انتظام هيٺ علائقو بڻائي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ واري ارادي جي مخالفت ۽ ان تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار رڪارڊ ڪرائي ٿي. تنهن ڪري هي ايوان قرارداد منظور ڪري ٿو ته ڪراچيءَ کي ڪنهن به قيمت تي مرڪز جي انتظاميه حوالي ڪرڻ نه ڏنو وڃي، تنهن کان سواءِ هي ايوان قائد ايوان ۽ سندس ڪابينه جي ساٿين کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي حڪومت پاڪستان کي اهو باور ڪرائين ته انهيءَ عمل سان نه رڳو سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طور تي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳندو پر اهو عمل لاهور واري 1940 ع جي قرارداد پاڪستان جي به کلم کلا اورانگهه هوندو. ڇو ته انهيءَ قرارداد ۾ پاڪستان ۾ شامل خود مختيار يونٽن جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي ضمانت ڏني ويئي هئي. تنهن کان سواءِ صوبي جو عوام پنهنجي پاڪستان جي آزاد رياست جي باري ۾ وفاداري ۽ محب وطني جا جيڪي جذبا رکي ٿو انهيءَ عمل سان انهن کي جيڪو ڌڪ لڳندو اهو الڳ آهي.“

پاڪستان لاءِ صوبن جي حمايت حاصل ڪرڻ وقت انهن اسان سان جيڪي بنيادي واعدا ڪيا ويا آهن، انهن ڏانهن عوام ۽ مرڪزي عملدارن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ يادگيرو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي ”قرارداد پاڪستان“ کي به پنهنجي ٺهرآءٌ ۾ شامل ڪيو:

”آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس اها راءِ رکي ٿو ته هن ملڪ لاءِ ڪوبه آئيني منصوبو ان وقت تائين ڪار آمد يا مسلمانن لاءِ قابل قبول نه هوندو، جيستائين اهو هيٺين بنيادي اصولن تي ٻڌل نه هوندو، يعني اهڙا جاگرافيائي متصل يونٽ جيڪي خِطن جي شڪل ۾ هوندا ۽ جيڪي ضروري زميني ڦير ڦار بعد اهڙي ريت جڙيل هوندا، جو هندستان جي اتر اوڀر ۽ اولهه جي جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هوندي تن کي پاڻ ۾ گڏ ڪري، آزاد رياستن جو درجو ڏنو ويندو ۽ اهي جوڙيندڙ يونٽ خود مختيار هوندا.“

کهڙي صاحب وٽ چٽو مينڊيٽ موجود هو، مرڪز ڪراچي کي ڦٻائڻ جو جيڪو منصوبو جوڙيو هو کيس ان جي مخالفت ڪرڻي هئي. هن لاءِ مسئلو جمهوري اصولن جي پوئواري ڪرڻ هو جيڪي سندس سڄي سياسي زندگيءَ ۾ سندس رهنمائي ڪندا رهيا هئا. هو صوبي ۽ عوام جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جن جي ڀلائي ۽ بهتري جو ڪم کيس سونپيل هو. ان ڏس ۾ جيڪڏهن مرڪزي حڪومت جي مخالفت ڪرڻي پوي پئي ته هو ان لاءِ تيار هو. سندس جاءِ تي ٻيو ڪو ماڻهو هجي ها ته گهڻي ڀاڱي اهو ۽ اهڙو قدم کڻڻ کان ڪيٻائي ها ۽ پنهنجي ذاتي فائدن ۽ نقصانن جي تور تڪ ڪري ها. کهڙي صاحب کي خبر هئي ته جناح صاحب سندس صلاحيتن جو تمام گهڻو معترف آهي ۽ جيڪڏهن هو مرڪز جي ها ۾ ها ملائيندو ته کيس وڏا فائدا ۽ اختيار ملي سگهن پيا.هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ناراض ڪرڻ  ۾ کهڙي صاحب کي ضرور هٻڪ ٿيڻ گهربي هئي، جنهن هڪ آزاد ملڪ حاصل ڪري تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ انوکو مقام حاصل ڪيو هو، اها ڌار ڳالهه آهي ته ان ڏس ۾ کيس دوستن ۽ دشمنن ٻنهي جو سهڪار حاصل رهيو.

پر کهڙي صاحب کي اها خبر هئي ته اهو خيال جناح صاحب جو پيش ڪيل نه آهي، باوجود ان ڳالهه جي، هو انهيءَ خيال جو پرجوش حامي هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته جن ماڻهن اها مهم شروع ڪئي هئي، انهن جا ارادا نيڪ نه هئا. انهيءَ منصوبي جي پٺيان هندن جي خالي ڪيل قيمتي ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن جي وڪري ۽ هندستان مان بي گهر ٿيل وزيرن لاءِ چونڊ تڪ جوڙڻ جهڙن ارادن کان سواءِ به ڪيترا ڪريل مقصد ڪار فرما هئا. کهڙي صاحب کي ان سڄي پس منظر جي ڄاڻ هئي. ڪراچيءَ جي سنڌ لاءِ ڪيتري اهميت ۽ افاديت هئي ان جو کهڙي صاحب کان وڌيڪ واقف ٻيو ڪير پئي ٿي سگهيو. هن بمبئي پريزيڊنسيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي هئي ۽ هو ڪراچيءَ کي سنڌ جو گادي وارو شهر بنائڻ واري ڪم ۾ ذاتي طور تي ارپيل هو. کيس ڪراچيءَ جي هڪ هڪ سِرَ جي قدر قيمت جي خبر هئي ۽ ان جي شهر ۽ عمارت سان جيڪي آسون ۽ اميدون وابسته هيون، هو انهن کان به واقف هو. هو ڪراچيءَ کي سنڌ جو دماغ (Nerve Centre) ڪوٺيندو هو. کيس خبر هئي ته اهي ڳوٺاڻا به  جن ڪراچيءَ کي ڏٺو به نه هو، اهي به ان جرڪندڙ شهر تي فخر ڪندا هئا، جيڪو سندن صوبي جي گاديءَ وارو شهر ۽ حاصل ڪيل آزادي ۽ خود مختياريءَ جي علامت هو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر جڏهن سنڌ مرڪز کي اها اجازت ڏيئي رهي هئي ته هو جيستائين چاهي ان شهر کي پنهنجي گادي وارو هنڌ بڻائي رکي ته پوءِ آخر مرڪز اهو شهر سنڌ کان ڇو کسي رهيو هو، ان حوالي سان هو ڪنهن به ويڙهاند لاءِ تيار هو، پوءِ ڀل مخالف ڌر ڪيتري به سگهاري ڇو نه هجي.

وزير اعظم 6 فيبروري تي پنهنجي آفيس ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ کهڙي صاحب کي سڏايو ۽ تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي عملدارن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ته جيئن اها ڪراچيءَ کي سنڌ جي گاديءَ واري شهر هجڻ سان گڏوگڏ پاڪستان حڪومت جي مستقل گادي واري هنڌ بنائڻ جي مامري جي انتطامي، مالياتي ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺي.

کهڙي صاحب ان ڪميٽي ۾ پنهنجي ٽيم جا نالا چندريگر ڏانهن موڪليا جن ۾ چيف سيڪريٽري بوٿ (Booth) ۽ ماليات، پي. ڊبليو.ڊي. لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ اندروني معاملن وارن سيڪريٽرين جا نالا شامل هئا. ۽ کيس چيو ته هو ان ڪميٽي لاءِ مرڪز جي عيوضين جي نامزدگي ڪري. چندريگر کهڙي صاحب سان ان معاملي ۾ جيڪو طئي ڪيو هو، ان تان هڪدم ڦري ويو:

”مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته اوهان پنهنجي بيان ۾ اهو چيو آهي ته ڪراچي مرڪز جي گاديءَ سان گڏوگڏ سنڌ جو به گادي وارو شهر رهندو، اها ڳالهه جوائنٽ ميٽنگ جي فيصلي سان مطابقت رکندڙ نه آهي. ان سلسلي ۾ صحيح پوزيشن هيءَ آهي ته.... ڪراچي حڪومت پاڪستان جي مستقل گادي رهندي. آيا سوال آهي ڪراچي سنڌ جو گاديءَ وارو هنڌ رهندو يا صوبائي گاديءَ کي ڪنهن ٻئي جاءِ تي منتقل ڪري ڪراچيءَ کي مرڪزي انتظام وارو قرار ڏنو ويندو، انهن سوالن تي اڃان وڌيڪ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.... اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته انهن ٻنهي مسئلن تي پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي وزيرن واري جوائنٽ اجلاس ۾ ويچاريو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو راضپو نه ٿيو ته اهو معاملو حمتي فيصلي لاءِ قائداعظم اڳيان رکيو ويندو.“

کهڙي صاحب پنهنجي جوابي خط ۾ چندريگر جي انهيءَ دعويٰ کي رد ڪيو ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر کي ڪراچيءَ مان منتقل ڪرڻ تي ڪو راضپو ٿيو آهي:

”اوهان جي خط جي ٻئي پيراگراف جي حوالي سان مان اهو واضح ڪندو هلان ته جيستائين منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جو تعلق آهي ته اهڙي ڪنهن به نقطي تي ڪو راضپو نه ٿيو آهي، جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي.

سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ پاران ڏنل واضح مينڊيٽ (قرارداد جي ڪاپي شامل آهي) جي روشنيءَ ۾ مون کي افسوس آهي جو مان هن حڪومت پاران ڪاميٽيءَ ۾ نامزد ڪيل آفيسرن کي اهو حڪم نه ٿو ڏيئي سگهان ته اهي سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ کي ڪراچيءَ کان ڪنهن ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن تنهنڪري مان اميد ڪريان ٿو ته ڳالهيون اوهان جي خط ۾ ذڪر ڪيل اهم ٽرمس آف ريفرنس جي پهرين ٻن اسمن تائين محدود رهنديون.“

مرڪزي حڪومت کهڙي صاحب کي خاطري ڪرائي ته:

”هن ڪميٽيءَ جي رپورٽ پاڪستان حڪومت يا سنڌ حڪومت کي ڪميٽيءَ جو فيصلو مڃڻ جو پابند نه ڪندي. هن ڪميٽيءَ ۾ اوهان جي عملدارن جي شرڪت، اوهان تي جيڪي اعتراض آهن، جن کان اسان آگاه به آهيون، انهن کان مٿانهين هوندي. اهم نڪتي تي گڏيل گڏجاڻيءَ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جا وزير گڏجي ڪو فيصلو ڪندا...  ۽ تڪراري معاملن جي فيصلي لاءِ قائداعظم آڏو پيش ڪيو ويندو.“ کهڙي صاحب پنهنجي موقف کي ٻيهر ورجايو:

”منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچيءَ کان منتقل ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهيون تيستائين ملتوي ڪيون وڃن جيستائين ڪميٽي ان معاملي تي ويچار نه ڪري ته سنڌ جي گاديءَ جو شهر ڪراچيءَ رهڻ جا ڪهڙا نتيجا مرتب ٿيندا.“

مرڪزي حڪومت جي رويي مان اهو ظاهر هو ته اها ڪميٽي ان معاملي کي ايستائين محدود رکڻ نه پيئي گهري ته اها اهو ويچاري ته مرڪز جي گادي وارو شهر ڪراچيءَ ۾ رکڻ جا ڪهڙا اثر پوندا ۽ سندس خواهش هئي ته سنڌ جيترو جلد ممڪن هجي پنهنجي گادي ٻئي ڪنهن شهر ڏانهن کڻي وڃي. سو چندريگر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪئي ته ”زباني واعدي“ جو حوالو ڏيئي کهڙي صاحب کي پابند ڪيو وڃي ته هو ڪميٽيءَ جي مرڪزي ايجنڊا تي شامل انهن سڀني نڪتن کي مڃي وٺي جن تي بحث ڪيو ويو هو. ”ڇا اوهان هاڻي لکت ۾ اها تصديق ڪندا ته اوهان 7 1  تاريخ مون کي چيو هو ته ڪميٽي سڀني ٽرمس آف ريفرنس تي ڳالهيون ڪري ۽ حقيقت ڳوليندڙ Fact Finding)) رپورٽ جاري ڪري سگهي ٿي؟ کهڙو صاحب به سرڪاري لکپڙهه جي باريڪين کان خوب واقف هو ۽ ان کليل ۽ صاف اکرن ۾ تفصيل سان وضاحت ڪئي ته مرڪزي حڪومت ڇا پيئي چوڻ گهري:

”اوهان جي 20 هين فيبروري واري خط لاءِ ٿورا. جيڪڏهن مون اوهان سان ڪيل 17 هين تاريخ واري گفتگو ۾ ڪو غلط تاثر ڏنو آهي ته ان لاءِ معذرت خواهه آهيان. مان پنهنجي ڪابينه جي صلاح مشوري بعد14 هين ۽19 هين فيبروري تي جيڪي خط اوهان کي لکيا هئا تن ۾ پهريان ئي اهو واضح ڪيو  هو ته منهنجي حڪومت سنڌ جي گاديءَ کي ڪراچيءَ کان منتقل ڪرڻ واري رٿ جي ڪنهن به تجويز تي ڳالهائڻ جي ايستائين مڪمل مخالف رهندي، جيستائين پهريان سرڪاري ڪميٽي ۾ اوهان پاران تجويز ڪيل ان رٿ تي ويچار نه ڪيو وڃي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي کي سنڌ جي گادي وارو شهر نه رهڻ کپي. ۽ ان سلسلي ۾ ڏنل دليلن تي منهنجي حڪومت چڱيءَ طرح ويچاري انهن جي فائدن ۽ نقصانن جي تور تڪ ڪري، ان کان اڳ ان معاملي تي ويچارڻ اجايو ۽ وقت کان پهريان هوندو. مان اهو ٻڌائيندو هلان ته هن وقت تائين ڪنهن به ڌر اسان کي پنهنجي گادي وارو شهر منتقل ڪرڻ واري رٿ جي سلسلي ۾ دليل پيش نه ڪيا آهن.

ٻيو ته انهيءَ رٿ تي بحث مباحثي سان صوبي جي عوام جا جذبا ويتر مجروح ٿيندا، جيڪي اسان جي گادي واري شهر کي ڇني ڌار ڪرڻ بابت ڏنل غير سنجيده بيانن جي ڪري پهريائين مجروح ٿيل آهن. ان عمل سان مقامي آبادي، پناهگيرن ۽ ٻئي آبادي وچ ۾ دوستاڻن ناتن جو استوار ٿيڻ ويتر ڏکيو ٿي ويندو. اهو مسئلو پهريائين منهنجي لاءِ وڏي ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهي.

ٽيون فرض ڪجي ته جيڪڏهن اهو فيصلو ٿي به وڃي ٿو ته پاڪستان جي گادي جو مستقل هنڌ ڪراچي هوندو، تڏهن به سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ دل و جان سان سهڪار ڪندي ۽ ان خودمختيار حڪومت جي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ جن به رنڊڪن جي نشاندهي ڪئي ويئي انهن کي دور ڪندي. آفيشل ڪميٽي کي ان ڏس ۾ تفصيل سان ويچارڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته اهڙين رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جو حل اهو نه آهي ته سنڌ جي گاديءَ وارو هنڌ ڪنهن ٻئي جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي. مون کي اهو چوڻ جي ضرورت نه آهي ته جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ان ڏس ۾ بي شمار عملي مشڪلاتون کڙيون ٿينديون ۽ ان جا سنڌ واسين جي زندگيءَ تي گهرا ۽ جٽادار هاڃيڪار اثر پوندا.

چوٿون- منهنجي اوهان کي وينتي آهي ته اوهان منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جي پوزيشن جو اندازو، انهن وزيرن جي حيثيت ۾ ڪندا جيڪي انهيءَ اسيمبلي آڏو جوابدهه آهن، جنهن ويجهڙائيءَ ۾ ان تجويز جي خلاف يڪراءِ رٿ منظور ڪئي آهي. جيڪڏهن اوهان معاملي کي فراخدلي ۽ حل ڪرڻ واري جذبي سان ڏٺو ته مون کي يقين آهي ته ان مسئلي جو اهڙو حل ضرور نڪري ايندو، جنهن سان ٻنهي حڪومتن کي اهڙا اختيار ملي ويندا ته اهي ڪراچي شهر ۾ پنهنجي دائري اندر پنهنجي اختيارن جو استعمال ڪري سگهنديون ۽ ڪراچي جي سنڌ کان ڪٽجي ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ هتان جي عوام جي احساسن کي جيڪو ڌچڪو رسندو ان کان به بچي سگهبو.

مان پاڪستان سرڪار کي اپيل ڪندس ته اها اهڙو بيان جاري ڪري ته جيستائين ڪراچي شهر جي انتظاميه جي باري ۾ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي خاص لاڳاپن تي ويچاريو وڃي، تيستائين سنڌ کي مجبور نه ڪيو ويندو ته اها پنهنجي گاديءَ جي هنڌ کي ڪنهن ٻئي پاسي منتقل ڪري ۽ اهڙي ريت ان هاڃيڪار عوامي احتجاج کي ماٺو ڪيو وڃي جيڪو ان مسئلي تي بدقسمتيءَ سان اڀريو آهي. حڪومت جي اهڙن بيان سان انهن ناراضگين جو به ازالو ٿيندو جن کي جيڪڏهن نه روڪيو وڃي ته هن صوبي ۾ پناهگيرن جي ٻيهر منظم آبادڪاريءَ واري ڪم کي وڏو هاڃو رسندو.“

جيئن کهڙو صاحب ان خط ۽  ان کان پهريان واري خط ۾ واضح ڪري آيو هو ته مرڪزي حڪومت سنڌ جو گادي وارو شهر کسي ان جي سرَ کي وڍڻ جي گهرجائو هئي، صوبي ۾ تآءٌ پکڙيل هو ۽ شاگردن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي. 21  جنوري تي ڪراچيءَ ۾ پهرين مظاهري ٿيڻ بعد وزيرن ۽ گورنر جنرل جي گهر آڏو جلوسن ۽ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو. مظاهرين رياستي سربراهه خلاف نعري بازي ڪئي ۽ گورنر جنرل هائوس جي سامهون ليزلي ولسن مسلم هاسٽل تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا. جناح صاحب کي انهيءَ عمل تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ هن کهڙي صاحب کي گهرائي شڪايت ڪئي ته سندس ڀآءٌ خاص طور تي انهن مظاهرن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. حقيقت اها هئي ته کهڙي صاحب جو سڀ کان ننڍو ڀآءٌ علي گوهر ليزلي ولسن هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ اهو به مظاهرين ۾ شامل هو. جيتوڻيڪ هو ان احتجاج جي سربراهي نه ڪري رهيو هو پر پوءِ به انهن شڪايتن مان ظاهر هو ته انهيءَ دور ۾ جناح صاحب ڪيترو پريشان ٿي رهيو هو.

کهڙي صاحب ۽ گورنر هدايت الله وچ ۾ ڊگهي عرصي کان اختلاف هلندڙ هئا ۽ اڳوڻي گورنر موڊي جيان جن ماڻهن کي انهن ٻنهي شخصيتن جي خبر هئي اهي ڄاڻن پيا ته انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آڻڻ سان ڏکيائون ئي جنم وٺنديون. جيڪڏهن کهڙو صاحب هدايت الله جي خواهش جي پيروي ڪري ها ته کيس گهڻي تڪليف نه ٿئي ها، پر جيئن ته کهڙو صاحب هڪ سخت ايڊمنسٽريٽر هو تنهن ڪري هو سرڪاري معاملن ۾ غفلت ۽ نرمي برداشت نه ڪندو هو. انهن ٻنهي وچ ۾ ڪافي تڪرار ٿيا، مثال طور گورنر، حڪومت کان گورنر هائوس جي ڊيڪوريشن لاءِ2 لک رپين جي رقم طلب ڪئي، جيڪا تنهن وقت جي لحاظ کان وڏي رقم هئي ۽ کهڙي صاحب ملڪ جي موجوده حالتن جي پيش نظر انهيءَ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو چئي گورنر هائوس لاءِ 5 7  هزار رپين جي رقم منظور ڪئي ته وزيرن کي رهائش گاهن جي ڊيڪوريشن لاءِ5 2  هزار رپين جي رقم ڏني ويئي آهي. ان کان اڳ کهڙي صاحب جي وڏ وزارت جي اوائلي دور ۾ هدايت الله سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل پرمانند ڪندن مل ذريعي نياپو ڪيو هو ته جيڪو ماڻهو سندس سفارش کڻي اچي تنهن جوڪم ڪيو وڃي، کهڙي صاحب کي ڄاڻ هئي ته اهڙا سفارشي ماڻهو گهڻو ڪري ڏوڪڙ ڏيئي ڪم ڪرائيندا آهن ۽ اهڙين سفارشن کي مڃڻ سان سندس انتظاميه جي ساک کي به خطرو آهي، تنهن ڪري هن اهڙيون سفارشون مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هدايت الله کي ان ڳالهه تي به ناراضگي هئي ۽ هو کهڙي صاحب کان بدلو وٺڻ لاءِ موقعي جي ڳولا ۾ هو، پر کيس ڄاڻ هئي ته کهڙي صاحب کي پارٽي ۽ سنڌ اسيمبلي جي حمايت حاصل آهي ۽ ان وقت کيس قائداعظم جي به حمايت هئي، تنهن ڪري هدايت الله کي احتياط کان ڪم وٺڻو پيو.

اپريل 1948 ع ڌاري هدايت الله لاءِ وار ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار ٿي چڪيون هيون. هن ٻن وزيرن مير غلام علي ٽالپر ۽ پير الاهي بخش سان اهڙو ٺاهه ڪيو هو ته جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به هڪ کي وڏو وزير بڻايو وڃي ته اهي ٽن ڏينهن اندر پنجاب مان پناهگيرن جي وڏي انگ کي سنڌ ۾ جاءِ ڏيندا ۽ ڪراچيءَ کي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪندا.

انهن گڏجي ڪري کهڙي صاحب خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ لاءِ صحيحيون وٺڻ شروع ڪيون. انهن ٻنهي مختلف ميمبرن کي پنهنجو حامي بنائڻ لاءِ سڄي سنڌ جا دورا ڪيا پر کين ڪا ڪاميابي نصيب نه ٿي. هدايت الله ٻنهي وزيرن کي جناح صاحب وٽ وٺي ويو ۽ ان سان ان مسئلي تي صلاح مشورا ڪيائين. ٻڌايو ويو ته جناح صاحب کين چيو ته ”مان کيس هٽائڻ لاءِ تيار آهيان پر اوهان ڪو اهڙو منصوبو جوڙي ڏيو جنهن جي بنياد تي مان اهو قدم کڻان.“ ايڊووڪيٽ جنرل وسيم جي راءِ هئي ته جيڪڏهن وڏي وزير کي ايوان جي حمايت حاصل آهي ته سنڌ جو گورنر کيس هٽائي نه ٿو سگهي.

کهڙي صاحب کي چڱي طرح خبر هئي ته سندس ڪابينه ۾ گهوٽالو پيدا ڪرڻ ۾ گورنر جو هٿ آهي، سوهن 2 2  اپريل تي جناح صاحب ڏانهن خط لکيو ۽ کيس ان معاملي کي انصاف سان نبيرڻ جي درخواست ڪئي:

”منهنجا پيارا قائداعظم،

جيئن ته اوهان کي سڌ آهي ته بدقسمتيءَ سان منهنجي ۽ منهنجي ڪابينه جي ٻن ساٿين، پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي ٽالپر ۾ اختلافن جنم ورتو آهي، انهن پنهنجن بيانن ۾ سنڌ جي وڏي وزير طور منهنجي مٿان اعتماد جي کوٽ جو اظهار ڪيو آهي ۽ نه رڳو ايترو پر مان جنهن نموني صوبي جي حڪومت کي هلائي رهيو آهيان ان تي به انهن کلي عام حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن.

2 - ان معاملي ۾ ڪير حق تي آهي ۽ ڪير ناحق تي، ان کي ته ڇڏيو پر حقيقت اها آهي ته منهنجي ٻن وزيرن پاران منهنجي وڏ وزارت خلاف ان کلي عام بغاوت صوبي کي بدقسمتيءَ سان مونجهارن ۽ گهوٽالن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. اسان برطانيه ۽ ننڍي کنڊ جي ڳالهه نه به ڪيون، جن جي آئيني جوڙجڪ  جي بنياد تي هن ملڪ جي حڪومت هلي چلي رهي آهي پر انهن بنيادن کي ته ڏسون جن ذريعي سنڌ ۽ پاڪستان جون حڪومتون هلي رهيون آهن، ته اسان کي خبر پوندي ته حڪومت جو ڪابينه نظام ان وقت ئي اثرائتي نموني هلندو آهي جڏهن ان ۾ مڪمل  هم آهنگي هجي ۽ ذميواريءَ جو گڏيل احساس هجي. اهي ٻئي شرط ڪابينه کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ بنهه بنيادي ڳالهيون آهن، جيئن اهو لازمي آهي ته قانون سازيءَ توڙي گورنر ڏانهن روين جي لحاظ کان ڪابينه هڪ يونٽ طور ڪم ڪري.

3 - گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجي انهن ٻنهي دوستن جي سرگرمين سبب منهنجي ڪابينه جي سياسي سالميت ۽ ان جي ذميواريءَ واري احساس کي وڏو هاڃو رسيو آهي. پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي ٽالپر ان حد تائين پهچي ويا آهن، جو اهي منهنجي خلاف پرپٺ گورنر ڏانهن خط لکي رهيا آهن ۽ انهن کلي عام منهنجي ڪجهه حڪومتي فيصلن جي خلاف به ڳالهايو آهي، جن تي انهن ٻنهي وزيرن سميت سڄي ڪابينه يڪراءِ فيصلا ڏنا هئا.

4 - جيئن ته انهن ٻنهي وزيرن منهنجي وڏ وزارت خلاف کلي عام بغاوت ڪئي آهي ۽ پنهنجي غلط بيانن سان منهنجي ڪابينه جي سياسي يڪجهتي ۽ ان جي گڏيل ذميواريءَ واري احساس کي هاڃو رسايو آهي، تنهن ڪري منهنجي لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته انهن ٻنهي کي ڪابينه ۾ رکندي صوبي جي حڪومت کي هلائي سگهان. آئيني طور تي ائين ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن جو منهنجي سوچ سان اختلاف آهي ۽ انهن جو منهنجي قيادت تي اعتماد نه رهيو آهي ته اهي پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏيئي ڇڏين. پر جيئن ته هنن آئيني اصولن ۽ طريقن جي اورانگهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو ڪابينه جي سياسي يڪجهتي ۽ گڏيل ذميواري واري احساس کي هاڃو رسائڻ واري سندن عمل مان ظاهر آهي، تنهن ڪري مون وٽ ان کان سواءِ ٻِيو ڪو چارو نه رهيو ته هز ايڪسيلنسي گورنر کي اها صلاح ڏيان ته جيڪڏهن اهي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪن ته کين سندن عهدن تان برطرف ڪيو وڃي. اهو ئي واحد طريقو آهي جنهن سان مان آئيني بنيادن تي پنهنجي ڪابينه جي ڪم ڪار کي عملي طور تي ٻيهر بحال ڪري سگهان ٿو.

5 - مون کي اها وضاحت ڪرڻ جي گهڻي ضرورت نه آهي ته سموري برطانوي ڪامن ويلٿ ۾ مڃيل آئيني اصولن ۽ انتظامي قاعدن موجب وڏي وزير کي اهڙا آئيني اختيار حاصل آهن ته اهو پنهنجا ساٿي چونڊي ۽ اهڙن وزيرن کي ڪابينه مان ڪڍي جيڪي وڏي وزير جي ضابطي ۽ حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪن. جيئن ته مسلم ليگ جي اسيمبلي پارٽيءَ ۽ قانون ساز اسيمبلي ۾ مجموعي طور تي ڀرپور حمايت حاصل آهي تنهن ڪري گورنر مٿان لازم آهي ته اهو منهنجي آئيني صلاح کي مڃي ۽ ان تي عمل ڪري.

6 -  مان هي خط اوهان ڏانهن ان لاءِ لکي رهيو آهيان ته جيئن اوهان کي انهن حالتن جي آگاهي ڏجي جيڪي منهنجي انهن ٻن ساٿين جي ڪري پيدا ٿيون آهن ۽ مان مودبانه طور تي اوهان کي درخواست ڪيان ٿو ته آئيني ايڪٽ جي سيڪشن 51، سب سيڪشن (5 ) هيٺ سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي وڃي ته جيڪڏهن پير ۽ مير استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪن ته کين وزارت جي عهدي تان هٽايو وڃي. منهنجي خواهش آهي ته مان سندن جاءِ تي اهڙا ماڻهو رکان جن جو اعتماد مون کي حاصل هجي ۽ جيڪي منهنجي سياسي قيادت کي قبول ڪن ته جيئن حڪومت جي سياسي يڪجهتي ۽ گذريل ذميواريءَ جي بي رحميءَ سان چوُر چوُر ڪيل احساس کي ٻيهر بحال ڪري، پهريان وانگر سهڻي نموني حڪومت کي هلايو وڃي.“

جيئن هن خط مان ئي ظاهر هو ته کهڙو صاحب اهو محسوس ڪري رهيو هو ته هاڻي معاملي جو سڄو دارومدار جناح صاحب جي مٿان آهي، جنهن کي آئيني ماهر طور وڏي هاڪ حاصل هئي. جيڪو هڪ اصولي انسان طور پڻ مشهور هو، پر کهڙي صاحب کي ان ڏس ۾  ڪا ترت آٿت ۽ واهر حاصل نه ٿي. کهڙو صاحب سمجهي پيو ته هدايت الله جيڪي قدم کڻي رهيو آهي انهن بابت کيس مرڪز مان سگهارين ڌرين جي پٺڀرائي حاصل آهي پر اها ڪهڙي سطح جي آهي، اهو کيس معلوم نه هو، کيس بي اختيار  بنائڻ لاءِ جيڪي طرح طرح جا حربا استعمال ٿي رهيا هئا، انهن جي دٻاءَ ۾ اچي کهڙي صاحب هڪ وڏي ۽ اهم غلطي ڪري وڌي. هدايت الله هڪ هفتو اڳ وزارتن جي قلمدانن ۾ تبديلي جا حڪم جاري ڪيا هئا ۽ گهرو معاملن واري وزارت کهڙي صاحب کان واپس ورتائين. هن ايڊووڪيٽ جنرل کان اها راءِ حاصل ڪري ورتي هئي ته گورنر کي وزارتي قلمدانن ۾ ڦير ڦار جو اختيار آهي. کهڙي صاحب کي سندس هڪ سٺي دوست ۽ ساٿي وزير قاضي فضل الله صلاح ڏني ته هو گورنر جي ان هدايت تي عمل ڪري ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ ماٺار اچي. کهڙي صاحب کي اميد هئي ته جناح صاحب سندس باري ۾ انصاف سان فيصلو ڪندو ۽ هن جناح صاحب کي خط لکيو پر ان خط ۾ جيڪي لقب القاب استعمال ڪيا ۽ خود خط جو جيڪو متن هو، اهو پاڻ ٻڌائي رهيو هو ته کهڙو صاحب پاڻ ۽ جناح صاحب ۾ ڪيتريون وڇوٽيون محسوس ڪري رهيو هو، جنهن جي گهر هڪ ذاتي دعوت هن بلڪل ويجهڙائي ۾ کاڌي هئي ۽ جنهن ڪجهه هفتا اڳ هن جي وڏي ساراهه ڪئي هئي:

”يوئر ايڪسيلنسي:

مان هيٺين معاملن تي اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ گهران ٿو:

1 - مان سنڌ ۾ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جو اڳواڻ آهيان ۽ ان حوالي سان صوبي ۾ وڏ وزارت جي عهدي تي به آهيان، جنهن تي مان اٺ مهينا اڳ يڪراءِ سان چونڊيو ويو هيس ۽ هن وقت تائين مونکي پارٽيءَ جو مڪمل اعتماد حاصل آهي. جنهن جي ثبوت طور گذريل فيبروري ۾ پارٽيءَ ۽ ان کان پوءِ قانون ساز اسيمبليءَ منهنجي حق ۾ اعتماد جو ووٽ يڪراءِ سان منظور ڪيو آهي. اهڙي ريت منهنجي پاران پيش ڪيل بجيٽ ۽ منهنجي حڪومت پاران پيش ڪيل قانون سازيءَ کي پڻ منطور ڪيو ويو آهي.

2- يوئر ايڪسيلنسي کي ياد هوندو ته اوهان جي هدايت تي مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ، انتظامي معاملن لاءِ وزارت کي وقت بوقت صلاح ڏيڻ لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، جنهن جي چونڊ پارٽي هر سال ڪندي آهي. ان ڪميٽيءَ جو اجلاس گذريل مارچ جي 1 2  ۽ 2 2 هين تاريخ ٿيو هو، جنهن ۾ ٻين معاملن کان سواءِ سول سپلائيز کاتي جي ڪم ڪار بابت آيل ڪجهه شڪايتن تي به غور ڪيو ويو، جنهن جو انچارج وزير آنريبل مير غلام علي آهي. ڪميٽيءَ مون کي ۽ مير غلام عليءَ، ٻنهي کي اجلاس ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني هئي. پر اسان ٻئي اجلاس ۾ نه وڃي سگهياسين. آخر ڪار ڪميٽيءَ هڪ قرارداد پاس ڪيو جنهن ۾ سول سپلائيز کاتي جي ڪجهه ڪم ڪارين جي حوالي سان تنقيد ڪئي ويئي.

3 - جيئن ته مير غلام علي خان کي ان قرارداد جي باري ۾ خبر پئي ته هن هڪ پريس بيان جاري ڪري ان قرارداد ۾ ٿيل تنقيد جي ذميواري منهنجي مٿان عائد ڪئي. تنهن وقت مان لاهور ويل هئس. منهنجو ڌيان بيان ڏانهن ڇڪايو ويو ۽ مان مير صاحب جي پريس بيان ذريعي ڦهلايل غلط تاثر کي دور ڪرڻ لاءِ هڪ وضاحتي پريس نوٽ جاري ڪيو.

4 - ڪراچيءَ واپسي بعد مان پنهنجي عزت ماب ساٿين مير غلام علي خان ۽ پير الاهي بخش سان ملاقات ڪئي (پير الاهي بخش به هاڻي مير غلام علي جو ساٿاري بڻجي منهنجي خلاف سخت تنقيدي پريس بيان جاري ڪري رهيو آهي.) ان ملاقات ۾ اسان انهن معاملن تي کلي ڳالهايو ۽ جيڪي غلط فهميون هيون اهي دور ڪيون ويون ۽ مير صاحب هڪ نئون بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ اهم حصو خاص طور تي نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي:

”تنهن ڪري مان خلوص سان ان معاملي ۾ جاري ڪيل پنهنجي انهن پريس بيانن تي معذرت ڪريان ٿو، جن ۾ وڏي وزير جو نالو ان تڪرار ۾ آندو ويو آهي، جيڪو اسان جي پارٽيءَ جو قائد آهي ۽ جنهن تي اسان جو مڪمل اعتماد آهي.“

ان بيان کان پوءِ مون اهو سمجهيو ته هاڻي تڪرار ختم ٿي چڪو آهي.

5 - پر چار ڏينهن پوءِ يعني 6 اپريل تي، مون کي ان وقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن انهن آنر ايبل وزيرن پارٽي ۾ بغاوت ڪرائڻ لاءِ سنڌ جو دورو شروع ڪيو. تنهن کان سواءِ پير صاحب پارٽيءَ جي ڊپٽي اڳواڻ جي حثيت ۾ 4 1  اپريل تي پارٽيءَ جو اجلاس طلب ڪيو. پير صاحب جي ٿيل نوٽيس ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيل هئي اها پڻ سندس بغاوت واري موڊ کي ظاهر ڪري رهي هئي. حقيقت اها هئي ته مير صاحب ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي وچ ۾ اختلافن جي نبيري لاءِ پارٽيءَ جو طئي ٿيل اجلاس 0 3  اپريل تي گهرايو ويو هو ۽ مير صاحب کي پاڻ ڪو الڳ اجلاس سڏائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. پير صاحب جيڪا اها دعويٰ ڪئي ته هن پاران ڪاٺايل اجلاس غير رسمي آهي جنهن جو مقصد، ڪجهه اهم معاملن تي غور ڪرڻ آهي، ان جي ترديد سندس پاران جاري ڪيل دعوت واري خط جي متن مان پاڻ مرادو ئي ٿي رهي هئي. مٿي ذڪر ڪيل دوري ۾ ٻئي وزير منهنجي ۽ پارٽي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ ۽ پارٽي جي نظرن ۾ منهنجي شخصيت کي ڪيرائڻ واري ڏس ۾ وسان نه گهٽايو.

6 - 4 1  اپريل تي مير صاحب جي سڏايل گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ (ميٽنگ سڏائيندڙ ٻن وزيرن سميت) رڳو اٺن ميمبرن شرڪت ڪئي جيتوڻيڪ پارٽيءَ جي ڪل ميمبرن جو انگ 37 هو. اهي اٺ ئي ڄڻا بنان ڪنهن رسمي فيصلي تي پهچڻ جي اٿي ويا. ان سان اڻ سڌي طور اهو ثابت ٿيو ته پارٽيءَ ۾ منهنجي پوزيشن اڃان تائين مستحڪم آهي.

7 - پنهنجي منصوبي جي توڙ نه پڄڻ ۽ پارٽي ميمبرن جي مليل موٽ کان مايوس ٿي ٻنهي وزيرن ٻئي ڏينهن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو، جن ۾ انهن پنهنجي خيالي وهمن جي بنيادن تي منهنجي کلي عام نندا ڪئي. مان انهن وزيرن سان ويڇا وڌائڻ نه پئي گهريا ۽ سندن بيان جي جواب ۾ مون جيڪا وضاحت ڪئي اها به سرچاءَ وارن بنيادن تي ٺهيل هئي. انهن ٻنهي بيانن جي تقابلي جائزي سان يوئر ايڪسيلنسي کي پاڻ اندازو ٿي ويندو ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي لاءِ ڪهڙا رويا ۽ ويچار رکن پيون. منهنجي بيان جي موٽ ۾ ٻه وڌيڪ بيان ڏنا ويا. جن ۾ وڌيڪ سخت زبان استعمال ڪيل هئي.

8 - 4 1  اپريل تي مون کي گورنر جو هڪ خط مليو جنهن ۾ هن خواهش ڏيکاري ته مان ساڻس اچي ملان. مان پنهنجي صحت جي مسئلن سبب ساڻس 6 1  اپريل تي وڃي مليس جڏهن هز ايڪسيلنسي (گورنر) مون کي ٻڌايو ته هن وزارتي قلمدانن جي ٻيهر ورهاست جو فيصلو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ گورنر اهڙو فيصلو رڳو منهنجي صلاح کان پوءِ ئي ڪري سگهي پيو، پر تنهن هوندي به مان هز ايڪسيلنسي کي اپيل ڪئي ته هو ان مسئلي تي پنهنجون تجويزون مون کي ڏئي جيئن مان پنهنجي آنر ايبل ساٿين کان ان باري ۾ مشورا وٺان ۽ ان مسئلي تي پنهنجي راءِ ڏئي سگهان. ان ڳالهه ٻولهه جا وڌيڪ تفصيل ۽ منهنجي اها توثيق خط ۾ شامل آهن جيڪو مان گورنر کي لکيو هو.

9 - منهنجي اپيلن تي ڪو ڌيان نه ڌريندي ساڳئي ڏينهن شام جو (6 1  تاريخ تي) قلمدانن جي ڦير ڦار جو حڪم پنهنجي سيڪريٽريءَ جي صحيح سان جاري ڪيو. اهو حڪم جڏهن چيف سيڪريٽري کي مليو ته هن ان تي نوٽ لکيو. جنهن کاءِ پوءِ گورنر جي سيڪريٽري سنئون سڌو ايڪسٽرا آرڊنري گزيٽ شايع ڪري ان ۾ گورنر جو اهو حڪم شامل ڪري ڇڏيو.

0 1- ساڳئي ڏينهن شام جو مان گورنر کي درخواست ڪئي ته اهو ان معاملي ۾ تڪڙ نه ڪري ۽ مون کي اهڙو موقعو ڏئي ته ان معاملي تي پنهنجي ساٿين سان صلاح مشورو ڪيان. هز ايڪسيلنسي منهنجي درخواست کي قبول ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هو. تنهن ڪري ساڳي شام جو مان هن ڏانهن هڪ ٻيو خط لکيو ۽ جيڪا صورتحال هن پيدا ڪئي هئي، تنهن تي به رضامندي ڏيکاريم ۽ منهنجي جيڪا عرضداشت هز ايڪسيلنسي گورنر جنرل ڏانهن موڪليل هئي ان جي نتيجن جو به انتظار نه ڪيم. ظاهر آهي ته ان دوران مان چيف سيڪريٽري کي به هدايت ڪئي ته هو گورنر جي حڪم تي عمل ڪري.

1 1 - هن وقت منهنجي درخواست اها آهي ته گورنر منهنجي صلاح جي ابتڙ قلمدانن جي ڦير ڦار جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو واپس ٿيڻ گهرجي ۽ هيٺين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي يوئر ايڪسيلنسي کيس پاڪستان (عبوري آئين) آرڊر، 1947 ع جي سيڪشن 1 5  هيٺ اهڙي هدايت جاري ڪن:

(الف) آئيني توڙي جمهوري اصولن ۽ قاعدن ٻنهي موجب قلمدانن ڏيڻ جو اختيار وڏي وزير کي حاصل آهن. ان ڏس ۾ وڏو وزير جيڪا صلاح ڏئي ان تي عمل ڪرڻ گورنر لاءِ لازم آهي.

(ب) جيستائين وڏي وزير وٽ اهي اختيار نه هوندا تيستائين هو ڪابينه ۾ نه ته يڪجهتي ۽ هم آهنگي آڻي سگهندو ۽ نه وري ان جي ڪم ڪار کي صحيح نموني هلائي سگهندو. جيستائين وڏي وزير کي ڪم جي ورهاست واري معاملي ۾ فري هينڊ نه هوندو تيستائين هو قانون ساز اسيمبلي يا ملڪ پاران مليل پنهنجي ذميواري ادا ڪري نه سگهندو.

(ٻ) اهو وڏو وزير ئي هوندو آهي جيڪو سڀني انتظامي معاملن لاءِ اسيمبليءَ آڏو جوابده هوندو آهي. هو انتظاميه جي انهن شاخن جي باري ۾ اسيمبلي آڏو ڪو جواب نه ٿو ڏيئي سگهي، جن جي لاڳاپيل وزيرن تي سندس ڪو اختيار نه آهي. انهيءَ سلسلي ۾ گورنر پاران مقررين سبب ايوان ۾ وڏي وزير جي حيثيت انتهائي متاثر ٿي وڃي ٿي.

(ڀ) جنهن صورت ۾ وڏي وزير کي ڪم ڪار جي ورهاست ۾ ڪو اختيار نه ٿو رهي ته ان سان وڏي وزير جي حيثيت کي هاڃو رسي ٿو ۽ ڪابينه جي ڪم ڪار کي صحيح نموني هلائڻ لاءِ سندس ساٿين کي وڏي وزير ڏانهن پاڻ جيترو ذميوار رکڻ گهرجي هو اوتري ذميواريءَ جو مظاهرو نه ٿا ڪن.

آزاديءَ کان اڳ واري دور ۾ به انهن معاملن ۾ ڪنهن به گورنر ڪڏهن وڏي وزير مٿان پنهنجي مرضي مسلط نه ڪئي هئي. جيڪڏهن پراڻي نظام هيٺ جنهن ۾ گورنر کي خاص ذميوارين، ذاتي فيصلي ۽ ذاتي صوابديد جا حق حاصل هئا، ان نظام هيٺ به اها صورتحال هئي ته پوءِ نئين سيٽ اپ ۾ اها ڳالهه انتهائي نامناسب ۽ اڻوڻندڙ آهي ته ڪوبه گورنر ان قسم جي هوڏ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو مظاهرو ڪري جنهن جو مظاهرو ڪرڻ پراڻن گورنرن به ڪڏهن مناسب نه سمجهيو هو.

(ٿ) گورنر جو اهڙو حڪم انهن باغي وزيرن جي پٺڀرائي آهي،  جن کي اهڙي وڏي وزير جي لاڳيتي حڪم عدولي سبب پنهنجي عهدن تان لاهڻ گهربو هو، حالانڪ وڏو وزير پارٽيءَ جو چونڊيل ليڊر هو، پر تنهن هوندي به هو مخالفت تي ڪمر ڪشي بيٺا هئا.

(ٽ) ڪنهن به جمهوري ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ ڪنهن آئيني سربراهه پنهنجي وڏي وزير جي مخالفت ڪندي ڪم جي ورهاست واري سلسلي ۾ اهڙو فيصلو ڏنو هجي.

(ٺ) جن بنيادن تي گورنر جو اهم فيصلو ٻڌل آهي اهي به قبولڻ جوڳا نه آهن. هن جيڪي ٻه بنياد ڄاڻايا آهن اهي ”ڪم جو تڪڙو اُڪلآءٌ“ ۽ ”ڪابينه جي ڪم ڪار ۾ وڌيڪ هم آهنگي آڻڻ“ آهن. پهرين ڳالهه ان ڪري قبولڻ جوڳي نه آهي ته گورنر کي اهو طئي ڪرڻ جو اختيار نه آهي ته حڪومت جو ڪم ڪار پهريان تڪڙو نه اڪلائجي نه رهيو هو ۽ نه وري هو مدلل نموني اهو چئي سگهيو ٿي ته جن وزيرن کان قلمدان وٺي پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي خان کي ڏنا ويا، اهي کائنس گهٽ اورچ ۽ محنتي هئا. ڏٺو وڃي ته صورتحال ان جي ابتڙ آهي. 6 1  جولاءِ تي گورنر جي جيڪا مون سان ڳالهه ٿي تنهن ۾ گورنر اهو موقف ورتو هو ته جيئن ته سپلائيز جي وزير مير غلام علي خان خلاف شڪايتون آهن تنهن ڪري سندس ارادو آهي ته ان کان اها وزارت واپس ورتي وڃي، پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان ساڳي ئي وزير کي بعد ۾ روينيو ۽ پي.ڊبليو.ڊي جهڙا کاتا ڏنا وڃن ٿا، جيڪي وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ ناز ڪ آهن. اهو عمل ائين آهي جيئن ڪنهن ڏوهاريءَ کي ڏوهن جي ڪري انعام ڏنو وڃي ۽ انتظاميه جي ٻين شاخن کي هٿ سان خراب ڪيو وڃي.

(ث) فرض ڪجي ته گورنر جيڪي جواز ڄاڻايا آهن تن ۾ ڪا سچائي آهي، جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي ته انهن ۾ اهڙي ڪا سچائي نه آهي تڏهن به اهي جواز گورنر پاران نه، پر اسيمبلي ۽ پارٽيءَ جي پاران اچڻ گهرجن. جن ڏانهن وڏو وزير صوبي ۾ سٺي حڪومت هلائڻ جي سلسلي ۾ جوابدهه آهي. بدقسمتيءَ سان جيڪا صورتحال سامهون آهي، تنهن ۾ گورنر پاڻ مرادو اُهي اختيار سنڀالي ورتا آهن. جيڪي کيس نه، پر اسيمبلي کي ڏنل آهن. ٻين لفظن ۾ گورنر اسيمبليءَ جي اختيارن تي قبضو ڪري هڪ اهڙو نئون ادارو جوڙي ورتو آهي، جيڪو خود اسيمبليءَ کان به وڌيڪ سگهارو آهي. انهيءَ صورتحال نه رڳو هڪ عجيب ۽ نه هلڻ جوڳو انتظام پيدا ڪيو آهي پر ان سان وڏي وزير، گورنر ۽ اسيمبلي جي وچ ۾ اختلاف ۽ ويڇا وڌندا ۽ اختيارن ۽ ڪمن ڪارين جي ذميوارين ۾ ابهام پيدا ٿي ويندا.

(ج) جيستائين اسيمبلي وڏي وزير سان گڏ آهي ۽ کيس ان جو اعتماد حاصل آهي تيستائين گورنر پنهنجي صلاح مٿس مڙهي نه ٿو سگهي ۽ وري ڪا اهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان وڏي وزير جي انهن ذميوارين جي ادائيگيءَ ۾ ڪو رخنو پئي جن لاءِ هو ايوان آڏو جوابدهه آهي. ان ڏس ۾ مون کي اسيمبليءَ جي ريگيولر هلندڙ اجلاسن مان به اعتماد جو ووٽ حاصل آهي ۽ پارٽي به گذريل فيبروري ۾ مون تي اعتماد ظاهر ڪيو آهي. هن وقت به اعتماد جي هڪ رٿ، جنهن تي ميمبرن جي وڏي اڪثريت جون صحيحون آهن، اها هن مهيني جي 0 3  تاريخ تي رکيل اجلاس ۾ منظوري جي اوسيئڙي ۾ آهي. مان سمجهان ٿو ته انهيءَ صورتحال ۾ گورنر منهنجي حڪومت جي ڪم ڪار واري سلسلي ۾ پنهنجي ڪا صلاح مڙهي ۽ ان تي عمل ڪري نه ٿو سگهي.

2 1 - منهنجي درخواست آهي ته يوئر ايڪسيلنسي جن هن خط جي پيراگراف 1 1  ۾ ڪيل وينتي موجب گورنر ڏانهن هدايت جاري ڪن. منهنجي اها به درخواست آهي ته صوبي ۾ سٺي حڪومت  هلائڻ ۽ ڪابينه ۾ هم آهنگي آڻڻ لاءِ اوهان پنهنجي ان هدايت سان گڏ گورنر کي اهو به حڪم موڪليو ته هو مير غلام علي ۽ پير الاهي بخش کي ٻين کان سواءِ هيٺين بنيادن تي بر طرف ڪري:

(الف) هو منهنجي يعني پنهنجي وڏي وزير خلاف بيان ڏيڻ ڪري وڏي مس ڪنڊڪٽ جا مرتڪب ٿيا آهن. ان سان پارٽيءَ جي ساک کي ڌڪ لڳڻ سان گڏ ڪابينه جي سربراهه طور منهنجي ۽ خود ان حڪومت جي ساک کي ڌڪ رسيو آهي، جنهن سان هو واڳيل آهن.

(ب) هنن ڪابينه جي استحڪام ۽ ان جي چڱي ريت ڪم ڪار ڪرڻ جي صلاحيت کي هاڃو رسايو آهي.

(ٻ) انهن ويجهڙائيءَ ۾ صوبي جي ڪيل پنهنجي دوري ۾ مون کي بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي آهي.

(ڀ) هنن اهڙا افواهه ڦهلايا ته کين گورنر ۽ پاڪستان ڪابينه جي ڪجهه ميمبرن جي حمايت ۽ پٺڀرائي حاصل آهي، انهن افواهن جو مقصد اهو هو ته هڪ پاسي وڏي وزير ۽ گورنر ۽ ٻئي پاسي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت جا ناتا خراب ٿين. اڄوڪي نازڪ دور ۾ اهڙي صورتحال کي ڪنهن به نموني برداشت ڪري نه ٿو سگهجي.

(ت) گورنر کين جيڪي نوان اختيار ڏنا آهن انهن جي ناجائز استعمال وسيلي هنن پارٽيءَ ۾ ڦڏو پيدا ڪرڻ ۽ اسيمبلي ميمبرن عوام جي مورال کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

(ٿ) آخر ۾ وڏي اميد رکان ٿو ته اوهان وڏي وزير جي عهدي جي حيثيت ۽ اختيارن جي حفاظت ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کڻندا ۽ اهو نه ڏسندا ته وڏو وزير ڪير آهي ۽ گڏوگڏ قانون ساز اسيمبليءَ جي اختيارن ۽ مفادن جي حفاظت ڪري، جديد جهموريت جي خوش آئينده اصولن کي فروغ ۽ هٿي ڏيندا ۽ اهڙيون غير جمهوري روايتون روڪرائيندا جن سان ڪٿي به وڏي وزير جي لاءِ رڳو مشڪلاتون ئي کڙيون ٿي سگهن ٿيون.

کهڙي صاحب پارلياماني نظام جي رائج آئيني طريقن جي بنياد تي قانون ساز اسيمبليءَ جي مفادن ۽ اختيارن کي بچائڻ ۽ جديد جمهوري اصولن جي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ جناح صاحب کي اپيل ڪئي هئي ۽ کيس يقين هو ته جناح صاحب به انهن اصولن ۾ ويساهه رکندڙ آهي ۽ جيڪي سندس قانون جي احترام واري اصول موجب سندس پهرين ترجيح هوندي. هن انهن هاڃيڪار اثرن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو جيڪي آئيني اصولن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ گورنر کي اهڙن فيصلن ڪرڻ جا کلي عام اختيار ڏيڻ هئا، جيڪي سندس عهدي جي لحاظ کان کيس حاصل نه هئا. ان ڪري هڪ اهڙو نظام جنم وٺي رهيو هو، جيڪو جهموريت جي روح جي خلاف هو. جن ڏانهن هن انهن لفظن ۾ اشارو ڪيو هو ته هن قانون ساز اسيمبليءَ جي اختيارن تي قبضو ڪري حاصل ڪيا هئا ۽ هڪ اهڙو نئون ادارو جوڙيو هو جيڪو خود قانون ساز اسيمبلي کان وڌيڪ سگهارو ٿي ويو هو. بعد ۾ صوبي ۽ خود ملڪ اندر جيڪي حالتون رونما ٿيون، تن کهڙي صاحب جي اڳڪٿيءَ جي سچائيءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو.

هاڻي جيئن ته گهرو معاملن جو کاتو کهڙي صاحب جي اختيارن کان نڪري ويو هو، تنهن ڪري هدايت الله جي پيش قدمي جاري رهي ۽ هو ڪجهه چاپلوس پوليس ۽ سول سرونٽس جي سهڪار سان کهڙي صاحب خلاف ڪيس داخل ڪرايا.

ٻنهي باغي وزيرن پاران کهڙي صاحب خلاف ووٽ وٺڻ لاءِ ڪوششون جاري رهيون، جيڪي ناڪام ٿينديون رهيون ۽ 5 2  اپريل تي گورنر ٻنهي وزيرن سميت جناح صاحب سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين ته هو پنهنجي ڪوشش ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن. جناح صاحب کين چيو ته کهڙي صاحب کي هٽائڻ لاءِ کين ڪا تجويز سامهون آڻڻي پوندي، جيڪا ترجيحي طور تي آئيني هجڻ گهرجي. هن کهڙي صاحب کي گهرايو ۽ کيس ٻڌايو ته کهڙي صاحب جي گورنر ۽ وزيراعظم ٻئي وٽس سندس شڪايت کڻي آيا هئا. هن کهڙي صاحب کي چيو ته هو في الحال استعيفيٰ ڏئي ۽ 6  مهينا کن سياست  کان ٻاهر رهي.“ پرڏيهه هليا وڃو يا ماٺ ڪري ويهي رهو، مان اوهان کي پاڻ ئي ٻيهر گهرائيندس.“ ان دوران سندن خلاف شڪايتن جي جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي ويندي. جناح صاحب چيو ته هو ڇهن مهينن کان پوءِ کهڙي صاحب کي ٻيهر وزيراعظم بنائڻ لاءِ واعدو ڪرڻ لاءِ به تيار آهي ۽ کهڙي صاحب کي مٿس اعتبار ڪرڻ گهرجي. جناح صاحب کهڙي صاحب جي موجودگيءَ ۾ ئي پنهنجي پرسنل سيڪريٽري کي هڪ نوٽ لکرايو. کهڙي صاحب جناح صاحب کي ٻڌايو ته هو شرط نه قبوليندو پر استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيندو. تنهن تي جناح صاحب چيس ته 4 2  ڪلاڪن اندر هو کيس سوچي جواب ڏئي. کهڙو صاحب  گهر ويو ۽ دولتانا سان اهو احوال ڪيو ته جيڪو وٽس ترسيل هو. هن جي راءِ به اها هئي ته لکيل نوٽ ۾ ڄاڻايل شرط قبولي نه ٿا سگهجن. کهڙي صاحب جناح صاحب کي لکيو ته هو استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر جيڪي شرط سندس آڏو رکيا ويا آهن اهي قبول نه ڪندو.

6 2  اپريل تي جناح صاحب کهڙي صاحب کي سندس آفيس فون ڪري چيو ته کهڙا صاحب تون مون کي پيارو آهين. مان نه ٿو چاهيان ته تون هليو وڃين. تون منهنجي بهترين ايڊمنسٽريٽرن مان هڪ آهين ۽ مان گهران ٿو ته تون وطن جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪرين. سڄي ڳالهه رڳو ڇهن مهينن جي آهي جنهن کان پوءِ مان توکي طلب ڪري وٺندس. جيڪڏهن تون منهنجو چيو وٺين ته توکي ڪو نقصان نه ٿيندو.

کهڙي صاحب جناح صاحب کي ٻڌايو ته هو استعيفي ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽کيس توقع آهي ته سندس استعيفيٰ قبولي ويندي، ان لاءِ هن پنهنجي آفيس مان ذاتي شيون کڻڻ جو ڪم به شروع ڪيو آهي. کهڙي صاحب پنهنجي استعيفيٰ لکي موڪلي ڇڏي. هن پنهنجي آفيس مان معاملا اڪلائي ڇڏيا ۽ پنهنجي گهر ۾ ڪجهه مهمانن سان گڏ مانجهاندو ڪري رهيو هو، جڏهن گورنر جو پرسنل سيڪريٽري اتي سندس برطرفيءَ جو خط کڻي آيو. کهڙي صاحب ٽيبل تي ئي خط وصول ڪيو ۽ ان کي ڏسي هڪ پاسي رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي مهمانن سان گفتگو ۾ مصروف ٿي ويو.

پير الاهي بخش کي وڏي وزير طور حلف کڻايو ويو ۽ 4 2  ڪلاڪن ۾ ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪرڻ ۽ پنجاب مان واڌارن پناهگيرن گهرائڻ جا فيصلا منظور ڪيا ويا. ڪليڪٽر مسعود خاص طور تي لاهور روانو ٿيو ۽ پناهگيرن جون ٻه ريلون ڀرائي نوابشاهه آيو.

کهڙي صاحب پنهنجي پوزيشن جي وضاحت لاءِ پريس بيان جاري ڪيو جيڪو ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ شايع ٿيو، اها ڌار ڳالهه هئي ته سڀني اخبارن ان جرئت مندانه بيان کي جيئن جو تيئن ڇاپڻ جي همت نه ڪئي.

(1 ) مان سنڌ جي وڏي وزير طور پنهنجي اٺن مهينن واري مدي ۾ سنڌ جي عوام ڏانهن پنهنجي ذميوارين کي جنهن ڀرپور نموني ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش سندن ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي لاءِ ڪتب آندي آهي، ان تي ڪوبه آڱر کڻي نه ٿو سگهي. ساڳئي وقت مان سڄي پاڪستان جي عوام جي خدمت لاءِ به وسان نه گهٽايو آهي. گذريل ڪجهه مهينن جي انتهائي اڻانگي ۽ خطرناڪ صورتحال سان منهنجي انتظاميه جنهن نموني ڪاميابيءَ سان منهن ڏنو آهي،  اهو سڀني جي سامهون آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن به صوبي جو ان کان بهتر رڪارڊ موجود نه آهي، مون کي ان جاکوڙ جو جيڪو صلو ڏنو ويو مون کي ان جي اميد نه هئي.

تنهن جي باوجود به ان سڄي عرصي ۾ مان جيڪو ڪجهه ڪيو ان تي مون کي ڪو افسوس نه آهي. پنهنجي عهدي تي هوندي يا ان کان سواءِ به مان سنڌ جي عوام جي حقن ۽ پاڪستان جي حقاظت لاءِ بنان ڪنهن هٻڪ ۽ هتڪ جي ڪم ڪيو آهي.“

هن ان بحران جا وچور به ٻڌايا ۽ اهو به ٻڌايو ته هن سڄي صورتحال قائداعظم جي آڏو رکي هئي. جنهن اهو جواب ڏنو ته کهڙي صاحب جي پوزيشن ڀل ڪيتري به حق بجانب ۽ سگهاري ڇو نه هجي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. کهڙي صاحب ٻڌايو ته هن گورنر جنرل آڏو واضح ڪيو هو ته هو سنئون سڌو اسيمبلي آڏو جوابدهه آهي ۽ جيڪي وزير هن جي حڪومت کان راضي نه آهن اهي ان جي خلاف عدم اعتماد  جو ووٽ پيش ڪن جيئن وزارت جي مستقبل جو به فيصلو ٿي وڃي. هن چيو ته اهوئي صحيح آئيني طريقو هو ۽ قائداعظم به ان کان بخوبي آگاهه هو.

مان ان ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو ته ان مقصد لاءِ ايوان جو ترت اجلاس ڪوٺايو وڃي. اها حقيقت آهي ته گذريل فيبروري ۾ به سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ مون کي يڪراءَ سان اعتماد جو ووٽ ڏنو هو ۽ ان اجلاس کان پوءِ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿي هئي جنهن سان صورتحال ۾ ڪا تبديلي آئي هجي. مان پنهنجي مضبوط آئيني پوزيشن جي باوجود  به قائداعظم جي مرضيءَ کي ذهن ۾ رکندي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ٿيس ۽ ان سلسلي ۾ 6 2  اپريل تي پنهنجي استعيفيٰ قائداعظم ڏانهن موڪليم. منهنجا سڀ آئيني ۽ جائز مطالبا رد ڪيا ويا ۽ ڪالهه شام جو گورنر (منهنجي استعيفيٰ کي نظر انداز ڪندي) مون ڏانهن برطرفيءَ جو حڪم نامو اماڻيو. ساڳي ئي وقت هن اهو اعلان به ڪيو ته هو انهن الزامن جي جاچ لاءِ (جيڪي اڃان لاڳوئي نه ٿيا آهن) منهنجي خلاف هڪ ٽربيونل مقرر ڪندو جيڪو ٻين وزيرن يا خود گورنر خلاف الزامن جي جاچ نه ڪندو ۽ ستم ظريفي ته اها آهي ته اهو ٽربيونل به خود گورنر پاڻ مقرر ڪندو.“

هڪ اهڙي وڏي وزير جنهن کي ايوان اندر وڏي اڪثريت جي حمايت هئي، کي معطل ڪرڻ وارو گورنر جو اهو عمل، مروج قانونن جي روشنيءَ ۾ سراسر غير قانوني ۽ غير آئيني هو. بعد ۾ قانونن ۾ ڦير ڦار آڻي گورنر جنرل کي خاص اختيار ڏنا ويا ۽ مرڪز کي پنهنجي مرضيءَ موجب صوبائي حڪومتن کي برطرف ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا. بعد ۾ خود مرڪزي حڪومتن کي غير جمهوري طور تي برطرف ٿيڻ جو وارو آيو. اهڙي ريت پاڪستان ۾ نئين ڄاول جمهوريت جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ جي روايت جو بنياد ان وقت رکيو ويو جڏهن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کي رڳو اٺ مهينا گذريا هئا.

کهڙي صاحب جناح صاحب ڏانهن لکيل خطن ۾ صورتحال جي جنهن تفصيلي نموني عڪاسي ڪئي هئي اهي خط ان دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول کي سمجهڻ لاءِ اهم دستاويز آهن، جيڪو مقامي عوامي سياستدانن تي مرڪزي قيادت پاران وڌو ويو هو. اها قيادت گهڻي ڀاڱي هندستان جي پراڻي حڪومت جي سول ڪامورن تي ٻڌل هئي. انهن ڪامورن گهڻو ڪري ضمني کاتن ۾ ڪم ڪيو هو ۽ کين اختيارن جي مرڪز کي هلائڻ جو ڪو تجربو نه هو. انهن برطانوي راڄ جي دل و جان سان شيوا ڪئي هئي ۽ سندن خيال هو ته نئون راڄ قائم ڪري رهيا آهن، پر هندستان جي برطانوي حڪمرانن وٽ هڪ اعليٰ آدرش يعني برٽش راڄ يا شهنشاهيت سان واڳيل هجڻ جو احساس هو جڏهن ته پاڪستان جي نون حڪمرانن وٽ  خود پنهنجي ذات کان مٿانهون ڪو آدرش نه هو. کين ٻين ملڪن جي باري ۾ ناڪافي ڄاڻ هئي ۽ جيئن ته انهن کي عوام جي ووٽ واري پٺڀرائي ورلي ئي حاصل هئي، تنهن ڪري انهن پاڻ کي عوام سان واڳيل محسوس ڪيو. چونڊيل نمائندن جي عوام سان واڳيل هجڻ جي جمهوري روايتن کان هو بنهه ناواقف هئا. حڪمرانن جو اهو انداز لازمي طور تي ناڪام ٿيڻو هو ۽ کهڙو صاحب انهن جي ڪرتوتن جو پهريون نشانو بڻيو. هڪ جمهوري طريقي سان چونڊيل، انتهائي مقبول ۽ تجربيڪار سياستدان کي آزاديءَ جي اٺن مهينن اندر صوبي جي وڏ وزارت تان هٽايو ويو. اهو پاڪستان لاءِ هڪ وڏو هاڃو هو ۽ خود کهڙي صاحب لاءِ به اها انتهائي غير معمولي صورتحال هئي.

 

باب سترهون

 

ڏهڪاءُ هيٺ

 

6 2  اپريل 1948ع تي کهڙي صاحب کي سنڌ جي وزارت تان برطرف ڪيو ويو. سنڌ ڪابينه يا سنڌ اسيمبليءَ سان ڪوبه حوالو نه رکندڙ جاچ جي هڪ خاص (Special Court of Inquory)  عدالت جوڙي وئي. اهو مڪمل طور تي هڪ نئين وهنوار  جو رواج رکيو ويو هو، ان وسيلي ڳچ عرصي تائين کهڙي صاحب کي ڪو سرڪاري/ سياسي عهدو سنڀالڻ کان جهلڻو هو.

آزاديءَ کي اڃان اٺ ئي مهينا لنگهيا هئا ۽ کهڙي صاحب سامراجي طاقت جي مخالفت کان انتهائي صلاحيت سان قومي اڏاوت جو ڏکيو قدم کنيو هو. هُن نئين ملڪ جي راڄڌانيءَ طور نئين ڪردار نڀائڻ لاءِ ڪراچيءَ کي تقريباً اڪيلي سر ئي تيار ڪيو هو. هُن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ بيٺڪيتي راڄ جي خاتمي کان پوءِ پئدا ٿيل انيڪ مسئلن کي منهن ڏنو  هو ۽ هاڻ وري منجهائنس هٿ ڪڍيا ويا هئا. اها انتهائي وفادار مسلم ليگي ۽ پنهنجو پاڻ کي هندستاني مسلمانن جي جدوجهد جو سپاهي ليکيندڙ کهڙي صاحب لاءِ اها صورتحال حيرتن سان ڀريل هئي.

ان مرحلي تي، اپريل 1948 ع ۾ کهڙو صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل عيوضي هو. کيس اڃان چار مهينا اڳ ئي ان منصب لاءِ چونڊيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ هو سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ لاءِ بنان مقابلي پارلياماني پارٽيءَ جو اهڙو شخص هو جنهن مقصد/ ڪم حاصل ٿي ڪيا، مٿس ماڻهن جو اعتماد هو. هو سنڌ ۾ اڻ مٽ طور تي مقبول ۽ مشهور هو. ان هوندي به سندس ويري کيس ڏور آئيندي تائين سياست کان ٻاهر ڏسڻ لاءِ آتا هئا. جيتوڻيڪ ان جو بيٺڪيتي راڄ کان پوءِ واري جهموريت ته ڇا مجموعي طور تي جهموريت ۾ ڪنهن چونڊيل عيوضيءَ جي برطرفيءَ جو مثال ملڻ محال هو.

ايندڙ ٽن سالن دوران اختيارن هٿان کهڙي صاحب کي سياست مان مڪمل طور تي تڙڻ لاءِ ٽي مختلف طريقا آزمائڻا هئا. پهرين ته هنن هڪ خاص عدالت جوڙي مٿس 2 6  الزامن هيٺ ڪيس ٿي هلايو، جيڪي وڏي وزير طور سندس اٺن مهينن واري راڄ جي نسبت انتهائي معمولي هئا. ان کان پوءِ سندس سرپرستيءَ هيٺ اخبار ”سنڌ آبزرور“ جي استعمال لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس هٿ ڪرڻ جو ڏوهارڪ الزام هو ۽ نيٺ 1949ع ۾ سياستدانن خاص طور تي ايوب کهڙي صاحب کي سرگرم سياست مان تڙڻ لاءِ بدنام قانون پروڊا لاڳو ڪيو ويو، پر جمهوري وهنوار کي ڇيهو رسائيندڙ اهو غير معمولي قدم به کهڙي صاحب کي ڌوڏي نه سگهيو. هر ڪيس ۾ هو هُنن انگن اکرن ۽ ذري پرزي جي تفصيل سان وک وڌائي ۽ کيس بدنامي ۽ بي تحرڪ جي اٿاهه گهراين ۾ ڌڪڻ جي خواهشمند ڪوتاهه نظر ۽ بي صبر ڌرين سان پر جوش انداز ۾ جهيڙيندو رهيو. اهو وير ڀرئي ماحول ۾ همت جو شاندار مظاهرو هو.

پاڪستان جي چيف جسٽس سر عبدالرشيد جي صدارت ۽ اوڀر پاڪستان جي جسٽس شهاب الدين تي ٻڌل جاچ واري عدالت جون جي شروعات ۾ پنهنجي ڪاروائي شروع ڪئي ۽ ڇهن مهينن تائين ڪاروائي هلائڻ کان پوءِ ڊسمبر جي شروعات ڌاري سماعت جي پڄاڻي ڪيائين. ان جي شروعات سنڌ جي گورنر هدايت الله جي با اعتماد ساٿي ۽ دوست سرڪاري وڪيل پرمانند ڪندن مل جي هڪ ڊگهي بيان سان ٿي. بيان کهڙي صاحب جي وڏ وزارت دوران سندس کنيل تقريباً سمورن قدمن تي الزامن سان ڀريل هو، ڌوڙ اڏائيندڙ هڪ اهڙو ڪيس جنهن ۾ اها اميد ڪئي ٿي وئي ته ڪا دُڦ تي ڇوڙيل بندوق نشاني تي لڳندي، سرڪاري عملدارن کي شاهدن طور پيش ڪيو ويو ۽ اهو ظاهر هو ته هو کهڙي صاحب خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ دٻآءٌ جو شڪار هئا، پر ڪنهن آزاد شاهديءَ جي غير موجودگيءَ ۾ بدانتظاميءَ جي سنگين الزامن ۽ بدعنوانين جي ڪنهن به الزام کي ثابت ڪرڻ ناممڪن هو.

مبينه بدانتظاميءَ سان واسطو رکندڙ 2 6  الزامن ۾ 3 1  آگسٽ کان صوبي ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واسطي کنيل سمورا قدم شامل هئا. انهن ۾ گورنر جي مشوري کانسواءِ مقرريون ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ته ڪامورن جي مرضيءَ کان سواءِ به مقرريون ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا هئا. ٻيا الزام سرڪاري عملدارن جي مقررين، انتظامي فيصلن، مقررين ۽ انتظامي معاملن ۾ ڪامورن جون سفارشون مڃڻ يا رد ڪرڻ، سنڌ حڪومت جي هڪ سيڪريٽري ۽ اسيمبليءَ ميمبر حاجي مولا بخش سومري جهڙي سياسي شخصيت کي گهر الاٽ ڪرڻ بابت هئا. ڪراچيءَ ۾ الاٽ ڪيل گهرن جي مسواڙ طئي ڪرڻ، معتبر زميندارن کي قرض ڏيڻ جا الزام هنيا ويا، پوئين مامري ۾ وري حاجي مولا بخش سومري اسيمبلي ميمبرن خان بهادر حاجي فضل محمد جا نالا آيا، جڏهن ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم جي شروعاتي حمايتي ۽ 1938 ع ۾ جناح جي سنڌ واري دوري دوران مير جعفر خان جماليءَ کان هڪ ننڍڙو ڪيس واپس ورتو ويو، ڪن کي رعائت ته ڪن کي سزا ڏيندي، دراصل روز مرهه جي انتظامي معاملن جا سمورا ننڍا وڏا نقص ايوب کهڙي صاحب خلاف ڪيس طور استعمال ڪيا ويا.

سرڪاري وڪيل جو اهم اعتراضي نڪتو اهو هو ته کهڙي صاحب گورنر صاحب کي نظرانداز ڪيو آهي. کهڙي صاحب خلاف جاچ جو اصل مهرو هدايت الله صاحب هو، جنهن پنهنجي سر کهڙي صاحب خلاف  ڪيس ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ هڪ آفيس ٺاهي.

0 3  سيپٽمبر تي کهڙي صاحب ڪورٽ آڏو پنهنجو بيان ڏنو. کهڙي صاحب ڄاتو ٿي ته کيس پنهنجي بچآءٌ واري بيان ۾ انتهائي اورچائپ ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. سندس برطرفيءَ ۽ سازشن جي ڳتيل سُٽ اوستائين خود کهڙي صاحب تي به واضح نه هو. کيس بهرحال ڪيس ٺاهڻ جي انداز ۽ ان جي پويان هٿن جو ڀرپور اندازو هو. کيس پنهنجي انتظامي وهنوار هلائڻ جي انداز، وڏ وزارت جي دوران دٻائن ۽ گهوٽالن جي نوعيت جو ڀلي ڀت ادراڪ هو. ڪورٽ آڏو پنهنجي بيان ۾ هن سنڌ ۾ ورهاڱي وارو دور انتهائي واضح ۽ متاثر ڪُن انداز ۾ رکندي انهيءَ سياسي وير ۽ حسد جي تصوير ڇڪي جنهن پوڙهي هدايت الله صاحب کي همٿايو جيڪو مرڪزي آپيشاهيءَ جي گهنڊڻي بڻجي ويو هو.

ڪورٽ آڏو سندس بيان لڳ ڀڳ سترهن هزار لفظن يا 3 3  صفحن تي پکڙيل هو. اهو هُن پنهنجي سر ذاتي ڪاغذن ۽ سرڪاري دستاويزن ۽ لکپڙهه جو انتهائي گهرو جائزو وٺندي تيار ڪيو ويو هو. ان ڪيس ۾ تمام گهڻي عوامي دلچسپي پئدا ٿي ۽ اخبارن ۾ ان جو وڏيون وڏيون خبرون ڇپجڻ لڳيون. ڪورٽ ۾ روز تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هوندي هئي ۽ ان جي ڪاروائي دوران کهڙو صاحب سدائين بردباري ۽ همت جو مظاهرو ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ  ڪيس کي ٻن جهونن سياستدانن ۾ جهيڙي طور به ڏسي سگهجي ٿو پر دراصل ان ۾ آئيني اصول جو کم تي هئا. کهڙي صاحب پنهنجي بچآءٌ جو گهڻو تڻو حصو انهن اصولن کي واضح ڪرڻ ۾ گذاريو. انهن مان هڪ اهم صوبائي گورنر صاحب جي حيثيت ۽ اختيارن ۽ خاص طور تي ڪابينا ۽ وڏي وزير سان سندس تعلق بابت هو. کهڙي صاحب جو چوڻ هو ته گورنر صاحب رڳو آئيني ۽ ڏيکآءٌ وارو حڪومتي سربراهه آهي. جڏهن ته اختيارن جو اصل مالڪ وڏو وزير آهي.

پنهنجي بيان جي شروعات ۾ کهڙي صاحب 1935ع ۾ بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان وٺي سنڌ جي سياست جي ڇيد، ابتدا ۾ هدايت الله صاحب سان سندس ويجهي اتحاد ۽ پوڙهي همراهه کان خاص طور تي مسلم ليگ مخالف حڪومت ۾ وزارت ماڻڻ لاءِ سندس مسلم ليگ مان هٿ ڪڍڻ کان پوءِ آهستي آهستي پئدا ٿيل ويڇن سان ڪئي. هن خاص طور تي 1946ع وارين چونڊين ۽ ان حقيقت تي ڌيان ڏنو ته کيس ٻنهي چونڊن کان پوءِ ايوان جو اعتماد حاصل هو، پر قائداعظم جي واضح درخواست تي ئي وڏ وزارت تان دستبردار ٿيو. هدايت الله صاحب انهيءَ حقيقت کي قبولي نه سگهيو ته سندس وڏ وزارت جا ڏينهن لنگهي چڪا هئا ۽ هو سندس آڏو جهڪڻ کان انڪاري کهڙي صاحب کي سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو هو. هُن سرڪاري ڪيس پويان هدايت الله صاحب جي اصل هٿ کي وائکو ڪيو:

”منهنجي خلاف لڳايل 2 6  الزام سنڌ جي گورنر شيخ غلام حسين صاحب طرفان منهنجي خلاف قائداعظم صاحب کي اماڻيل ان رپورٽ جنهن جي نتيجي ۾ مون کي وڏ وزارت تان هٽائڻ لاءِ گورنر جنرل کان مرضيءَ ورتي هئي، کي باجواز بنائڻ ۾ناڪام ثابت ٿيا آهن... جهونو صاحب سنڌرو ٻڌي منهنجي مخالفت تي لهي آيو آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ آفيس قائم ڪري منهنجي سياسي موت ۽ زوال لاءِ اهڙا تڪراري طريقا استعمال ڪيا اٿس جن تي سوال اٿاري سگهجن ٿا.“

کهڙي صاحب زور ڀريو ته سندس خلاف الزامن کي چڪاسڻ جو واحد قانوني دڳ کيس ايوان آڏو گهرائڻ آهي، جنهن جو هو ميمبر ۽ اڳواڻ هو:

”جيڪڏهن گورنر صاحب کي آئيني قانون لاءِ ڪا ذري جيتري به عزت هجي ها ۽ سندس ضمير صاف هجي ها ته هو اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي، مون کي ان جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ها. اها ئي سمورين جمهوري رياستن ۾ عوامي عدالت هئي ۽ انهن جو اسيمبليءَ ۾ سندن عيوضيءَ طور عوامي پوتاميل ٿيڻ کپي، پر گورنر صاحب نه عوام کي نه وري سندن فيصلي جي منهن مقابل ٿيڻ لاءِ همت ساري سگهيو آهي.“

کهڙي صاحب الزامن کي مڪمل طور تي بي بنياد سڏيو: ”ساک کان وانجهيل تحرير ۾ سخت الزامن ۾ تڪڙا ۽ ڪوڙا، سچ جي نڙيءَ تي نهن ڏيندڙ ۽ ڪوڙ جو ڀنڊار، منهنجي خلاف هنيل الزامن واري نيري نوٽ بڪ جا ڪجهه اهم پهلو آهن ... انهيءَ بدخواهش پويان هڪ تاريخ آهي. اها بدخواهش سگهاري ۽ انتهائي گهري آهي ۽ ان جا سبب ذاتي آهن.“

بيان ۾ پوين ڏهن سالن جي سياسي تاريخ کي چڪاسيو ويو، جنهن ۾ ان عرصي جي اهم عنصرن ۽ صوبي ۾ صورتحال بابت کهڙي صاحب جي آگهيءَ جو اظهار ٿئي ٿو:

”سنڌ کي هڪ ڌار صوبو بڻايو ويو ۽ 1937 ع ۾ پنهنجي پهرين چونڊيل حڪومت ماڻيائين. تن ڏينهن ۾ شيخ غلام حسين هدايت الله صاحب ۽ مرحوم الله بخش سومرو جي سرواڻيءَ ۾ صوبي اندر ٻه سياسي پارٽيون هيون ... آءٌ سر غلام حسين صاحب جي پارٽيءَ ۾ شامل هئس .... اسان جي پارٽي ئي پهرين حڪومت جوڙي .... جيتوڻيڪ مناسب حد تائين سينئر هئڻ ۽ جوڳي تعداد ۾ حمايت رکڻ جي باوجود مون ڪابينا ۾ پنهنجي شموليت تي گهڻو زور نه ڀريو، ڇاڪاڻ جو مسلم ايڪتا جي مفادن ۾ اها ڳالهه هئي ته آءٌ ڪابينا کان ٻاهر رهان ۽ انهن واسطي جاءِ خالي ڪريان جيڪي عهدن جي چمڪ تي ٻي ڌر سان وڃي پئي سگهيا.“

1936ع ۾ خود مختياري ماڻڻ کان وٺي سنڌ ۾ جماعتي سياست ۽ جمهوريت جي عمل جي اهم نڪتن ۽ هدايت الله صاحب جي ذاتي مفادن جي نگهباني ڪندڙ ڪردار  ۽ مفاد پرست انداز وسيلي جمهوريت کي پهتل هاڃن جي تفصيلي اُپٽار ڪيائين. هو پاڻ به هدايت الله صاحب جو دوست ۽ ساٿي هو، پر وزارت واسطي مسلم ليگ جي پارلياماني قيادت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور پنهنجي حيثيت مان هٿ ڪڍڻ تي هو (کهڙو) کانئس پرڀرو ٿي ويو. کهڙو صاحب انهن عهدن لاءِ چونڊبو رهيو هو ۽ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف ويڙهه جي سرواڻي ڪندو رهيو. هن 1946 ع جي ٻن چونڊن جو به ذڪر ڪيو جن ٻنهي ۾ کيس مسلم ليگي ميمبرن جي اڪثريتي حمايت حاصل هئي پر ٻئي ڀيرا هو جناح صاحب جي درخواست تي وڏ وزارت تان دستبردار ٿيو، جنهن (جناح) وڏ وزارت هدايت الله صاحب کي ڏيڻ لاءِ چيو هو، ٻي صورت ۾ هدايت الله صاحب ڪانگريسي پٺڀرائي واري حڪومت ۾ وزير هئڻ واري ڏينهن دوران هدايت الله صاحب جي هڪ بيان جو حوالو ڏنو. هدايت الله صاحب چيو هو:

”سنڌ ۾ آءٌ سدائين مسلم ليگ جو مخالف رهيو آهيان ۽ آئيندي به اهو ئي ڪندو رهندس. هندستان ۾ ڪٿي به مسلم ليگي وزارت جو وجود ناهي. هر مسلم اڪثريتي صوبي ۾ سمورين برادرين ۽ طبقن جي سهڪار سان هلندڙ گڏيل وزارتون قائم آهن. ان ڪري مسلم ليگي دهل وڄائڻ عملي سياست جي ابتڙ ۽ بيوقوفيءَ ڀريو عمل ٿيندو.“

کهڙي صاحب واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ هن ٻه ڀيرا وڏ وزارت واري پنهنجي حق تان هٿ کنيو آهي پر هدايت الله صاحب جو پيٽ اڃان نه ڀريو آهي. سندس سنڌ جي گورنر ٿيڻ کان پوءِ هدايت الله صاحب اهڙي عهدي تي فائز ٿيو جيڪو کيس وڏي وزير طور حاصل اختيارن کان محروم ڪري ها. هڪ آزاد ملڪ ۾ گورنر جي حيثيت ”خاص ذميوارين“ واري ڪنهن بيٺڪيتي گورنر صاحب کي حاصل اختيارن بدران هر صورت ۾ آئيني گهرجن جو پورائو ڪندڙ ۽ ڏيکآءٌ واري ئي رهي آهي. کهڙي صاحب آزاديءَ کان پوءِ گورنر جي آئيني حيثيت ۾ آيل تبديلين ۽ گورنر ۽ وڏي وزير جي حيثيتن ۾ تقابلي جائزي جو وچور پيش ڪيو:

”ڪابينا صوبي ۾ بااختيار آهي ۽ ان ڪابينا ۾ وري وڏو وزير همت ڀريو آهي. وڏو وزير ڪابينا جي صدارت ۽ سمورن کاتن جي ڪمن جي نگراني ۽ ڳانڍاپو ڪندو آهي. وڏو وزير پنهنجي ساٿين جي سمورين سرگرمين واسطي ذميواريون قبولي ٿو. هو انهن ساٿين جو تقرر ڪري ٿو ۽ سندن استعفائون طلبي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ انهن ٻنهي اختيارن جي استعمال واسطي کيس اسيمبليءَ ۾ سندس جماعت جي راءِ عامه وسيلي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ڪابينا اسيمبليءَ ۾ واضح اڪثريت رکندڙ جماعت چونڊيندي آهي. اها اهڙن ماڻهن تي ٻڌل هوندي آهي جيڪي ڪنهن خاطريءَ جوڳي سياسي پروگرام تي سهمت هوندا آهن. اهي ماڻهو وزيرن جو جٿو هوندا آهن جن کي مختلف کاتا مليل هوندا آهن. هو هڪ عمومي اڳواڻ يعني وڏي وزير جي ماتحت ڪنهن گڏيل پاليسيءَ تي سهمت ٿيندا آهن. آدرشي ڳالهه موجب ڪابينا کي هر وقت راضي / سهمت هئڻ گهرجي. جيڪڏهن پاليسيءَ جي اهم نڪتن تي اختلاف اڀري ته پوءِ ڪابينا يا اختلاف رکندڙ وزيرن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. ڪنهن به صورت ۾ ڪو وزير ڪابينا ۾ رهندي پنهنجي ساٿين جي پاليسيءَ کي اظهار يا لاڳو ڪرڻ ۾ قبول ڪرڻ کان انڪاري نه ٿو ٿي سگهي. عام طور تي وڏو وزير پنهنجي حيثيت کي ناڻي واري يا ٻين وزارتن سان گڏ هلائيندو آهي.

اها ڄاڻايل آئيني پوزيشن آهي جيڪا آءٌ پاڻ وٽ هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪريان. خاص ڪورٽ جو مقصد اهو ٿو لڳي ته اسان جي هڪ آزاد قوم بڻجڻ جي باوجود اسين سيڪريٽرين جي راڄ هيٺ گهاريون پيا. هن کي اهو ڄاڻي صدمو رسيو ته حڪمران ڪامورن کي هن جمهوري حڪومت ۾ سندن مناسب مقام سونپيو وڃي. هو اهو ڄاڻڻ تي اچرج ۾ آهي ته وڏو وزير ئي چيف ايگزيڪيٽو آهي ۽ هو ئي رياست/ صوبي جي سرواڻي ڪري ٿو. هو پاليسيون جاري ڪرڻ بابت وڏي وزير جي حيثيت کان انڪار جو پڪو پهه ڪري چڪو آهي ۽ مٿان وري ان موقف کي اڳتي وڌائڻ تي زور ٿو ڀري. هو اهو ادراڪ ٿيڻ تي مشتعل بڻجي ٿو ته گورنر صاحب اڻوڻندڙ ماضيءَ جي اولڙي طور رڳو نمآءٌ واري حيثيت جو مالڪ ئي رهيو آهي ۽ نئين آئين تحت گورنر صاحب کي هر معاملي ۾ ٽنگ اٽڪائڻ جي گنجائش ناهي.

آءٌ انتهائي ادب سان واضح ٿو ڪريان ته گورنر صاحب جي انهيءَ درست حيثيت شيخ غلام حسين صاحب جي ذهن ۾ بغاوت پئدا ڪئي جيڪو پنهنجي حمايت ۾ اسيمبلي ميمبرن جي گڏ ٿيڻ جي صورت ۾ وڏو وزير بڻجڻ ۾ ويرم ئي نه لڳائيندو.

کهڙي صاحب آزادي واري ڏينهن کان اڳ موجود ۽ ان کان پوءِ لاڳو ٿيندڙ آئيني شقن جو تقابلي جائزو جاري رکيو.

”آءٌ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ وڏي شاهي تبديليءَ ۽ انهن پهلوئن تائين محدود رکندس، جن جو تعلق صوبائي گورنر ۽ وزيرن جي اختيارن، سرگرمين ۽ ذميوارين يا ٻنهي ادارن جي ناتن ۾ ڳانڍاپو پئدا ڪرڻ سان آهي. ان جو مقصد دراصل معاملن جي پراڻي کان نئين ضابطي ۽ نظام کي ڌار ڪرڻ واري حد بنديءَ وسيلي ڪو چارو ڪرڻ آهي.“

آگسٽ 1947ع کان اڳ صوبائي گورنرن کي هيٺيان اختيار حاصل هئا:

1 - انفرادي فيصلا

2 - صوابديده

3 - خاص ذميواريون

4 - وزيرن جي مقرري ۽ برطرفي ۽ اسيمبليءَ جي برطرفي.

پهرين نڪتي تحت گورنر پنهنجي ڪابينا جي ڪيل فيصلن کي اورانگهي ٿو سگهي. ٻئي نڪتي تحت هو پنهنجي ڪابينا سان مشورو ڪرڻ کان سواءِ به فيصلا ڪري ٿو سگهي. ٽين نڪتي تحت کيس ملازمتن، اقليتن، وعدي جي مفادن جي تحفظ ۽ بچآءٌ جا اختيار حاصل آهن ۽ چوٿون کيس ورثي ۾ مليل اختيارن بابت آهي، جن موجب ڪا وزارت جوڙڻ لاءِ ڪو سرشتو برقرار رکڻ ضروري ٿئي ٿو.

ايڏن سارن اختيارن ۽ ذميوارين جو مرڪز بڻيل گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 ع تي انحصار ڪندي گورنر ڪابينا اجلاسن جي صدارت ڪندو هو ته جيئن کيس انتظاميا جي ڪمن ڪارين بابت مناسب ڄاڻ ملي ته جيئن سندس اختياري سلطنت ۾ ڪا ڳجهي حد دخلي نه ٿئي، وٽس ئي پنهنجي صوابديد تحت ڪارروائي جو ضابطو متعين ڪرڻ جو به اختيار هو. جيتوڻيڪ آزاديءَ کان اڳ گورنر صاحب آئيني ۽ قانوني لحاظ کان سگهاري حيثيت ۾ هئا پر هو پنهنجي وزارتن جي انهن معاملن ۾ به صلاح وٺندا هئا جيڪي سندن ”صوابديده“ انفرادي فيصلي يا ”خاص ذميواري“ واري زمري ۾ ٿي آيا. اهو عمل جمهوري لاڙن کي هٿي ڏيڻ واري مقصد کي آڏو رکندي ڪيو ٿي ويو. ٻين لفظن ۾ ”سندن ڪاوش هر ممڪن حد تائين گهڻو بار نه وجهندڙ آئيني سربراهه طور عمل واري هئي.“

کهڙي صاحب بيٺڪيتي راڄ ۾ وزارت جي تقابِلي حيثيت بيان ڪئي:

”جيستائين وزارتن جو تعلق آهي ته اهو چوڻ ڪافي ٿيندو ته جيڪي به معاملا مٿي ڄاڻايل اسمن ۾ نه ٿي آيا سي سندن اختيار هيٺ هئا. اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن معاملن جي ڏس ۾ هو گورنر صاحب کي پنهنجو مشورو ”پيش“ ڪندا هئا جيڪو آئين تحت کيس مليل خاص اختيارن کان سواءِ باقي سمورن معاملن کي اهي قبولڻ لاءِ ٻڌل هو. بهرحال ان جو اهو مطلب قطعي ناهي ته وزيرن کي انهيءَ خاص اختيار واري زمري ۾ ڪجهه چوڻ ۽ آکڻ نه هو. جيئن پوئين پيراگراف ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن معاملن ۾ پڻ گورنر وزيرن سان صلاح مشورو ڪندو هو ۽ تمام ٿورڙن واقعن کان سواءِ اڪثر وزيرن جي ڳالهه کي مڃيو ويندو هو.“

ان کان پوءِ واضح ڪيائين ته آزاد ۽ جمهوري وهنوار ۾ اهو مامرو ڪيئن تبديل ٿيو:

”آزادي ايڪٽ ۽ پاڪستان جي لاڳو ضابطي وسيلي تبديليون آندل گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ جي نتيجي ۾ اڳوڻي سموري آئيني حيثيت ۾ انتهائي اهم ۽ انقلابي تبديلي آئي. پارليامينٽ عوام کي آزادي ڏيڻ واري اصول کي مڃتا ڏيندي اڳوڻي آئيني سرشتي ۾ گورنرن کي حاصل سمورا اختيار واپس ورتا. مڪمل ۽ غير مبهم آزادي ماڻهن کي ملي جن پنهنجي چونڊيل عيوضين وسيلي ان کي استعمال ٿي ڪيو ۽ ان جي راهه کوٽي ڪندڙ سموريون رڪاوٽون هٽايون ويون. مثال طور گورنر جيڪي فقط گورنر جنرل جا ملازم هئا ۽ ماڻهن جي ڪا حمايت نه ٿي رکيائون، گورنر صاحب کي هڪ رسمي آئيني سربراهه واري ثانوي حيثيت جو مالڪ بڻايو ويو. برطانوي پارليامينٽ آئيني ايڪٽ جي نظرثاني ڪندي واسطيدار شقن جي انتهائي اصلوڪي ڍانچي ۾ ئي تبديليون آنديون ته جيئن ”صوابديده“ ”انفرادي فيصلي“ ۽ ”خاص ذميواري“ جهڙا اصطلاح خارج ڪري سگهجن. هاڻ نظر ايندڙ گورنر صاحب جي اختيار گورنر جنرل جي هدايتن تحت سيڪشن 1 5  شق (5 ) تحت پنهنجو فرض نڀائي ....“

هائوس آف ڪامنس ۾ اٽارني جنرل انهيءَ نئين آزادي ايڪٽ تي ڳالهائيندي چيو هو:

”طئي ٿيل ڏينهن (5 1  آگسٽ 1947 ع) کان پوءِ گورنر جنرل آئيني طور تي پنهنجي وزيرن جي صلاح موجب عمل ڪندو“ (هنسرڊ: 4 1  جولاءِ 1947  صفحو 7 2 1 ) جيڪڏهن نئين وهنوار تحت گورنر جنرل جي اها حيثيت بيهڻي هئي ته پوءِ سندس ماتحتن (صوبائي گورنر) کي ڪهڙي ريت کانئس به وڌيڪ اختيار ملڻا هئا. اهو غير منطقي ۽ ڇسو معاملو ٿيندو. گورنر جو ان کان وڌيڪ ڪو واضح ڪردار ناهي ان جو مشاهدو آئيني قانون جي سفارشن ۽ برطانوي ڪامن ويلٿ جي ٻين رياستن جي عمل مان ڪري سگهجي ٿو.“

آزاديءَ کان پوءِ گورنر ۽ وڏي وزير جي آئيني حيثيت واضح ڪرڻ کان پوءِ کهڙي صاحب هدايت الله صاحب طرفان سندس گورنر مقرر ٿيڻ کان پوءِ واري غير مناسب ۽ رڪاوٽون وجهڻ واري ورتاءُ جو ذڪر ڪيو. ڪنهن آزاد رياست جي چونڊيل حڪومت کي پنهنجا معاملا هڪ حقيقي، آزاد ۽ چونڊيل حڪومت جي جذبي تحت هلائڻ جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ نئين انداز جي خاطريءَ لاءِ هر سرشتي ۽ وهنوار جي هر حصي کي نئون روپ ڏنو ويندو، کهڙي صاحب نئين آئيني حيثيت بابت ڪم ڪار جي ضابطن کي سامهون آڻيندي ڳالهه شروع ڪئي.

شروعات فطري طور تي ڪم ڪار جي ضابطي (Rules of Business ) سان ڪرڻ گهرجي، جنهن وسيلي سموري سرڪاري وهنوار هلڻ جو دڳ طئي ٿئي ٿو. گورنرن طرفان پنهنجي فرض جي ادائيگي واسطي گهربل اختيارن ۽ خاص ذميوارين جي پورائي لاءِ اوستائين ضروري سمجهيون ويندڙ شقون خارج ٿيڻيون هيون، ڇاڪاڻ جو نين حالتن ۾ سندس ڪردار مختلف يعني فقط آئيني سربراهي وارو ئي رهڻو هو. اڳتي انهن ڪم ڪار جي ضابطن کي به حتمي شڪل گورنر صاحب کي سندس ”صوابديده“ آهر ڪرڻي هوندي هئي، نئين ايڪٽ تحت هو ان معاملي تي به پنهنجي صوابديده وڃائي ويٺو.“

”بهرحال جڏهن ڪابينا جون ڪيل اهي تبديليون گورنر صاحب ڏانهن اماڻيون ويون ته هن انهن کي منهنجي طرفان پنهنجي اختيارن لاءِ پهرين للڪار ليکيو! هن پنهنجي راءِ ڏيڻ کان نابري واري ۽ مٿس زور ڀرڻو پيو ته هو آئيني طور تي ائين نه ٿو ڪري سگهي. پر هن ايڏا مسئلا کڙا ڪيا جو جڏهن گورنر صاحب طرفان نظرثاني ڪيل ضابطن تي سهمت ظاهر ٿي تڏهن به ضابطا نقص ڀريائي رهيا. ضابطي نمبر 6 1  جي خراب لکڻي گورنر صاحب طرفان راهه کوٽي ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي.“

ان کان پوءِ کهڙي صاحب گورنر صاحب کي فائل اماڻڻ جي حوالي سان آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ واري طريقي جا تفصيل بيان ڪيا:

”آزاديءَ کان پوءِ واري دور ۾ گورنر جي آئيني حيثيت تبديل ٿي وئي ۽ پنهنجا اڳوڻا سمورا اختيار وڃائڻ کان پوءِ وٽس ڪوبه فائيل غير ضروري دير جو شڪار نه ٿي بڻيو، ڇاڪاڻ جو هاڻ وٽس فائل اماڻڻ جو مقصد رڳو کيس انتظاميا جي عمومي لاڙي کان واقف ڪرڻ هو. هر معاملي ۾ حتمي راءِ جو اختيار وزارت وٽ ئي هو.“

”5 1  آگسٽ کان پوءِ مون ان طريقي ڪار جي پوئواري ڪئي. جاري ڪيل حڪمن کي روڪڻ کان سواءِ گورنر صاحب ڏانهن عام انداز ۾ فائل ويندا رهيا. شيخ غلام حسين صاحب ظاهري طور تي ان کي قبولي چڪو هو. هڪ خاص مرحلي تائين هن انهيءَ طريقي ڪار جي آئيني گهرجن سان اختلافن جو ڪو اشارو به نه ڏنو.“

کهڙي صاحب واضح ڪيو ته گورنر صاحب جي ناراضگي اوڏي مهل سامهون آئي جڏهن سندس مرضيءَ آهر ڪجهه ڪم ڪرڻ سان وزارت سهمت ظاهر نه ڪئي. هُن پنهنجي پٽ کي پارلياماني سيڪريٽري بنائڻ ٿي چاهيو، جيڪو مقصد کهڙي صاحب جي حڪومت ڇڏيندي ئي ماڻيائين. هُن گورنر جي رهائش گاهه لاءِ معمول جيان مقرر رقم کان گهڻي وڌيڪ رقم پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه جي سينگارڻ سنوارڻ لاءِ گهُري. گورنر صاحب خريد ڪيل ڪجهه زمين جي ليز بابت حڪومت سان هڪ نبيرو پڻ ڪرڻ چاهيو ٿي، ان سودي جا شرط حڪومتي مفادن سان ٺهڪندڙ نه هئا. کهڙي صاحب اهي سمورا مطالبا رد ڪري ڇڏيا ۽ گورنر صاحب وٽان تلخ وير پرايائين. گورنر صاحب پنهنجي سر بيٺڪيتي راڄ دوران گورنرن کي حاصل اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙيو، جيتوڻيڪ وٽس ان لاءِ ڪو جواز نه هو. ان کان پوءِ هدايت الله صاحب سبز باغ ڏسندڙ ڪابينا جي ٻن وزيرن سان گڏجي سازشون سٽڻ لڳو. اهي ٻئي وزير سنڌ جي دوري تي نڪتا ته جيئن وڏي وزير خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ لاءِ جوڳي حمايت حاصل ڪري سگهجي. هو ان ڏس ۾ اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. اڃا مهينو کن اڳ ئي اسيمبلي پارٽي ۽ گڏوگڏ قانون جوڙيندڙ مون تي پارٽي سربراهه ۽ قائد ايوان طور پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي وفاداري جو نئين سر اعلان ڪيو هو.

هدايت الله صاحب جنهن اپريل 1948 ع واري گهوٽالي دوران قائد اعظم صاحب سان واعدو ڪيو هو ته، کهڙي صاحب کي هٽائڻ لاءِ ڪو آئيني رستو ڳولهيندو، انتهائي اتاولو هو. کهڙي صاحب سندس مسلسل ڪوشش جو ذڪر ڪيو، جن کي آئيني ليکڻ انتهائي ڏکيو ٿيندو:

”ٻنهي وزيرن جي پنهنجي مقصد ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ بي صبر گورنر صاحب پنهنجي چهري تان چڙهيل ٿورو گهڻو پڙدو به لاهي ڇڏيو، انهيءَ اميد تحت ته جيڪڏهن مون کي امن امان واري کاتي تان هٽايو ويو ۽ پير الاهي بخش شايد اهو باور ڪرايو ته ان سان نئين منصوبي جي حق ۾ فضا جوڙي سگهجي ٿي .... ڪوبه قانوني، آئيني يا وهنواري دليل هلي نه سگهندو. ايستائين جو اهڙي ڪنهن قدم لاءِ وڏي وزير جي صلاح کان سواءِ ڪا تبديلي نه آڻڻ واري ڳالهه به ڌڪ نه جهلي سگهي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ سندس سيڪريٽري کاتن جي تبديليءَ وارو حڪمنامو کڻي چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ داخل ٿيو. چيف سيڪريٽريءَ فطري طور تي اهڙا حڪم اوستائين قبول نه پئي ڪري سگهيو، جيستائين اهي صحيح دڳ يعني وزارت وٽان کيس نه پهچن. چيف سيڪريٽري طرفان انهيءَ غير آئيني مطالبي جي پوئواري کان انڪار تي گورنر صاحب کي پنهنجو حڪم نامو غير معمولي گزيٽ ۾ ڇپرائڻو پيو. کهڙي صاحب جي بقول ”منهنجي حڪومت جي موجودگيءَ کي سامهون رکندي، هُن سيڪريٽرين کي کاتن ۾ تبديلين جي ڏس ۾ جاري ڪيل حڪم جي پوئواري لاءِ چيو.“

ان دوران اسيمبلي ۽ پارٽي کهڙي صاحب جي قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي رهي.

”اهو ڪجهه ٿيڻ دوران پارٽيءَ جي 5 3  سرگرم ميمبرن مان 23   هڪ گڏيل بيان وسيلي مون تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي ان ڏس ۾ رسمي ٺهرآءٌ منظور ڪرڻ لاءِ اجلاس ڪوٺائڻ واسطي چيو. اجلاس گهرائڻ جي درخواست ۽ نئين صورتحال سبب پارٽي سيڪريٽري 0 3  اپريل تي اجلاس گهرايو ته جيئن اعتماد واري ٺهرآءٌ کي رسمي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. ان گورنر صاحب جي ذهن ۾ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن ان گڏجاڻيءَ کان اڳ مون کي برطرف- خارج ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو ته سندس سڄو منصوبو دڦ ٿي ويندو.“

اسيمبليءَ ٺهراءَ کي مڏو ڪرڻ لاءِ جيڪو هو روڪي نه سگهيو، گورنر هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو. هُن وڏي وزير خلاف الزام مڙهڻ لاءِ امن امان واري کاتي کي استعمال ڪيو. هن ڪيس تيار ڪرڻ واسطي پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه ۾ هڪ آفيس قائم ڪئي. هن سرڪاري عملدارن کي طلب ڪيو ۽ مٿن شاهديون ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ۽ سهڪار نه ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪرڻ وسيلي مٿن دٻآءٌ وڌو. ان کان پوءِ گورنر جنرل سان اسيمبلي اجلاس واري تنازع کان اڳ کيس (کهڙو) برطرف ڪرڻ ۽ سندس خلاف جاچ لاءِ ڪورٽ جوڙڻ لاءِ لهه وچڙ ۾ آيو. کهڙي صاحب گورنر جنرل سان دليل بازي ڪئي ته گورنر صاحب پارلياماني سرشتي تي ٻڌل ملڪن ۾ رائج آئيني طريقي ڪار خلاف عمل ڪري رهيو آهي:

”مون گورنر جنرل آڏو هيٺيان نڪتا اٿاريا:

1 - گورنر جيڪي مون (کهڙي) تي الزام هنيا هئا سي سڀ منهنجي پرپٺ هنيا ۽ انهن متعلق مون کي نه ڪو اطلاع ڏنو ويو ۽ نه ڪو جواب طلب ڪيو ويو.

2 - قانون ساز اداري ۽ ان وسيلي ديس جي اعتماد رکندڙ وڏي وزير کي انهن الزامن تحت برطرف ڪرڻ آئيني طور تي انتهائي غير مناسب لڳندو.

3 - جيڪڏهن گورنر صاحب پنهنجي الزامن کي درست ٿو سمجهي ته کيس آئيني ۽ وهنوارڪ طريقي جي پوئواري ڪرڻ گهرجي. جنهن موجب اهي الزام اسيمبليءَ ڏانهن اماڻيا وڃن. جنهن آڏو ئي هو ذميوار آهي ۽ جنهن آڏو ئي هو پنهنجو ڪيس پيش ڪري سگهي ٿو ۽جنهن وٽ اهڙن معاملن جي نبيري لاءِ پنهنجو تيار سرشتو (استحقاق جي ڪميٽي) آهي.

4 - وڏي وزير جي مٿان انهن نام نهاد الزامن جي ثابت ٿيڻ کان اڳ برطرفي غير آئيني آهي، جيئن ڪنهن کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ مٿس ڪيس هلائڻ شروع ڪجي.

5 - جيڪڏهن انهن الزامن ۾ ڪو  ست هو تڏهن به مون کي انهن جو هڪ نقل ملڻ کپندو هو ۽ ڪوبه قدم کڻڻ کان اڳ منهنجي وضاحت آڏو رکڻ گهربي هئي.

6 - پارٽي اجلاس ڪوٺايل هو ۽ ان کان پوءِ هڪدم اسيمبليءَ جو اجلاس ٿي پئي سگهيو، جنهن ۾ گورنر صاحب ٻن باغي وزيرن ذريعي انهن الزامن تحت منهنجي خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرائي پئي سگهيو. اهڙي ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو ئي واحد آئيني ۽ وهنوارڪ دڳ ٿئي ٿو.

7 - ...... آءٌ (گورنر جنرل) کي درخواست ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مون کي گهر اماڻڻو ئي هو ته پوءِ انصاف ۽ شعور جي مفادن وٽان اهو ٿئي ها ته رٿيل جاچ جو دائرو وڌائي ان ۾ مون تي الزام مڙهيندڙ جي ورتاءُ ۽ عملن کي جاچ هيٺ آندو وڃي ها ته جيئن جاچ لهندڙ ڪورٽ سڄي مامري جو متوازي ۽ جوڳو جائزو وٺڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو ڏيڻ جي حيثيت ۾ هجي ها. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته باقي ٻن وزيرن ۽ خود گورنر تي پڻ ساڳي نوعيت جي جاچ ٿئي ها پر انهن مان ڪوبه عرض اگهامجي نه سگهيو.

کهڙي صاحب گورنر صاحب طرفان اختيار ڪيل غير مناسب پوزيشن خلاف زوردار ڪيس کڙو ڪيو پر خود گورنر جنرل جي ڪردار بابت پڻ شڪ جو اظهار ڪيائين. هن ڄاڻايو ته ڪهڙيءَ ريت هن حڪومت اندر اختلافي مامرن کي ماڻهن ۾ کڻي وڃڻ بدران پنهنجي آئيني حيثيت جي گهرجن تحت صورتحال جي درستگيءَ لاءِ گورنر جنرل تي ڀاڙڻ کي ترجيح ڏني. کيس اهو پتو لڳي نه سگهيو ته ڪو قائداعظم صاحب وٽ پنهنجا ڪي ٻيا مقصد هئا. دراصل جيستائين هدايت الله صاحب کي اهو احساس هو ته کهڙي صاحب کي قائد جو اعتماد حاصل آهي هو سندس حيثيت تي آڱر کڻڻ جي همت ساري نه سگهيو، پر جيئن ئي هن ليکيو ته کهڙو صاحب مرڪز جي مفادن وٽان نه رهيو آهي ته هن مٿس وار ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه لڳائي، راند ”صوبن کي وڙهايو ۽ راڄ ڪريو“ اصول تحت هئي ۽ هدف جمهوري وهنوار ۽ صوبائي خود مختياري هئا جنهنجو کهڙو صاحب سڀ کان وڏو داعي هو.

ان کان پوءِ کهڙو صاحب ورهاڱي کان پوءِ واري عرصي ۾ پنهنجي ڪردار ۽ تاريخ جي انتهائي وڏن اڀارن مان هڪ دوران سنڌ جي وڏي وزير طور کيس درپيش للڪارن ۾ پنهنجي عمل ڏانهن لڙيو:

”.... پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پيش ايندڙ بلڪل نوَن ۽ انوکن معاملن جن سنڌ مان ۽ سنڌ ڏانهن لکين ماڻهن جي غير منظم ۽ بدحواسيءَ واري لڏپلاڻ جو مشاهدو ڪيو، مون کي نه رڳو پوئين حڪومت دوران انتظاميا جي ڪارائتي ۽ اثرائتي وهنوار هلائڻ ۾ درپيش رڪاوٽون دور ڪرڻيون ٿي پيون پر مون کي نين حالتن کي به منهن ڏيڻو ٿي پيو. ٻين لفظن ۾ مون پنهنجو پاڻ هيڏي وڏي ڪم لاءِ هڪ اهڙي ڪمزور ۽ تصور کان وانجهيل انتظاميا سان ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪا اڳي عام حالت ۾ به ڪا حاصلات ڏيکارڻ جو ست ڏيکارڻ کان محروم هئي.

هن مرحلي تي نئين اٿل پٿل جي نتيجن ۾ مون تي عائد ٿيل فرض جي ڪجهه پهلوئن تي روشني وجهڻ ضروري آهي.

1 - پاڪستان جي نئين رياست طرفان ڪراچيءَ کي پنهنجي راڄڌاني بنائڻ جو فيصلو ڪرڻ سان ان جي عملي جي رهائش ۽ ٻئي انتظام ۽ اهليت واري سهپ ڀري ماحول ۾ امن امان ۽ شهري سهولتن جو بندوبست ڪرڻو هو.

2 - پاڙيسري علائقن اوڀر پنجاب، اتر ۾ ڪوئيٽا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ راجپوتانا، بمبئي، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ اجمير ۾ وڳوڙن سبب سنڌ نه رڳو انهن علائقن جي بي گهر ٿيل مسلمانن لاءِ اجهو بڻي پر ٻين هنڌن ويندڙ جي اچ وڃ جي دوران عارضي ٺڪاڻو پڻ بڻي.

3 - ان ڏوهارين کي هڪ سونهري موقعو مهيا ڪيو جن وڏي شاهي تشدد ۽ وڳوڙ وسيلي پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو. جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ ذميوار ان کان تمام گهٽ نوعيت واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جا به اهل نه هئا. اهو ذڪر ڪندي اهو ڄاڻائڻ دلچسپي کان خالي نه ٿيندو ته جڏهن 500  کان 0 0 0 1  حرن حڪومت جي نافرماني ڪئي، ته حڪومت کين منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهندي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين علائقي ۾ مارشل لا مڙهي. ڦرون، ڌاڙا، قتل، قاتلاڻا حملا، هلندڙ ريل گاڏين مان انسانن کي ڦٽو ڪرڻ هاڻ روز جو معمول بڻجي چڪا هئا، پراڻي ۽ نئين آبادي ان صورتحال کي هندن سان نوان ۽ پراڻا تڪرار نبيرڻ جو سونهري موقعو ليکيو. سندن پاڻ ۾ ناتا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان خوشگوار نه پئي رهيا.

4 - مواصلات جو ٺپو مڪمل طور تي اونڌو ٿي چڪو هو. هندو عملي جي اخراج سبب ريلوي، ٽپال ۽ ٽيليگراف کاتا مڪمل طور غير منظم ٿي چڪا هئا. پنهنجي ڪمن ڪارين کي اثرائتي انداز ۾ هلائڻ لاءِ حڪومت کي مواصلات جي ذريعن تي انحصار ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن مواصلات جو سرشتو نقص ۽ رڪاوٽن ڀريو هجي ته پوءِ ان حڪومت جي بيوسي ۽ ڪمزورين جو پورو احساس ڪرڻ گهرجي.

5 - ساڳي صورتحال ٻين کاتن جي به هئي جيڪي سڌو سنئون صوبائي انتظاميا جي انتظام هيٺ ٿي آيا. سنڌ ۾ منهنجي سمورين ڪوششن جي باجود نوڪرين ۾ هندن جو تناسب ڪڏهن به 0 6  سيڪڙو کان گهٽجي نه سگهيو. هاڻ جيڪڏهن ڪنهن حڪومت جا 0 6  سيڪڙو ملازم اوچتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين يا ان ۾ دلچسپي نه وٺن يا وفادارين جي لحاظ کان مشڪوڪ ليکيا وڃن ته پوءِ حڪومت جي صورتحال ابتر نه ٿيندي ته ٻيو ڪهڙي ٿيندي!

6- هت پهچندڙ پناهگير آباديءَ جيڪا پنهنجي اباڻي ديس ۾ هندن هٿان چڱيون موچاريون سختيون ڀوڳي آئي هئي، جو ورتاءُ مناسب طور تي امن امان برقرار رکڻ سان ٺهڪندڙ نه هو. هت ان نڪتي تي زور ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو ان عرصي دوران هتان جي ۽ ٻين هنڌن جي حالت جو تقابِلي اڀياس اهو ثابت ڪندو ته جت ٻين سمورن علائقن ۾ ماحول ڇڪتاڻ ڀريو ۽ غير مددگار هو، اتي سنڌ پنهنجي ماڻهن ۽ ساک کي گهٽ کان گهٽ هاڃو رسائيندي سگهوئي ان ڪيفيت مان نڪري آئي.

7 - ماڻهن جي پيڙائن کي بدعنوان عملدارن ۽ سندن ڇاڙتن پنهنجو پاڻ کي سکيو ستابو ڪرڻ جو هڪ انوکو موقعو ڀانيو. تمام گهڻي همت جهليندي هو ماڻهن مٿان ڪڙڪيا ۽ غير مناسب انتظامي انارڪي قائم ڪيائون.

8 - پناهگير ڪئمپون هلائڻ ۽ صوبي ۾ راڄڌاني ۽ ٻين اهم شهرن ۾ داخل ٿيندڙن لاءِ رهائشي بندوبست ڪرڻ انتظاميا لاءِ هڪ وڏو مٿي جو سور هو. اهو آڏو رکندي ته جنگي صورتحال جو سبب راڄڌاني ۽ ٻين شهرن ۾ گذريل ڏهن سالن دوران ڪا نئين عمارت نه ٺهي هئي، ان معاملي جي ڳنڀير هئڻ کي ڀلي ڀت پروڙي سگهجي ٿو.

9 - پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گذريل هڪ سال دوران نئين آباديءَ جي آمد جي امڪانن سنڌي ۽ غير سنڌي بنيادن تي هڪ نئون پر خطرناڪ تڪرار پڻ ٿيو آهي. سر غلام حسين صاحب جي عرصي دوران ٻنهي پاسائين پرتشدد پروپيگنڊا ڪئي وئي، سنڌي ڌر پنهنجو پاڻ کي جي ايم سيد جي جماعت سان مڪمل طور تي ڳنڍڻ شروع ڪيو آهي، جنهن کي اڃان هڪ سال اڳ ئي مسلم ليگ هٿان چونڊن ۾ شڪست آئي هئي. ان جماعت جي ترجمان روزاني اخبار ”قرباني“ کي ٻرنديءَ تي تيل وجهڻ جي کلي اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن مون اقتدار سنڀاليو ته صورتحال کي ايترو ڇڪتاڻ وارو ڏٺم جو آباديءَ جي ٻنهي حصن ۾ هڪ ڀيرو ته سڌو سنئون ٽڪرآءٌ ۽ وڳوڙ اڻٽر ٿي نظر آيا. وزارتي پارٽيءَ ۾ سنڌي عنصر صوبائيت جي حوالي سان ايترو ته لاڳاپيل آهن جو ڪوبه وزير اهڙي حساس معاملي تي پنهنجي عهدي وڃائڻ واري جوکم کڻڻ کان سواءِ ڪو ٺوس موقف اختيار ڪرڻ جي حيثيت ۾ ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ غلام حسين صاحب رڳو پنهنجي کل بچائڻ لاءِ ان واڌ ويجهه کي انهن ڏينهن ۾ نهوڙڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن اها اڃان اُسري ئي مس هئي. هاڻي ”قرباني“ تي پابندي هڻڻ ۽ انهيءَ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ذميواري منهنجي ئي ذمي آئي.“

کهڙي لڏ پلاڻ ڪندڙ هندن جي ملڪيتن جي نبيري، ايندڙ پناهه گيرن جي رهائش، گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضن کي روڪڻ ۽ ٻين ڳنڀير مسئلن بابت جن تي هو پنهنجي انتهائي مختصر بيان ۾ رڳو اشارو ڏئي پئي سگهيو، جو ذڪر ڪندي چيو:

”منهنجي وڏ وزارت وارو عرصو ملڪ ۾ انقلابي تبديلين جو پيامبر عرصو هو. نئين رياست ۾ حاصل ٿيندڙ حالتون ڏهڪاءَ واريون هيون. آباديءَ جي هڪ چڱي موچاري حصي پنهنجون وفاداريون تبديل ڪيون. ٻاهر دشمن ۽ اندر وڳوڙي هئا، جن سمورن جو مقصد رياست کي کوکلو ڪرڻ هو. صوبي کي پنهنجي دولت کان محروم ڪيو ويو ۽ ايستائين جو زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به لاچار ٿي ويو. لکن جي تعداد ۾ پناهگير آيا، اسان کي انتها درجي جي  بد انتظامي جو خطرو لاحق هو. ڏوهن جي اڻ روڪ لهر آيل هئي ۽ امن امان جي خرابيءَ جو انارڪي انداز پکڙيل هو. منهنجي حڪومت کي سمورن محاذن تي دشمنن سان وڙهڻو ٿي پيو. اسان جي وسيلن تي ڏيوالو ڪڍڻ جي حد تائين ٽيڪس مڙهيا ويا، صوبي جي وڏي وزير طور مون کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو هو ۽ ماڻهن طرفان مون تي ڪيل اعتماد کي باجواز ثابت ڪرڻو هو.“

کهڙي صاحب پنهنجي ڳالهه جي شاندار پڄاڻي ڪئي.

”انهن مسئلن ۽ ڏيکائن جي موجودگيءَ ۾ مون کي (اقتدار ۾) سڏيو ويو، اقتدار ۾ منهنجي پهرين ڏينهن کان وٺي اهڙي انتظاميا جي مدد سان اهو ڪجهه ڪرڻو هئم، جيڪا گذريل اٺن سالن کان سولي زندگي گهاري رهي هئي ۽ جنهن لاءِ مٿان کان سخت ضابطو يا نظرداري هر صورت ۾ اهنج رسائيندڙ هو. فطري طور تي ان منجهن ناراضگي ۽ ناخوشي کي جنم ڏنو. پر جيڪڏهن صوبي کي گهوٽالي مان ڪڍڻو هو ته پوءِ اهو جوکم کڻڻ اڻٽر ۽ اوس هو. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ مايوس ڪن ڳالهه اها هئي جو منهنجي ڪابينا جي چئن مان ٻن وزيرن کي پڻ پراڻي طريقي سان استعمال ڪيو ويو ۽ هو نئين دور جي تقاضائن کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا. ان ڪري اٿل پٿل دوران سندن ذهني يا جسماني وسيلن تي انحصار ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هو.“

کهڙي صاحب اهو ڪجهه اڻپوري حڪومتي مشنري، پنهنجي ڪجهه ساٿين ۽ گورنر جي اڻ سهڪاري ورتاءُ سان گڏوگڏ طاقتور مرڪز مٿان سمجهه کان وانجهيل هئڻ جي باوجود حاصل ڪيو.

”انهن اڀاڳي حالتن ۽ ڪيترين ئي خامين ۽ لاچارين هوندي به مون انهن نا موافق واقعن کي منهن ڏنو جيڪي صوبي جي تاريخ ۾ اڻڄاتل هئا- پنهنجي مقصد ۾ آءٌ ڪيترو ڪامياب رهيس تنهن جو اظهار سنڌ جي هاڻوڪي صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪا منهنجي ئي پورهئي جو ثمر آهي.“

پر هو اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو:

”اها ڌار ڳالهه آهي ته مون کي جيڪو ثمر ملڻ کپندو هو، تنهن جي بلڪل ابتڙ ماڻيو اٿم. پر اها ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. مسلمان برادريءَ جي ڪيترن ئي ايماندار ڪارڪنن کي جنهن ريت رڻ ۾ روليو ويو آهي سو انوکو مثال آهي. انهن چيڀاٽيل ماڻهن جي هجوم ۾ آءٌ ته سڀ کان ننڍو فرد آهيان.“

کهڙي صاحب هڪ ڳالهه اٿاري جيڪا تاريخي شخصيتن جي سندن عظيم الشان حاصلاتن جي باوجود پاڻ کان ننڍي ماڻهن هٿان ڌڪ ڪڍجڻ جو ڀرپور اظهار ليکي سگهجي ٿي:

”آءٌ ترديد بدران ڏوهاري هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪريان ته مٿي ڄاڻايل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ مون سدائين سرخ ڦيٿي يا وهنوارڪ ضابطن جو خيال نه رکيو آهي، ڪجهه وقتن تي مون عملدارن کي اڳوڻن وڏن وزيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بار به وڌو هوندو، پر اهو صورتحال جي حساس ۽ انوکي انداز سبب اڻٽر هو، جنهن ۾ حالتن ۽ ضابطن سان ٽڪرجندي ڪم ڪرڻو ٿي پيو. جڏهن ڪو شيطان توب جي گولي جي برباديءَ جو حامل ٿي وڃي ته پوءِ اهو خراب منتظم ليکبو جيڪو اهو سوچي ته هو ان کي ڍڳي گاڏيءَ تي سوار ٿي پڪڙي سگهي ٿو.“

کهڙي صاحب واضح ڪيو ته سندس قيادت ۽ انتظاميا کي صوبي جي عوام ۽ سندن چونڊيل عيوضين ۽ سندس ساٿين جو اعتماد حاصل هو.

”سنڌ اسيمبلي جنهن جو آءٌ تخليقڪار هئس ۽ جنهن بابت دير تائين خيال هئم ته منهنجو به پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو، انتظاميا هلائڻ واري منهنجي طريقي جي پٺڀرائي ڪندي رهي ۽ ان جي عيوض ۾ مون تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي رهي. هن صوبي جي آئيني تاريخ ۾ ڪنهن به وڏي وزير کي اسيمبلي هٿان ايڏو مان ڪڏهن به نه مليو آهي. اسيمبليءَ طرفان پنهنجي نمائندي وڏي وزير طور مون تي ايڏي وڏي اعتماد جو اهم سبب خراب صورتحال سان منهنجو منهن ڏيڻ آهي. اها فيبروري 1948 ع ۾ پيش آئي ۽ اوستائين وڏي وزير جا کنيل سمورا قدم ۽ اپآءٌ اسيمبليءَ جي اعتماد جا حامل بڻجي ويا. اسيمبليءَ جي مون تي انهيءَ اڻ - ٽٽ ويساهه جو نتيجو ئي هو جو گورنر چاهيندي به منهنجي خلاف ان ڏانهن رجوع نه ڪري سگهيو ۽ مون کي اچڻ لاءِ هڪ بلڪل نئون ۽ اڻ ٻڌل طريقو اختيار ڪيائين.“

ان ريت کهڙي صاحب پاڻ سان ٿيل ورتاءَ تي پنهنجو بيان ۽ احتجاج بيهاريو. هن چيو ته هو ملڪ کي درپيش اڻ ٻڌل گهوٽالي مهل وڏو وزير بڻيو. اهڙو گهوٽالو جيڪو نه رڳو اڳواڻن ۾ اهليت ۽ وابستگيءَ جو گهرجائو هو پر گهوٽالي کي منهن ڏيڻ لاءِ پيش رفت ۽ صلاحيتن جو پڻ متقاضي هو. گهوٽالي جي نوعيت فوري فيصلا ۽ غير معمولي ڪاوشون ٿي طلبيون، جيڪو امر صوبي جي روز مرهه واري انتظاميا کان ڳري ڳالهه هو. اها اهڙي صورتحال هئي جيڪا سولائي سان هٿن مان نڪري پئي سگهي، جيئن پنجاب ۽ ٻين خاص طور تي اتر هندستان جي علائقن ۾ ٿيو، جيئن کهڙي صاحب به وضاحت سان اپٽار ڪئي ته صورتحال کي حواسن جي مضبوطي ۽ انتظامي چابڪدستيءَ وسيلي ئي ڪنٽرول هيٺ رکيو ويو. سنڌ اسيمبليءَ ان بابت پنهنجي منظوريءَ جو اظهار فيبروريءَ ۾ وڏي وزير تي اعتماد ظاهر ڪندي ڪيو.

کهڙي صاحب و اضع ڪيو ته آئيني طور تي هو درست هو ۽ آزادي ايڪٽ کيس چونڊيل وڏي وزير طور اهي اختيار سونپيا آهن، جيڪي بيٺڪيتي دور جي وڏن وزيرن کي حاصل نه هئا. اهو جمهوري وهنوار جو حصو هو پر بدقسمتيءَ سان ان ڪري کيس گورنر صاحب جو وير پرائڻو پيو جيڪو پاڻ به وڏو وزير رهي چڪو آهي. گورنر صاحب پنهنجي بي پهچ هئڻ تي مايوس ٿيندي سندس خيال موجب طاقتور وڏي وزير کي عهدي تان لاهڻ لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ هن پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪيو. کهڙو صاحب تازو ئي مرڪزي اختيارين سان ٽڪراءَ ۾ آيو هو، جن کي سندس اختيارن جو اثرائتو استعمال پسند نه آيو هو جيڪو عمل هنن خود پنهنجي اختيارين ۾ کاٽ ٿي سمجهيو. هو هر حوالي سان ڪراچيءَ جي دولت ۽ طاقت تي هٿ صاف ڪرڻ لاءِ آتا هئا. هنن پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ گورنر صاحب کي به همٿايو جيڪو عمل آئيني اصولن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي هو. کهڙي صاحب اعليٰ ترين اختياريءَ ڏانهن اماڻيل دستاويزن ذريعي آئيني حيثيت جي اپٽار ڪئي پر کيس برطرف ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيل اختيارين انهن کي نظرانداز ڪندي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي.

کهڙي صاحب پنهنجي دليل جي پٺڀرائيءَ ۾ نه رڳو آئيني جوازن  ۽ گهوٽالي جي حساسيت ۽ دائري جو ذڪر ڪيو جن جي ڪامياب انتظام ڪاريءَ تي ملڪ جي سلامتي ته ڇا پر خود وجود جو دارومدار هو، پر ان ماحول جو به ذڪر ڪيائين، جنهن سندس سياسي ڪيريئر جوڙيو ۽ انهيءَ نازڪ مرحلي تي کيس اقتدار جو واڳ ڌڻي بڻايائين. اهڙو ڪيريئر جيڪو ماڻهن ۽ صوبي جي مقصدن لاءِ قربانيءَ سان ڀريل هو ۽ جنهن ۾ ذاتي مفادن لاءِ پتوڙ جو معمولي شائبو به نه هو. ان حوالي سان مٿس لڳل الزام بلڪل بي بنياد ۽ ڇسا هئا ۽ کهڙي صاحب انهن کي اهڙي ريت ئي خاص عدالت ۾ تاراج ڪرڻ ٿي چاهيو.

کهڙي صاحب هڪ پويان ٻئي الزام جي وراڻي ڏيڻ جو طريقو ڪتب آندو. سرڪاري ملازمن خاص طور تي صوبائي عملدارن کي معطلي يا تنزليءَ جو دڙڪو داٻ ڏنو ويو هو. انهن منجهان ڪيترن ئي يادگيري نه اچڻ واري بهاني ۾ پناهه ورتي ۽ بچآءٌ واري ڌر کي ريڪارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس اهم شاهدي حاصل ٿي ٿئي. کهڙي صاحب ڪجهه سينيئر آفيسرن جو ذڪر ڪيو جن کي هُن ساک ڀريو فرد ٿي ليکيو: ”آءٌ مٿن ڪجهه اهڙين شين کان  انڪار جو الزام ٿو هڻان جيڪي هنن ڀلي ڀت ڄاتيون ٿي ۽ ائين ڪندي هنن شعوري طور تي ڪورٽ تي غلط تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوش ڪئي آهي.“

ڪجهه الزامن جو تعلق ٻين وزيرن جي کاتن ۾ وڏي وزير جي مبينه مداخلت بابت هئا. کل جهڙي ڳالهه آهي ته اهي الزام ان شخص تي هنيا ويا جيڪو حڪومت جي سربراهه ۽ پارٽي اڳواڻ طور پنهنجي حڪومت جي ورتاءَ لاءِ حتمي طور تي ذميوار هو. پهرين ته کهڙي صاحب آئين پٽاندڙ وڏي وزير جي ذميوارين۽ ڪم ڪار جي ضابطن جو ذڪر ڪيو.

”ٻين وزيرن (پير الاهي بخش صاحب ۽ مير غلام علي صاحب) جي ڪمن ۾ مبينه مداخلت ڪرڻ جو به مون تي الزام مڙهيو ويو آهي. اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪجهه ڏسائن ۾ مونکي انتظاميا جي پاڪدامنيءَ، امن امان جي مناسب انتظام ڪاري ۽ انتظاميا جي مناسب سڀآءٌ واسطي مداخلت ڪرڻي پئي، جيڪو هر ساک واري حڪومت کي به ڪرڻ گهرجي.

سرڪاري وڪيل پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ مون تي الزام مڙهيو ته مون انهن ٻن وزيرن جي کاتن ۾ مداخلت ڪئي، جيڪي اڳتي هلي گورنر جا پالتو بڻجي ويا. پر هو وساري ويٺو ته آءٌ صوبي جي وڏي وزير ۽ ان ريت حڪومت جي سربراهه، اقتدار واري پارٽي جي سربراهه ۽ ايوان جي قائد طور وزيرن جي عملن ۽ سرگرمين لاءِ ذميوار هئس. ان ڪري مون کي اوڏي مهل وزارتن ۾ مداخلت جو حق هو، جڏهن اها قانوني طور تي مناسب سمجهيم ٿي. هو اهو به وساري ٿو ته وڏي وزير هئڻ سان گڏوگڏ آءٌ ناڻي کاتي ۽ سياسي سروسز ۽ جنرل کاتن جو به سڌو سنئون انچارج هئس. ان ڪري اهي سمورا فائيل جن ۾ ڪنهن به قسم جي خرچ پکي جو ذڪر هو يا جن جو نوڪرين (ترقيون، بدليون، مقرريون ۽ سزائون وغيره) جي معاملن سان تعلق هو مون کي ڏسڻا هئا. ضابطا نمبر 2 1 ، 4 1 ، 7 1 ، 8 1 ، 19 ،0 2 ، 3 2 ، 4 2 ، 5 2 ، 5 2  الف، 6 2 ، 7 2 ، 8 2  ڪم ڪار جا اهي ضابطا آهن، جيڪي مٿين ٽنهي کاتن کي اهي اختيار ڏين ٿا ۽ اهي ٽئي کاتا مون وٽ هئا. اهي کاتا ٻين کاتن تي ڪنٽرول ۽ اختيارن جي استعمال لاءِ وسيع ميدان مهيا ڪن ٿا. ان کان سواءِ سمورا اهم معاملا وڏي وزير آڏو پيش ٿيڻا هوندا آهن، جيڪو انهن ٽنهي کاتن جو وزير پڻ هو. ان کان سواءِ پاليسيءَ جي سمورن اهم معاملن ۽ سمورن قانوني اُپائن جو اوستائين ڪوبه فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين وڏو وزير اهي ڪاغذ پٽ جانچي پنهنجو موقف نه ڄاڻائي. وڏو وزير اهي سمورا معاملا ڪابينا آڏو پيش ڪري سگهي ٿو يا جيڪڏهن مناسب لڳيس ته پنهنجي سر فيصلو ڪري.

اهو واضح ڪجي ته وڏو وزير ڪابينا جي سربراهه طور اسيمبليءَ جي ايوان آڏو جوابده هوندو آهي. حڪومت گڏيل ذميواري تي آڌاريل هوندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن وزير تي ايوان اعتماد ٿو ڏيکاري يا ڪنهن ٻئي وزير جي ڪا مالياتي گُهر ايوان رد ٿو ڪري ته وڏي وزير کي سڄي ڪابينا جي استعيفا پيش ڪندي، اها ذميواري کڻڻ گهرجي تا وقتي وڏو وزير ايوان ذريعي پنهنجي ساٿين تي بي اعتمادي يا رقمن جي رد ٿيڻ کان اڳ کيس استيعفا ڏيڻ لاءِ چئي چڪو هجي ۽ ڪابينا ۾ تبديلي آڻي چڪو هجي. اهو ڪنهن به صوبائي يا مرڪزي حڪومت جي آئيني ذهن رکندڙ سربراهه لاءِ مناسب ترين رستو آهي. آئيني حيثيت واضح ڪرڻ کان پوءِ کهڙي صاحب وزيرن سان پنهنجي عملي تجربي جي اُپٽار ڪئي.

”مون کي انتظام ڪاري مناسب انداز ۾ ڪرڻ واسطي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي  ساٿين کي اورانگهڻو پيو. آءٌ ڪجهه مثال ڏيڻ چاهيندس ته ڪهڙي ريت انتطاميا جي پاڪ دامنيءَ جي مفادن ۾ مون کي پنهنجي ساٿين جي ڪمن ۾ مداخلت ڪرڻ ضروري ٿي پئي.“

کهڙي صاحب واضح ڪيو ته سندس مداخلت جا گهڻا تڻا مثال سنڌ ۽ پاڪستان مان کاڌ خوراڪ ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي اسمگلنگ روڪڻ بابت هئا، ياد رهي ته اهو قومي گهوٽالي جو دور هو. جڏهن ملڪ سنڌ صوبي ۾ پئدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ تي ڀاڙي رهيو هو.

”آءٌ سرڪاري شاهدن جي گواهيءَ سان ثابت ڪري چڪو آهيان. مثال طور جيئن کاڌ خوراڪ ۽ سول سپلائيز کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (جي جي خراس) چيو آهي ته مون مداخلت ڪري مير غلام علي جا جاري ڪيل حڪم رد ڪيا، جنهن حيدرآباد ضلعي جي بدين ۽ ٽندو باگو تعلقن ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ ٻن پنهنجي پسنديده زميندارن کي حيدرآباد کان ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا رياستن جي سرحد ضلعي ٿرپارڪر ڏانهن چانور موڪلڻ جون ڪيتريون ئي پرمٽون جاري ڪيون هيون. ساڳيءَ ريت سندس ڪجهه حمائتين کي سکر ضلعي ۾ پنهنجي ملن مان ٻين علائقن ڏانهن چانور اماڻي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ان جو سڌو سنئون نتيجو بدين، ٽنڊو باگو، ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙو تعلقن ۾ کاڌ خوراڪ جي اسمن جي کوٽ ۽ واڌو خوراڪ رکندڙ سنڌ صوبي مان اسمگلنگ جي صورت ۾ نڪتو. منهنجي ڪيترن ئي ڊي ايس پيز، انسپيڪٽرن ۽ سب انسپيڪٽرن جي مدد سان ايس پيءَ جي عهدي برابر حيدرآباد ۾ متعين اينٽي اسمگلنگ آفيسر جو خاص عهدو جوڙڻ جي باوجود پرمٽ رکندڙن ذريعي اناج جي اسمگلنگ جاري رهي. اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته منهنجي ساٿيءَ سنڌ ۾ کوٽ جي شڪار اهڙن ڪيترن ئي اسمن لاءِ اهڙن فردن کي پرمٽون جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا جيڪي اهي اسم صوبن کان ٻاهر اماڻيندا رهيا. مون انهن سڀني جي منسوخيءَ جو حڪم ڏنو ۽ ان ريت ڪراچيءَ سميت سڄي صوبي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ کي ٻنجو ڏنو.“

جيستائين امن امان جو تعلق هو ته انصاف جو منهن مٿانهون ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساٿين جي کاتن ۾ ڪيل پنهنجي ”مداخلت“ جا به کهڙي صاحب مثال ڳڻايا:

”امن امان ۾ مداخلت ان حد تائين وڌي جو مير غلام علي هڪ سب انسپيڪٽر کي ڪجهه همراهه نقص عامه تحت گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد آڏو پيش ڪري ڇهن مهينن تائين جيل ۾ واڙڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ضلعي مئجسٽريٽ ايم ايڇ صوفيءَ اهو مامرو منهنجي نوٽيس تي آندو ته کيس هرهڪ همراهه جي پس منظر جو جائزو وٺڻ ۽ بيگناهه ثابت ٿيڻ تي کين آزاد ڪرڻ جي هدايت جاري ڪيم.“

”منهنجي موقف جي تائيد ۾ ڪيترائي مثال ڳڻائي سگهجن ٿا ته منهنجي ٻن ناراض ساٿين جو رويو صرف پنهنجي ذاتي مقصدن جي پوئواري ڪرڻ هو ۽ ڪابينا ۾ منهنجي موجودگي مٿن چڪاس جو وسيلو هئي.“ کهڙي صاحب ٻنهي وزيرن طرفان اختيارن جو اڍنگو استعمال ڏيکارڻ لاءِ آءِ جي پوليس جي شاهديءَ جو حوالو ڏنو.

”جناب پرائڊي جي شاهدي پٽاندڙ منهنجي برطرفي کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ ڇا ٿيو ۽ ٻيلي جي ريڪارڊ ۾ موجود اهڃاڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت مهيا ڪندا ته منهنجا ساٿي منهنجي نظرداريءَ هيٺ ڪيترو نه پريشان هئا، پر هن عدالت جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ آءٌ سندن غلط ڪارين ۽ نا انصافين جا تفصيل ڏيڻ کان پاسو ٿو ڪريان.“

پنهنجو بيان پورو ڪندي کهڙي صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورٽ کي اهي حالتون ياد ڏياريون جن ۾ هن سنڌ جي اهم صوبي جو سڀ کان اهم عهدو سنڀاليو هو:

”پنهنجي بيان جي انهيءَ پڄاڻي واري حصي ۾ آءٌ عرض ٿو ڪرڻ چاهيان ته پنهنجي معياد دوران مون پبلڪ سيفٽي قانون رڳو انهن بد لڇڻن ماڻهن خلاف استعمال ڪيو جيڪي وڏي پئماني تي هندن جي لڏپلاڻ سبب سيپٽمبر 1947 ع کان هيل تائين ڏوهن جي اُڀريل لهر ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ هر روز وڏي تعداد ۾ پناهگيرن جي اچڻ انهن بدمعاشن کي شاهراهن تي ڦرڻ ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪيو. جناب پرائڊي طرفان پيش ڪيل ڏوهن جا انگ اکر ظاهر ڪندا ته سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ڏوهن ۾ سوچيل سمجهيل اضافو آيو ۽ اهي ڏوهه ڌاڙن، ڦرن ۽ گهرن ۾ کاٽ هڻڻ هئا. سڄي صوبي ۾ بعدمعاشن کي سوگهو ڪرڻ انتهائي گهربل قدم هو. ان قسم جا ڏوهه جنوري 1948 ع کان پوءِ معمول واري صورتحال تي موٽي آيا، جڏهن منهنجي حڪمن تحت بدمعاشن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي.“

ان کان پوءِ کهڙي صاحب پنهنجي ڏنل بيان جي حوالي سان هرهڪ الزام کي ٿڏي ڇڏيو، جاچ جي آخري ڏينهن ۾ بچآءٌ واري وڪيل ۽ سرڪاري وڪيل جا جوابي دليل ٻڌا ويا. سرڪاري وڪيل زور ڀريو ته سندس شاهدن جون گواهيون اعتبار جوڳيون آهن.

”بهرحال چيف جسٽس وراڻيو ته کيس انهن جي خاطري تي شڪ آهي. نيٺ سرڪاري وڪيل جج کان گهُر ڪئي ته هو پنهنجي فيصلي ۾ ڪو اهڙو نڪتو شامل ڪن جيڪو کهڙي صاحب کي مستقبل ۾ ڪو سرڪاري عهدو ماڻڻ کان جهلي سگهي. ججن اها فرمائش رد ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳائي.“

جاچ واري عدالت پنهنجي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ڇهن مهينن کان پوءِ 3  ڊسمبر تي سماعت جي پڄاڻي ڪئي. توقع اها هئي ته ان جو فيصلو صادر ٿيڻ ۾ مهينو کن لڳندو.

کهڙي صاحب جي جاچ ڪورٽ ۾ مصروف هئڻ دوران پاڪستان جو منظر نامو تبديل ٿيڻ لڳو. 1 1  سيپٽمبر تي قائداعظم گذاري ويو ۽ بنگال سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي اڳواڻ گورنر جنرل جو عهدو سنڀاليو. هدايت الله صاحب به ساڳي مهيني دوران گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي پنجاب سان تعلق رکندڙ وڪيل جسٽس دين محمد والاري، جيڪو بائونڊري ڪميشن جو ميمبر رهي چڪو هو ۽ ڊسمبر تائين ملڪ ۾ سياسي دلچسپي جو مرڪز ٻيهر کهڙو صاحب بڻجي چڪو هو. اها شاندار موٽ هئي جنهن جو هڪ اظهار برطانوي هاءِ ڪمشنر جي اماڻيل سياسي رپورٽ ۾ ملي ٿو:

”جائزي هيٺ عرصي دوران پيش آيل ٻيا سمورا مقامي واقعا کهڙي صاحب جي سياسي زندگيءَ ۾ ٻيهر موٽ جي طمطراق ۾ دٻجي ويا.“

رپورٽ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي چونڊ جو حوالو ڏنو، جنهن جاچ جي سماعت مڪمل ٿيڻ واري ڏينهن ئي کهڙي صاحب کي پنهنجو صدر چونڊيو.

”3  ڊسمبر جي شام مهل نامزدگيون داخل ڪرڻ جي وقت ختم ٿيڻ کان ست ڪلاڪ پوءِ کهڙي صاحب کي ليگ جي صدارت لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ ٻيا اميدوار هٿ کڻي ويا. هٿ کڻندڙن ۾ سيد علي اڪبر شاهه پڻ شامل هو، جنهن کي اڳ  پير الاهي بخش وزارت جو اميدوار ليکيو پئي ويو. ايندڙ ڏينهن هن هڪ بيان جاري ڪيو ته هو پاڻ تي وزارتي اميدوار هئڻ جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پارٽيءَ جي سرواڻي لاءِ کهڙي صاحب کان وڌيڪ مناسب ماڻهو ڪوبه نه ٿيندو.“

کهڙو صاحب 5  ڊسمبر تي سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ۽ هڪ افهام ڀريو بيان جاري ڪيائين جنهن ۾ قوم جي بچآءٌ کي ترجيح ظاهر ڪيائين. صوبائي ترجيحن ۾ هن عوام جي ڀلائي ۽ پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جو ذڪر ڪيو. هن ڪشمير واري مامري جي نبيري جي پڻ ڳالهه ڪئي. سنڌ جي هر شهري کي ادراڪ ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير جي آزادي آخرڪار سنڌ جي آزادي آهي.“

سنڌ واسين ته کهڙي صاحب جي سياست ۾ ٻيهر آمد جو آڌرڀآءٌ ڪيو پر سندس خلاف ڪم ڪندڙ قوتون ان مان قطعي خوش نه هيون. ڊان اخبار جو ايڊيٽر الطاف حسين پنهنجي حملي ۾ خاص طور تي مڇريل هو. هن سنڌ مسلم ليگ تي اهڙي شخص کي پنهنجو سربراهه چونڊڻ جو الزام هنيو جنهن تي خاص عدالت ۾ جاچ هلي رهي هئي ۽ ان کان پوءِ کهڙي صاحب متعلق انيڪ اڻوڻندڙ رپورٽن ۽ تبصرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنائين. اهي حملا انهيءَ خبرداريءَ سان اُڻيل کهڙي صاحب جي مخالف مهم جو حصو هئا، جيڪا هن پنهنجي اخبار ”ڊان“ ۾ کهڙي صاحب جي مرڪز سان پئدا ٿيل اختلافن کان پوءِ شروع ڪئي هئي ۽ اها سندس ايڊيٽري هلڻ تائين جاري رهڻي هئي.

پير الاهي بخش صاحب جي قيادت هيٺ تڏهوڪي سنڌ حڪومت کهڙي صاحب جي چونڊ کي ناڪاري ڪري ورتو جيڪو (پير الاهي بخش صاحب) پنهنجي پهرين اميدوار جي دستبرداري ۽ ٻئي جي فيصلي ڪن شڪست جو صدمو جهلي نه سگهيو هو. هن باقي ليگ چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ هڪ طرفي مسلم ليگ ٺاهڻ جو دڙڪو ڏنائين. انهيءَ قدم کي ڪا گهڻي حمايت حاصل نه ٿي. هونئن به پير الاهي بخش صاحب کي سگهوئي سنڌ اسيمبليءَ واسطي پنهنجي چونڊ جي حوالي سان اٿيل تڪرار ۾ وچڙڻو پيو.

مسلم ليگ جي نئين چونڊيل صدر طور کهڙي صاحب پارٽي ۽ صوبي ۾ مسلم ليگي حڪومت لاءِ سرگرمين جو پروگرام جوڙيو. ان ۾ وزارت جي ورتاءُ خلاف ٻه ٺهرآءٌ پڻ شامل هئا. (1 ) پهرين حڪومت جي غير معمولي اختيارن جي انتهائي وسيع پئماني تي اڍنگي استعمال کي ننديو ۽ (2 ) ٻئي ۾ حڪومت تي زور ڀريو ته راڄڌانيءَ جي حيدرآباد منتقلي واري فيصلي تي عمل درآمد اوستائين نه ڪيو وڃي جيستائين اسيمبلي ان معاملي تي بحث نه ڪري.

کهڙو صاحب ان خيال جو هو ته گاديءَ واري شهر جي منتقليءَ بابت سنڌ اسيمبليءَ کي بحث جو مڪمل موقعو ملڻ گهرجي. کهڙي صاحب ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ته سنڌ نه رڳو غير مناسب ڍانچي جو شڪار ٿيندي پر ان کي وڏي پئماني تي خرچن جو بندوبست ڪرڻو هوندو ۽ اهو ان صورتحال ۾ جڏهن مرڪز پنهنجي وعدي پٽاندڙ معاوضو ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيو هو.

مسلم ليگ ڪائونسل (3 ) جاهليت، بدعنوانين، بليڪ مارڪيٽنگ۽ کاڌ خوراڪ جي اسمگلنگ ختم ڪرڻ  جو پڻ وعدو ڪيو. (4 ) اها بچآءٌ ۽ ڪشمير بابت قومي پاليسيءَ متعلق سهڪاري هئي ۽ (5 ) سنڌين ۽ پناهگير آباديءَ وچ ۾ پئدا ٿيل بداعتمادي ختم ڪرڻ واسطي پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جي پڻ ڳالهه ڪيائين ۽ (6 ) اهو واعدو ڪيائين ته ”ماڻهن جي شهري آزادين جو عوام طرفان اظهار جي آزاديءَ کي وڌ کان وڌ همٿائڻ وسيلي تحفظ ڪيو ويندو ۽ اقتداري اختياريءَ جي غلط استعمال وسيلي عوام جي آزادين کي گهُٽي ڏيڻ جا سمورا دڳ بند ڪيا ويندا.“

سنڌ مسلم ليگ جو اهو پروگرام واضح ٿو ڪري ته کهڙي صاحب وسيع بنيادن تي سوچڻ جاري رکيو.

جاچ جي انداز ماڻهن کي باور ڪرايو ته الزام مڪمل طور تي پاڻيءَ تي ڦوٽو هئا ۽ کهڙو صاحب ان ڌنڌ مان نڪري ايندو. اهي افواهه هئا ته جاچ واري ڪورٽ ”کهڙي صاحب کي معمولي طور تي سزا ڏيندي ۽ اڳتي هلي ان کي ختم ڪيو ويندو.“ اهو به واضح هو ته کهڙي صاحب جو سياسي بنياد هٿيڪو هو ۽ عوام جو منجهائنس اعتماد ختم نه ٿيو هو. ڇاڪاڻ جو کانئس پوءِ واري حڪومت جي مايوس ڪُن ريڪارڊ ماڻهن کي کهڙي صاحب جي فيصلي ڪُن ۽ سگهاري انتظاميا واري دور جي ياد ٿي ڏياري ته حڪومت ڪهڙي ريت ڪرڻ گهرجي. ان ڪري وڏا امڪان ليکيا پئي ويا ته هو مرڪز سان هڪ قسم جي سمجهوتي سان اقتدار ۾ موٽي ايندو. واضح رهي ته وڏ وزارت جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ مرڪز جي آشيرواد ضروري هئي. مرڪز طرفان اعليٰ اختيار پاڻ وٽ رکڻ جو عمل پاڪستان ۾ تن ڏينهن کان شروع ٿي چڪو هو.

جاچ ڪورٽ جي رپورٽ ڊسمبر 1948 ع جي آخر ڌاري گورنر جنرل کي پيش ڪئي وئي هئي. پر مارچ 1949 ع تائين ان کي سامهون نه آندو ويو. انهيءَ رپورٽ جي نتيجن ۽ ان جي اشاعت ۾ تاخير جي حوالي  سان ڪيترائي شڪ شبها پئدا ٿيل هئا. بهرحال حقيقت اها هئي ته کهڙي صاحب خلاف ڪوبه سنجيده الزام ثابت ٿيل نه هو ۽ نه ئي مٿس سرڪاري يا سياسي عهدو سنڀالڻ تي پابنديءَ جو ڪو نڪتو ئي ان ۾ شامل هو. اهو به واضح ٿيو هو ته سندس بنياد تهائين مضبوط ٿيو ۽ سندس شهرت ڦٽِڻ بدران وڌيڪ پکڙي هئي. مرڪز ۾ سندس ويرين جي ڪجهه نين حڪمت عملين سان سامهون نه اچڻ جي صورت ۾ کهڙي صاحب جي اقتدار ۾ ٻيهر موٽ جي راهه ۾ ڪا دير ئي نه لڳڻي هئي.

سرڪاري وڪيل پنهنجي اختتامي دليلن ۾ چاهيو ٿي ته ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڪي اهڙا نڪتا شامل ڪري جن وسيلي مستقبل ۾ کهڙي صاحب کي سرڪاري عهدو ماڻڻ کان جهلي سگهجي. ججن اهو ڪرڻ کان واضح نابري واري ۽ هنن سرڪاري ڌر طرفان پيش ڪيل شاهدن جي صحت تي پڻ شڪ جو اظهار ڪيو. کهڙي صاحب خلاف بدعنوانين يا ڪنهن ٻئي نقص جو الزام ثابت ٿي نه سگهيو ۽ جاچ رٿيو ته هن ڪجهه معاملن ۾ سولا ۽ مختصر رستا ڪتب آندا آهن ۽ واسطيدار انداز اختيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها توقع ڪئي پئي وئي ته بدانتظامي جا اهي الزام ڪورٽ وٽان ڪجهه پابنديون آڻيندا پر ائين نه ٿيو ۽ کهڙي صاحب پنهنجي سرڪاري ڪيريئر کي ٻيهر سنڀالڻ وارو هو. بهرحال لياقت علي خان معاملن کي ان رخ ۾ وڃڻ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هو سنڌ کي کهڙي صاحب جي ڪنٽرول هيٺ ڏسڻ لاءِ تيار نه هو ۽ ان کان بچڻ جو واحد رستو ڪجهه اهڙا خاص قانون جوڙڻ هو جن وسيلي کيس سياسي- سرڪاري عهدو سنڀالڻ کان روڪي سگهجي.

ڪورٽ آڏو ڪيس جي ساک کان محروم هئڻ ۽ کهڙي صاحب جي سرخرو ٿي اچڻ ڪري جاچ جي ڪاروائي ختم ٿيندي ئي حڪومت سندس خلاف هڪ ڏوهارڪ الزام عائد ڪيو ته هن پنهنجي وڏي وزير جي حيثيت کي استعمال ڪندي ”سنڌ آبزرور“ پريس کي لينو ٽائيپ پرنٽنگ پريس جي سهوليت استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. جيڪا سنڌ حڪومت پرڏيهه مان گهرائي هئي پر استعمال هيٺ نه هئي. ياد رهي ته کهڙو صاحب سنڌ آبزرور پريس جو هڪ حصيدار هو. اها کيس هيسائڻ جي ڪوشش هئي ۽ کهڙو صاحب هاءِ ڪورٽ مان پنهنجو پاڻ کي بري ڪرائڻ جو اهل هو. اڳتي هلي لينو ٽائيپ ڪيس طور سڃاتو ويندڙ ان مامري جي ٻڌڻي جاچ جي پڄاڻيءَ کان هڪدم پوءِ شروع ٿي ۽ آگسٽ 1949 ع ۾ کهڙو صاحب هاءِ ڪورٽ وسيلي ان مان بري ٿيو. برطانوي ڪمشنر پنهنجي حڪومت ڏانهن رپورٽ اماڻي:

”بري ٿيڻ واري فيصلي تي عوامي جوش و خروش انتهائي گهڻو هو. ڪورٽ اندر ئي کهڙي صاحب تي گلن جا هار وڌا ويا ۽ مٿس سون جي سڪن ۽ سئو روپين وارن نوٽن جي ورکا ڪئي ويئي. چوڌري خليق الزمان صاحب ۽ يوسف هارون صاحب سميت سنڌ جي ٻين وزيرن کيس گهر وڃي واڌايون ڏنيون. سنڌ حڪومت اڌ ڏينهن جي موڪل ملهائي... ان ريت بري ٿيڻ کان پوءِ سندس آڌرڀآءٌ ڪنهن ڌڪاريل سياستدان بدران عوامي سورمي وانگر ٿيو.“

جنوري 1949 ع ۾ مرڪزي حڪومت کهڙي صاحب کي عوامي قيادت تان تڙڻ واسطي پنهنجي حرفتن مان ٽين حرفت آزمائي. عوامي ۽ چونڊيل عملدارن جي (برطرفي) وارو ايڪٽ يا بدنام زمانه پروڊا خاص طور تي ٺاهيو ويو ۽ آئين ساز اسيمبليءَ هڪ خاص شق سميت ان کي منظور ڪيو جيڪو خاص طور تي کهڙي صاحب تي استعمال ٿيڻو هو. اهو قانون شايد جمهوري دنيا ۾ ٺهندڙ پهريون قانون هو جنهن وسيلي اهڙن سياستدانن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو هو. اهو مرڪزي حڪومت جي انهن ڄامڙن جو زوردار وار هو جن جو پاڪستان جي عوام تي بنهه گهٽ اعتماد هو ۽ جيڪي اختيار ۽ اقتدار پنهنجي هٿن ۾ ميڙڻ جا خواهشمند هئا. پروڊا مختلف صوبن جي سياتدانن تي وار ڪرڻ لاءِ سندن هٿن ۾ ٺهيل ٺڪيل هٿيار بڻجي ويو. پوءِ انهن سياستدانن جو تعلق ڀلي سنڌ سان هجي يا بنگال سان يا کڻي پنجاب سان ئي. جيڪڏهن هن پاڻ کي يا پنهنجن صوبن کي اثرائتو ٿي بڻايو يا وري هو طاقتور مرڪز پرستن لاءِ ڪو خطرو ٿي سمجهيا ويا ته اها وڄ مٿن ٿي ڪڙڪي. اها ٻه... منهين ترار پاڪستان ۾ سياست ۽ نتيجي طور جمهوري سرشتي جي زوال ۽ تباهيءَ جو بنياد ٿي بڻي. جيئن هڪ تبصري نگار چوي ٿو ”حڪومت جي ڪمزوريءَ جو اظهار آئين ۾ پروڊا جي شموليت سان ٿيو ٿي، جنهن جو مقصد بااثر سياستدانن تي ڪرڙي نظر رکڻ هو. لياقت جي سياسي محدود پڻي جو اظهار اڪثر سندس طرفان مسلم ليگ کي قوم سمجهڻ وارو لاڙو هو.... جيڪو سياسي جماعت طور ليگ جي تبديل ٿيل حيثيت سان ٺهڪندڙ نه هو. مخالف ڌر جي ڪردار کي برداشت ۽ همٿائڻ ۾ ناڪاميءَ تمام گهڻو ناڪاري اثر وڌو.“

خاص شق سميت پروڊا سان ليس لياقت علي خان بابت چيو ٿي ويو ته هو پروڊا تحت نا اهليءَ جي وڌ کان وڌ عرصي يعني ڏهن سالن لاءِ کهڙي صاحب کي سياست کان ٻاهر ڌڪڻ ٿو چاهي، جيتوڻيڪ سندس خيال ۾ ڪو وڏو الزام ثابت نه ٿيو هو. ماڻهن اهو ٿي سمجهيو ته ڏهن سالن تائين نا اهليءَ واري شق کهڙي صاحب کي ئي سياسي ميدان تان هٽائڻ لاءِ رکي وئي آهي. 2 2  مارچ 1949 ع تي گزيٽ آف پاڪستان ۾ گورنر جنرل جو هڪ نوٽيفڪيشن شايع ٿيو ته کهڙي صاحب کي ٽن سالن لاءِ وزير، ڊپٽي وزير يا پارليامنيٽري سيڪريٽري آئين ساز اسيمبليءَ رياست جي قانون ساز اسيمبلي، وفاقي اسيمبلي، ڪنهن مڪاني اداري يا اختياريءَ جو ميمبر چونڊڻ، لاءِ نا هل قرار ڏنو ويو آهي، کيس ان عرصي دوران راڄ جي ڪنهن  به لاڀائتي عهدي سنڀالڻ کان پڻ جهليو ويو آهي.“

کهڙي صاحب هڪدم اعلان ڪيو ته هو گورنر جنرل جي حڪم کي چئلينج ڪندو ۽ پروڊا کي غير آئيني قرار ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪندو. هن آگسٽ ۾ پنهنجي اپيل داخل ڪئي ۽ اها آڪٽوبر ۾ ٻڌجڻي هئي. پنهنجي پراڻي دوست ڊنگومل رامچنداڻي سان جنهن کي هن پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو هو، انتهائي اورچائپ سان ڪم ڪندي کهڙي صاحب سنڌ جي چيف ڪورٽ واسطي پنهنجو ڪيس تيار ڪيو. کهڙي صاحب هنن نڪتن تي گورنر جنرل جي حڪم تي اعتراض واريا:

”پاڪستان جي عارضي آئين ۽ حڪمنامي 1947 ع وسيلي ترميم ڪيل گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 ع جي ستين شيڊول جي صوبائي فهرست ۾ مهيا ڪيل قانون سازيءَ جي دائري جي حوالي سان عزت ماب سنڌ جو گورنر صاحب ڪنهن به وزير خلاف لڳل الزامن جي جاچ لاءِ ڪو ٽربيونل نه ٿو جوڙي سگهي.“

اهو دليل جيڪو هن جاچ جي ٻڌڻي دوران اٿاريو هو خاص عدالت رد ڪري ڇڏيو ۽ هن احتجاج هيٺ عدالتي ڪاروائي ۾ حصو ورتو. کهڙي صاحب ڄاڻايو ته فيبروري 1949 ع ڌاري آئين ساز اسيمبليءَ پروڊا منظور ڪيو. کهڙي صاحب نڪتو اٿاريو ته نا اهليءَ جو حڪم اوتروئي غير قانوني ۽ لاڳو نه ٿيڻ جوڳو آهي جيترو 1949 ع وارو پروڊا (ايڪٽ) جيڪو غير آئيني طور تي منظور ڪيو ويو ۽ هاڃيڪار آهي ۽ اهو آئين ساز اسيمبليءَ جي قانون جوڙڻ وارن اختيارن کان مٿڀرو آهي.

کهڙي صاحب کي لاڳاپيل آئيني معاملن جي چڱي موچاري سمجهه هئي ۽ پنهنجو ڪيس ڪيترن ئي سطحن تي پيش ڪرڻ جو اهل هو. پهرين ته خود پروڊا قانون پنهنجي سر جٽادار نه هو ۽ پوءِ ته اهو ٽيڪنيڪي طور تي غير قانوني هو کهڙي صاحب اِن تي زور ڀريو. هن پهرين دليل ڏنو ته:

”هندستان جي آزاديءَ واري ايڪٽ 7 4 9 1 ع جي سيڪشن اٺين تحت رياست جي اسيمبليءَ جا اختيار رياست جي آئين جون شقون جوڙڻ جي مقصد واسطي هوندا، جيڪي رياست جي آئين ساز اسيمبليءَ طرفان استعمال ڪرڻ جوڳا ٿين ۽ آئين ساز اسيمبليءَ طرفان ٻيون شقون جوڙڻ تائين رياست تي راڄ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ طور ٿيندو، جيڪو انهيءَ ايڪٽ جي سيڪشن 9  سان ٺهڪآءٌ ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل لاڳو يا تبديل ڪيو آهي ۽ رياست جي اسيمبليءَ جي اختيارين جو تعين ڪرڻ بابت گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي ڪابه شق اسيمبليءَ جي اختيارن جي آئيندي بابت برقرار رهندي وقتي هندستان جي آزاديءَ واري ايڪٽ 7 4 9 1 ع جي سيڪشن 8  (1 ) تحت آئين ساز اسيمبلي ڪا ٻي شق نه ٿي ٺاهي.

2 - ان ريت آئين ساز اسيمبلي جي ذمي -ٻه ڪم آهن:

هڪ رياست جو آئين جوڙڻ.

ٻيو وفاقي يا مرڪزي اسيمبليءَ طور عمل ڪرڻ.

3 - آئين ساز اسيمبليءَ طور ان کي رياست جو آئين ٺاهڻ ۽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ يا آزاديءَ واري ايڪٽ ۾ ترميم، تصحيح يا سنوارڻ جو اختيار ٿي سگهي ٿو، پر وفاقي اسيمبليءَ تحت ان جا قانون سازيءَ وارا اختيار محدود آهن. جهڙي ريت پاڪستان (عارضي آئين) آرڊر تحت گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾ ڄاڻايل آهن. عارضي آئين حڪم جي ستين شيڊول ۾ ڄاڻايل وفاقي اسيمبليءَ جا قانون جوڙڻ وارا اختيار آئين ساز اسيمليءَ کي پروڊا جهڙا قانون جوڙڻ جو اختيار نه ٿا ڏين. ان ڏس ۾ آئين ساز اسيمبليءَ ستين شيڊول جي ترميم يا توسيع بابت ڪو قدم نه کنيو آهي.“

ٻيو نڪتو جنهن تي کهڙي صاحب پنهنجي دليل جو بنياد رکيو سو هو ته ايڪٽ ۾ گورنر جنرل جي رضامندي شامل ناهي جيڪا آئين ساز اسيمبليءَ طرفان منظور ٿيندڙ سمورن قانونن لاءِ لازمي هئي:

”4 - آئين ساز اسيمبليءَ طرفان پاس ٿيندڙ بل تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي سيڪشن 2 3  ۽ هندستان جي آزاديءَ واري ايڪٽ جي سيڪشن 6  (3 ) تحت هز مئجسٽي جي نالي ۾ گورنر جنرل جي مرضي شامل هئڻ گهرجي. پروڊا کي گورنر جنرل جي رضامندي شامل ڪرڻ لاءِ وٽس پيش نه ڪيو ويو آهي، نه ئي ان کي اهڙي رضامندي حاصل آهي ۽ ان ڪري اهو لاڳو نه ٿو ٿي سگهي.“

ٽيون نڪتو جنهن تي کهڙي صاحب زور ڀريو هو ته ان ايڪٽ کي رڳو مٿس ئي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ مٿس جاچ ڪندڙ ٽربيونل پروڊا تحت نه جوڙيو ويو هو:

”5 - پروڊا جي سيڪشن 3  تحت ڪنهن فرد خلاف نا اهليءَ جو حڪم اوستائين جاري نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين مٿس ڏوهه ثابت نه ٿئي.

(الف) اها ثابتي هاءِ ڪورٽ يا وفاقي ڪورٽ ۾ گورنر صاحب يا گورنر جنرل جي حڪم تحت هجي.

(ب) يا ان ڏس ۾ گورنر جنرل يا گورنر صاحب طرفان ڪو ٽربيونل جوڙي منظوري ورتي ويندي.

درخواست گذار تي هاءِ ڪورٽ يا وفاقي ڪورٽ ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيو پر کيس جاچ جي خاص عدالت ڏوهاري قرار ڏنو جيڪو ان حوالي سان قائم ڪيل ٽربيونل نه هو،  نه ئي ان جو مقصد پروڊا جي پوئواري هو جيڪو سنڌ اسپيشل ڪورٽ آف انڪوائري آرڊيننس 1948 ع جي جاري ٿيڻ مهل وجود ۾ ئي نه آيو هو ۽ اهو  محدود مقصد ته درخواست گذار کي سنڌ جي وڏ وزارت تان برطرف ڪرڻ وارو عمل باجواز آهي يا نه. جاچ جي خاص عدالت جي رپورٽ کي جيڪا ڳجهي رکي وئي آهي، پروڊا (ايڪٽ) 1949 ع جو بنياد نه ٿو بڻائي سگهي.

6 - پروڊا جي شقن کي انتقامي حوالن سان ۽ درخواست گذار جي ڪيس ۾ لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي.

7 - سنڌ اسپيشل ڪورٽ آف انڪوائري آرڊيننس 1948  ع پنهنجي سرپاڻ غير قانوني ۽ غير آئيني هو، ڇاڪاڻ جو ان جي جاري ٿيڻ مهل سنڌ جي گورنر صاحب کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي سيڪشن 8 8  تحت ڪي به قانون ساز اختيار حاصل نه هئا جو هو اهڙو ڪو قانون لاڳو ڪري.

(الف) وڌيڪ اهو ته ذڪر هيٺ ايڪٽ عزت ماب گورنر ڪابينا جي صلاح سان جاري نه ڪيو جيڪو ڪم ڪار جي ضابطن تحت گهربل آهي پر هن پنهنجي ليکي ئي ڪيو جيڪو کيس آئيني طور تي اختيار ناهي.

ان ڪري درخواست گذار جو عرض آهي ته مٿي ڄاڻايل پروڊا جي سيڪشن 3  تحت کيس ٽن سالن جي عرصي تائين وزارت لاءِ چونڊڻ يا راڄ ۾ ڪو لاڀائتو عهدو سنڀالڻ لاءِ  نا اهل قرار ڏيڻ وارو گورنر جنرل جو نا اهليءَ وارو حڪم نامو لاڳو نه ٿيڻ جوڳو، غير قانوني ۽ غير آئيني آهي ۽ اهو حڪم جاري ڪيو وڃي ته هو سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ ۽ پاڪستان رياست جي آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر برقرار رهي سگهي ٿو.“

0 2  مارچ 1950 ع تي سنڌ جي چيف ڪورٽ جسٽس ڪانسٽنٽائن جي سربراهيءَ ۾ هڪ حڪم جاري ڪيو. جنهن موجب کهڙي صاحب کي نا اهل قرار ڏيڻ وارو حڪم نامو لاڳو نه ٿيڻ جوڳو، غير قانوني ۽ غير آئيني هو ۽ فيصلو ڏنو ته کهڙو صاحب سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ ۽ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبري برقرار رکندو. سڄي سنڌ ۾ جشن جو ماحول هيو ۽ چيف ڪورٽ جي فيصلي جي اعلان مهل سيشن هلائيندڙ سنڌ اسيمبليءَ ۾ کهڙي صاحب جو پرجوش آڌر ڀآءٌ ڪيو ويو. ان وقت آگسٽ 1947 ع ۾ آزاديءَ کان اڍائي سال پوءِ ڪورٽون ايترو آزاد ضرور هيون جو وزير اعظم کي پسند نه ايندڙ فيصلا ڏين ۽ تنهن وقت جي حڪومت جي مخالف هوندي به سنڌ اسيمبلي کهڙي صاحب جي بري ٿيڻ تي پنهنجي خو دمختياري ۽ جوش و خروش جو مظاهرو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ عوامي فورم ۾ ڪورٽن جي اها ساک گهڻو وقت برقرار نه رهڻي هئي ۽ صوبائي آزادي ۽ مستقل مزاجيءَ جي اهڃاڻ کهڙي صاحب کي تباهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيل مرڪز کي انهن ادارن جي تباهي ۽ ڏيوالپڻي ۾ ڪردار نڀائڻو هو.

ڪجهه هفتا پوءِ، مئي جي مهيني ۾ کهڙو صاحب ٺٽي کان سجاول هلندڙ لانچ سروس جو افتتاح ڪرڻ واسطي ٺٽي ويل هو جو کيس نياپو مليو ته واپسيءَ تي هو ساڳي ڏينهن رات جو لياقت علي خان سان ملاقات ڪري. وزير اعظم آمريڪا جي دوري تي اسهڻو هو ۽ کهڙو صاحب ڪراچيءَ روانو ٿيو ۽ رات جو يارهين وڳي ساڻس ملاقات ڪيائين. لياقت علي خان ڪورٽ جي فيصلي جو ڪو اثر وٺڻ جو ڏيکآءٌ نه ڏنو ۽ کهڙي صاحب کي ٻڌايائين ته هو سنڌ جي تازي وڏي وزير يوسف هارون صاحب کي هاءِ ڪمشنر طور آسٽريليا پيو اماڻي پر کيس (کهڙو) هڪ سال کن تائين سنڌ جي وڏ وزارت نه سنڀالڻ گهرجي. وزير اعظم چيو ته هو سندس نامزد فرد کي قبولي سگهي ٿو:

”تون ڪورٽ ۾ منهنجي خلاف کٽي ويو آهين پر اسين تنهنجي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين. پر جيڪڏهن وڏو وزير ٿيڻ وارو خيال ڪجهه عرصي لاءِ نه ڪرين ته اڳتي تنهنجو وارو اچي سگهي ٿو.“

دراصل لياقت علي خان ڌوڪو ڏئي رهيو هو. جيئن گهرو معاملن واري وزير خواجه شهاب الدين اڳتي هلي کهڙي صاحب کي ٻڌايو ۽ ان جي ثبوت طور فائل پڻ ڏيکاريائين. مرڪزي حڪومت کيس قانوني موقف ڄاڻايو ويو هو ته اپيل جي قبول ٿيڻ جا امڪان ناهن. کهڙو صاحب جنهن جي اسيمبليءَ ۾ واضح اڪثريت هئي شڪجي پيو ته لياقت علي خان مڪمل طور تي سچار ناهي پر اهو احساس ڪيائين ته جيڪڏهن هو وڏو وزير بڻيو ته ان جو نتيجو مرڪز وٽان وڌيڪ هاڃيڪار حرفتن جي صورت ۾ نڪرندو. ان مرحلي تي هو وزير اعظم سان دشمنين کي نئين سر تازو ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه هو. هن وڏ وزارت لاءِ افهام ڀريو اميدوار نامزد ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. کهڙي صاحب ڏکئي رستي جو سبق پرائي رهيو هو جتي پاڪستان ۾ اصل اقتدار براجمان هو.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org