سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-13

صفحو : 13

باب تيرهون

حر بغاوت

عام طور تي سنڌ ۾ هر مسلمان رهواسيءَ جو ڪونه ڪو ”مرشد، يا ”پير“ ضرور هوندو آهي. انهيءَ روحاني رهنمائيءَ کان وانجهيل رهڻ يا ”بي مرشد“ ڪوٺائڻ سنڌي مسلمان لاءِ سڀ کان خراب ويڻ سمجهيو ويندو هو ۽ آهي. سنڌ ۾ اڪيچار پير هوندا هئا ۽ صديون پراڻيون درگاهون هونديون هيون. انهن ۾ ننڍا ۽ وڏا پير شامل هوندا هئا، جن جا ججهي يا ٿوري انگ ۾ مريد هوندا هئا، پر اهي مريد سندن مخلص ۽ وفادار هوندا هئا. انهن ”جيئرن جاڳندن“ اوليائن مان ڊزن کن وري اهڙا گادي نشين پير هئا جيڪي مان مرتبي ۽ مريديءَ جي لحاظ کان سڀني کان وڌيڪ اهم سمجهيا ويندا هئا. انهن پيرن مان شايد سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ با اثر وري پير پاڳاري کي سمجهيو ويندو هو.

سنڌ ۾ سڀني کان گهڻا مريد پاڳاري جا هئا. جن جو ڳاڻيٽو 9 1  هين صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري 200,000   هو. اهي مريد سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هئا. پر ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد جي ضلعن ۽ خيرپور رياست جي ڪجهه حصن ۾ انهن جو تعداد گهڻو هو. اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ روهڙي وارن ضلعن ۾ انهن جو چڱيرڙو انگ موجود هو. سنڌ جي سرحد کان ٻاهر راجستان ۽ اڃا پرتي به پير پاڳاري جا مريد موجود هئا، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻيئي شامل هئا. پير پاڳارو پاڻ سکر ضلعي ۾ پير جو ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس مريدن ۾ ”حرن“ جي نالي سان هڪ اهڙو ويڙهاڪ ٽولو به شامل هو، جنهن پير سان پنهنجي عقيدت ۽ وفاداري جي حوالي سان 11 هين ۽ 2 1  هين صديءَ جي ايراني اڳواڻ حسن بن صباح جي ڪٽر ۽ جنوني پوئلڳن Assassins)) واري حيثيت ۽ هاڪ ماڻي ورتي هئي.

پاڳاري خاندان جا پير هڪ ڊگهي ۽ دلچسپ تاريخ رکن ٿا. جنهن جي شروعات ان خاندان جي جدامجد يا وڏي، سيد علي مڪيءَ جي 711  عيسوي ۾ مشهور اموي جرنيل محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ اچڻ سان ٿئي ٿي. هن بعد ۾ سيوهڻ ويجهو لڪيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. جتي اڄ به سندس مقبري تي عقيدتمندن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. هو هڪ درويش صفت ۽ نيڪ دل مرد هو ۽ ترت ئي مقامي آباديءَ جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو. سندس پويان جن کي ”لڪياري سيد“ چيو وڃي ٿو، سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا ۽ مناسب موقعو ملڻ سان پنهنجون پيريون مريديون قائم ڪيائون. ماضي قريب ۾ لڪياري سيدن مان سڀ کان وڌيڪ مڃتا ۽ مقبوليت پير محمد راشد جي نصيب ۾ آئي، جنهن 1818 ع وفات ڪئي.

چيو وڃي ٿو ته هن وٽ وڏيون ڪرامتون هيون ۽ سندس مريديءَ وارو سلسلو بمبئي تائين پکڙيل هو. کيس پاڳارو (پڳ وارو) ۽ جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو هو. اڳتي هلي ڪري پڳ ۽ جهنڊو الڳ الڳ ٿيا.

پير راشد کي 3 1  فرزند هئا جن مان هن هڪ پٽ صبغت الله کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هو. پر سندس ٻئي ڀاءُ محمد ياسين به جانشيني حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ناڪام ٿيڻ بعد هن لڏي اچي حيدرآباد ويجهو هالا ۾ هڪ ڳوٺ اچي وسايو ۽ پاڻ کي ”جهنڊي وارو پير“ ڪوٺايو. ان ڳوٺ جو نالو به ”جهنڊي واري جو ڳوٺ“ پئجي ويو. محمد ياسين پاران صبغت الله شاهه کي مارائڻ جون ڪوششون ٿيڻ بعد صبغت الله شاهه جي مريدن ۽ پوئلڳن جي هڪ ٽولي گڏجي پنهنجي پير جي جان ۽ پڳداريءَ (پاڳارو هجڻ واري حيثيت) جي حفاظت لاءِ فرقي، جماعت يا حرن جي نالي سان هڪ گروهه جوڙيو. اها پڻ روايت آهي ته حرن جي شروعات پير پاڳاري جي انهن مريدن سان ٿي جن کي هن 9 1  هين صديءَ جي منڍ ۾ پنجاب جي سکن خلاف سيد احمد بريلوي سان گڏ وڙهڻ لاءِ موڪليو هو.

بعد ۾ حرن انهيءَ خاص موقعي جي حوالي سان ڏنل هدايتن کي پنهنجي حياتيءَ جو مول متو بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت پير جي مريدن ۾ هڪ خاص پاڻ ارپيل ۽ وفادار ٽولي جنم ورتو. جنهن جا پاڻ ۾ ڀائرن جهڙا ويجها ناتا هوندا هئا ۽ انهن هڪ اهڙي ته خاص رنگ ڍنگ سان زندگي گهارڻ شروع ڪئي جيڪو ٻاهرين ماڻهوءَ کي ڏاڍو پراسرار لڳندو هو.

”حر“ وارو اصطلاح نامياري اسلامي هيرو ”حر“ مان ورتل آهي، جيڪو اموي حڪمران يزيد جي انهيءَ لشڪر ۾ شامل هو جيڪو هن رسول پاڪ ﷺ جي ڏوهٽي امام حسين رضه سان وڙهڻ لاءِ موڪليو هو. هن بعد ۾ امام حسين رضه جو ساٿ ڏنو ۽ سندس پاران وڙهندي ڪربلا ۾ شهيد ٿيو. اسلام جي تاريخ ۾ سندس نالي کي انتهائي درجي جي وفاداريءَ ۽ قربانيءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.

حر پنهنجي هلت چلت ۾ ايترا ته ڪٽر ۽ انتها پسند هئا جو کين سنڀالڻ خود پير لاءِ به ڏکيو ٿي ويندو هو. هو گهڻو ڪري پير کي ڏسڻ ٻڌائڻ کان سواءِ ئي اهڙا ڪم ڪندا هئا جن کي هو پير جي مفادن ۾ ضروري سمجهندا هئا. پير پاڳاري ۾ گهٽ داٻي ۽ رعب سبب کين ڪنٽرول ڪرڻ۽ سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

انگريزن جي فتح وقت تڏهوڪي پير پاڳاري پير علي گوهر شاهه جو خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن سان ان وقت اٽڪاءُ ٿي پيو جڏهن پير پاڳاري انگريزن کي ٻڌايو ته ٽالپرن پنهنجي رياست جي اصل پکيڙ کان وڌيڪ زمين تي ڪوڙي دعويٰ رکي هئي.

پير پاڳاري ۽ ٽالپرن وچ ۾ اڻبڻت سبب حرن جي چرپر ۾ تيزي اچي ويئي ۽ انهن سان خيرپور رياست جا عملدار به اڪثر سختي ڪرڻ لڳا. انهيءَ پس منظر ۾ حرن پاران قانون جو احترام ڇڏڻ ۽ ڏنڊي جي زور تي معاملا نبيرڻ واري رجحان جي شروعات ٿي. سندن اهڙين ئي سرگرمين سبب پير پاڳاري حزب الله شاهه تي جهنڊي واري پير کي مارائڻ جو الزام لڳو. جنهن سلسلي ۾ پير خود پاڻ به حرن تي ڇوهه ڇنڊيا پر انهن تي ڪو اثر نه پيو. ويتر هو پير جي ساک کي پهتل نقصان جو پلاند ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرگرميءَ ۽ جوش سان اهڙين ٻين ڪارواين ۾ جنبي ويا ۽ قتلن ۽ ٻين ڏوهن جون وڌيڪ وارداتون ڪيائون. 1890ع ۾ پير علي گوهر شاهه (ٻئين)، پير حزب الله شاهه جي گادي سنڀالي ۽ سندس دور ۾ حر لا قانونيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ويا. ايتري قدر جو خود پير پاڳاري جي پنهنجي ڳوٺ ” پير جو ڳوٺ“۾ به سندن اچڻ تي بندش هنئي ويئي ۽ پير پاڳاري جا ٻيا مريد به انهن کان ڊڄڻ ۽ ڌڪار ڪرڻ لڳا. حر ڌاڙن ۽ قتلن تي لاهي پاهي بيٺا هئا. هو پير پاڳاري جي غير مسلم حر مريدن وٽ کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪندا هئا ۽ سندن سلام جو جواب به نه ڏيندا هئا. حرن کان پير پاڳاري جو ڏن به سندن پنهنجا ماڻهو وڃي اوڳاڙيندا هئا. حرن هڪ جداگاڻو طرز زندگي اختيار ڪري ورتو هو. هو نيرولي ويس ڍڪيندا هئا، سندن وچ ۾ ڳجهيون تقريبون ٿينديون هيون ۽ پاڻ ۾ انتهائي ويجها ۽ ڀائرن جهڙا ناتا رکندا هئا.

ان ئي پس منظر ۾ ڏيارام گدو مل* انهن لاءِ لکيو ته ”ٻين فاتحن کي ڇڏي ڪري به هو ڏوهن واري ناتي سان هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي سلهاڙيل ۽ لاڳاپيل هئا“ ۽ هو اهو سمجهندا هئا ته ”بهشت جي غلاميءَ کان دوزخ جي بادشاهي بهتر آهي .... هنن اوائلي ٺڳن جيان پنهنجي براين کي پنهنجي بهتري سمجهڻ شروع ڪيو ۽ چوري، ڌاڙي ۽ خون وهائڻ کي پنهنجو ڌرم بڻائي ڇڏيائون.“ (3 )

حرن جي سرگرمين بعد سنڌ ۾ سانگهڙ ضلعو، ٿرپارڪر ضلعي جو اندريون حصو ۽ مکي ڍنڍ جا علائقا خاص طور تي متاثر ٿيا. اها ڍنڍ اٽڪل هڪ سئو چورس ميلن تي پکڙيل هئي ۽ ٻوڏ واري موسم ۾ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي هئي. ان جي ڏکڻ ۾ گهاٽا ٻيلا هئا جڏهن ته سانگهڙ واري پاسي ٻنيون آباد هيون، جن تي حرن جا ڳوٺ ٻڌل هئا. حرن جي ان ئي آباديءَ مان ڏوهاري ٽولا اڀرندا هئا ۽ جڏهن اختياريون سندن ڪڍ پونديون هيون ته اهي ڀڄي وڃي ڀرپاسي وارن ٻيلن ۽ ڌٻڻ جي علائقن ۾ پناهه وٺندا هئا. انهيءَ علائقي جي وسندين ۾ کين آسانيءَ سان پناهه ملي ويندي هئي ۽ ڪوبه ماڻهو سندن باري ۾ اختيارين کي اطلاع ڏيڻ پسند نه ڪندو هو. تنهن وقت جي ٿرپارڪر ضلعي جي وقتي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار يعقوب حر مسئلي جو اڀياس ڪيو. هن لکيو: مزي جي ڳالهه آهي ته بدنام ترين ڏوهاري به، هڪ قسم جو  استحقاق سمجهندي اها توقع رکي ٿو ته ٻيا ماڻهو سندس واهر ڪندا ۽ کيس پناهه ڏيندا. اهڙن ڏوهارين کي وائکو ڪرڻ تر جا ماڻهو وڏو ڏوهه سمجهن ٿا ۽ کين پڪڙڻ لاءِ آيلن کي نقصان پهچائڻ ۽ سندن منصوبا مٽيءَ ۾ ملائڻ کي هو پنهنجي ديني ذميوارين جو حصو سمجهن ٿا.(4 ) حر بدنام ڏوهارين جي پاڻ وٽ موجودگيءَ کي وڏو فخر سمجهندا هئا ۽ ڏوهاري جيترو گهڻو نامي گرامي هوندو هو، اوترو وڌيڪ هو کيس ساراهيندا ۽ پڏائيندا هئا. سندن سماج ۾ ڏوهاري ماڻهن کي اوچو مقام ۽ مرتبو حاصل ٿي ويو هو، ايتري قدر جو ڪڏهن اتفاق سان ڪو اهڙو ماڻهو مارجي ويندو هو ته حرن کي اهو چوندي ٻڌو ويو ته ”هاڻي ملڪ مان مزو ڇڏائبو پيو وڃي، هر شيءِ بي چسي ٿي ويئي آهي. دلبر ”فقير“ هليا ويا آهن ۽ انهن کان سواءِ ڪو پکي هوند هجي.“(5 ) حرن جي ڳوٺن ۾ سندن لوڪ فنڪار اهڙن ماڻهن جي ڪارنامن بابت راڳ ڳائيندا هئا ۽ جڏهن عورتون ڪنهن شاديءَ مراديءَ جي ميڙاڪي ۾ گڏبيون هيون ته سندن ساراهه ۾ ڳيچ ۽ سهرا چونديون هيون.

انتظاميه مقامي آباديءَ جي سهڪار کان سواءِ حرن تي ضابطو رکڻ ۾ پاڻ کي بي وس ۽ بي اختيار سمجهندي هئي ۽ آڪٽوبر 1895ع ۾ ڊبليو. ايڇ. لوڪاس جي ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر بنجڻ تائين کيس حر سرگرمين کي روڪڻ ۾ خاص سوڀ نه ملي سگهي هئي. لوڪاس جيڪو اڳتي هلي سنڌ انتظاميه جي ساليانن رڪارڊن ۾ هڪ ديومالائي حيثيت ۾ اڀريو، تنهن انهيءَ صورتحال جو جائزو هن ريت ورتو: ”پوليس جا حوصلا خطا آهن، مقامي زميندار ۽ واڻيا (هندو) سخت ڊنل آهن ۽ محافظن کان سواءِ ٻاهر نه ٿا نڪرن. هندو پئنچات پاران رکيل چندو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ برطانوي راڄ جي حڪمن جي کلم کلا ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.“ (6 )لوڪاس جيڪا پاليسي اختيار ڪئي هئي سا هيءَ هئي ته حرن جي زندگي ايترو ته زهر بڻائي وڃي جيئن هو بيزار ٿي انهن ڏوهارين کي حڪومت حوالي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن، هو حرن جي ٽڙيل پکڙيل ننڍن ننڍن ”غير قانوني“ واهڻن کي پٽرائي کين وڏن ڳوٺن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو، جتي سندن سرگرمين تي وڌيڪ آسانيءَ سان اک رکي سگهجي پيئي. مکي ڍنڍ جي چراگاهن کي صاف ڪري هن سڄي علائقي ۾ روڊ وڇايا. ڏوهارين سان تعاون ڪرڻ تي سرڪار پاران رکيل ڳرن ڏنڊن جي وصوليءَ کي سختيءَ سان يقيني بڻايو ويو ۽ سڄي تر ۾ پوليس جا وڏا جٿا مقرر ڪيا ويا ۽ فوج به موڪلي ويئي. انهن اپائن جي باوجود به لاقانونيت جو مڪمل خاتمو نه آيو. پير پاڳاري تي به دٻاءُ وڌو ويو ته هو ڏوهارين کي سرڪار حوالي ڪري ۽ پير پنهنجي حرن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ڏوهارين جي پٺڀرائيءَ تان هٿ کڻي وڃن. جن علائقن ۾ ڏوهارين جون سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون، انهن کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو خرچ ڀرائڻ لاءِ اضافي ٽيڪس لڳايو ويو ۽ کين دڙڪو ڏنو ويو ته جتي جتي به ڏوهه ٿيندا اتي واهن جو پاڻي بند ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن صورتحال ۾ سڌارو نه آيو ته سڀني ماڻهن کي انهن علائقن مان ٽپڙ ٻڌائي زوريءَ لڏايو ويندو، هوڏانهن پوليس ۽ فوج سان مقابلن ۾ بدنام حر اڳواڻ بچو بادشاهه جا ڪافي پوئلڳ سندس هڪ ويجهي ساٿي پيروءَ سميت مارجي ويا. پنهنجن انهن اهم ماڻهن جي مارجي وڃڻ بعد بچو بادشاهه هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ لوڪاس وٽ اچي پيش پيو ۽ ان ريت انهيءَ انتهائي شدت پسند خوني ڏوهاري فرقي جي اڍائي سالن کان جاري شورش جو انت آيو. (7 )

جيتوڻيڪ صورتحال گهڻي بهتر ٿي چڪي هئي، پر انگريز عملدار اڃا مطمئن نه هئا ته ڪو اهو مسئلو هميشه لاءِ دٻجي ويو آهي، سر ايون جيمز، ڪمشنر ان سنڌ مستقبل ۾ حرن جي رويي بابت پنهنجي شڪ شبهن جو اظهار هن ريت ڪيو: ”سوال اهو آهي ته حرن کي داٻو ڏيئي کين مستقبل ۾ بهتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن هو پير جو حڪم مڃڻ بدران سرڪار جو حڪم مڃين. مان اعتراف ڪيان ٿو ته مون کي ڪو اهڙو طريقو نه ٿو سُجهي ۽ مان حرن جي مستقبل جي باري ۾ گهڻو پر اميد نه آهيان.“(8 ) جيمز جو رايو هو ته حر انتهائي ضدي ۽ جنوني آهن ۽ ڪوبه واقعو کين ٻيهر سنگين ڏوهن واري روش تي موٽائي سگهي ٿو. اصل ۾ جيمز جو رايو هو ته هڪ خاص قانون ذريعي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي اهڙا اختيار ڏنا وڃن جن سان هو ”عادي ڏوهارين“ کي علائقي مان نيڪالي ڏيئي سگهن يا سندن زمينون ضبط ڪري سگهن. سندس خيال هو ته ”اهي ماڻهو ”مذهبي جنونيت“ واري عنصر سبب عام ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کان ڌار آهن ۽ اهي ٺڳن ۽ اٽليءَ جي بدمعاشن واري حيثيت رکن ٿا، جيڪي پنهنجو ڦر جو اڌ حصو چرچ کي ڏيندا هئا. اهي قانون ٽوڙيندڙ رڳو ٻاهران آيل ڏوهارين جي ڪنهن اهڙي ٽولي وانگر نه آهن، جيڪو ڪنهن اتفاق يا مجبوريءَ سبب ڏوهن تي لهي پيو هجي پر اهي مقامي حرن جي جنونيت ۽ رت جي پياس واري جذبي جي پڪي پختي پيداوار آهن.“ مستقبل ۾ حرن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جيمز ڪيتريون تجويزون پڻ ڏنيون: ”سنڌ نان ريگيوليشن صوبو آهي، تنهن ڪري مان اميد رکان ٿو ته جيڪڏهن عام قانون به گهڻي ڦير ڦار کان سواءِ لاڳو ڪرايا وڃن ته مستقبل ۾ ڪنهن به لاقانونيت واري تحريڪ کي ڪَرُ کڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو.“ (9 )

تنهن کان سواءِ جيمز مکيءَ ڍنڍ جي علائقي ۾ بلوچ قبيلن جا ماڻهو ۽ پنجابي، پٺاڻ سيٽلر آڻي آباد ڪرائڻ شروع ڪيا. ”جمڙائو ڪينال جي کلڻ کان پوءِ مان سندن (حرن جي) ويجهو بلوچن، ڪابلين، (پٺاڻن) ۽ پنجابين جي جيڪا رهائش ڪرائيندس، ان سان به اهي داٻي ۾ اچي اڳتي چڱي چال چلت جو مظاهرو ڪندا ۽ گڏوگڏ نواب شهباز خان بگٽيءَ جي ماڻهن جي انهن مٿان پوليس طور مقرري به هڪ بلڪل درست اپاءُ آهي.“ (0 1 ) پر انهن اپائن جي باوجود به ڪجهه ئي سالن ۾ مقامي عملدار اهو اعتراف ڪرڻ لڳا ته ڌارين ماڻهن جي آبادڪاريءَ واري پاليسيءَ جا اهي نتيجا نڪري نه سگهيا آهن جيتري اميد رکي ويئي هئي ۽ حرن خلاف سنئين سڌي ڪاروائي ڪري کين ضابطي ۾ رکڻ جي ضرورت بنهه وڌي ويئي آهي. جيتوڻيڪ 1896 ع ڌاري حر ڌاڙيلن ۽ انتظاميه وچ ۾ هلندڙ ڊگهي ويڙهاند بند ٿي چڪي هئي ۽ سندن بچوءَ ۽ پيرو جهڙا اڳواڻ ساٿين سميت مارجي يا جهلجي چڪا هئا، پر تنهن هوندي به سرڪار کي اها اميد نه پئي ڏسڻ ۾ آئي ته شورش ۽ مزاحمت وارو خطرو دور ٿي چڪو آهي. جيتوڻيڪ مکيءَ جي زمينن تي ڌارين جون وسنديون آباد ٿي چڪيون هيون، پر جيمس ۽ ٻين عملدارن کي جيڪي انديشا ۽ خوف هئا، اهي رڳو ٻن سالن جي مدي اندر نروار ٿي سامهون اچي ويا.

1896 ع ۾ پير علي گوهر شاهه وفات ڪئي ۽ سندس گادي پير شاهه مردان شاهه سنڀالي. سال کن کان پوءِ نئون پير فيبروري ۽ مارچ 1898ع ۾ سانگهڙ ۽ کپري تعلقي جي دوري تي نڪتو جتي سندس مريدن جو وڏو انگ آباد هو. پير جي انهيءَ دوري سبب حرن ۾ جوش جذبو انتهائي وڌي ويو ۽ انتظاميه ڪَنَ کڻڻ لڳي ته ڪا وڏي گڙٻڙ ٿيڻ واري آهي. پير کي صلاح ڏني ويئي ته هو پنهنجي دوري کي مختصر ڪري، جيڪا هن قبول ڪئي، پر جنهن ڳالهه جو سرڪار کي ڊپ هو، اها آخرڪار ٿي گذري. مئي 1898 ع ۾ وسند قزاق جي اڳواڻيءَ ۾ ڌاڙيلن ۽ قاتلن جي هڪ نئين ٽولي ڪَرُ کنيو. 0 3  جون واري رات سانگهڙ جي ڍنگ زميندار ۽ حرن جي مشهور مخالف محمد وارث ناريجي کي سندن ٻن ڪمدارن سميت قتل ڪيو ويو ۽ سندس گهر کي ڌاڙو هڻي باهه ڏني وئي.  هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حرن خلاف شاهديون ڏنيون هيون. انهيءَ واردات کان پوءِ تر جي غير حر آباديءَ ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو، علائقي جي انتظاميه پوليس جا وڏا اٽالا موڪليا ۽ مقامي حرن تي ڳرا ڏنڊ وڌا ويا، پر صورتحال ۾ بهتري نه آئي.

جيتوڻيڪ مکيءَ جي ٻيلن جو ڪافي صفايو ڪرايو ويو هو پر اهي اڃا به هڪ بهترين پناهه گاهه جو ڪم ڏيئي رهيا هئا ۽ حرن جي علائقي ۾ سندن خلاف سرڪار کي اطلاع ڏيندڙ ماڻهن جا خون ڪري وڏو ڏهڪاءَ مچائي ڇڏيو هو. سرڪار ڪوشش ڪئي ته پير کي پنهنجي سر پابند بڻايو وڃي ته هو ڏوهارين کي پاڻ حڪومت حوالي ڪري. ڪجهه حرن کي پريزيڊنسيءَ جي ٻين جاين تي موڪليو ويو ۽ انهن جي وڏي انگ کي مخصوص علائقن ۾ خاص ڪنسنٽريشن ڪئمپون Concentration Camps)) جوڙي انهن ۾ رهايو ويو جتي سندن نالا داخل ڪيا ويا ۽ مقرر وقت تي حاضري ڀرائي، سندن ڳڻپ ڪئي ويندي هئي ته ڪٿي ڪنهن ڌاڙيل ته وٽن پناهه نه ورتي آهي. انهن ڪئمپن کي اڳتي هلي ”لوڙها“ نظام ڪوٺيو ويو، ڇو ته انهن آبادين جي ٻاهران خاردار تارن يا ڪنڊن جا لوڙها ڏنل هوندا هئا. اهي لوڙها بعد ۾ 1940 ع واري شورش جي موقعي تي به ڪتب آندا ويا. 1871 ع جي ڪرمنل ٽرائيبلز ايڪٽ  XXVII (جنهن ۾ 1897 ع واري ايڪٽ 2  ذريعي ترميم ڪئي ويئي هئي) جو دائرو وڌائي ان کي حرن مٿان لاڳو ڪيو ويو. سرڪاري عملدار، خاص ڪري علائقي ۾ مقرر ڪيل آفيسرن کي احساس ٿي چڪو هو ته حرن وارو مسئلو آسانيءَ سان حل ٿيڻ وارو ناهي.

ڇهين پير پاڳاري، پير صبغت الله شاهه 1922ع ۾ تنهن وقت گادي سنڀالي جڏهن هو اڃان ڪچيءَ وهيءَ جو هو. سندس روايتي سار سنڀال خيرپور جي وزير (11) کي سونپي ويئي، جنهن گورنمينٽ انسپيڪٽر آف اسڪولز، روهڙيءَ جي آخوند رسول بخش کي سندس استاد ۽ اتاليق مقرر ڪيو. استاد کي هميشه هن سان ساڻ رهڻو هو. پر پير ڪافي سخت طبيعت وارو ۽ پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ ثابت ٿيو ۽ هن ڊسيپلين ۽ ضابطي هيٺ رهڻ کي پسند نه ڪيو ۽ جيئن ئي هو 8 1  سالن جو ٿيو ته هن استاد کي سندس خدمتن کان آجو ڪري پنهنجي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو. ترت ئي هن ٻين جي مداخلت کي برداشت نه ڪندڙ ۽ پاڻ وهيڻيءَ شخصيت طور هاڪ ماڻي ورتي ۽ اهڙيون ڪهاڻيون به گردش ڪرڻ لڳيون ته جيڪي ماڻهو هن کان اختلاف رکن ٿا يا جن تي سندس ڏمر ٿئي ٿو اهي يا ته غائب ڪيا وڃن ٿا يا ماريا وڃن ٿا. اهڙا افواهه به ڦهلجي ويا ته هن پنهنجي پير جو ڳوٺ واري ڪوٽ ۾ هٿيار ڪٺا ڪيا آهن. (2 1 )

1929 ع ڌاري هڪ عورت سکر ۾ سرڪار کي شڪايت ڪئي ته سندس پٽ ابراهيم ڪوريءَ کي پير پنهنجي ڪوٽ ۾ باندي بڻائي رکيو آهي. سُتت ئي جڏهن ان عورت کي به قتل ڪيو ويو ته سکر انتظاميه ڪوٽ تي ڇاپو هڻي ان جي جهڙتي وٺڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن ته ڏينهن ڏٺي جو سنئون سڌو ڇاپو هڻڻ سان مزاحمت ٿيڻ جو انديشو هو تنهن ڪري پوليس چالبازيءَ سان ڳجهي نموني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، مقامي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) غلام اڪبر، جيڪو هڪ بدنام پوليس آفيسر هو، تنهن پير پاڳاري جي ويجهن غير حر مريدن کي ڊيڄاري ڌمڪائي کين مقرر وقت تي ڪوٽ جا اندريان مک دروازا کولڻ تي راضي ڪيو. رات جي سانت ۾ جڏهن انگريز ايس پي (سپريٽينڊنٽ آف پوليس) ري Ray جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اٽالا ڪوٽ وٽ پهتا ته جيئن اڳ ۾ ئي طئي ڪيل هو، ان جا دروازا اندران کليل هئا، اونهاري جي مند هئڻ ڪري پير ٻاهر آڳر ۾ کٽ تي ستل هو ۽ سندس ڀرسان بندوقون رکيل هيون جيڪي گهڻي ڀاڱي بنا لائسنس جي هيون. پوليس کي ڪجهه بارود به هٿ آيو.(3 1 ) پوليس ڪوٽ جي تلاشي ورتي  ۽ کين ڪاٺ جي هڪ وڏي پيتيءَ ۾ پوريل ڇوڪرو به هٿ آيو. پير کي ”ڇوڪري ابراهيم کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ“ جي الزام ۾ گرفتار ڪري سکر جيل نيو ويو. هن تي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پير تنهن وقت جي سڀ کان لائق ۽ هاڪاري وڪيل محمد علي جناح جون بمبئي مان خدمتون حاصل ڪيون. ڪمشنر ان سنڌ جي اي ٿامس ڪيس هلائڻ لاءِ سٽي مئجسٽريٽ مسٽر اڌارام کي مقرر ڪيو. (4 1 )

پير ڪيس جي باقاعدي شنوائي هلڻ کان ٿورو اڳ ۾ کهڙي صاحب سان رابطو ڪيو، جيڪو لکي ٿو:

”تنهن وقت آءٌ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ڪافي سينئر ميمبر هيس ۽ منهنجي بمبئي جي گورنر صاحب توڻي بمبئي سرڪار جي ٻين عملدارن تي چڱيرڙو اثر رسوخ هو ۽ مان هڪ آزاد سوچ رکندڙ ۽ ڪامورا شاهيءَ خلاف جرئت سان ڳالهائيندڙ سياستدان طور پنهنجي ساک مڃائي ورتي هئي. ائين پئي لڳو ته پير صاحب کي سندس ويجهن مريدن اها صلاح ڏني هئي ته کيس منهنجي مدد ۽ همدردي حاصل ڪرڻ گهرجي. هن آڪٽوبر 1929 ع ۾ پنهنجي هڪ اهم خليفي محبت فقير(5 1 ) کي مون ڏانهن لاڙڪاڻي موڪليو ۽ چوايو ته مان هڪدم اچي ساڻس ملان. مون ترت ساڻس ملاقات ڪئي، مان ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جيڪو هڪ يورپي عملدار هو تنهن کي خاص طور تي درخواست ڏني ۽ هن بندش هجڻ باوجود مون کي پير سان ملاقات جي اجازت ڏني. جيل سپريٽينڊنٽ مون کي ذاتي طور تي سندس ڪوٺڙيءَ ڏانهن وٺي هليو. جيئن ته اختيارين ڪنهن ٻاهرين حملي جي خوف کان پير پاڳاري کي سندس ڪوٺڙيءَ مان ڪڍڻ غير محفوظ ٿي سمجهيو تنهن ڪري اها ملاقات، ملاقاتين واري مخصوص ڪمري ۾ نه ڪرائي ويئي.

مون کي پير صاحب جي ورتاءُ ڏاڍو متاثر ڪيو. کيس ان ڪال ڪوٺڙي ۾ رڳو هڪ کٽ، هڪ ڪرسي ۽ هڪ ٽپائيءَ جي بنيادي سهولت ڏنل هئي. اي ڪلاس جو باندي هجڻ سبب کيس پنهنجي مرضيءَ جو کاڌو گهرائڻ جو اختيار هو، کيس رڳو اها شڪايت هئي ته سندس ملاقاتين تي بندش آهي ۽ هو انهن پوليس گارڊن ذريعي چٺيون چپاٽيون ٻاهر پهچائي رهيو آهي، جن کي سندس مريد رشوت ڏيئي خريد ڪن ٿا. جيتوڻيڪ جيل سپريٽينڊنٽ اخلاقي طور تي اسان کي اڪيلو ڇڏي ٻاهر ويو پر بعد ۾ مون کي خبر پئي ته اسان جي گفتگو کي ٻڌڻ لاءِ وائرليس ذريعي انتظام ڪيل هو. پير صاحب مون کي چيو ته مان جناح صاحب سان ملان ۽ ساڻس ڪيس جي باري ۾ ڳالهايان ڇو ته هو ساڻس جيل ۾ ملڻ نه ٿو اچي ۽ هن سان ملاقات ڪرڻ پير جي خليفن لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي. مون کي هن اهو به چيو ته مان سندس پاران ڪمشنر سان به وڃي ملان. ان شام جو مان، سنڌوءَ مٿان پهاڙيءَ تي ٺهيل سرڪٽ هائوس ۾ جناح صاحب سان ملاقات ڪئي. مان جيترو وقت ساڻس گڏ رهيس ان ۾ هو گهڻو ڪري سياست تي ئي ڳالهائيندو رهيو ۽ ڪيس جي باري ۾ هن رڳو مٿاڇري گفتگو ڪئي. انهيءَ ڪيس ۾ هڪ مقامي وڪيل مسٽر موتيرام آڏواڻي سندس مددگار هو.

جناح صاحب هڪ وڏو هاڪارو وڪيل هو ۽ سندس سياسي ساک به تمام گهڻي هئي. انهيءَ ڪيس ۾ هو 0 0 5  رپيا في ڏينهن جي حساب سان فيس وٺندو هو جيڪا تنهن زماني ۾ تمام وڏي رقم هئي. مان سکر ۾ هفتو کن ترسيس ۽ هر روز شنوائيءَ تي ويندو هيس.

پير پاڳاري سان ڪيل انجام موجب مان مهيني کن کان پوءِ جارج ٿامس (ڪمشنر ان سنڌ) سان ملاقات ڪئي. منهنجي گفتگو ڇيڙڻ کان اڳ ۾ ئي هن چيو ته کيس منهنجي ۽ پير پاڳاري ۾ ٿيل ملاقات جي خبر آهي. هو ڪافي ڏمريل پئي نظر آيو، جنهن جو اظهار ڪندي هن ڇوهه ڇنڊيا: ”لڳي ٿو ته اوهان کي پير سان همدردي آهي پر هو هڪ خطرناڪ نوجوان آهي ۽ هو هڪ وڏو بي رحم آمر بڻجي ويو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جي ٽيپ ملي.“ مان ڪمشنر کي ٻڌايو ته ڪيس صحيح نموني نه ٿو هلايو وڃي، پير کي عدالت ۾ اچي پنهنجي وڪيل کي هدايتون ڏيڻ جو موقعو به نه ٿو ڏنو وڃي ۽ کيس لاڳيتو بند ۾ رکيو ويو آهي. جتي سندس وڪيلن کي کانئس هدايتون وٺڻ ۽ ملاقات ڪرڻ لاءِ خاص طور تي سيڙجي وڃڻو پوي ٿو ۽ جڏهن وڪيل ساڻس ملاقات لاءِ جيل وڃڻ گهرن ٿا ته جج ان لاءِ ڪيس جي شنوائي کي روڪي کين اها مهلت ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿا ٿين ۽ اهڙي ريت ڪيس ڄڻ سندس غير حاضريءَ ۾ هلي رهيو آهي. مون محسوس ڪيو ته ڪمشنر کي قائل ڪري ڪجهه نرميون حاصل ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن نه هو پر مون سمجهيو پئي ته 0 1  سالن جي قيد وارو دڙڪو هن رڳو ڪاوڙ ۾ اچي ڏنو آهي. پر مون کي تنهن وقت ڏاڍو اچرج لڳو جڏهن عدالت پير کي ٺيڪ ايتري ئي سزا ڏني جيتري جو هن دڙڪو ڏنو هو. پير کي 0 1  سالن جي قيد ۽ ٻن هزار رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويئي. پير ٻيهر مون کي چيو ته مان جناح صاحب سان ملي کيس چوان ته هو ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري. مان جناح صاحب سان مليس ۽ هو ان ڳالهه تي راضي ٿيو. سر گاڊ فري ڊيوس جيڪو تنهن وقت چيف ڪورٽ آف سنڌ جو چيف جسٽس هو، تنهن اپيل تي سزا جو مدو گهٽائي ست سال ڪيو.

پير کي ٽيپ ڪاٽڻ لاءِ بنگال جي شهر مدناپور موڪليو ويو. مدناپور سينٽرل جيل ۾ هن جا بنگالي دهشتگردن سان رابطا ٿيا ۽ هو سندن طور طريقن کان واقف ٿيو. جيل ۾ هندو قومپرستن سندس سياسي تربيت به ڪئي ۽ هن جون آل انڊيا ڪانگريس سان همدرديون پيدا ٿيون، بعد ۾ جڏهن هو 1936 ع جي پڄاڻيءَ ڌاري ڇُٽي سنڌ واپس آيو ته هن ۾ اهڙا رجحان بخوبي موجود هئا. سنڌ اچڻ تي حرن ۽ سندس دوستن ۽ اوسي پاسي جي رهواسين سندس شاندار آجيان ڪئي. ماڻهن جا اٿاهه هجوم کيس ڏسڻ لاءِ ڪٺا ٿي ويا. ڀر چونڊي وارو پير عبدالرحمان، جنهن جو سکر ضلعي جي اوڀارين حصي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙي ۾ وڏو اثر رسوخ هو، ان پاڻ پيرين پنڌ ڪيترا ميل اڳتي اچي پير پاڳاري جي مافي (ڍڪيل پالڪيءَ) ۾ آجيان ڪئي، جنهن کي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ کڻي آندو پئي ويو، ٻه ٽي مهينا پوءِ مان پير صاحب سان ملڻ ويس ۽ سندس مهمان ٿي ٽڪيس. تنهن وقت سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي هئي ۽ 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ صوبائي اليڪشن جا سانباها ٿي رهيا هئا، جيڪا فيبروري 1937 ع ۾ رٿي ويئي هئي. پير اليڪشن ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي ... ۽ چونڊن کان پهريان ئي هو زيارتن (حج) لاءِ وچ اوڀر هليو ويو.“

ترت ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي ويئي ته جيل ڪاٽڻ کان پوءِ جيڪو پير پاڳارو واپس موٽيو هو، تنهن پاڻ سان گڏ ڪو مقصد به آندو هو. پير کي سنڌ جو بادشاهه بڻجڻ جو يقين هو. 8 1  صدي جي درويش عبدالرحيم گروهڙي جيڪي بيت چيا هئا، تن جو حوالو ڏيندي چيو پئي ويو ته هن پير پاڳاري کي ئي سنڌ جو والي ٿيڻو آهي. جيل ۾ کيس جيڪا سياسي سکيا ڏني ويئي هئي، تنهن کيس ڪانگريس جو پرجوش حامي بڻائي ڇڏيو هو. 1936 ع کان 1941 ع تائين پير پاڳاري پنهنجي سگهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي اُپاءَ ورتا يا گڏوگڏ هن حرن جي هڪ شدت پسند گروهه کي ٽريننگ ڏيڻ به شروع ڪئي. هن سنڌ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ هٿيارن ۽ وڏين رقمن جو اڳواٽ بندوبست ڪيو. ڪانگريس جي وڳوڙي ڌڙي سان نظرياتي ويجهڙائپ رکڻ جي باوجود پير کي خبر هئي ته ڪانگريس هندوستان سطح جي هڪ وڏي منظم جماعت آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هندو تمام ٿورائيءَ ۾ هئا، پر کين پئسي ڏوڪڙ جي لحاظ کان هڪ شاهوڪار برادري سمجهيو ويندو هو ۽ سرڪاري عهدن، پارٽي تنظيم ۽ پريس تي اثر رسوخ جي حوالي سان به هي مسلمانن ۽ مسلم ليگين کان گهڻو اڳتي هئا. تنهن ڪري پير پاڳاري ڄاڻي واڻي مقامي ڪانگريسين سان ياريون دوستيون شروع ڪيون. هو کلم کلا هندن ۽ ڪانگريس جي حق ۾ بيان ڏيڻ لڳو ۽ هر ممڪن طريقي سان ڪانگريسين جي حمايت ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو هن هندو ڌرم ڇڏي مسلمان ٿيلن کي واپس هندو ڌرم ڏانهن موٽائڻ (شڌي ڪرڻ) واري مسئلي ۾ به دلچسپي ورتي. هن پنهنجي مريدن کي ”کاڌيءَ“ (گهر ۾ اڻيل ڪپڙو) پهرڻ ۽ گوشت واپرائڻ کان پرهيز ڪرڻ جا ڪيترا ”فرمان“ جاري ڪيا. اهو پڻ چيو پئي ويو ته هن پنهنجي لاءِ هڪ چرخو (سُٽ ڪتڻ جو اوزار جيڪو گانڌيءَ جي خاص علامت سمجهيو ويندو هو) گهرائڻ جو به آرڊر ڏنو هو.

ڪانگريس وارن به موٽ ۾ پير جي پاليسين جي واکاڻ شروع ڪئي. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پير پاڳارو ڪانگريس جي مشهوريءَ لاءِ هڪ بس تي لائوڊ اسپيڪر هڻائي رهيو آهي ۽ هن حرن لاءِ ڪانگريس جي رڪنيت جا 0 1  هزار فارم به گهرايا آهن. هن ڪانگريس جي ناميارن اڳواڻن کي پير جي ڳوٺ ڪوٺ ڏيئي گهرايو. مسجد منزل گاهه وارن وڳوڙن وقت پير پاڳاري جي پاليسيءَ ۽ سکر ضلعي ۾ 1939 ع وارن مذهبي وڳوڙن ۾ هندن کي پناهه ڏيڻ تي ڪانگريس پير پاڳاري جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا. هن ڪانگريسي اڳواڻن کي خاطري ڏياري ته هو ايندڙ اسيمبلي چونڊن ۾ وڌ کان وڌ تڪن تان ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي پنهنجي مسلمان مريدن کي چونڊن ۾ بيهاريندو ۽ هن ڪانگريس جي سهائتا لاءِ وڏين رقمن ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن پنهنجي مريدن کي هدايت ڪئي ته اهي ڇوٽين چونڊن ۾ ڪانگريسي اميدوارن جي حمايت ڪن. پير پاڳاري پاران پوليس خلاف واويلا ۽ پير جو ڳوٺ ۽ ٻين حر علائقن ۾ پنهنجو ذاتي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ هلايل مهم جي ڪانگريس  ڀرپور حمايت ڪئي. حڪومت به چڱيءَ ريت آگاهه هئي ته ڇا وهي واپري رهيو آهي.

سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽري ان حقيقت جو اظهار هندستان سرڪار ڏانهن اماڻيل پنهنجي رپورٽ ۾ هن ريت ڪيو:

”مقامي ڪانگريس پنهنجي عوامي رابطي جي سلسلي ۾ ويجهڙائيءَ ۾ حرن کي پنهنجي توجه جو مرڪز بڻايو آهي. جن جي ڏوهن ڏانهن رجحان کي اک ۾ رکڻ لاءِ انهيءَ شدت پسند قبيلي کي ڊگهي وقت کان سنڌ جي ڏوهاري قبيلي طور رجسٽرڊ ڪيل آهي. ڪانگريس پاران حرن کي اها خاطري ڏيئي پاڻ سان ملائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن ته مٿن لاڳو ڪيل ڪجهه پابندين ۾ نرمي ڪرائي ويندي.

ڪانگريس پاران ڏوهاري ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ وارين ڪوششن جي سلسلي ۾ ڪانگريس جي هڪ ضلعي ڪميٽي ڏوهاري قبائلين کي پوليس خلاف سهڪار ڏيڻ لاءِ لاڳيتيون ڪوششون ڪري رهي آهي.“(7 1 )

سنڌ کي سياسي خود مختياري ملڻ ۽ هڪ خالص سنڌي قانون ساز اداري جوڙڻ سان پير پاڳاري جو سياسي اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو هو، ڇو ته ان ايوان جا ڪافي ميمبر چونڊون کٽڻ لاءِ پير پاڳاري جي مريدن جي ووٽن جا گهرجائو هئا. پير پاڳاري سنڌ جي ڪجهه ناميارن سياستدانن کي پنهنجو حامي بنائڻ لاءِ به جوڳا اپاءَ ورتا. وڏو وزير هدايت الله صاحب ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پير پاڳاري جو وڪيل رهيو هو ۽ اهي افواهه هئا ته انهن ڪيسن ۾ هن دل گهريو معاوضو پڻ حاصل ڪيو هو. پوليس رپورٽن موجب:

”هن هڪ وزير، اڳواڻ ۽ خانگي شهري جي حيثيت ۾ پير ۽ سندس مريدن جي ڀرپور واهر ڪئي ۽ کين همٿايو. پير پاڳاري جي خلاف جيڪو به معاملو سندس ڄاڻ ۾ آيو تنهن کان هن پير کي بخوبي آگاهه ڪيو ۽ گڏوگڏ ان تي پنهنجي موزون راءِ به ڏني.“(8 1 )

الهه بخش سومري صاحب واريءَ ڪانگريس جي حمايت يافته حڪومت جون همدرديون به لازمي طور تي پير کي حاصل هيون ڇو ته هن پنهنجي ڪانگريس ڏانهن لاڙي کي ڪڏهن به نه لڪايو هو. جڏهن چونڊن کان پوءِ هدايت الله صاحب پهريون وڏو وزير بڻيو ته پير پاڳاري کيس قائل ڪيو ته هو حرن مٿان ڪرمنل ٽرائيبلز ايڪٽ جي تحت لاڳو پابندين کي ختم ڪري ۽ جن ماڻهن کي بمبئي پريزيڊنسي ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو هو، تن کي واپس آڻي ۽ ”حرن جي خاص آبادين“ کي ختم ڪيو وڃي.*

تنهن کان سواءِ پاڳاري کي حر علائقن جي تفصيلي دوري جي اجازت پڻ ڏني ويئي. حرن سان معاملن ۾ حڪومت جي اڳوڻن تجربن ۽ سرڪار جي پير پاڳاري تي اعتماد جي کوٽ جي پس منظر ۾ انهن غير محتاط پاليسين جي عمل ۾ اچڻ جو سبب نه رڳو هدايت الله صاحب جي ذاتي مداخلت هئي پر ان ۾ گورنر سر لينسلاٽ گراهم (Sir Lancelot Grahm ) جي سادگيءَ جو به وڏو هٿ هو، جنهن کي يقين هو ته پير حڪومت سان وفادار رهندو ڇو ته پير پاڳارو سرڪار جي جنگي فنڊ ۽ ٻين فنڊن ۾ وقت بوقت چندا ڏيئي اهڙو تاثر وجهرائي ڇڏيو هو.*

پير پاڳاري انهن سازگار حالتن جو ڀرپور لاڀ حاصل ڪندي ستن مهينن جو ڊگهو دورو ڪيو جنهن جو اهم سبب ۽ مقصد پنهنجي ڊگهي مدي وارن مقصدن جي پورائي لاءِ ڏوڪڙ ڪٺا ڪرڻ هو.

1937 ع کان وٺي پير پاڳاري مڪمل سنجيدگيءَ سان پنهنجي سگهه کي وڌائڻ واري ڪم ۾ جنبي ويو. هن سخت گير مذهبي قوتن يعني ”مولوين“ جي اثر رسوخ ۽ پروپيگنڊا کي به داٻ دڙڪي ۽ آڻ نه مڃيندڙ مولوين کي قتل ڪرائڻ، ذريعي ختم ڪيو. اهي مولوي حرن جي ”غير اسلامي“ هلت چلت ۽ سرگرمين تي سخت ڇوهه ڇنڊي رهيا هئا.(9 1 ) ٿوري ئي عرصي ۾ پير پاڳارو حر علائقن ۾ عملي طور تي ڄڻ هڪ متوازي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن پنهنجا ٽيڪس به لاڳو ڪيا ۽ هو حر علائقي کي رياست اندر ٻئي رياست طور سمجهڻ لڳو. حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي هن پاران حر غازين جو لشڪر ٺاهڻ وارين سرگرمين تي هئي. چيو پئي ويو ته هزارين حرن کي ڀرتي ڪري کين هٿيار هلائڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي ۽ کانئن پير جي مڪمل وفاداري ڪرڻ جو حلف کڻايو پيو وڃي.*سيپٽمبر 1939 ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان پوءِ پير اڃان وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ هن جي تيارين، فنڊن ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ ۽ سنڌوءَ جي ڪپن تي گهاٽن ٻيلن ۾ پراسرار ٽريننگ ڪيمپون قائم ڪرڻ جون رپورٽون اچڻ لڳيون. سندس پنهنجي ڪيٽيءَ ۾ به پير جي هڪ ڪيمپ قائم هئي، جتي هو انتهائي گرم اونهاري جي باوجود به ترسيل هو. کهڙي صاحب کي 1939ع جي اونهاري ۾ انهيءَ ڪيمپ ۾ وڃي کيس ڏسڻ جو موقعو مليو:

”پير جا اسان (مسلم ليگين) سان ڪافي دوستاڻا ناتا هئا، پر هو ڪانگريس ميمبرن سان اڃان گهاٽو هو، جيڪي اڪثر ساڻس ملاقات ڪري کيس صلاح مشورا ڏيندا هئا. هو ورلي ڪڏهن ڪراچيءَ ايندو هو ۽ اهي افواهه ڦهليل هئا ته هن ڪا شدت پسند تنظيم جوڙي ورتي آهي.

1939 ع ۾ لڙائي شروع ٿي ويئي مون کي شمله ۾ اها خبر پئي ۽ مان سنڌ موٽي آيس. انهيءَ زماني ۾ پير ڏاڍو سرگرم ٿي ويو هو. مون کي 1939 ع جي اونهاري ۾ خيرپور رياست ۾ واقع سندس ڪيٽيءَ ۾ ساڻس ملاقات جا موقعا مليا.

قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر سردار قيصر خان بوزدار مون کي چيو ته گڏجي پير صاحب ڏانهن هلون ۽ مڪاني ادارن جي چونڊن جي باري ۾ کانئس مدد گهرون. اسان هڪ انتهائي گرم ڏينهن تي سکر مان ڪار ذريعي ٻيلي ۾ سندس ڪيمپ ڏانهن وياسين. پير پاڻ لانڍيءَ ۾ ترسيل هو. لانڍيءَ ۾ کليل جاين تي تڏا ٽنگيل هئا جن تي نوڪر ڇڻڪار ڪري رهيا هئا، جيتوڻيڪ ٻاهر گرميءَ جو پدُ 120   ڊگريون کن هو، پر اندر ڪافي ٿڌڪار هو ۽ ويهن کان به وڌيڪ ڊگرين جو فرق محسوس پئي ٿيو. پير صاحب قيصر خان جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ مون کي لانڍي ۾ رهڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اها ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي پکن واري جاءِ کان وڌيڪ آرامده آهي. هن واعدو ڪيو ته گرمي پد 75 ۽ 0 7  ڊگرين کان وڌيڪ نه هوندو. مان کيس چيو ته مون کي جيئن ئي سياسي ڪم کان واندڪائي ملي (تنهن وقت اسان مسجد منزل گاهه واري تحريڪ ۾ رڌل هئاسين) تيئن مان اچي وٽس رهندس. پر ٿيو ائين جو مون کي اهو موقعو ڪڏهن به نه مليو.

1939 ع ۾ جون ۽ آڪٽوبر وارن مهينن وچ ۾ مسجد منزل گاهه تحريڪ جي سلسلي ۾ مون کي اڪثر سکر رهڻ جو اتفاق ٿيو. سکر ۾ اسان پير پاڳاري جي سرگرمين جي باري ۾ ڪهاڻيون ٻڌيون. چيو پئي ويو ته هو سنڌ جي حڪمران بنجڻ واري اڳڪٿيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي مريدن جي تنظيم ڪاري ڪري رهيو آهي. ماڻهو اسان کي اچي ٻڌائيندا هئا ته حرن کي سکيا ڏيڻ ۽ بم ٺاهڻ لاءِ ڪجهه بنگالين کي گهرايو ويو آهي. ان سڄي عرصي ۾ پير صاحب جا ڪانگريسي اڳواڻن سان ويجها رابطا رهندا آيا. مارچ 0 4 9 1 ع ۾ الله بخش صاحب جي ڪابينه کي شڪست آئي ۽ اسان حڪومت ۾ آياسين. مون کي ٻڌايو ويو هو ته پير پاڳاري کي اها ڳالهه نه وڻي ڇو ته هو مسلم ليگ جي حق ۾ نه هو. پر هن کلي عام ڪانگريس ۾ به شموليت اختيار نه ڪئي، شايد هن اهو سوچيو هجي ته جيڪڏهن هو ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ته حڪومت سندس پويان پئجي ويندي.“*

پنهنجون تياريون جاري رکڻ سان گڏو گڏ پير پاڳارو صاحب گورنر صاحب سان به تِرِ سنوان رکندو پئي آيو ۽ ان سلسلي ۾ کيس هدايت الله صاحب جوسهڪار حاصل هو، جنهن تي گورنر صاحب جو وڏو ڀروسو هو. کهڙو صاحب جيڪو ( 1 4 - 1940 ع) ۾ سنڌ حڪومت ۾ وزير هو، ان محسوس ڪيو ته پير پاڳاري جي مبينه سرگرمين جي باري ۾ گورنر صاحب ڪجهه پريشان هو، کهڙو صاحب لکي ٿو:

”سر لينسيلاٽ (Lancelot) گراهم کي پير جي سرگرمين بابت خبر پيئي ۽ هن کيس ملڻ لاءِ نياپو ڪرايو. پير صاحب عام طور تي غلام حسين هدايت الله صاحب کي پنهنجي ترجمان طور ساڻ کڻندو هو ۽ هو گورنر صاحب کي سفارتي آدابن ۽ جنگي فنڊ ۾ وڏن چندن ڏيڻ سان راضي ڪري ڇڏيندو هو.“

گراهم کي ڪافي وقت کان بيوقوف بڻايو پئي ويو پر سندس سادگيءَ جي به آخرڪار حد هئي. سرڪاري عملدار لاڳيتو اهڙيون رپورٽون موڪلي رهيا هئا ته پير پڪ سان ڪا وڏي تحريڪ منظم ڪري رهيو آهي ۽ هو مناسب وقت اچڻ تي پنهنجو ڪم شروع ڪندو. هن پاران لاڳيتو ٻيلي ۾ رهڻ سان به انهن شڪ شبهن جي تصديق ٿي رهي هئي ته پير ڪنهن ڳجهي قسم جي سرگرميءَ ۾ رڌل آهي. کهڙو صاحب انهن رپورٽن تي گورنر صاحب جي رد عمل بابت لکي ٿو:

”گورنر صاحب جنوري 1941 ع ۾ مون کي ملاقات لاءِ گهرايو ۽ چيو ته مان ترجماني وارو ڪم ڪيان ڇو ته کيس شڪ هو ته غلام حسين هديت الله صاحب جيڪو پير جو ساٿي آهي ۽ 1939  ع ۾ ڪانگريس وزارت سان واڳيل رهيو آهي، ڪٿي هو پير پاڳاري جي لفظن جي ٽوڙي مروڙي معنيٰ نه ڪڍندو هجي. پير هميشه جيان گورنر سان مٺڙيءَ ۽ سفارتي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ۽ جنگي فنڊ ۾ 0 5  هزار رپين جي چندي ڏيڻ جو واعدو ڪري گورنر جا سڀ شڪ شبها دور ڪري ڇڏيا.“ (20)

گورنر صاحب ان خاطري ملڻ کان پوءِ ڪافي خوش ٿيو ۽ ترت ئي هن پنهنجي مرضيءَ موجب وزارت جي به تبديلي آڻي ڇڏي، جيئن گورنر هائوس جي هڪ انگريز عملدار ويلز صاحب جو خيال هو، جنهن تنهن وقت چيو هو: ”هز ايڪسلينسي جي باري ۾ منهنجو عام تاثر اهو آهي ته هو الله بخش صاحب کي ڀلو ماڻهو سمجهي ٿو ۽ هو پير پاڳاري صاحب کي يقيني طور تي هڪ بي ضرر ۽ معصوم ماڻهو سمجهي ٿو ۽ اهڙن خيالن جو اظهار پڻ ڪري ٿو.“(1 2) وزارت جي تبديلي پير پاڳاري صاحب جي به مفادن وٽان هئي، جيئن کهڙي صاحب لکيو:

”هوڏانهن 1941  ع ۾ اسان جي وزارت ختم ٿي ۽ الله بخش صاحب ۽ غلام حسين صاحب حڪومت جوڙي. سندس مدد لاءِ پير پاڳارو صاحب خاص طور تي ڪراچيءَ آيو ۽ کيس توقع هئي ته اها وزارت سندس مقصدن لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندي.“(2 2 )

پاڳارو اڳ کان وڌيڪ پر اعتماد هو ته ڪانگريس حامي وزارت اچي ويئي، جنهن کي سندس ٻه ويجها ساٿي هلائي رهيا آهن ۽ ان ذريعي هو پنهنجا مقصد ماڻي وٺندو، پر سندس اها پر اعتمادي اجائي ثابت ٿي. سومرو صاحب ۽ هدايت الله صاحب نئين آيل گورنر صاحب جي مختلف سوچ آڏو دم هڻي نه پئي سگهيا. تنهن وقت جي حالتن جو ذڪر ڪندي کهڙو صاحب لکي ٿو:

”هيوج ڊائو (Hugh Dow) گورنر بڻجي آيو. هو هڪ پڪو پختو ڪامورو ۽ تمام گهڻو مغرور هو ۽ گراهم جي ڀيٽ ۾ هو گهڻو تيز ۽ شاطر هو ... هن جولاءِ 1941ع ۾ پير صاحب کي گهرايو ۽ کيس چيو ته هو ٻيلي ۾ رهڻ بدران ڪراچيءَ ۾ رهي. پاڳاري صاحب حامي ڀري ۽ هو بندر روڊ تي مير خدا بخش واري بنگلي ۾ اچي رهيو. هو ڪجهه وقت اتي رهيو ۽ آڪٽوبر ۾ اوچتو اختيارين يعني ڪليڪٽر ڪراچي چارلس ڪليا (Charles Clea) کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ ڪراچي ڇڏي ويو. سندس انهيءَ عمل گورنر صاحب کي مڇرائي وڌو. انهيءَ وقت ۾ خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ حر ڌاڙن ۽ خونن جون وارداتون به عام رواجي معمول کان ڪجهه وڌيڪ ڪري رهيا هئا. پير صاحب ان موقعي تي سنجهوري جي گڙنگ بنگلي ۽ پير جو ڳوٺ جا دورا ڪيا. گورنر صاحب پاڳاري صاحب کي گرفتار ڪري ڪراچي آڻڻ جو حڪم جاري ڪيو. سکر جو ڪليڪٽر سڊني رڊلي ۽ ايس پي پير جو ڳوٺ آيا ۽ هن پير صاحب کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. تنهن وقت هنن کيس اهو نه ٻڌايو ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. کيس خيرپور آندو ويو جتي هن خيرپور جي وزير اعجاز علي صاحب سان گڏ مانجهاندو ڪيو. بعد ۾ کيس ڪراچيءَ آندو ويو. 4 2  آڪٽوبر تي کيس ڪراچي ۾ (1827ع واري ريگيوليشن) XXV  هيٺ گرفتار ڪري ريل ذريعي لاهور نيو ويو. جتان وري کيس سينٽرل انڊين ريلوي ذريعي سينٽرل هندوستان نيو ويو ۽ ناگپور جي سيوني جيل ۾ قيد ڪيو ويو، پير جي گرفتاريءَ کان فورا بعد حرن جو ردعمل شروع ٿيو.“ (23)

پير صاحب جي گرفتاريءَ کان پهريان ئي 9 1  هين آڪٽوبر تي سندس سوٽ پير فتح علي شاهه جو سندس باڊي گارڊ ۽ نوڪر سميت قتل ٿيو، جن کي حرن سکر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڳڀا ڳڀا ڪري ماري ڇڏيو.* سرڪاري ملڪيتن تي به ڪجهه حملا ڪيا ويا. پر پير پاڳاري جي گرفتاريءَ کان پوءِ حرن باضابطه ۽ منظم ”گوريلا ويڙهاند“ شروع ڪري ڏني. ڪراچيءَ کان غير حاضري دوران اپر ۽ لوئر سنڌ جي دوري ۾ پير صاحب کي اهو موقعو ملي ويو هو ته هو مزاحمت ۽ بغاوت شروع ڪرڻ بابت هدايتون ڏيئي ڇڏي. ان ويڙهاند ۾ اهڙا حدف چونڊيا ويا جن سان سرڪار کي نقصان رسي ۽ عوام جي اعتماد کي ڌڪ لڳي. سرڪاري عملدارن ۽ پوليس وارن کي اغوا ڪيو ۽ ماريو ويو. سرڪاري جاين کي تباهه ڪيو ويو. ٽيليفون ۽ تار جون تارون ڪٽيون ويون، واهن ۾ گهارا وڌا ويا، ريلوي اسٽيشنن ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا. سرڪاري مخبرن جو بي درديءَ سان ڪوس ڪيو ويو.

حرن جي سڀ کان وڏي ڊرامائي ڪارروائي، تنهن وقت جي سڀ کان تيز رفتار ۽ بهترين ريل گاڏي لاهور ميل کي 6 1  مئي1942  ع تي بندن تان لاهڻ هو. صورتحال انتهائي سنگين بڻجي ويئي ۽ مئي مهيني جي پڄاڻيءَ ڌاري سنڌ جي اوڀارين ضلعن ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي. تنهن وقت هندوستان جي اوڀر وارين سرحدن تي جاپانين جي پيش قدمي جاري هئي. هندوستاني فوجن سميت اتحادي فوجون اتر آفريڪا ۽ يورپ ۾ ويڙهاند ۾ رڌل هيون. پر تنهن هوندي به هندوستان سرڪار سنڌ ۾ سڄي ساري هڪ ڊويزن فوج لاڳو ڪرڻ ضروري پئي سمجهيو ۽ جنرل رچرڊسن کي مارشل لا انتظاميه جو سربراهه بڻايو ويو. سرڪار اهو سمجهي چڪي هئي ته حرن جي سرگرمين ۽ ”هندوستان ڇڏيو تحريڪ“ دوران ڪانگريس جي سرگرمين ۾ هڪجهڙائي آهي.

1946 ع ۾ جڏهن انگريز راڄ جي پڄاڻي ٿي رهي هئي ۽ بغاوت به ٿڌي ٿي رهي هئي ته هڪ سرڪاري تجزئي نگار لکيو:

”حر بيچيني، جيڪا 1941  ع ۾ شروع ٿي ۽ اڄ به ننڍي پيماني تي جاري آهي، تنهن ۽43  - 1942 ع ۾ بهار، يوپي ۽ هندوستان جي ٻين هنڌن تي ڪانگريس پاران ڪرايل وڳوڙن ۾ ڪافي ڳالهيون ملن جلن ٿيون.

(الف) 1941  ع ڌاري جڏهن پير صاحب حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بابت ويچاري رهيو هو تڏهن هن جا خيال گهڻي ڀاڱي ڪانگريسي هئا ڇو ته هو مسٽر سڌوا، لالا مينگهراج، جئرام داس دولترام(4 2 ) ۽ ٻين سان لاڳيتو صلاح مشوري ۾ هو. هن ڪانگريس کي پنهنجي وفاداري جو يقين ڏيارڻ لاءِ هزارين رپين جي کاڌي خريد ڪري پنهنجي پوئلڳن ۾ ورهائي. هن سنڌ ۾ به بغاوت جي حوالي سان لازمي طور تي ڪانگريس سان صلاح مشورو ڪيو هوندو. مان نه ٿو سمجهان ته ان ڳالهه جي ڪا ترديد ڪئي ويئي، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه تنهن وقت جي اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.

(ب) ٻنهي (پير صاحب ۽ ڪانگريس) جو مقصد اهو هو ته دشمن جي حملي دوران هر مئجسٽي جي حڪومت کي مفلوج ڪيو وڃي.

(پ) اپريل 1942  ع ۾ گانڌيءَ پنهنجي انهن نظرين کي عوام ۾ پڌرو ڪيو، جنهن کي سڌاري سنواري 1942  ع واري ”انڊيا ڇڏيو“ تحريڪ ۾ بدلايو ويو ... ڪانگريس جي تنظيم قرارداد (انڊيا ڇڏيو) جي منظوري کان اڳ ئي عوامي تحريڪ ذريعي هندوستان جي آزادي لاءِ راهه هموار ڪرڻ گهري پئي. حر تحريڪ تي لازمي طور تي ان جا اثر پيا ڇو ته پير صاحب جا سنڌ جي ڪانگريسي اڳواڻن سان ويجها ناتا هئا.

(د) حر تحريڪ سال 1941  ع جي وچ ڌاري شروع ٿي. جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻي شدت 2 4 9 1 ع ۾ ان وقت آئي، جڏهن ڪانگريس انگريزن جي نيڪاليءَ بابت قراردادن ۽ رٿن جي ضروري جوڙجڪ ڪري چڪي هئي.“(5 2 )

0 4  جي ڏهاڪي واري بغاوت هر لحاظ کان منظم پئي لڳي ۽ ائين پئي لڳو ته 1942  ع ۽  1943 ع واري ڪانگريس جي بغاوت به ڄڻ انهيءَ جي ئي نقش قدم تي ڪئي ويئي. انهن وڳوڙن جي ڊگهي عرصي دوران حر علائقن جي خاص ڪمشنر ليمبرڪ* لکيو ته اهو ممڪن هو ته  ڪانگريس حرن جي طور طريقن جو نقل ڪيو هجي. هن واضح ڪيو ته پير صاحب ڪجهه ڪانگريسي اصولن جي پوئواري ڪئي ۽ پنهنجي مريدن کي به حڪم جاري ڪيا ته اهي به انهن جي پوئواري ڪن. انهيءَ عمل سان کيس گهڻي مشهوري ملي. خود گانڌيءَ تي به ان ڳالهه جو وڏو اثر پيو ته مسلمانن جي اڪثريتي صوبي ۾ هڪ مسلمان پير صاحب سندس حمايتي آهي. پر ڪجهه مقامي ڪانگريسين کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته پير صاحب جي سرگرمين سان ڪٿي ڪانگريس جي ساک کي ڪو هاڃو نه رسي. سندس چوڻ هو ته پير ”قاتل ۽ اذيت پسند ماڻهو آهي ۽ سندس مريد ڏوهاري آهن.“(6 2 ) پير ڪانگريس جو سهارو ان لاءِ وٺڻ گهري پيو، جيئن هو پنهنجي ڪجهه طاقت وڌائڻ جهڙن منصوبن کي مڪمل ڪري سگهي.(7 2) نومبر 1941ع ڌاري حر بيحد سرگرم ٿي ويا هئا ۽ ”ڪانگريس جي بغاوت آگسٽ (1942 ع) ۾ شروع ٿي ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته انهن حرن جو نقل ڪيو .... حرن جي وڳوڙي ڪارواين جي ڪاميابيءَ سان شايد کين اتساهه مليو هو.“(8 2 )

اها ڳالهه شايد درست ئي آهي ۽ مدنا پور جيل واري عرصي ۾ پير جڏهن ڪانگريس جي اثر هيٺ هو تڏهن کيس اها خاطري ڪرائي ويئي هئي ته جيڪڏهن مناسب وقت تي هو سنڌ ۾ انگريزن خلاف ڪا وڏي بغاوت ڪرائي کين هندوستان مان تڙائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو ته سنڌ جو راڄ ڀاڳ کيس ڏنو ويندو. اهو پڻ ظاهر آهي ته گوريلا قوت جي تياريءَ ۽ ان جي استعمال جي طريقن بابت پڻ تفصيلي رٿابندي ڪيل هئي. پير وٽ سڀ نقشا تيار هئا ۽ جيئن ئي هو 1936ع ۾ سنڌ واپس آيو ته انهيءَ ڪم کي جنبي ويو. سندس طور طريقا انتهائي ڳجها هئا. هن اهڙن اهم سياستدانن جي چڱيرڙي انگ جي پٺڀرائي حاصل ڪري ورتي، جيڪي هن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي پئي سگهيا. حرن مٿان چئن ڏهاڪن کان جيڪي پابنديون وڌيون ويون، ڪانگريسي حامي سنڌ سرڪار اهي لاهي ڇڏيون. کيس پنهنجي مريدن جي ڳتيل آباديءَ وارن علائقن جا ڊگها دورا ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اهو پڌرو هو ته هو انهن دورن ۾ هٿيار خريد ڪرڻ ۽ پنهنجي پوئلڳن کي سکيا ڏيارڻ لاءِ گهربل رقم ڪٺي ڪري رهيو هو.

انهن سکيا وٺندڙ مريدن ۾ مڪمل وفاداري پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڪتب آندا ويندا هئا. مثال طور حر ”غازين“ جي پيرڊ ۾ اوچتو ٻن ٽن بيڪار ماڻهن جا نالا سڏيا ويندا هئا ۽ جيئن ئي هو اڳتي ايندا هئا ته کين گولي هڻي ماريو ويندو هو. ٽريننگ جي پڄاڻيءَ تي سڀئي غازي سندن جنازي نماز پڙهندا هئا ۽ سکيا وٺندڙن تي اهو تاثر ويهاريو ويندو هو ته سندن زندگي اصل ۾ رڳو پنهنجي مقصد لاءِ ارپيل آهي. اها ٽريننگ ڏاڍي سخت هوندي هئي ۽ پير صاحب پنهنجي سر ٻيلن ۾ قائم انهن ڪيمپن جي نگراني ڪندو هو. ان سلسلي ۾ ڪارواين جا حدف مقرر ڪيا ويا ۽ اهم جاين ۽ اهم شخصيتن، جن خلاف ڪاروائي ٿيڻي هئي، انهن جي چونڊ ڪئي ويئي. انهن ۾ ريلوي لائينون، تار وارو نظام، ٿاڻا، پوليس عملدار ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا شامل هئا. جن ماڻهن کي رستي تان هٽائڻو هو، انهن جون فهرستون پير صاحب جي منظوريءَ سان جوڙيون ويون ۽ پير صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ انهن ۾ اهڙن ماڻهن جا وڌيڪ نالا شامل ڪيا ويا، جن لاءِ حر شدت پسندن اهو سمجهيو ته انهن پير صاحب سان غداري ڪئي هئي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به شامل هئا جن کي پير جو خاص راضپو به حاصل هو. حر خون جا واقعا عام طور تي ڏينهن ڏٺي جو ظاهر ظهور ڪندا هئا. انهيءَ بغاوت دوران حرن جنهن اهم ترين ماڻهوءَ کي ماريو، اهو اڳوڻو وڏو وزير الله بخش سومرو صاحب هو، جنهن کي مئي 1943 ع ۾ ماريو ويو. سومرو صاحب جيتوڻيڪ شروعات ۾ پير پاڳاري سان همدرديون رکندو هو پر هن پنهنجي وزارتي دور ۾ حر ايڪٽ منظور ڪيو. 1942ع واري اونهاري ۾ جنگي فنڊ ڪٺو ڪرڻ واري دوري جي حوالي سان ٻن گڏجاڻين ۾ هن حرن سان سختي سان پيش اچڻ جو اظهار ڪيو. هن 0 1  مئي 1942  ع تي ميرپور خاص جي درٻار هال ۾ ڪوٺايل انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ ضلعي جا ٽي سئو کن اهم ماڻهو ڪوٺايا ويا هئا. هن ساڳئي ئي گڏجاڻيءَ ۾ ٿرپارڪر جي ايم ايل اي سيٺ سيتل داس پيرو مل حرن جي خلاف تقرير ڪئي هئي ۽ کيس حرن انهيءَ ڏينهن قتل ڪري ڇڏيو. 2 1  مئي تي نوابشاهه ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس جنهن ۾ لڳ ڀڳ 0 0 3  ماڻهن شرڪت ڪئي، تنهن ۾ به سومري صاحب، سيٺ جي قتل جو الزام حرن تي هنيو ۽ چيو ته هو کين زبردست سيکت ڏيندو. هن چيو ته هو حر ايڪٽ (جيڪو 20   مارچ 1942  ع تي منظور ڪيو ويو) آڻي رهيو آهي ۽ هو حرن کي چيڀاٽڻ لاءِ هر ممڪن اُپاءَ وٺندو. هن صاف لفظن ۾ چيو ته ان سڄي معاملي جي ذميواري پير صاحب تي آهي ۽ هو کيس ڪنهن به حالت ۾ سنڌ واپس اچڻ نه ڏيندو.

حرن انهن بيانن تي سومري صاحب کي معاف نه ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن کين خبر پيئي ته هو لاهور ميل ۾ اچي رهيو آهي ته هنن حيدرآباد کان ڪجهه پرڀرو ٽنڊو آدم ۽ اڏيرو لال اسٽيشن جي وچ تي ريل تي حملو ڪيو اصل ۾ سومرو صاحب، پنهنجي ڪابينه جي هڪ وزير نهچلداس وزيراڻيءَ سان گڏ ڪراچيءَ مان انهيءَ ريل تي سوار ٿيو هو، پر سانگهڙ جي هڪ زميندار ايم. پي. اي ڄام جان محمد، جيڪو پير صاحب جو ويجهو ۽ خاص مريد هو جنهن کي حرن جي منصوبي جي خبر هئي، تنهن حيدرآباد اسٽيشن تي اچي سومري صاحب کي تڪڙن ڪمن ڪارن بابت ٻڌائي، کيس ريل تان لاهي ويو. وزيراڻي ريل ۾ ئي سوار رهيو. حرن پاران ريل کي پٽڙي تان لاهڻ جو اهم سبب سومري صاحب کي مارڻ هو. ريل کي ڪيرائڻ کان پوءِ حرن هڪدم فرسٽ ڪلاس دٻي تي حملو ڪيو. جنهن ۾ وڏي وزير جي موجودگي متوقع هئي پر ان ۾ هنن کي هدايت الله صاحب جو پٽ هٿ آيو، جنهن کي هنن ماري ڇڏيو. وزيراڻيءَ ريل جي ڪاڪوس ۾ لڪي جان بچائي. بعد ۾ حرن نالي ماتر ڦرلٽ ڪئي ۽ ڀڄي ويا. اهڙي ريت سومرو  صاحب مارجڻ کان ذري گهٽ بچي ويو. پر حر کيس گهڻو وقت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. پير پاڳاري کي حيدرآباد جيل ۾ 0 2  مارچ1943 ع تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ۽ ان بعد ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ سومري صاحب کي شڪارپور ۾ ٽانگي تي ويندي گولي هڻي ماريو ويو.*  جنهن وقت کيس ماريو ويو، تڏهن هو وڏو وزير نه هو، پر سندس قتل مان حرن جي اها ثابت قدمي ۽ پڪو ارادو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن سان هو پنهنجي مخالفن جي پٺيان پئجي ويندا هئا.

اپريل 1942 ع اچڻ تائين صورتحال گهڻي ڳنڀير ٿي ويئي هئي. ايتري تائين جو وائسراءِ کي سنڌ جي صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائڻي پيئي. ان اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر، سر رگنالڊ ميڪسويل (Sir Reginald Mexwell) وائسراءِ ڪائونسل جي هوم ميمبر، سر هنري ڪريڪ (Sir Henry Craik) سياسي معاملن واري ميمبر، پنجاب جي رياستن جي ريزيڊنٽس، جوڌ پور رياست جي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ پبلڪ افيئرز کاتي جي سرجان ٿرون (Sir Jhon Throne) کان سواءِ بچاءَ کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. وائسراءِ جو خيال هو ته بليڪ اينڊ ٽينز(Black and Tans) *جهڙي فورس گهرائي سگهجي ٿي پر اهو معاملو پوليس جو آهي. گورنر راڄ (گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935   جي سيڪشن 2 9  اي هيٺ) تي به ويچاريو ويو پر جيئن ته وزير سرڪاري ڪاروائيءَ ۾ رڪاوٽون نه وجهي رهيا هئا ۽ جيڪڏهن چونڊيل حڪومت هٽائي پئي ويئي ته اهي هر قسم جي ذميواريءَ کان آجا پئي ٿيا ۽ سڄو الزام انتظامي عملدار مٿان پئي آيو، تنهن ڪري گورنر راڄ وارو خيال رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ فوج موجود هوندي پر ان کي پس منظر ۾ رکيو ويندو. پر سنڌ ۾ فوج کي رڳو ٻه مهينا اهڙي مهلت ملي.* علائقي جي فوجي جائزي وٺڻ لاءِ هوائي فوج جي مدد کي به ڪارآمد قرار ڏنو ويو. ان معاملي جي سروي لاءِ ٽن مهينن تائين هڪ خاص آفيسر (ليمبرڪ) مقرر ڪيو ويو. سروي رپورٽ اچڻ سان ئي مکي ڍنڍ وارن ٻيلن جي صفائيءَ جو حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ حڪومت جي ساک کي بچائڻ لاءِ مختلف معاملن تي ويچاريو ويو ۽ ٻين صوبن کان پوليس ۽ ٻئي مدد حاصل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ گورنر صاحب جي راءِ کي سڀ کان وڌيڪ وزن هو، جنهن صلاح ڏني ته پير صاحب کي هندوستان کان ٻاهر موڪليو وڃي. گڏوگڏ گورنر صاحب سنڌ اسيمبليءَ کان حر ايڪٽ منظور ڪرائڻ ۽ ان سلسلي ۾ ناڪاميءَ تي هن پاران هڪ آرڊيننس جاري ڪرڻ واري معاملي کي بحث هيٺ آندو.

حالتون وائسراءِ ڪانفرنس جي توقع کان وڌيڪ ترت خراب ٿي ويون. اپريل 1942  ع ۾ جڏهن ليمبرڪ حر علائقن جي سول ڪمشنر انچارج طور چارج ورتي، تڏهن حرن جون دهشتگرديءَ واريون سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون. سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي پهريائين 0 2  مارچ تي هڪ لڪل اجلاس ۾ حر ايڪٽ (ايڪٽ آف 1942 ) پاس ڪري چڪي هئي. 4 1  مارچ 1942  ع تي خيرپور پوليس جي ناظم غلام رسول شاهه کي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو حرن خلاف وٺ پڪڙ ۾ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ ۽ سينئر ڪامورو هو. 6 1 هين مئي تي لاهور ميل کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ 8  سيپٽمبر تي حرن ڇوڙ ويجهو راجپوتانا جي سرحد وٽ ڊائون بمبئي ميل تي فائرنگ ڪئي. ٻين سينئر پوليس آفيسرن تي به حملا ٿيا ۽ ڪجهه آفيسر ماريا ويا. ٿرپارڪر ضلعي ۾ انسپيڪشن بنگلي تي ڪيمپ لڳائي ترسيل هڪ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ (ڊي ايس پي) کي گولي هنئي ويئي. حرن جون ڪاروايون جمڙائو ڪينال جي هيڊ کان جاري ٿي، ڍوري ناري جي ٻنهي ڪپرن سان ڦهلجنديون ويون. خاص ڪري سانگهڙ، سنجهوري ۽ شهداد پور جا علائقا وڏي ڏهڪاءَ جو شڪار ٿيا. ٽيليگراف جي تارن کي ڪٽڻ، ريلوي تي حملن ۽ واهن کي گهارن جا واقعا سڀ کان پهريان روهڙي (سکر) ضلعي مان شروع ٿيا ۽ هر پاسي ڦهلجي ويا. حرن پنهنجي دشمنن کي جن ۾ غريب ۽ اهم شخصيتون ٻئي شامل هيون، بي درديءَ سان قتلام ڪيو.

مئي 1942  ع ۾ مٺڙائو ڪينال جو ايگزيڪيٽو انجنيئر لکي ٿو:

”سانگهڙ تعلقي جو حال اهو آهي جو پي. ڊبليو. ڊي (پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ) انتظاميه جو ڄڻ وجود ئي ختم ٿي ويو. منهنجا عملدار آفيس کان ٻاهر وارا ڪم ڪرڻ کان قاصر آهن... حرن جي پاليسي اها آهي ته جيڪي ماڻهو انهن سان واهر نه ٿا ڪن تن جو جيئڻ جنجال بڻايو وڃي.... مان هتي اهو چوندو هلان ته حر ڪنهن خاص مقصد جي پورائي لاءِ عمل پيرا آهن. مون کي مارچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته حرن وٽ هڪ ٽائيم ٽيبل آهي ۽ جيڪڏهن پير پاڳاري کي 7 2  مارچ تائين سنڌ واپس نه آندو ويو ته اهي سرڪاري عملدارن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي، انهن کي جسماني توڙي ذهني طور تي مفلوج ڪري سرڪاري ذميوارين جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيندا. ۽ جيڪڏهن هو ان مرحلي ۾ ڪامياب نه ٿيا ته ايندڙ مرحلي ۾ اهي واهن کي کنڊُ هڻندا ۽ انهن گهارن کي ڀرڻ لاءِ بيگر ڏيڻ کان به زميندارن کي روڪيندا. اهو ڪم 7 2  مارچ کان هڪ مهينو بعد ۾ شروع ڪرڻ جو سٽيو ويو هو ۽ کپري ۾ گهارا ٺيڪ ان منصوبي مطابق وڌا ويا...“(9 2 )

حرن جي اها حڪمت عملي ايترو ته ڪامياب ويئي جو علائقي ۾ حر آبادگارن کان سواءِ ٻين زميندارن جي ٻنين تي پوکي ٿي نه سگهي. زميندارن ۽ آبادگارن کي ايترو ڊيڄاريو ويو جو هو حرن کي کاڌو، پناهه، پيسو ڏوڪڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هٿيار به مهيا ڪرڻ لڳا. پير صاحب جا خاص خليفا يا نائب حرن جي مورال کي بلند رکڻ لاءِ مقرر هئا. جيڪي پنهنجن ڳجهين ڪيمپن ۾ حرن کي همٿائيندا هئا. هڪ اکين ڏٺي شاهد ان سلسلي ۾ پنهنجي شاهدي هن ريت ڏني:

”وريام (خاصخيلي) اهڙين گڏجاڻين کي خطاب ڪندو هو .... هن حرن کي چيو ته جيئن ته پير صاحب قيد ڪيل آهي تنهن ڪري حر کيس اڪيلو نه ڇڏين ۽ هو به پنهنجي گهر ٻار کان پري رهڻ قبولين ۽ اهي خاص ڪري انهن مسلمانن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪن جن پير صاحب جي پهرين ۽ هاڻوڪي قيد جي موقعي تي سندس ڪا واهر نه ڪئي. هن کين زور ڀريو ته اهي ڌاڙن ۽ خونن جو سلسلو جاري رکن. هن چيو ته حڪومت (سرڪار) کي ٽپڙ ويڙهڻا پوندا ۽ راڄ ڀاڳ پير صاحب جي حوالي ئي ٿيندو.“ (0 3 )

1 3  مئي 1942 ع تي سنڌ جي اوڀارين ضلعن، سکر ضلعي جي ڪجهه حصن، سڄي نواب شاهه، سڄي خيرپور رياست ۽ حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ڪجهه حصن ۾ مارشل لا لڳائي ويئي. حرن جي دهشتگردي کي چيڀاٽڻ لاءِ مختلف امڪانن تي ويچاريو ويو، جن ۾ خود پير صاحب کان اپيل ڪرائي حرن کي ماٺ ڪرائڻ وارو روايتي حربو به شامل هو، پر هن ڀيري اهو پڌرو هو ته حر پير صاحب جي جاري ڪيل ڪنهن به ”فرمان“ (حڪم) تي عمل نه ڪندا ۽ ائين سمجهندا ته اهو جيل ۾ پير صاحب تي دٻاءُ وجهي زوريءَ جاري ڪرايو ويو آهي. پير صاحب کي سنڌ مان هميشه لاءِ ٻاهر ڪڍي ڪينيا، سيچلز يا ابيسينيا موڪلڻ تي به غور ڪيو ويو. آخرڪار اهو فيصلو ٿيو ته بغاوت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪرائڻ لاءِ پير صاحب تي ڪيس هلائي کيس ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏجي.

نومبر 1942  ع ۾ کهڙوصاحب، جيڪو تنهن وقت روينيو جو وزير هو، اهو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي دهليءَ ۾ ويو ۽ اتي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي ميمبرن سان سندس گڏجاڻيءَ ۾ حرن ۽ پاڳاري وارو مسئلو به سامهون آيو. وائسراءِ ڪائونسل جي هوم ميمبر ريگنالڊ ميڪسويل ۽ پبلڪ افيئرز جي ميمبر سر رابرٽ ٿارن ٻنهي چيو ته کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن جي. او. سي کي مڪمل اختيار به آهن ته مارشل لا اختياريون (پاڳاري جي) ڪيس کي مٿي موڪلڻ ۾ آخر دير ڇو ٿيون ڪن. ميڪسويل کهڙي صاحب کان پڇيو ته ڇا سنڌ حڪومت، گورنمينٽ آف سينٽرل پراونسز کي درخواست ڏني آهي ته اها پير پاڳاري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، ڇو ته اهو معاملو گورنمينٽ آف انڊيا جي دائري ڪار کان ٻاهر آهي. *

مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان ڪافي عرصو پوءِ به حر وڳوڙن ۾ ڪا لاٿ نه آئي ۽ مارشل لا جي دائري کي سنڌ جي ساڄي ڪپر تائين وڌائڻ تي ويچار ٿيو. اهو فيصلو ڪيو ويو ته مارشل لا کي اوڀر ۾ راجپوتانا تائين وڌائڻ غير ضروري آهي، پر جيئن ته حر درياءَ جي کاٻي ڪپر کان دٻاءُ ۾ اچڻ تي درياءُ اُڪري ساڄي ڪپر تي لاڙڪاڻي جي ٻيلن ڏانهن هليا وڃن ٿا، جتي مڱڻيجا ۽ ناريجا ذاتين جي حرن جا ننڍا ننڍا ڳوٺ آهن (لاڙڪاڻي جي رتو ديرو تعلقي ۾) تنهن ڪري مارشل لا کي اپر سنڌ ۽ اپر سنڌ ۾ سکر ضلعي تائين ۽ ساڄي ڪپر تي لاڙڪاڻي تائين وڌايو ويو.

هوڏانهن مسلم ليگ جي اڳواڻن مارشل لا جي توسيع خلاف ڪو وڏو رد عمل نه ڏيکاريو. کهڙي صاحب کي احساس هو ته حر ايڪٽ ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي ۽ حرن جي غير قانوني سرگرمين وڌيڪ شدت اختيار ڪئي آهي. دهليءَ ۾ هندوستان سرڪار جي عملدارن توڻي سنڌ حڪومت جي ڪامورن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ هن حرن خلاف غير معمولي اپائن کڻڻ جي حمايت وارو موقف اختيار ڪيو هو. مسلم ليگ کي هڪ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ پير پاڳاري سان ڪا همدردي نه هئي ڇو ته هن جا ڪانگريس سان لڳ لاڳاپا ڪنهن کان ڳجها نه هئا. سنڌ مسلم ليگ جي صدر واري حيثيت سان هارون صاحب چٽيءَ طور تي مارشل لا جي حق ۾ هو پر ترت ئي جڏهن مارشل لا جون سختيون سامهون آيون ته مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ مسلم ليگ جي صفن ۾ به مارشل لا جي مخالفت اڀرڻ لڳي. سنڌ جي عوام ۽ سياستدانن کي فوجي راڄ جو اهو پهريون تجربو هو ۽ ان جي ڪارواين جو تفصيلي طريقو ۽ بي رحمي پڻ انهن لاءِ نئين ڳالهه هئي تنهن ڪري کين ان جي منطقي نتيجن جو اندازو لڳائڻ ۾ ڪافي وقت لڳو. اهو ئي سبب هو ته مسلم ليگ پاران دير سان رد عمل سامهون آيو ۽ اهو شروعات ۾ ڪانگريس واري رد عمل جي ڀيٽ ۾ گهٽ سگهارو هو، جنهن جو اظهار نه رڳو مقامي سطح تي پر خود گانڌيءَ پاران به ڪيو ويو.

مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ اٺين جون 1942ع تي ڪراچيءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هندو قيادت شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ هندن جي هر طبقي جي قيادت کان پوءِ جي ايم سيد صاحب سميت ڪجهه مسلمان اڳواڻن به شرڪت ڪئي. جي ايم سيد صاحب جيڪو تنهن وقت مسلم ليگ جو پرجوش اڳواڻ هو، اهو مارشل لا اختيارين جي شهري صلاحڪارن جي به خلاف هو، پر اها مخالفت گهڻي ڀاڱي ذاتي نوعيت جي هئي. *

هن گڏجاڻيءَ ۾ مارشل لا تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويا. جيتوڻيڪ ان کي لاڳو ٿئي رڳو هفتو مس گذريو هو. تنهن وقت به ”فوج پاران شهري آباديءَ سان سخت سلوڪ“ جي باري ۾ شدت موجود هئي ۽ ليمبرڪ تي سڀ کان ڇتي تنقيد ڪئي ويئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فوج ۽ پوليس خلاف هڪ وڏي مهم هلائي ويندي. عوام خلاف ڏاڍاين ۽ شڪايتن بابت 6  صفحن جي رپورٽ جي ايم سيد صاحب تيار ڪئي آهي جيڪا سڀاڻي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.(1 3 )

مسلم ليگ جا اڳواڻ مارشل لا جي تڪڙي نندا ڪرڻ جي حق ۾ نه هئا. جيتوڻيڪ ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ڪجهه ميمبر پير سان همدردي ڪندي سندس حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ تي زور ڏيئي رهيا هئا. ورڪنگ ڪميٽي جيڪا سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڀ کان اعليٰ اختياراتي باڊي هئي تنهن في الحال پاڻ کي آئيني ڪاررواين تائين محدود رکيو ۽ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان ڪافي مهينا پوءِ ان جي لاڳو ٿيڻ جي قانوني حيثيت ۽ ان خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جي امڪانن تي ويچاريو. ڪجهه ميمبرن کي مارشل لا انتظاميه جي ڏاڍاين بابت انگ اکر جمع ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 4 1  سيپٽمبر 1942 ع تي مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس کهڙي صاحب جي رهائشگاهه تي ٿيو.

مارشل لا جي حوالي سان کهڙي صاحب جا پنهنجا خيال به ڪجهه غير واضح ۽ منجهيل هئا. کيس حرن جي ڏاڍاين ۽ نظام آف خيرپور جهڙن سرڪاري عملدارن ۽ شهرين جي قتل وڏو صدمو رسايو هو. اهي به افواهه هئا ته پير پاڳاري پاران جوڙيل لسٽ ۾ سندس پنهنجو نالو به آهي. شايد پير صاحب جو مقصد نه رڳو اهو هو ته پنهنجي دشمنن جو صفايو ڪيو وڃي، پر انهن ماڻهن کي به رستي تان هٽائڻ هو جيڪي اڳتي هلي سنڌ تي سندس ممڪنه حڪمرانيءَ ۾ ڪا رنڊڪ وجهي پئي سگهيا. کهڙو صاحب حر مسئلي جي پيچيدگين کان ڀلي ڀت واقف هو ۽ هڪ منتظم ۽ ايڊمنسٽريٽر طور هو چاهي پيو ته ان مسئلي کي جيتري اثرائتي نموني حل ڪري سگهجي، اوترو بهتر آهي. اهو ئي سبب هو جو هن حرن خلاف سرڪار جي کنيل قدمن جي حمايت ڪئي ۽ مارشل لا جي مخالفت نه ڪئي. صوبائي توڻي دهلي حڪومت سان پنهنجي بحث مباحثي ۾ هو حرن خلاف سخت قدمن کڻڻ تي زور ڏيند و رهيو هو. ٻئي پاسي قانون جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن جي بنياد تي سندس تربيت ٿيل هئي، جيڪي هندوستان جي سياست ۽ خاص ڪري بمبئي جهڙي سڌريل پريزيڊنسيءَ جي سياست جا رهنما اصول هئا.

کهڙي صاحب جي سڄي سياسي زندگي ان مول متي تي ٻڌل هئي ته جمهوريت، چونڊيل قانون ساز ادارا ۽ انهن ادارن پاران اختيار ڏنل حڪومتون ئي قانون جي بالادستيءَ جون محافظ، ملڪ جي سار سنڀال لهڻ ۽ قانون جو احترام ڪرائڻ جون ذميوار آهن. مارشل لا بابت سندس هي پهريون تجربو هو. هو اهو سمجهڻ کان قاصر هو ته جنهن صوبي ۾ هڪ چونڊيل حڪومت پهريائين موجود آهي اتي ڪو فوجي ڪمانڊر ان سڄي ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جو مالڪ ڪيئن ٿو بڻجي سگهي. کيس جيڪي شڪ شبها يا مونجهارا درپيش هوندا هئا تن مان ڪن جو هو ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اجلاسن ۾ اظهار به ڪندو هو. مارشل لا جي موضوع تي گورنر سان ٿيل پنهنجي گفتگوءَ جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:

”مان اوهان کي ٻڌايان ته سندس ذهنيت مايوس ڪندڙ آهي. هن اسان کي ٻڌايو ته مارشل لا جو لاڳو ٿيڻ ان لاءِ قانوني حيثيت رکي ٿو، ڇو ته ميمبرن ان جو مطالبو ڪيو هو ۽ هندوستان سرڪار جي قانون واري ميمبر ۽ وائسراءِ انهيءَ تجويز تي راضي ٿيا. گورنر صاحب انهيءَ لاءِ اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺائڻ کان انڪاري آهي ته کيس ڊپ آهي ته ان ۾ اظهار جي آزاديءَ واري سهوليت جو فائدو وٺندي ڪٿي اسان مارشل لا اختيارين جا پول پڌرا نه ٿين. هو رڳو فوجي ايڊمنسٽريٽر کي حاصل مارشل لا جي دائري کي وڌائڻ ۽ ان هيٺ هر قسم جا حڪم جاري ڪرڻ واري اختيار کي پڏائڻ ۾ پورو آهي. هو ان سلسلي ۾ مثال ڏيندي ٻڌائي ٿو ته مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مسٽر هولٽ صاحب جهڙن سينئر عملدارن کي ڪليڪٽرشپ تان لاهي اسسٽنٽ ڪليڪٽر بنائڻ ۽ سندس مٿان هڪ جونيئر عملدار کي ڪليڪٽر ڪري ويهارڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ تنهن جي باوجود به ڪو ماڻهو هن کان وضاحت طلب ڪري نه ٿو سگهي.“(2 3 )

هڪ عملي ماڻهوءَ ۽ تجربيڪار ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ کهڙو صاحب حرن جي شورش کي دٻائڻ لاءِ سگهاري ۽ مضبوط قدمن کڻڻ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهيو هو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪو ڏهڪاءُ پکڙيل هو تنهن بابت کيس چڱيءَ ريت احساس هو. خود هن پنهنجي ڳوٺ کي چوڌاري ڪوٽ ڏياريو هو. جتي ڏينهن رات محافظن جو پهرو هوندو هو. سڄي سنڌ ۾ ڳوٺاڻا خبردار رهندا هئا ۽ رڳو ايترو افواهه ته فلاڻي هنڌان حرن جو هڪ جٿو لنگهيو آهي علائقي ۾ ڏهڪاءَ پکيڙڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. ننڍا زميندار ۽ کاتيدار ته ٺهيو پر خود وڏن زميندارن جي ڪمدارن کي به اها جرئت نه هوندي هئي ته جيڪڏهن ڪو خليفو يا حرن جو ٽولو وٽس رات ترسڻ يا ويلو ٽارڻ لاءِ اچن ته هو کين انڪار ڪري. کهڙي صاحب جي زمينداري درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي ۽ خيرپور رياست ۾ پکڙيل هئي ۽ کيس حقيقي حالتن جو بخوبي احساس هو، پر ساڳئي وقت پاڳارو سنڌ جي هڪ تاريخي شخصيت هئي. کهڙي صاحب جو پنهنجو مامو پير صاحب جو مريد هو. جڏهن پير صاحب جي مافي کي 8 1  ڄڻا  تيز رفتاريءَ سان هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانهن کڻي ويندا هئا ته عوام احترام وچان ٿورو پرڀرو بيهي وڏي اچرج مان اهو منظر ڏسندا هئا. سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڀل اهي پير صاحب جا باضابطه مريد نه به هجن، پير صاحب جي گرفتاري ۽ کيس قيد ڪرڻ واري عمل کي هڪ قسم جي عزت جي منافي سمجهي رهيا هئا. جيتوڻيڪ کهڙو صاحب پاڻ هڪ باشعور ۽ سرت ڀريو ماڻهو هو، جيڪو اجايا وهم گمان برداشت نه ڪندو هو ۽ سندس مذهب ۾ به پيري مريديءَ جي ڪا گنجائش نه هئي، پر تنهن هوندي به کيس پير صاحب جي مستقبل جي باري ۾ فڪرمندي هئي.

تنهن کان سواءِ مارشل لا کي لاڳو ٿئي ڪافي مهينا گذري ويا هئا ۽ ان جون خاميون ۽ ڪمزوريون پڻ پڌريون ٿي چڪيون هيون. کهڙي صاحب 14  سيپٽمبر تي ورڪنگ ڪاميٽيءَ کي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو:

”مارشل لا کي هروڀرو اينگهايو ويو آهي. اها پهريائين ناڪام ٿي چڪي آهي. عوام پاران ڏنل شهري حقن جي وڏي پيماني تي قربانين باوجود مارشل لا مان کين ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو آهي .... خيرپور پوليس جي ناظم (سپرنٽينڊنٽ) گذريل ڏينهن مون کي ٻڌايو ته فوجي ماڻهن جي ڪارڪردگي اثرائتي ناهي. هو راشن جون گاڏيون ڀرائي ساڻ کڻڻ کان سواءِ ٻاهر نه ٿا نڪرن ۽ حرن جو ٽڪاڻو ڪنهن هڪ جاءِ تي نه آهي. جنهن وقت فوجي قافلا اتي پهچن ٿا تيستائين هو اتان هليا وڃن ٿا. پوليس عام ماڻهوءَ جي ڦرلٽ ۾ رڌل آهي. فوجي بي گناهه ماڻهو ماري رهيا آهن. مسٽر جج ڊي ايس پي سکر کين پير پاڳاري خلاف سرڪاري شاهد ڏنا آهن، ان جي باوجود  هو اڃان تائين ان ڏس ۾ ڪجهه ڪري نه سگهيا آهن. هنن واهن ۾ پاڻي گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري لکين ايڪڙ زمين تي پوکي نه ٿي سگهي آهي. حر پاڻ به اهو ئي گهرن ٿا ۽ فوج سندن مقصدن جو پورائو ڪري رهي آهي. انهيءَ صورتحال جو ڪيتو ڪير لوڙيندو؟ زميندار ڊپ کان پنهنجون جايون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، هارين ٻنين تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، عوام جي وڏي پيماني تي غير ضروري لڏپلاڻ ڪرائي پئي وڃي .... ڪهاڙا ۽ ٻيا اوزار جيڪي پوکيءَ لاءِ ضروري آهن اهي کسيا ويا آهن.“ (3 3 )

مارشل لا جي نتيجي ۾ سنڌ کي جيڪي معاشي ۽ سياسي نتيجا ڀوڳڻا پيا، تن جي پس منظر ۾ کهڙي صاحب جهڙي سياستدان کي درپيش مسئلن جو آساني سان اندازو لڳائي سگهجي پيو. هندو پريس ۽ ڪانگريس پير ۽ حرن جي حمايت واري لائين اختيار ڪندي کين قومي حريت پسندن جي روپ ۾ پيش ڪري رهيا هئا ۽ جيئن ته ان سڄي معاملي ۾ مسلم آبادي ملوث هئي تنهن ڪري مسلم ليگ لاءِ به ان معاملي ۾ پوئتي رهڻ ممڪن نه هو. ان پس منظر ۾ مسلم ليگ اها پاليسي اختيار ڪئي، ته سرڪار پير پاڳاري تي سختي ڪري نا انصافي ڪئي آهي ڇو ته گانڌيءَ جنهن سڄي ملڪ جي  سطح تي بغاوت ڪئي آهي، تنهن سان ته نرمي ۽ رعايت ڪئي ويئي آهي ۽ هو آغا خان جي محل ۾ ترسيل آهي جتي کيس هر ڪا سهولت ڏني پئي وڃي، پر پير صاحب کي سينٽرل انڊيا جي هڪ جيل ۾ واڙيو ويو آهي ۽ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. کهڙي صاحب ۽ جي ايم سيد صاحب مارشل لا خلاف عدالت ۾ وڃڻ جي معاملي تي جناح صاحب سان ملاقات ڪري سندس راءِ طلب ڪئي پر جناح صاحب جيڪا صلاح ڏني اها هيءَ هئي:

”اسان کي هن مرحلي تي عدالت ۾ نه وڃڻ گهرجي. پهريان اسان کي گورنر صاحب سان ملي کانئس مارشل لا کڻڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.“

جيڪڏهن گورنر صاحب ائين ڪرڻ تي راضي نه ٿيو ته جناح صاحب وائسراءِ ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي لکندو ۽ وائسراءِ سان ملاقات ڪري ان جي آڏو اهو ڪيس رکندو:

”هو (جناح صاحب) رڳو اهو چاهي پيو ته مارشل لا خلاف جنهن طريقي سان هلايو ٿو وڃي ان جي خلاف هڪ جامع ڪيس تيار ڪيو وڃي.“ (4 3 )

سنڌ مسلم ليگ جا اڳواڻ جنهن ٻٺپيءَ ۾ ڦاٿل هئا ان جو جناح صاحب کي پورو پورو احساس هو ته هڪ پاسي حڪومت حرن جي شورش کي سختيءَ سان چيڀاٽڻ جي پابند هئي ۽ پير پاڳارو ۽ مسلم ليگ هڪ ٻئي کي پسند نه ڪندا هئا، ساڳئي وقت انگريز سرڪار هندو ڪانگريسي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ هڪ مسلم روحاني پيشوا سان جيڪا سختي ۽ مت ڀيد وارو رويو رکيو پئي آئي اهو به مسلم ليگ لاءِ قابل برداشت نه هو. تنهن کان سواءِ حڪومت جي مارشل لا مڙهڻ واري غير جمهوري عمل تي پنهنجي ناپسنديدگي واري اظهار ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي جيڪي مشڪلاتون درپيش هيون تن جي آگاهي هندوستان سرڪار کي ڏيڻ وارو ڪم به کين ئي ڪرڻو هو. ان سلسلي ۾ جناح صاحب کين جيڪو فارمولو آڇيو تنهن ۾ سنڌ جي اڳواڻن جي انهن سڀني مسئلن جو حل موجود هو. جن سان هو منهن ڏئي رهيا هئا.

جنوري 1943 ع ۾ پاڳاري مٿان ”برطانوي راڄ خلاف جنگ جوٽڻ“ جي الزام ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ کيس سنڌ واپس آندو ويو. جنهن جهاز ۾ پير صاحب کي آندو ويو اهو خفيه طور تي ڪوٽڙي ويجهو ٻولهاڙي واري جنگي هوائي پٽيءَ تي لٿو جتان پير صاحب کي حيدرآباد جيل آندو ويو. پير صاحب کي سخت حفاظتي اپائن هيٺ رکيو ويو ۽ سندس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هر قسم جي گفتگو رڪارڊ ڪرڻ جا اوزار لڳايا ويا. پير صاحب بار بار وڏي وزير هدايت الله صاحب سان ملڻ جي خواهش پئي ڏيکاري، جنهن کي هو پنهنجو دوست سمجهندو هو ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ان کان صلاح مشورو ڪندو هو. هن اهو پڻ چاهيو پئي ته حڪومت سندس صفائيءَ لاءِ جيڪو وڪيل مقرر ڪرڻ گهري پئي ان بابت به هدايت الله صاحب کان خاطري وٺي ۽ جناح صاحب کي گهرائي سندس وڪيل صفائي بڻجڻ لاءِ به کانئس مدد گهري.“

هدايت الله صاحب ان سلسلي ۾ کيس جيڪا موٽ ڏني، شايد ان کان مايوس ٿي پير پاڳاري کهڙي صاحب سان ملاقات جو اظهار ڪيو. جنهن کي ان ڏس ۾ گورنر صاحب پاڻ اطلاع ڏنو:

”ٻئي ڏينهن ڊائو صاحب مون ڏانهن چوائي موڪليو ته ساڻس ملي وڃان ۽ هن مون کي ٻڌايو ته پير پاڳارو جڏهن ٻولهاڙي لٿو ته کانئس پڇيو ويو ته کيس ڪنهن خاص شيءِ جي ضرورت ته نه آهي ته هن فوجي آفيسرن کي ٻڌايو هو ته مان مسٽر کهڙي صاحب سان ملڻ گهران ٿو. گورنر صاحب مون کي چيو ته مان پاڳاري سان ملاقات نه ڪريان ڇو ته مٿس مارشل لاءِ هيٺ ڪيس هلڻ وارو آهي ۽ متان هو توهان سان ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري جو توهان به ان معاملي ۾ ملوث ٿي وڃو.“

گورنر صاحب پاران ملاقات کان منع ڪرڻ کان پوءِ کهڙي صاحب لاءِ اهو ممڪن نه هو ته هو پير پاڳاري سان ملي، پر تنهن هوندي به کهڙي صاحب هڪ پوليس عملدار جي معرفت پير صاحب کي نياپو ڪرايو جنهن جي جواب ۾ هن کيس چوائي موڪليو ته هو جناح صاحب کي پنهنجو وڪيل صفائي ڪرائڻ گهري ٿو. پير صاحب ان سلسلي ۾ کهڙي صاحب ڏانهن پنهنجي هٿ سان لکيل هڪ خط به موڪليو.*

کهڙي صاحب هڪدم بمبئي ۾ هڪ دوست کي فون ڪري جناح صاحب کي اهو نياپو ڪرايو پر جناح صاحب اهو چوندي نابري واري ته کيس پير صاحب تي ويساهه ناهي، جيڪو سياسي طور تي مسلم ليگ جو مخالف آهي ۽ جيڪو پنهنجي آزاديءَ کان پوءِ لاڳيتو ڪانگريسن سان ويجهن رابطن ۾ رهيو آهي. پاڳاري جناح صاحب ڏانهن پنهنجا ماڻهو به موڪليا جن کيس تمام وڏي فيس باسي پر جناح صاحب انڪار ڪيو. فيبروري ڌاري پاڳاري تي ڪيس هلايو ويو. مارشل لا اختيارين کيس وڪيلن جو هڪ پينل آڇيو جن مان هن ڏيئل مل لالواڻيءَ جي چونڊ ڪئي، جيڪو تنهن وقت سنڌ جو سڀ کان سٺو ڪرمنل وڪيل ليکيو ويندو هو، جيتوڻيڪ شروعات ۾ هو ڏيئل مل کي وڪيل ڪرڻ ۾ ڪيٻائي رهيو هو، ڇو ته کيس شڪ هو ته متان هو سرڪار جو ماڻهو هجي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته هدايت الله صاحب ذاتي طور تي اچي کيس ڏيئل مل جي ”اڻ ڌرئي“ هجڻ جي خاطري ڪرائي پر هدايت الله صاحب ساڻس ملڻ نه آيو ۽ آخرڪار پير صاحب ڏيئل مل کي ئي پنهنجو وڪيل ڪيو. انهيءَ ڪيس ۾ وڪيل جي اهليت جو ڪو عمل دخل نه رهيو هو ڇو ته اختياريون پهريائين کيس موت جي سزا ڏيارڻ جو فيصلو ڪري چڪيون هيون.

نومبر 1942 ع ۾ جڏهن مارشل لا کي آئي چار مهينا کن لنگهي چڪا هئا، مارشل لا اختيارين جي سول ايڊوائيزر ليمبرڪ، حرن واري مسئلي تي هڪ تفصيلي نوٽ لکيو هو، جنهن ۾ هو ان نتيجي تي پهتو هو ته سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ پير صاحب کي موت جي سزا ڏيارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو آهي. هن مشورو ڏنو ته ڪيس ڪورٽ مارشل ۾ هلايو وڃي. جيئن ان جي رفتار ۽ فيصلي بابت ڪو شڪ شبهو نه رهي، ڇو ته صوبائي توڻي عالمي صورتحال جي پيش نظر ائين ڪرڻ ضروري هو. سندس خيال ۾ حر مسئلي کي جنگ واري پس منظر ۾ ڏسڻ ضروري هو. هن واضح ڪيو ته حرن جي شورش، جيڪا ماٺي ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، ان کي دٻائڻ ۾ ناڪامي سبب پيدا ٿيل مايوسي فوج، پوليس ۽ خود انهن ايجنسين کي هلائيندڙ انگريز عملدارن کي پست ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته ان مسئلي کي پاڙئون پٽي ڇڏجي. يعني پير صاحب کي مارائي ڇڏجي. ليمبرڪ ان معاملي ۾ سنئون سڌو چئي ڏنو:

”حر تحريڪ کي تيستائين ختم ڪري نه ٿو سگهجي، جيستائين پير پاڳارو زندهه آهي.“

هنن تفصيلي منصوبو جوڙيو جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ڪيس ڪهڙي نموني هلايو وڃي، ڪهڙي قسم جون شاهديون ڏياريون وڃن ۽ ڪهڙا مارشل لا ريگيوليشن جاري ڪرايا وڃن. ان سڄي جاکوڙ بعد آخرڪار اختياريون هن نتيجي تي پهتيون:

”حر تحريڪ سنڌ جي صوبي لاءِ نه رڳو سماجي ۽ معاشي لحاظ کان هڪ وڏي هچا آهي پر عالمي صورتحال جي پيش نظر به اها حڪومت لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪي آهي. پير صاحب سنڌ جي عوام، برطانيه جي ماڻهن ۽ هر مهذب شيءِ سان غداري ڪئي آهي. ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو سرت ڀريو طبقو ناهي جنهن کي پير صاحب جي موت جو افسوس ٿيندو ۽ جيڪو ان موقعي تي سرهائي نه ڏيکاريندو. هاڻي سوال اهو آهي ته سندس موت جي سزا وارو حڪم ڪيئن حاصل ڪجي؟.“*

پير صاحب تي حيدرآباد جيل اندر جيڪو ڪيس هلايو ويو تنهن ۾ ليمبرڪ صاحب واري رٿا تي ڪافي حد تائين عمل ڪيو ويو ۽ رٿا موجب سندس خلاف شاهديون ڏياريون ويون. ڪيس ۾ جان وجهڻ لاءِ ليمبرڪ صاحب ۽ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڪارگل جو دارومدار گهڻي ڀاڱي انهيءَ سهڪار ۽ مدد تي رهيو جيڪا پير پاڳاري جي هڪ پري جي مائٽ پير علي محمد راشديءَ فراهم ڪئي.

راشدي صاحب تنهن وقت سرڪار جي توجهه جو مرڪز بڻيو جڏهن هن 1941 ع ۾ حرن ۽ پاڳاري جي خلاف پنهنجون شڪايتون لکي موڪليون. ڊائو صاحب اهو خط وائسراءِ کي هڪ تبصري سان گڏ موڪليو. جيتوڻيڪ ”هو پاڻ به ڏنگو ماڻهو آهي پر تنهن هوندي به کيس سنڌ جي گهڻن مسلم ليگين کان وڌيڪ عقل آهي“ ڊائو صاحب اهو به لکيو ته وزارت جي ساک کي پڻ گهٽ ڪرڻ گهري ٿو. حقيقت اها هئي ته راشدي صاحب جيڪو مسلم ليگ جو ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر هو ۽ جنهن منزل گاهه انڪوائري ۾ مسلم ليگ جي لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو، تنهن تي مسلم ليگين جي بي اعتمادي وڌي رهي هئي. جيڪي کيس سرڪار جو مخبر سمجهندا هئا ۽ کين شڪ هو ته هن جا ڪانگريسين سان لڳ لاڳاپا آهن. گورنر ڏانهن موڪليل پنهنجي عرضداشت ۾ راشدي لکي ٿو ته هو پير صاحب جو سوٽ آهي ۽ سندس نالو حرن جي بليڪ لسٽ ۾ لکيل آهي. هن پنهنجي لاءِ پوليس جي جوڳي تحفظ جي به گهر ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن هڪ يا ٻه پوليس وارا سندس در تي بيهارڻ سان حرن جي ڪاروائيءَ کي روڪي ته نه سگهبو البته ان سان حملي لاءِ نشاندهي ٿي سگهي ٿي. (7 3 )

راشديءَ صاحب حرن ۽ خود پير صاحب جي تاريخ هيئن بيان ڪئي:

1925 ع ۾ پهرين پير صاحب جي وفات کان پوءِ ان سڄي ٽولي جي واڳ هڪ اهڙي ظالم گمراهه کي ملي ويئي آهي جنهن رڳو چئن سالن جي اندر وڏي پيماني تي هٿيار گڏ ڪيا آهن ۽ ڪيترن ماڻهن کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.“

راشديءَ صاحب پنهنجي خط ۾ پير صاحب ۽ سندس بنگالي دهشتگردن سان ناتن ۽ بعد ۾ حر ”غازين“ جي لشڪر ٺاهڻ جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ پير صاحب پاران پنهنجي مخالفن کي منظم نموني مارائڻ يا خاموش ڪرڻ جي طريقن جو به ذڪر ڪيو. هن لکيو: ”قاتلن کي بچائڻ لاءِ نه رڳو مالي وسيلا موجود آهن پر سر غلام حسين صاحب جهڙا هاڪارا وڪيل به موجود آهن. پير پاڳاري جي هندن ڏانهن لاڙي جو ذڪر ڪندي هن لکيو: ”هو (پير) مسٽر سڌاوا (ڪانگريس اسيمبلي پارٽي جي اڳواڻ) ڏانهن کاڌيءَ جو ڪپڙو گهرائڻ لاءِ 1500  رپيا موڪلي ٿو، ڄڻ اها ناياب ۽ مقدس شيءِ ڪنهن ٻئي ذريعي کان ملي ئي نه سگهندي هجي.“ پير پاڳاري خلاف خوب زهر اوڳاڇيندي راشدي صاحب ان خط ۾ اها تجويز ڏني ته انهيءَ آزار خلاف سخت اپاءُ ورتا وڃن ڇو ته اهو ملڪ ۾ امن امان لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي. هن لکيو ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنهن حالت ملڪ ۾ ”هِز مئجسٽي“ جي رعيت مکين ۽ مڇرن وانگر مرندي هجي، تڏهن امن امان ۽ سٺي حڪومت جي موجودگيءَ بابت سوچي به نه ٿو سگهجي.“(8 3 ) سرڪار حرن خلاف مهم ۾ به راشديءَ صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون هيون ۽ هاڻي پير صاحب خلاف ڪيس ۾ به مارشل لا اختيارين کي پاڳاري خلاف هڪ مضبوط ڪيس جي تياريءَ لاءِ کانئس وڌيڪ بهتر ماڻهو ملي نه پئي سگهيو.

بعد ۾ جڏهن راشديءَ صاحب کان سندس انهن خدمتن جي مناسب معاوضي بابت پڇيو ويو ته هن پنهنجي يا پنهنجي ڀاءُ جي پير پاڳاري طور  نامزدگيءَ جي گهر ڪئي ۽ جڏهن اها ڳالهه نه مڃي ويئي ته هن خطاب ۾ ڪجهه زمين ذريعي پنهنجي خدمتن جي مناسب مڃتا گهري.

ليمبرڪ صاحب راشديءَ صاحب جي انهن ڪوششن جي ڀرپور حمايت ۽ پٺڀرائي ڪئي ۽ سندس خدمتن جي پرجوش تصديق ڪندي لکيو:

”سنڌ ۾ جيڪو خطرو هو ۽ جنهن ۾ وقت گذارڻ سان گڏ واڌارو پئي آيو تنهن کان جان ڇڏائڻ لاءِ گاديءَ جو خاتمو بيحد ضروري هو. گاديءَ جو خاتمو تڏهن آيو جڏهن پير صاحب خلاف ڪاميابيءَ سان ڪيس هلائي کيس ڦاهيءَ جي سزا ڏياري ويئي ۽ مان سمجهان ٿو ته ان ڪم جي سر انجاميءَ ۾ سيد علي محمد راشديءَ صاحب جي ڪوششن جو وڏو عمل دخل هو، پر ان سلسلي ۾ راءِ ڏيڻ جو حق مون کان وڌيڪ مسٽر ڪارگل جو آهي. جنهن سان گڏ راشديءَ صاحب ڪيس کان اڳ ۽ ڪيس هلندي ڪيترا هفتا لاڳيتو گڏجي ڪم ڪيو هو. مان سمجهان ٿو ته مارشل لا جي چيف ايڊمنسٽريٽر ان ڏس ۾ سرڪاري طور تي لکيو آهي ته راشديءَ صاحب جون خدمتون ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن به غير سرڪاري ماڻهوءَ کان وڌيڪ هيون.“ (9 3 )

جيتوڻيڪ پير پاڳاري کي احساس هو ته هاڻي ڳالهه سندس وس کان چڙهيل آهي پر تنهن هوندي به هن هر ممڪن طريقي سان مقابلو ڪيو. ڏيئل مل بهترين وڪيل هو ۽ هن ڪيس ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ڪتب آندو. هن بچاءَ جي گواهن جي لسٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻين سان گڏو گڏ اڳوڻي گورنر سر لينسلاٽ گراهم، تنهن وقت جي وڏي وزير هدايت الله صاحب، تنهن وقت ڪابينه ۾ روينيو جي وزير کهڙي صاحب، هوم منسٽر ايم، ايڇ گذدر صاحب ۽ نامياري هندو سياستدان ۽ ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي نهچلداس وزيراڻيءَ جا نالا شامل هئا.* پير پاڳاري ان ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۽ تر جي وڏن زميندارن نواب ڄام ڪانڀو خان ايم. ايل. اي، خان صاحب دين محمد جوڻيجو، خان بهادر محمد حيات جوڻيجو ۽ خان صاحب سردار دادن خان لنڊ کي به گهرايو، جيڪي سندس مريدن ۽ ڀروسي جوڳين شخصيتن ۾ ڳڻيا ويندا هئا.

پر سرڪار پنهنجو دٻاءُ وجهي پير پاڳاري جي حق ۾ ڪابه گواهي وڃڻ نه ڏني. جن ماڻهن کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو تن مان گهڻن ته ڪورٽ ۾ اچڻ جي همت ئي نه ساري ۽ جيڪي ماڻهو عدالت ۾ آيا به ته انهن پير پاڳاري جي خلاف ئي شاهديون ڏنيون، انهن ماڻهن ۾ اهي به شامل هئا جن کي پير صاحب جو انتهائي ويجهو دوست سمجهيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ هڪ مشهور قصو انهن ٻن زميندارن جو آهي جيڪي پير پاڳاري جا ويجها دوست ۽ مريد هئا. جيتوڻيڪ کين پير صاحب جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ گهرايو ويو هو، پر انهن ان شرط تي پير صاحب جي خلاف شاهدي ڏني ته عدالت ۾ پير ۽ سندن وچ ۾ هڪ پردو ٽنگيو وڃي. ڇو ته سندن چوڻ هو ته هو پير جي جلالي اکين جو تاب سهندي سندس خلاف شاهدي ڏيئي نه سگهندا.

گورنر صاحب کهڙي صاحب کي پهريائين چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو ته پير صاحب سان ملاقات نه ڪري ۽ نه وري ڪو اهڙو ڪم ڪري جيڪو پير صاحب جي فائدي ۾ ويندو هجي. پر کهڙي صاحب جنهن هميشه ٻاهرين دٻاءُ جي باوجود پنهنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندي زندگي گذاري هئي، تنهن فيصلو ڪيو ته هو مڪمل ايمانداريءَ ۽ سچائي سان عدالت ۾ گواهي پيش ڪندو. عدالت ۾ کيس چيو ويو ته کيس جن واقعن جي باري ۾ خبر آهي انهن بابت هو سڌي سنئين گواهي پيش ڪري. کهڙو صاحب لکي ٿو:

”مان ٻن فوجي آفيسرن تي ٻڌل ٽربيونل آڏو پيش ٿيس. منهنجي ساڄي پاسي کان ڌنڌلي شيشي جو هڪ پردو ڏنل هو، جنهن جي پويان بظاهر پير ويٺل هو جيڪو ڪجهه مون ڳالهايو، تنهن جو هو هڪ هڪ لفظ ٻڌي رهيو هو. مان ٽربيونل جي آڏو ٻه شاهديون ڏنيون جيڪي مجموعي طور تي پير جي حق ۾ هيون.“ (0 4 )

پير پنهنجي دفاع جو بنياد ان موقف تي رکيو ته حر جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، هو انهن جو ذميوار نه آهي. هن چيو ته سرڪار پاران سندس گهر جي تلاشي وٺڻ، ان کي تباهه ڪرڻ ۽ گهر وارن کي اتان زوريءَ ڪڍڻ واري عمل کي حر پير جي بي عزتي سمجهن ٿا ۽ هنن ان تي پنهنجو رد عمل ڏيکاريو آهي. پير جي وڪيل به انهيءَ جواز کي هنن لفظن ۾ پيش ڪيو.

”حر ان لاءِ باغي نه ٿيا آهن ته پير بادشاهه بنجڻ گهري ٿو پر سندن بغاوت جو سبب سرڪاري عملدارن پاران پير جي توهين وارا کنيل عمل آهن... جيڪي اهڙي نوعيت جا هئا جو سندن پنهنجي پير صاحب ۽ پنهنجي خدا سان سندن وابستگيءَ جي تقاضا هئي ته ان تي رد عمل ڏيکارين ڇو ته ٻئي صورت ۾ سندن قبر قيامت خراب ٿيڻ جو انديشو هو.“ (1 4 )

تنهن کان سواءِ پير صاحب اهو به دليل ڏنو ته ڪافي ماڻهن ساڻس حسد ۽ ساڙ جي ڪري سندس خلاف سرڪار وٽ گواهيون ڏنيون آهن. هن ان سلسلي ۾ ڀر چونڊي واري پير صاحب جو مثال ڏنو جنهن کي پير صاحب خلاف ان ڪري ڪاوڙ هئي جو مشهور هندو ۽ صوفي ڳائڻي ڀڳت ڪنور رام جي قتل واري سلسلي ۾ پير پاڳاري ڀرچونڊي واري جي هڪ مريد خلاف گواهي ڏني هئي. پير پاڳاري اها به دعويٰ ڪئي ته مسلم ليگ پڻ سندس خلاف آهي ڇو ته هن مسجد منزل گاهه وارن وڳوڙن ۾ ان جو ساٿ نه ڏنو هو. هن چيو ته غلام رسول شاهه (خيرپور پوليس جو ناظم) ۽ سندس دوست احسن علي ساڻس ان ڪري ڪاوڙيل هئا جو زمين جي هڪ تڪرار ۾ پير صاحب کي احسن علي تي سرسي حاصل هئي. هن چيو ته راشديءَ صاحب ڏانهن سندس هزارين رپين جو قرض آهي ۽ ان جي وصولي لاءِ سندن خلاف ڊگري به جاري ٿيل آهي، جنهن ڪري راشديءَ صاحب جا به هن سان تِرَ سنوان نه آهن.

پير صاحب حرن جي ڪارواين جي ذميوارين کان پنهنجي لاتعلقي ثابت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڏنو . هن چيو:

”جيئن ته اڳين زماني جا مسلمان اسلام جي جهنڊي هيٺ جنگيون ۽ جهاد جوٽيندا هئا، ۽ انهن جنگين جو ذميوار پيغمبرن کي سڏي نه ٿو سگهجي، اهڙيءَ ريت پير صاحب تي به حرن جي ڪارواين جي ذميواري نه ٿي عائد ڪري سگهجي. پير صاحب کي حر پيغمبر کان به وڌيڪ اهميت ڏين ٿا ۽ انهن لاءِ پير صاحب ۽ ان جو گروهه، سندس درٻار، عزت ۽ احترام تمام وڏي حيثيت رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته اهي سڀ نالا متعين ڪيل آهن، فراق ۽ سالم ۾ فرق آهي ۽ حرن پنهنجي زندگيءَ لاءِ ضابطا ۽ قانون مقرر ڪيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ پڪو عقيدت مند پير صاحب جي نالي تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو.“ (2 4 )

مارچ 1943 ع ۾ پير صاحب کي سزا ٻڌائي ويئي ۽ حيدرآباد جيل ۾ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. سندس مک خليفن کي ميت جو ديدار ڪرائڻ کان پوءِ ان کي دفن ڪرڻ لاءِ اڻڄاتل مقام تي نيو ويو. پير صاحب جي موت کان پوءِ به حر مسئلو هڪدم ختم نه ٿيو ۽ ان تي آهستي آهستي ضابطو آندو ويو. جنهن وقت 1943 ع ۾ مارشل لا لاٿي ويئي تڏهن سنڌ ۾ فوج جي هڪ سڄي ساري ڊويزن مقرر ڪيل هئي  ۽ ننڍي کنڊ ۾ پهريون ڀيرو ڇٽي بردار فوج کي ٿر جي ريگستاني علائقي ۾ ڪتب آندو ويو هو. تنهن جي باجود به سيپٽمبر 1944 ع ڌاري ڊائو صاحب حرن جي باقيات سان نبرڻ ۾ حڪومت جي دشوارين بابت اهو لکڻ تي مجبور هو:

”ظاهر آهي ته منهنجي وزيرن کي انهيءَ ڳالهه تي مايوسي ٿي آهي ته هڪ سال اڳ مارشل لا لاهڻ کان پوءِ باقي بچيل حرن خلاف جيڪي ڀرپور ڪاروايون ڪيون ويون آهن تن کي اڃان تائين مڪمل سوڀ نه ملي سگهي آهي ۽ هو اهو محسوس ڪري رهيا آهن ته حرن وارو معاملو هڪ ڊگهي مدي وارو مسئلو آهي.“ (3 4 )

حڪومت اسپيشل ڪمشنر طور ليمبرڪ صاحب جي خدمتن کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گڏوگڏ ڪليڪٽر جي عهدي جو هڪ ڪرمنل ٽرائيبلز سيٽلمينٽ آفيسر مقرر ڪيو. نوان لوڙها يا حر ڪنسنٽريشن ڪيمپون جوڙيون ويون. تنهن زماني ۾ هڪ بدنام رهزن رحيم هنڱوري جو ڌاڪو هيو، جنهن تي سرڪار پاران ٻه سو خونن، هڪ هزار ڌاڙن، اغوا جي هڪ سوئ ڪيسن ۽ لکين رپين جا فصل ساڙڻ جو الزام هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن الزامن ۾ گهڻو وڌاءُ هو، پر ان مان اها ڳالهه پڌري هئي ته سرڪار جا حرن جي خلاف ڪهڙا ارادا هئا. رحيم هنڱورو 1952 ع تائين پڪڙجي نه سگهيو ۽ بعد ۾ جڏهن هو حيدرآباد جيل ۾ قيد هو ته سندس زال کيس جيل مان ڇڏائڻ لاءِ وڏي بهادريءَ سان ڪاروائي ڪئي، جيڪا ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويئي هئي. هنڱورو رسيءَ جي مدد سان جيل جي ڀت تي چڙهي ويو هو پر ڀت جي مٿان لڳل بجليءَ جي تار ۾ پير اٽڪڻ سبب واپس وڃي هيٺ ڪريو. آزاديءَ کان پوءِ حر مسئلو ڪجهه سال هلندو رهيو پر سندن هنڱوري جهڙن ليڊرن جي پڪڙجي پوڻ سان اهو مسئلو آهستي آهستي ٿڌو ٿي آخر ختم ٿي ويو.

پير صاحب کي 1943 ع ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو  ۽ سندس موت کان پهريان ئي سندس گاديءَ جي وراثت جو مسئلو اٿيو. گاديءَ جو هڪ پرجوش دعويدار راشديءَ صاحب هو. جنهن 2 2  جنوري 1943 ع ڌاري گورنر ڏانهن هڪ خط به اماڻيو هو پر 5 1  فيبروري تي ڊائو صاحب جي سيڪريٽري ليمبرڪ صاحب کي لکيو:

”اوهان کي سُڌ هجي ته علي محمد راشديءَ کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت پير پاڳاري جي گادي نالي ٿيڻ کان پوءِ، سندس پاران گادي تي ويهڻ جي ڪوششن جي ڪنهن صورت ۾ حمايت نه ڪندي.“ (4 4 )

سرڪار پير صاحب جي موت کان پوءِ سندس گاديءَ جي وارثيءَ بابت پير صاحب جي مختلف پوئلڳن ۽ دوستن سان صلاح مشورا ڪيا. گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته ”گاديءَ کي خالي ڇڏيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي وڌيڪ بليڪ لسٽ تي اچڻ نه پيا گهرن.“ (5 4 )پير جي موت کان پوءِ سندس ملڪيت، جنهن جو ڪاٿو 8 1  لک 4 1  هزار رپيا لڳايو ويو هو، اها هندوستان سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ورتي ۽ پير صاحب جي پٽن کي سرڪاري خرچ تي تعليم لاءِ برطانيه موڪليو ويو.“ (6 4 )

راشديءَ صاحب، پير صاحب جي ڪيسن دوران مارشل لا اختيارن سان ڪيل سهڪار جي بدلي ۾ ڪجهه صلو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون. هن ڪوشش ڪئي ته کيس ڪو خطاب ۽ زمين جي گرانٽ ملي وڃي. جيتوڻيڪ کيس خطاب ملڻ جا ڪجهه امڪان پيدا ٿيا هئا.* پر اهي شايد ڊائو صاحب جي مداخلت ڪري تڪميل تي پهچي نه سگهيا، جيڪو راشديءَ صاحب جي باري ۾ سٺا خيال نه رکندو هو. راشديءَ صاحب کي پهريائين اهو احساس هو ته ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“  وانگر کيس بيدرديءَ سان نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ انگريز سرڪار ۽ مقامي چونڊيل وزارت وچ ۾ اختيارين جي ورهاست تي الزام ڏيئي رهيو هو. هن ان پاسي ڌيان ڇڪائي، پنهنجي ڪيس کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، سر شاهنواز ڀٽو صاحب، مرحوم الله بخش صاحب، ڪي. بي جعفر خان بليدي صاحب، نواب امير علي صاحب، عثمان سومرو صاحب ۽ ٻين  سرڪار جي حامين کي نالي ماتر مالڪاڻي تي زمينون ڏنيون ويو آهن،  (7 4 )هن اهو به چيو ته سندس اڳوڻا دوست کيس زمين ڏيڻ واري معاملي جي مخالفت ۾ آهن:

”کهڙي صاحب باراني زمين جي باري ۾ منهنجي ڪاغذن کي نامنظور ڪيو. هن گذريل رات مون کي ٻڌايو ته مان مارشل لا ۽ برطانوي عملدارن جي خدمت ڪئي آهي، تنهن ڪري منهنجو وزيرن مٿان ڪو حق نه ٿو بيهي. اهو سچ آهي ته مون اهو ڪجهه ڪيو جيڪو هندن جي مرضيءَ جي خلاف هو. مون کي خوشي آهي ته هز ايڪسلينسي به عملي طور تي کهڙي صاحب جي حمايت ڪري رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته اسان جي صوبي ۾ انارڪي پکڙيل آهي ۽ خبر ئي نه ٿي پوي ته ماڻهو وزيرن جي خدمت ڪري يا اختيارين جي خدمت ڪري. مان سمجهان ٿو ته عوام پاران سرڪار جي حمايت کي ختم ڪرڻ جو هي آخري حربو آهي ..... ساڳين ئي حلقن کان گذريل رات مون کي اهو به پتو پيو ته اوهان مون کي ڪو خطاب ڏيارڻ جي به سفارش ڪئي هئي، پر وزير سڳورن جي مداخلت سبب انهن ڪاغذن جو به ساڳيو حشر ٿيو. مون کي ٻڌايو ويو ته هو مون کي ٻڌائڻ گهرن پيا ته منهنجو مستقبل هاڻي گورن عملدارن جي هٿ ۾ نه پر سندن هٿن ۾ آهي. مون کي چيو ويو ته توکي هڪ سبق سيکاريو ويو آهي. اهي ئي سندس لفظ هيا جيڪي مان لکي رهيو آهيان. هنن مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته ٻين ماڻهن کي نومبر مهيني جي پڄاڻيءَ ڌاري درٻار مان انعام اڪرام ملي ويندا.“  (8 4 )

اصل ۾ راشديءَ صاحب پنهنجا خيال کهڙي صاحب ڏانهن منسوب ڪري رهيو هو ڇو ته کهڙو صاحب طاقتور روينيو وزير هجڻ جي باوجود اهڙي ڪنهن به خطاب کي رد ڪري نه پئي سگهيو، جنهن جي منظوري گورنر صاحب ڏيئي چڪو هجي. شايد راشديءَ صاحب ليمبرڪ صاحب تي اهو تاثر وجهڻ گهري پيو ته برطانيه سان وفاداريءَ جي ڪري کهڙي صاحب جهڙا وزير سندس مخالف ٿي ويا آهن، تنهن ڪري کيس سندس خدمتن جو ڪو صلو ڏنو وڃي. تنهن وقت ليمبرڪ صاحب کي، پير پاڳاري ڪيس ۾ راشديءَ صاحب جي ادا ڪيل ڪردار جو ذاتي طور تي احساس هو ۽ هن گورنر صاحب تي زور ڀريو ته هي کيس انعام طور خطاب ۽ ڪجهه رقم عطا ڪري: ”20  هزار کن رپيا روڪ جيڪڏهن کيس ڏنا وڃن ته هو ان سان ڪنهن چڱي نهري علائقي ۾ 100  کن ايڪڙ زمين وٺڻ جي قابل ٿي ويندو.“ (9 4 )

پير صاحب جي پٽن کي پهريائين سنڌ مان ڪڍي ٻين صوبن ۾ نيو ويو، جتان کين برطانيه ۾ پهريائين هڪ استاد کان خانگي تعليم ۽ بعد ۾ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو ويو. آزاديءَ کان ڪجهه سال پوءِ پنجاهه واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ گاديءَ کي بحال ڪيو ويو ۽ پير صبغت الله شاهه جو سڀ کان وڏو پٽ شاهه مردان شاهه ستون پير پاڳارو بڻجي ويو.


 


 مسلمانن کي سندن دين جي رستي تي رهنمائي ڏيڻ لاءِ روحاني رهبر ۽ مرشد وارو تصور سراسر ”صوفي ازم“ سان واسطو رکندڙ آهي ۽ اهو راسخ العقيده اسلام سان ڪجهه فرق رکي ٿو.

 حسن بن صباح (1942) ايران جي مقدس شهر قم ۾ ڄائو هو، کيس پهاڙن جو پير مرد (Old Man of the Mountain ) به سڏيو ويندو هو. ڪجهه ماخذ کيس نظام الملڪ ۽ عمر خيام جو همعصر قرار ڏين ٿا ۽ هڪ روايت موجب اهي ٽيئي ڄڻا هڪ ئي مدرسي جا هم جماعت هئا. حسن بن صباح البرز (Elburz) جبلن ۾ علاموت (Alamut) واري ناقابل تسخير جابلو قلعي ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي مخالفن کي پنهنجي پوئلڳن ذريعي مارائڻ سندس سياسي هٿيار هو. سندس مريد چرس جا موالي هوندا هئا ۽کين جنت جا نظارا ۽ خواب پڻ ڏيکاريا ويندا هئا. اهي جنوني ماڻهو مرشد جي چوڻ تي نه رڳو ٻين ماڻهن پر خود پنهنجو پاڻ کي مارڻ لاءِ به تيار هوندا هئا. حسن بن صباح انهن مريدن ذريعي پنهنجي سياسي مخالفن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. انهن جنوني قاتلن سلطان صلاح الدين ايوبيءَ کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي.  آخرڪار 3 1  هين صدي جي اڌ ڌاري جڏهن هلاڪو خان پنهنجو منگول لشڪر وٺي ايران تي ڪاهه ڪئي ته انهن جنونين جو به خاتمو اچي ويو.

 حرن جي وجود ۾ اچڻ بابت ٻيا سبب ۽ قصا پڻ آهن، جن مان سندن پوءِ واري شدت پسندي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ٺهڪندڙ روايت اها آهي جنهن موجب سنڌ جي تنهن وقت وارن والين ٽالپرن کي سيد احمد بريلوي (0 2 8 1 ع) پنجاب خلاف جنگ ۾ پنهنجي حمايت لاءِ چيو. جيئن ته ٽالپرن وٽ ايترا پنهنجا وسيلا موجود نه هئا تنهن ڪري هنن پير پاڳاري کان واهر گهري ۽ پير ان مقصد لاءِ پنهنجي مريدن جو هڪ جٿو چونڊيو جنهن پنهنجي مڪمل وفاداريءَ ۽ ارپنا جو حلف کنيو. انهن ”حرن“ کي سکن خلاف سيد احمد بريلوي جي جهاد لاءِ جيڪي هدايتون ڏنيون ويون تن کي هنن بعد ۾ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي ريت پير پاڳاري جي مريدن ۾ هڪ انتهائي عقيدتمند ۽ وفادار  ٽولي جو وجود پيو.-

 حر روايتن موجب 0 0 5  ماڻهن جو جٿو افغانستان ذريعي سرحد جي پهاڙي علائقي ۾ ويڙهاند لاءِ ويو هو پر اهو بعد ۾ رڳو هڪ ماڻهوءَ جي جاني نقصان سان موٽي آيو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته انهن اصل ۾ جنگ ۾ بهرو نه ورتو هو. سيد احمد بريلوي پاڻ ان ويڙهاند ۾مارجي ويو ۽ سرحد جي بالاڪوٽ واري جاءِ تي دفن آهي.

 انگريزن جي فتح وقت گادي نشين پير علي گوهر شاهه اصل ۾ خيرپور جي مير علي مراد ٽالپر سان ٻٽ ٿي اهڙا جعلي دستاويز تيار ڪرايا هئا، جن ۾ ميرن جي رياست واري زمين کي هٿ سان وڌيڪ ڏيکاريو ويو هو. مير تنهن وقت انگريزن جا ساٿاري هئا. بعد ۾ جڏهن پير ۽ مير وچ ۾ تڪرار ٿيو ته پير سڌو انگريزن ڏانهن ويو ۽ کين ان جعلسازي جي باري ۾ ٻڌايائين، جنهن تي انگريزن نه رڳو مير کان واڌاري زمين کسي ورتي پر ڏنڊ طور سندس ڪجهه پنهنجي زمين به ضبط ڪئي.

 * ڏيارام گدو مل 9 1  هين صديءَ ۾ سنڌ جو ناميارو قانوني ماهر، تعليمدان ۽ ليکڪ هو. سندس پنهنجي همعصر پير پاڳاري سان سٺا ناتا هئا ۽ سنڌ سرڪار 9 1  هين صديءَ جي پڄاڻيءَ ڌاري حر مسئلي جي شروع ٿيڻ وقت کانئس راءِ طلب ڪئي هئي جنهن تي گدو مل ان موضوع تي سرڪار لاءِ هڪ تفصيلي نوٽ لکيو.

*  15-1914ع ۾ حرن پاران ڏوهن ۾ وڏو واڌارو اچڻ سبب سندن مک اڳواڻن کي سنڌ مان ڪڍي بمبئي پريزيڊنسي ۾ ”خاص آبادين“ ڏانهن موڪليو ويو هو.

*  گراهم صاحب تمام گهڻو سادو ماڻهو هو جنهن کي پير ۽ سندس دوستن مڪمل طور تي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. برطانوي عملدار پير جي سرگرمين کان ڀلي ڀت واقف هئا. پر اهي گورنر صاحب جي رويي سبب بي وس بڻيل هئا. 41-1940ع  ۾ سکر جي ڊسٽرڪٽ جج، اي جي ويلز گورنر صاحب سان پنهنجي هڪ ملاقات بابت لکيو: ”مون کيس ٻڌايو ته اهڙا افواهه چوٽ چڙهيل آهن ته فرانس کي شڪست اچي رهي آهي ۽ پير پاڳارو هاڻي سمجهي ٿو ته سندس سنڌ جي بادشاهه بڻجڻ جو وقت اچي ويو آهي. ۽ مان سمجهان ٿو ته هن جا 8  هزار هٿياربند ماڻهو ٻيلن ۾ تيار ويٺا آهن.

هن پير بابت منهنجن انديشن کي اهو چئي رد ڪيو ته پير ”وار فنڊ“ ۾ چندا ڏيئي چڪو آهي ۽ پير جو ڳوٺ جا هندو، مذهبي وڳوڙن وقت انهن کي پناهه ڏيڻ جي مڃتا طور کيس سونو ٻلو ڏيئي چڪا آهن. مون کي ياد اچي ٿو ته مان کانئس پڇيو ته جيڪڏهن پير جو ڳوٺ جا هندو کيس سونو ٻلو نه ڏين ها ته هن جي خيال ۾ انهن جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟

هن هي پڻ چيو ته پوليس پير تي حملو ڪرڻ گهري ٿي ۽ کيس شڪار ڪرڻ گهري ٿي. هن انهن (پوليس وارن) جي ضد جو هڪ مثال ڏنو ته دراصل ڪجهه سال اڳ جڏهن هو ان (پير) کي حاصل نه ڪري سگهيا ته انهن اسلحي ايڪٽ تحت کيس سوگهو ڪري ورتو····

هن پير جو حق ۾ پنهنجو ذهن ٺاهيندي ڪج بحثيءَ جي طور تي مون کي متاثر ڪرڻ گهريو ۽ سندس فلسفو هيءَ هيو ته جيڪو به کيس جنگي فنڊ ۾ چيڪ ڏئي ٿو اهو بلڪل ٺيڪ آهي.

سام ريڊلي (Sam Ridley)  پير جي حوالي سان اوهان کي هڪ وڏو مثال ڏئي سگهي ٿو ته ڪهڙي ريت پير زمين جي ٽڪري تي غير قانوني قبضو ڪري چوڌاري ڀت ڪڍرائي  هئي. هن سام جي ڀت ڊهرائڻ واري حڪمن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ بدلي ۾ کيس جنگي فنڊ لاءِ هڪ چيڪ مليو. تنهن هوندي به سام کيس چيڪ موٽائي موڪليو ته هو حڪمن جي تعميل گهري ٿو، پير جي رقم نه. پير بعد ۾ اهو چيڪ گورنر کي موڪليو جنهن اهو پاڻ وٽ رکيو ۽ سام کي خط لکندي واضح ڪيو ته گورنر  ڇا ٿو چاهي. ي جي ويلز پاران پي ڪارگل ڏانهن لکيل ذاتي خط مان ٽڪرو. فيبروري 3 4 9 1 ع. يورپي مسودا فائيل 208/20.

*  رپورٽن مطابق پير جا مڪمل  طور تي  تربيت تافته تقريبن اٺن هزار حرن جو لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار هيو. جن ۾ فقط ٿورو تعداد حقيقي طور تي بغاوت جي ڏينهن ۾ چرپر ۾ آيو.

* Khuhro, Notes K.P

*  حرن جو طريقو هوندو هو ته هو جڏهن به ڪو ماڻهو ماريندا هئا ته ڏينهن ڏٺي جي گهڻن کان گهڻن شاهدن جي موجودگي ۾ ماريندا هئا جيئن ڏهڪاءُ به پکڙجي ۽ سندن بي ڊپائيءَ ۽ بهادريءَ جو ڌاڪو به ڄمي.

*  هيوج تريور ليمبرڪ Hugh Trevor Lambrick))  آءِ. سي. ايس 9 1  صدي جي محقق آفيسرن واري سلسلي جو هڪ ناميارو عملدار هو. هن سنڌ، ان جي ٻهراڙين، تاريخ ۽ روايتن جي باري ۾ ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. هن 9 1  صدي واري روايتي ڪتاب، هڪ ٺڳ جا اعتراف Confessions of a Thug) ) جي انداز ۾ حر بغاوت بابت هڪ افسانوي احوال لکيو، جنهن ۾ هو پاڻ به گهڻي عرصي تائين حر ڪمشنر طور ملوث رهيو هو. جنهن دوران هن حرن جي تنظيم ڪاريءَ ۽ سندن اتهاسي قوت جي آگاهي ورتي. سندس ڪتاب ”دهشتگرد“The Terrorist)) هڪ حر ويڙهاڪ جي زندگيءَ ۽ احساسن جي باري ۾ لکيل آهي، جنهن مان حر تحريڪ جو هڪ انوکو احوال ملي ٿو.

*  الله بخش سومري جي قاتل جي ڀائٽي مڱڻيجو کان انٽرويو، لاڙڪاڻو، ڊسمبر 2 9 9 1 ع.

*  بليڪ اينڊ ٽينز هڪ بدنام زمانه پوليس يا سيڪيورٽي فورس هئي جيڪا برطانيه آئرلينڊ ۾ مقامي آباديءَ جي مزاحمت کي ڪچلڻ لاءِ استعمال ڪئي هئي.

*  ٻه مهينا پوءِ اوڀارينءَ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو هو.

*  پوليس ڪمشنر جي ميمو، 0 2  نومبر 2 4 9 1 ، يورپي مسودا، فائيل نمبر 208/25 ، پوليس ڪمشنر ايف يونگ سندس کهڙي صاحب سان ان ڳالهه ٻولهه جيڪا ٽرين ذريعي دهليءَ کان ڪراچيءَ روانگيءَ دوران سکر مان لنگهندي ٿي هئي جو حوالو ڏيندي چيو:

1- هن چيو ته هو دهليءَ کان اچي رهيو آهي ۽ اتي سر رگنالڊ ميسوويل ۽ سر رابرٽ ٿرون سان ملاقات ٿي. انهن ٻنهي کيس ٻڌايو ته هو اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته مارشل عملدار مقدمي کي مٿي موڪلڻ ۾ دير ڇو ٿا ڪن جڏهن ته جي او سي کي اهڙا اختيار آهن.

2- هن مون کان پڇيو ته ڇا سنڌ حڪومت گورنمينٽ آف سينٽرل پراونسز کي هيءَ درخواست ڪئي آهي ته هو پير پاڳاري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي، جيئن اتان جي عملدارن چيو ته هي معاملو هندستان جي حڪومت سان لاڳاپيل ناهي. مون چيو ته هي ڪو مسئلو ناهي، جنهن تي مان پنهنجي طرفان ڪو بحث ڪريان.

3- کيس (کهڙو صاحب کي) اميد هئي ته سنڌو نديءَ جي اوڀارئين پاسي تان جلد مارشل لاءِ ختم ٿي ويندو، جتي هو سمجهي ٿو ته ان جي ضرورت نه هئي.

4- هن ٻڌايو ته اتي مارشل لا انتظاميه تي سخت تنقيد ٿي آهي. خاص طور تي هيٺين حوالن سان:

            (الف) مقدمن کي اڳتي وڌائڻ ۾ دير، ان لحاظ سان ته جي او سي کي لامحدود اختيار مليل هوندي به ايتري گهڻي دير ڇو پئي ٿي.

            (ب) کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مارشل لا عملدار وڌيڪ مئجسٽريٽ ڇو ٿا گهرن····

            (ج) ناڪاميءَ جي حوالي سان خاص دٻاءُ اسان جي ڪوششن کي شهرت ڏني. جڏهن مون ”ٻن“ جي ٽولي ۽ علي محمد ۽ پاوري جي حملن جي خلاف 8/13 پنجاب ريجمنٽ جي اسان جي تازين ڪاميابين جو ذڪر ڪيو، ته هن چيو ته ڪنهن به ان بابت ناهي ٻڌو. مون انڊين ايئر فورس طرفان جنهار (Jinhar) مقابلو ۽ 4  آگسٽ 2 4 9 1 ع تي 8/13 ريجمنٽ پاران سڄي ٽولي کي گرفتار ڪرڻ وقت گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جي مارجڻ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. تنهن هوندي به انهن تفصيلن تي هن گهڻي تعجب جو اظهار چيو ته اهو شهرت جو ڪارڻ نٿو بڻجي سگهي.

*  راشدي صاحب جيڪو جي ايم سيد صاحب جي ويجهو هوندو هو ۽ کيس چڱي ريت سڃاڻندو هو، اهو فوجي ڪاروائي خلاف سندس شديد مخالفت جي مخالفت ڪندي لکي ٿو: ”هن شايد گذريل سياري (42-1941ع  ) جي ڊسمبر يا جنوري مهيني يا شايد نومبر ۾، سر عبدالله هارون صاحب کي ٻه ڀيرا لکيو ته حر سڀني مسلم ليگين کي مارڻ گهرن ٿا ....... سر عبدالله صاحب تي زور ڀريندي چيو هو ته هو عوام کي حرن خلاف بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺي. هن وائسراءِ ڏانهن موڪليل ڊرافٽ ريپريزنٽيشن جي

منظوري به ڏني هئي. حرن بابت سندس رويي ۾ ان سال فيبروري ڌاري تبديلي آئي، جنهن سان بعد ۾ اسان جي ناتن ۾ به ڇڪتاڻ اچي ويئي. فيبروري جي آخري هفتي ۾ اسان جي ڪائونسل جو اجلاس هو. ان موقعي تي هو مون وٽ آيو ۽ هن ڪجهه اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي اهم معاملا ڪهڙا هئا؟ ”انهن ويچارن حرن هن سان واعدو ڪيو آهي ته هو اڳتي مسلمانن کي نه رنجائيندا، ڇو ته کين خبر پئجي وئي آهي ته سندن اصل دشمن هندو آهي. حرن کيس خاطري ڏياري آهي ته مون سميت سڀني مسلم ليگين اڳواڻن جي زندگي محفوظ آهي. حرن کيس چيو آهي ته اڄ کان پوءِ رڳو انهن وزيرن کي ڏسي رهندا جن هنن کان پئسا وٺي سندن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي.“ انهن خاطرين جي بنياد تي سيد صاحب مون کي صلاح ڏني ته حرن کي معاف ڪيو وڃي ۽ آئنده سندن سرگرمين کي سياسي نظر سان ڏٺو وڃي.“ راشدي صاحب اهو به ٻڌايو ته حر مسئلي بابت ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيل ڊرافٽ بيان جي به جي ايم سيد صاحب مخالفت ڪئي ۽ ان مان پير پاڳاري بابت شامل ڪيل حصا ڪٽرايا. راشدي صاحب دعويٰ ڪئي ته جي ايم سيد صاحب جا پنهنجي عزيزن ۽ سندس ڳوٺ جي ويجهو سنڌو جي ڪپر جي رهندڙ کوسن مريدن ذريعي حرن سان ناتا آهن. راشديءَ صاحب ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ کيس جي ايم سيد صاحب جي اهڙي ذهني فتور جو تجربو رهيوآهي. ”اوهان سڀئي ڄاڻو ٿا ته جڏهن مان سکر وارن وڳوڙن جي سببن جي جاچ لاءِ جوڙيل ويسٽن ڪورٽ آف انڪوائري ۾ مسلمانن جو ڪيس وڙهي رهيو هيس ته منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اها وضاحت ڪرڻ هو ته آخر جي ايم سيد صاحب، مسٽر جمشيد مهتا ۽ عبدالصمد صاحب جهڙن اڻ ڌرين شاهدن جي موجودگيءَ ۾ اهو بيان ڇو ڏنو هو. ته هن منزل گاهه وارن وڳوڙن جي منصوبي هيٺ 0 0 2  کان مٿي هندن کي قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو هو.“

Progs مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي، 4 1  سيپٽمبر 2 4 9 1

10 L Mss. Eur. F. 208/60

*  پير پاڳاري جي کهڙي صاحب ڏانهن موڪليل خط جو سرڪاري ترجمو:

دوست مهربان، اميد گاهه درويشان جناب اعليٰ

محمد ايوب خان کهڙو سلامت

بعد سلامن جي، واضح هجي ته مون کي ملٽري ڪمانڊر محمد عليءَ جناح صاحب کي گهرائڻ لاءِ اجازت ڏني آهي. مون (آءٌ) اوهان جي شرافت کان واقف آهيان. اوهان پنهنجي شرافت تي هلي مون بيگناهه کي محمد علي جناح جي گهرائڻ ۾ مدد ڪيو. مان ان جي في هر طرح ادا ڪري سگهندس، جيڪڏهن مون کي ڪي سهوليتون ڏنيون ويون. مذهبي ۽ اخلاقي حوالي سان هن وقت اوهان کي منهنجي سڏ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هي اوهان جو فرض آهي.

زياده خير و سلام

صبغت الله شاهه

پير پاڳارو

*  ليمبرڪ، حر موومينٽ تي نوٽ، Mss. Eur. F. 208/16

2 2  آڪٽوبر 1 4 9 1 ع تي پنهنجي رام باغ روڊ ڪراچي واري ”مسلم وائس“ جي آفيس مان گورنر سر هيوج ڊائو ڏانهن لکيل علي محمد راشديءَ هڪ ڊگهي خط ۾ هن وڏي مهارت ۽ دليلن سان گاديءَ تي پنهنجي دعويٰ ڪئي، بعد ۾ هن گورنر صاحب ڏانهن موڪليل پنهنجي خطن ۾ گاديءَ تي پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي دعوائن بابت تيستائين لکندو رهيو جڏهن گورنر صاحب آخرڪار کيس چيو ته سندس دعويٰ قبول ڪري نه ٿي سگهجي. (راشدي جي گورنر صاحب ۽ ليمبرڪ صاحب سان ٿيل خط و ڪتابت)

10L, Mss, Eur. F. 125/99, Mss. Eur. F. 208/20

*  ڊائو صاحب ڪيس بابت لکيو: پير جو ڪيس جنهن نموني هلي رهيو آهي تنهن کان رچرڊسن مطمئن آهي. ڊائو صاحب پاران لنلٿگو ڏانهن 2 2  فيبروري 3 4 9 1 ع، Mss. Eur. F. 125/99

*  پير پاڳاري جي ڪيس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ راشديءَ صاحب ڪارگل ڏانهن لکيل خط ۾ پنهنجي اميدن جو هن ريت اظهار ڪيو ”مان اوهان جو ٿورائتو رهندس جيڪڏهن اوهان مون کي خطاب ڏيارڻ واري معاملي جي اسپيشل ڪيس طور ترت اُڪلاءَ ۾ مدد ڪندا. جيڪڏهن ان ۾ دير ڪئي ويئي ته ان جو ٻين معاملن تي وڏو اثر پوندو ۽ مان جنهن بدناميءَ کان بچڻ گهران ٿو اها ٿي ويندي. مان اهو ڄاڻڻ لاءِ اتاولو آهيان ته هز ايڪسيلينسيءَ ان معاملي ۾ جي. او. سيءَ کي ڇا لکيو آهي. خاص هن خصوصي طور تي منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي؟ مان اهائي ڳالهه ڄاڻڻ لاءِ بيچين آهيان ڇو ته ان سان مون کي خاطري ٿيندي ته هز ايڪسيلينسيءَ جيڪڏهن منهنجو نالو به ٻين نالن سان گڏ رکيو ويو ته پوءِ هر مرحلي تي دير ٿيندي ۽ ان معاملي جي جيڪا سگهه، انفراديت ۽ عزت آهي اها به ختم ٿي ويندي ..... اوهان مهرباني ڪري مون کي خطاب ڏيارڻ جي معاملي ۾ اهو ڌيان رکندا ته اهو خطاب منهنجي خدمتن، عوام ۾ منهنجي عزت ۽ بزرگي ۽ جيڪو مقصد سامهون آهي، تنهن جي شايان شان هجي. ائين نه ٿئي جو خطاب جي نالي ۾ مون سان ڪو مذاق ڪيو وڃي، ڇو ته مون سان پهريائين اهڙا گهڻا ڀوڳ ٿي چڪا آهن.“ راشديءَ صاحب جو ڪارگل ڏانهن خط تاريخ اڻ ڄاتل (فيبروري- مارچ 1943) Mss. Eur. F. 208/20

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org