سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-15

صفحو : 18

جنوري 1946 ع وارين چونڊن ۽ ان کان پوءِ ڪيبينيٽ مشن جي اچڻ کان پوءِ هندوستان سطح تي حالتون تيزيءَ سان ڪر موڙي رهيون هيون ۽ کهڙي صاحب کي عملي طور تي هر مهيني دهلي ۽ شملا وڃڻو پوي پيو. پر تنهن وقت ڪراچي ۽ دهلي وچ ۾ باقاعدگيءَ سان هوائي اڏامون موجود هيون جن ذريعي کهڙو صاحب دهلي جو بار بار سفر ڪري پئي سگهيو. 1946 ع ۽ 1947 ع دوران هندستان سرڪار جا اونهاري ۽ سياري وارن گادي جي شهرن ۾ سياسي، آئيني ۽ سماجي سرگرمين ۾ وڏي واڌ آيل هئي. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جا تڪڙا تڪڙا اجلاس ٿي رهيا هئا، جن لاءِ کهڙي صاحب کي ڪيترا هفتا دهليءَ ۾ رهڻو پوي پيو. تنهن کان پوءِ هندستان ۾ ٻن سو سالن کان پوءِ عبوري حڪومت جي صورت ۾ جيڪا پهرين هندستان جي قومي حڪومت جڙي هئي تنهن جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ٿي رهيون هيون. گڏوگڏ ڪافي اهڙا انتظامي معاملا به هيا جن جي سلسلي ۾ کهڙي صاحب کي وزير جي حيثيت ۾ شرڪت ڪرڻي پوي پئي. ساڳئي وقت هندستان جي سياسي قيادت جيڪا هندستان جي گاديءَ واري شهر ۾ اچي گڏ ٿي هئي انهن جي اٿ ويهه ۽ سماجي سرگرمين ۾ زبردست اتساهيندڙ ماحول پڻ موجود هو. سڀني کي ڄاڻ هئي ته هڪ نئين تاريخ مرتب ٿي رهي آهي ۽ سڀڪو برصغير جي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ ۾ پاڻ کي شريڪ ڪرڻ جو خواهشمند هو.

لارڊ ويول جي وڃڻ کان پوءِ مائونٽبيٽن گهراڻو دهليءَ ۾ آيو، جنهن جي سماجي اٿ ويهه ۾ ڀڀڪو ۽ نماءُ اڃان وڌيڪ هو. جنگ دوران سماجي ڪمن جي سرگرمين ۾ ليڊي مائونٽبيٽن پهريان به ڪراچيءَ اچي چڪي هئي ۽ جڏهن وائسراءِ جوڙو هندستان آيو ته اهو 9 1  مارچ 1947ع تي پهريان ڪراچيءَ ۾ لٿو. ماڙي پور جي نئين تعمير ٿيل هوائي اڏي تي گورنر صاحب ۽ وڏي وزير سان گڏ کهڙو صاحب به نئين وائسراءِ جي آجيان لاءِ موجود هو. کهڙي صاحب بعد ۾ اهي ياديون تازيون ڪندي ٻڌايو ته مائونٽبيٽن ۽ سندس زال کي ڪافيءَ جا ڪپ هٿن ۾ هيا ۽ انهن جي چهري تي سفر جي ٿڪ جو ڪو نانءُ نشان نه هو ۽ انهن هڪ ڪلاڪ تائين ساڻن ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. اُن موقعي تي ايڊوينا مائونٽبيٽن کي انتهائي سادو لباس پاتل هو ۽ هوءَ تمام شانائتي دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائي رهي هئي.

1946 ع جي اونهاري، سرءُ ۽ سياري 1947 ع جي بهار ۽ اونهاري ۾ کهڙو صاحب دهلي ۽ شملا وچ ۾ هوائي سفر ڪندو رهيو. سندس ملاقاتن ۽ مذاڪرات جي سخت شيڊول سان گڏوگڏ سياستدانن ۽ شهزادن جي گهرن ۾ چانهه پارٽين  ۽ رات جي مانيءَ جون دعوتون به شامل هيون. جيتوڻيڪ مسلم ليگي اڳواڻ حسين ۽ ڀڙڪيلين ميزبانين جي ڏس ۾ ڪانگريس وارن جو مقابلو ته نه پئي ڪري سگهيا پر تنهن هوندي به پيئري عيسيٰ سان گڏ شاپنگ ڪرڻ، نون گهراڻي يعني سر فيروز ۽ سندس نوجوان ۽ سهڻي يورپي زال وقار النساءِ وٽ رات جي ماني کائڻ ۽ روشن آرا ڪلب ۾ پارٽين تي وڃڻ جو پنهنجو مزو هو. سنڌ ۽ پنجاب جي شانائتن زميندارن ۽ بنگال ۽ يوپيءَ جي نوابن سان گڏ مسلم ليگ جون ڪجهه بي پرده خواتين به بيگم عزيز الرسول، زري سرفراز ۽ کلمک شائسته اڪرام الله به موجود هونديون هيون.

جيتوڻيڪ اهي سماجي سرگرميون دل کي وڻندڙ هيون، پر ان دور ۾ سياسي واقعا وري مايوسي ڏياريندڙ هئا. بنگال جي خونريزيءَ کان پوءِ برصغير ۾ هندستاني ميداني علائقا ڏينهون ڏينهن وڳوڙن جي گچڻ ۾ گپجي رهيا هئا. گانڌي ۽ لياقت علي خان پنهنجي بيانن ۾ گهرو ويڙهه جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. هندو ۽ مسلمان سياسي اڳواڻن ۾ هڪ ٻئي تي سرسي ماڻڻ جو مقابلو هلي رهيو هو ۽ تعاون ۽ سهڪار جي ڪا فضا ڪانه هئي. عبوري حڪومت ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان هرهڪ ڌڙو پنهنجي پنهنجي اڳواڻ کان هدايتون وٺي رهيو هو ۽ ڪامورا شاهي به انهن ڌڙن جي حمايت ۾ ورهائجي چڪي هئي ۽ هرهڪ ڌڙي پنهنجي پنهنجي اختيارن ۽ حڪومت جي حد مقرر ڪري ڇڏي هئي. هڪ پاسي ڪانگريس پنهنجي ضد ۽ هٺ تي قائم هئي ۽ مسلم ليگ جي نڪته نظر ۾ ڪا چڱي ڳالهه ڏسڻ کان انڪار ڪندي ان انتظار ۾ هئي ته مسلم ليگ ڪڏهن ٿي اچي گوڏا کوڙي ۽ جيڪو وڏو خطرو مٿان لامارا ڏيئي رهيو هو، هوءَ ان کان بي خبر هئي ته ٻئي پاسي جناح صاحب به رُسامي ۽ ڳالهين کان دوريءَ واري حڪمت عمليءَ تي عمل ڪري رهيو هو، جنهن جو اڳي ئي ماهر هو. اها ڳالهه پڌري پٽ هئي ته هندستان جي ان قيادت جي ڪوتاهه انديشي سبب ملڪ کي قربان ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، جيڪا ڪشاده دلي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڊگهي نظر سان سوچڻ واري صلاحيت کان محروم هئي، ڪانگريس جا اڳواڻ ”واڻڪي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي وڌ کان وڌ نفعي ڪمائڻ جي لالچ ۾ هئا.“ (70) ٻئي پاسي جناح صاحب جيڪو بيمار هو ۽ پنهنجا سڀ حربا آزمائي چڪو هو، اميد ۾ هئو ته حالتون تمام سازگار ٿي وڃن.

جڏهن لارڊ ويول صاحب مسلم ليگ تي زور ڀريو هو ته اها عبوري حڪومت ۾ شامل ٿئي، تڏهن ڪانگريس ان ڳالهه جي حق ۾ نه هئي ۽ کيس انديشو هو ته مسلم ليگي وزير ”ڪنگز پارٽي“ جوڙي ويهندا. وائسراءِ صاحب ۽ نهروءَ صاحب ٻنهي کي اميد هئي ته مسلم ليگ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ايندي ۽ آزاد هندستان جي لاءِ آئين جوڙڻ واري ڪم ۾ بهرو وٺندي ۽ ان 9 2  جولاءِ تي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيبينٽ مشن پلان کي رد ڪرڻ وارو جيڪو فيصلو ڪيو هو تنهن کي واپس وٺندي. جناح صاحب لاڳيتو اهو موقف رکندو پئي آيو ته ڪانگريس ڪيبينيٽ پلان جي بنيادي اصولن ۽ 16  مئي واري بيان ۾ ڪيل ان جي تشريح کي قبول ڪري. بدقسمتيءَ سان ايٽلي حڪومت ويول چواڻيءَ ”ڀاڙيائپ ۽ نا انصافيءَ“ جو  مظاهرو ڪندي ڪانگريس جي دٻاءَ آڏو گوڏا کوڙيا ۽ ڪانگريس جي ناراضگيءَ جي ڪري پنهنجي ڪيل تشريح تان هٿ کڻي ويئي. ويول صاحب جو خيال هو ته جيڪڏهن برطانيه سرڪار مڙسيءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي موقف تي اٽل ٿي بيهي ها ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سرچاءُ نه ٿيڻ تي پنهنجي مرضيءَ موجب عمل ڪرڻ جو دڙڪو ڏئي ها ته اها ٻنهي پارٽين کي ٺاهه تي راضي ڪري وجهي ها. هن جي خواهش هئي ته برطانيه سرڪار هندستان مان انگريزن جي واپسيءَ جي تاريخ جو اعلان ڪري، جنهن لاءِ هن اڳواٽ ئي جنوري 1948 ع کي تجويز ڪيو هو ۽ برصغير مان مرحلي وار واپسي شروع ڪري ۽ ضروري هجي ته صوبن کي پنهنجا معاملا پاڻ سنڀالڻ جا اختيار پڻ ڏيئي ڇڏي.

جنهن تيزيءَ سان پردي پويان منظر بدلجي رهيا هئا تن کي ڏسندي کهڙو صاحب ۽ سنڌ جا ٻيا اڳواڻ اهو يقين نه پئي ڪري سگهيا ته انگريز ڪو ايترو جلد وڃڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. سياسي پارٽيون ۽ انگريز سرڪار جنهن سنجيدگيءَ سان آئين تي بحث مباحثو ڪري رهيون هيون، تنهن مان اهو تاثر ملي رهيو هو ته ڌرين وچ ۾ سنجيدگي سان مذاڪرات ٿي رهيا آهن. کهڙو صاحب محسوس ڪري رهيو هو ته هڪ وسيع تر ٺاهه جو وقت اچي ويو آهي ۽ جناح صاحب ان لاءِ آهستي ۽ محتاط قدم کڻي رهيو آهي ڇو جو اڃان ڪافي وقت موجود آهي ۽ خود ٻيون پارٽيون مسلم ليگ تي زور بار وجهڻ ۽ سندس خوشامد ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته جيئن اها انهن شرطن هيٺ ٺاهه تي رضامند ٿئي، جيڪي مسلم انڊيا جي حق ۾ بهتر هجن.

موڊيءَ صاحب فيبروري 1947 ع ۾ هڪ برطانوي جرنيل ۽ هڪ سنڌي سياستدان وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ويول صاحب کي هيءَ رپورٽ موڪلي:

”ٻه هفتا کن اڳ ايئر بورن ڊويزن جي ڪمانڊر جنرل بوچر هڪ مسلمان سان گڏ ريل تي سفر ڪري رهيو هو ..... جيڪو منهنجي خيال ۾ جي ايم سيد صاحب هو ۽ هن انگريز جنرل کي هڪ ڊگهو ليڪچر ڏنو ته برطانيا مسلمانن سان بي وفائي ڪري ساڻن ڪيئن نا انصافي ڪري رهي آهي. اهڙن احساسن جا اشارا مون کي پنهنجي اتر سنڌ واري دوري دوران پڻ مليا. مسلمانن ۾ وڏي پيماني تي اها سوچ موجود آهي، جيتوڻيڪ ان جو اظهار اڃان نه ٿيو آهي ته کين کلي عام برطانيه جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته هو انگريز شهنشاهيت ۾ رهڻ گهرن ٿا. ان مسئلي تي ليگ ۾ تازو شامل ٿيل هڪ اڳوڻي ڪميونسٽ ۽ اڳوڻي ڪانگريسي اڳواڻ مون سان ويجهڙائي ۾ رابطو ڪيو آهي ۽ خليق ..... به جڏهن مهينو کن اڳي ڪنهن ڪم سانگي هتي آيل هو ته اهو به ان سلسلي ۾ مون سان اچي مليو.“(1 7 )

گورنر جي ذاتي سوچ ۽ ذهني رجحان ۽ ماڻهن ۾ حڪمرانن جي پٺڀرائي واري لاڙي کان الڳ ٿي ڏسجي، تڏهن به اها ڳالهه پڌري هئي ته عام ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ حيران ۽ پريشان هئا ته آخرڪار انگريز پنهنجو پاڻ حڪومت ڇو ٿا ڇڏي وڃن ڇو ته سندن حڪم ۽ اختيارن کي ته ڪجهه ”بابُن“ کي ڇڏي ڪري ٻئي ڪنهن به چيلينج نه ڪيو هو. سنڌي ماڻهن جي لاءِ اها صورتحال انتهائي غير معمولي نوعيت جي هئي.

ٻين شهرين سان گڏ کهڙي صاحب جو به خيال هو ته مسلم ليگ جي اولين ترجيح اها هجڻ کپي ته اها ڪانگريس کان وڌ ۾ وڌ رعايتون حاصل ڪري ۽ جيڪڏهن انگريزن اصول پسندي جو مظاهرو پئي ڪيو ته اها ڳالهه ممڪن به هئي. جيتوڻيڪ ڪرپس صاحب وغيره ڪانگريس جي حمايت ڪري رهيا هئا پر ويول بظاهر غير جانبدار هو. کهڙو صاحب ان ڳالهه جو ڀرپور حامي هو ته ڪجهه ”تحفظات“ رکندي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ شرڪت ڪئي وڃي ڇو ته کيس يقين هو ته ڊگهي عرصي جي لاءِ سوچ رکجي ته ناڪاري ۽ مخالفاڻي رويي جي ڀيٽ ۾ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه واري عمل کي هلائڻ وڌيڪ لاڀائتو هو، پرساڳئي وقت جناح جيڪو فيصلو ڪري پيو، هُو هن جي پٺڀرائي لاءِ تيار هو ڇو ته جناح ڳالهين ۽ مذاڪرات جو وڏو ماهر هو ۽ سندن مقصد پڻ ساڳيا هئا.

مسلم ليگ جا اڳواڻ سمجهي رهيا هئا ته پاڪستان جو مطالبو به وڌيڪ رعايتون وٺڻ لاءِ ڪانگريس جي حربن جو جواب آهي ۽ انهن مان ڪوبه باقي هندستان کان الڳ، پاڪستان جو سوچي نه رهيو هو، مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي رٿا تي ڪڏهن به تفصيل سان غور نه ڪيو ويو هو.  1940 ع واري لاهور ٺهراءَ جي وقت به اهو طئي ڪرڻ، ته پاڪستان مان مراد ڇا آهي؟ لاءِ ڪجهه خاص ڪميٽيون مقرر نه ڪيون ويون هيون ۽ خود 1947 ع ۾ به خواجه ناظم الدين کي اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته مسلم ليگ ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته پاڪستان جو مطلب ڇا آهي(2 7 ) ان مسئلي تي جڏهن به ڪنهن سنجيده بحث مباحثي جو موقعو آيو ته اعليٰ قيادت ان کي روڪي ٿي ورتو. جيئن کهڙي صاحب کي پاڻ به ان وقت تجربو ٿيو جڏهن هن لياقت علي خان جي ڪراچي واري دوري دوران ان معاملي تي بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي: ”لياقت جي موجودگيءَ ۾ کهڙي صاحب سوال اٿاريو ته جيڪڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان کي هلائڻ لاءِ ڪهڙين تجويزون آهن؟ هن (لياقت) رايو ڏنو ته جيتوڻيڪ هو عوام جي سامهون هندستان جي ورهاست واري مسلم ليگ جي مطالبي جي حمايت ڪندو آهي پر هو سمجهي ٿو ته ورهاڱو مسلمانن جي لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندو. هو نجي محفلن ۾ اهو اعتراف ڪندو هو ته پاڪستان وڌ ۾ وڌ سهولتون وٺڻ جي لاءِ هڪ حربو آهي.“(73)

عبوري حڪومت ۾ مسلم ليگ جي شامل ٿيڻ تي کهڙو صاحب خوش هو، هو ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهيو هو ته مسلم ليگ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ به وڃي ۽ جڏهن ان جي ابتڙ فيصلو ڪيو ويو ته کيس مايوسي ٿي(74) ۽ سندس خيال هو ته ٻين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان نه وڃائجي ته جيئن گڏجي ڪنهن قابل قبول ٺاهه ۽ سرچاءَ تي پهچي سگهجي. اهو سندس ڊگهي سياسي تجربي جو نچوڙ هو. 9 3 9 1 ع ۾ سکر جي وڳوڙن بعد ۾ مسلم ليگ جا اڳواڻ ”قومي پارٽي“ حڪومت جي نالي ۾ سنڌ اندر هڪ جٽادار ۽ انتهائي ڪارآمد حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، پر اها صورتحال مختلف هئي ۽ هاڻي هندستان جي افق تي جيڪا صورتحال درپيش هئي تنهن کي کهڙو صاحب ۽ سندس ساٿي ننڍي کنڊ جي پرئين ڪنڊ سنڌ مان خاموش تماشائي جي صورت ۾ ڏسي رهيا هئا.

نومبر 6 4 9 1 ع جي آخري هفتي ۾ جناح صاحب ڊگهي عرصي جي قيام لاءِ ڪراچيءَ آيو. تنهن وقت ڪراچيءَ ۾ وچٿري موسم هئي. سول انتظاميه عاليشان هئي ۽ آبهوا پڻ صاف هئي، جنهن ڪري ڪراچيءَ کي هندستان جي صحت افزا شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو ۽ جناح صاحب جيڪو بيمار ۽ ٿڪل هو اهو ڪجهه وقت آرام ڪرڻ گهري پيو ۽ سنڌ سڄي هندستان ۾ واحد صوبو هو جيڪو مڪمل طور مسلم ليگ جي حڪومت هيٺ هو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران پراڻو گورنر هائوس جناح صاحب جي حوالي ڪيو ويو جتي هو پارٽيءَ جي ماڻهن سان غير رسمي ملاقاتون ۽ حال احوال ڪندو هو. هو کهڙي صاحب جي گهر پڻ بار بار ايندو رهيو. خاص ڪري منجهند جي مانيءَ واري موقعي تي، هو تريل پمفريٽ مڇي ۽ ٽماٽر ساس يا وري سرمائي يا ليڊي فش جي فرمائش ڪندو هو. انهن ملاقاتن ۾ گفتگو جو مرڪز ننڍي کنڊ جي ايندڙ آزادي وارو موضوع هو ۽ تنهن وقت به سمجهيو پئي ويو ته ان جي اچڻ ۾ اڃا گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال کن لڳي ويندا. عبوري حڪومت ۽ مسلمان وزيرن جي حڪمت عملي جا معاملا به غور هيٺ ايندا هئا پر جناح 6 4 9 1 ع جي سياري تائين پاڪستان ٺهڻ جي سنجيده امڪانن کي بحث هيٺ نه آندو. مسلم ليگي اڳواڻن کي پڪ هئي ته ڪيبينيٽ مشن جي تجويزن ۽ 6 1  مئي جي بيان واري لائين تي آزاد هندستان جي باري ۾ ڪو حل ڳولي ڪڍيو ويندو.

ڪراچي کان جناح صاحب پهرين ڊسمبر تي وائسراءِ صاحب ۽ ٻين مندوبين سان گڏ برطانوي ڪابينه سان آئيني معاملن تي ويچار لاءِ لنڊن روانو ٿيو. اها گڏجاڻي 3  ڊسمبر کان 6 2  دسمبر تائين جاري رهي پر ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ جناح صاحب ٻه ٽي هفتا لنڊن ۾ رهڻ بعد 2 2  ڊسمبر تي واپس ڪراچي پهتو.

سنڌ ۾ 1946 ع وارين چونڊن کان پوءِ حالتون تيزيءَ سان بدلجڻ لڳيون. ويول صاحب جي جاءِ تي مائونٽبيٽن کي آندو ويو. ويول صبر ۽ تحمل جو پيڪر هو ۽ هن اهو تاثر ڏنو هو ته ڳالهين ۽ سوديبازي لاءِ اڃا ڪافي وقت آهي. هندستان مان انگريزن جي وڃڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو ۽ تيستائين ملڪ جي مستقبل بابت ڪونه ڪو سرچاءُ ٿي ويندو. حقيقت ۾ جناح صاحب پنهنجي حڪمت عمليءَ جو بنياد ئي ان ڳالهه تي رکيو هو ته اڃان ڪافي وقت موجود آهي پر اڳتي هلي ثابت ٿيو ته جناح صاحب ان معاملي کي سمجهڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي هئي. 6  جنوري 1947 ع تي آل انڊيا ڪانگريس مشن جي تجويزن کي قبولي ورتو ۽ گڏوگڏ اهو شرط به رکيو ته ڪنهن به صوبي کي گروپ ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو ۽ پنجاب ۾ سکن جي حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي. اهو پڻ شرط رکيو ويو ته ڪنهن به صوبي يا صوبي جي ڪنهن به حصي کي پنهنجي عوام جي خواهش موجب ڪوبه فيصلو ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ، جنهن جو اجلاس 1 3  جنوري تي ڪراچي ۾ ٿيو، تنهن پڌرو ڪيو ته ڪانگريس صوبائي گروپن جي مسئلي تي جيڪي شرط وڌا آهن تن کي قبولڻ 6 1  مئي 1946 ع واري بيان جي مقصدن کي ختم ڪرڻ برابر هوندو ۽ مسلم ليگ پنهنجي جولاءِ واري موقف تي قائم آهي ۽ اها ڪيبينيٽ مشن جي تجويزن کي رد ڪري ٿي. مسلم ليگ پاران اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ ڪيبينيٽ مشن جون رٿون هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويون.

برطانيه جي ليبر حڪومت جلد کان جلد هندوستان مان پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ گهري پيئي. 0 2  فيبروري 1947ع تي ايٽلي ويول جي جاءِ تي مائونٽ بيٽن کي مقرر ڪندي اهو اعلان ڪيو ته جون 1948ع ۾ انگريز هندستان مان نڪري ويندا. اهو هندوستاني پارٽين کي الٽيميٽم هو ته اهي ان وقت تائين پاڻ ۾ ڪو ٺاهه ڪري وٺن، ٻي صورت ۾ برطانيه ته حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار آهي:

”...... برطانيه حڪومت پنهنجا اختيار يا ته برٽش انڊيا لاءِ مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪندي يا ڪجهه علائقن ۾ اهي موجود صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيا ويندا يا وري ٻئي صورت ۾ ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ويندو جيڪو هندستاني عوام جي مفاد وٽان هوندو“.

انهيءَ اعلان جو اهم مقصد اهو هو ته هندستاني قيادت پنهنجو ڌيان ڪنهن آئيني حل جوڙڻ جي عمل ڏانهن مرڪوز رکي پر گڏوگڏ اهو پڻ ٻڌايو ويو هو ته جيڪي پارٽيون اهو محسوس ڪن ٿيون ته ڳالهين ۽ سوديبازي ۾ کين لاڀ نه ملي رهيو آهي، هاڻي انهن جي به پٺڀرائي ۽ واهر نه ڪئي ويندي. اها صورتحال مسلم ليگ لاءِ سٺو سنوڻ نه هئي. ڇو ته ان پارٽيءَ کي اها اميد هئي ته ڊگهين ۽ صبر آزما ڳالهين ذريعي اهاپنهنجا مطالبا مڃرائي وٺندي. انگريزن جي واپسيءَ جي حتمي ٽائيم ٽيبل سبب سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي. برطانيه سرڪار پير پوئتي هٽائڻ لاءِ آتي هئي ۽ وائسراءِ صاحب ۽ ڪانگريس اڳواڻ هڪ ٻئي سان خوشگوار ناتا ۽ سهڪار وڌائي رهيا هئا. ڪانگريس کي پنهنجي سوڀ چٽي پئي ڏسڻ ۾ آئي ۽ هن پنهنجي ارادن جو اعلان ڪري ڇڏيو. سندس اڳواڻن جا جيڪي بيان اچي رهيا هئا، انهن مان اهو ظاهر هو ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب۽ پنهنجي شرطن شروطن تي ورهاڱو چاهين ٿا ۽ مسلم ليگ جيڪي تحفظات گهري رهي هئي، هو اهي ڏيڻ کان انڪاري هئا ۽ پنجاب ۽بنگال جي ورهاڱي لاءِ تيار بيٺا هئا. آئين ساز اسيمبليءَ جي يونين پاورس ڪاميٽي وفاق جي ٽن گڏيل اختيارن جي تشريح اهڙيءَ ريت ڪئي جنهن مان صوبن جي خود مختياري جا ڄڻ سڀ رستا بند ٿي ويا. نهروءَ ۽ پٽيل وائسراءِ تي اهو واضح ڪيو ته ڪانگريس مرڪز ۾ ”پاڪستان“ کي برداشت نه ڪندي ڇو ته ان جو مطلب ان کي هڪ جيترا اختيار ڏيڻ هوندو، جناح صاحب ڀل اهو ڪمزور ۽ نٻل پاڪستان وٺي رمندو رهي. جناح صاحب هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ڳالهين جو سلسلو هلندو رهي ۽ مرڪز ۾ مسلم ”حلقن“ لاءِ خود مختياري ۽ اختيارين جون ڪجهه خاطريون حاصل ڪري وٺجن، پر ڪانگريس جي هوڏ ۽ ضد آڏو هن جي ڪا ڪوشش ڪامياب نه ٿي. جيڪڏهن انهن سڀني واقعن جو سنجيدگي ۽ تفصيل سان ويهي ڇيد ڪجي جن 4 1  ۽ 5 1  آگسٽ جي صورتحال تي اچي دنگ ڪيو ته اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته جيتوڻيڪ پٽيل صاحب، نهرو صاحب ۽ گانڌي صاحب سميت ڪانگريس جي قيادت هندوستان جي اتحاد لاءِ زباني ٻول ٻولي رهي هئي، پر عملي طريقي سان اها اهڙو ئي ورهاڱو گهري پئي جيڪو آخرڪار عمل ۾ آيو. غير جانبدار تاريخدانن کي عائشه جلال جي ان راءِ سان متفق ٿيڻو پوي ٿو ته ”اصل ۾ ڪانگريس ئي ورهاڱي تي اصرار ڪري رهي هئي. جڏهن ته جناح صاحب عليحدگيءَ جو مخالف هو.“

بدقسمتيءَ سان جنهن وائسراءِ کي مڪمل اختيار ڏيئي هندوستان موڪليو ويو هو اهو پختي ۽ سنجيده فڪر جي بدران سطحي سوچ جو مالڪ هو ۽ کيس هندوستان جي باري ۾ پڻ رڳي مٿاڇري ڄاڻ هئي. تاريخدانن اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته مائونٽ بيٽن جي اصل دلچسپي ان ڳالهه ۾ هئي ته بنان ڪنهن سوچ سمجهه جي، انگريزن جي جلد کان جلد ۽ ”ڪامياب“ واپسي ڪرائي، وڌ ۾ وڌ ذاتي تعريف ۽ تحسين حاصل ڪئي وڃي. هن کي ايتري سمجهه ضرور هئي ته پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ کيس ڪانگريس جي حمايت حاصل ڪرڻي پوندي ۽ هو اهو به ڄاڻي پيو ته مسلم ليگ جي پوزيشن ايترو ڪمزور آهي جو ضرورت پوڻ تي هو کيس آسانيءَ سان نظر انداز ڪري سگهي پيو. صوبن کي ڪا حقيقي خود مختياري ڏيڻ يا کين مختلف گروپن ۾ شامل ٿيڻ جي آزادي ڏيڻ بدران ڪانگريس ورهاڱي کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته ان سان پاڪستان کي گهٽ کان گهٽ سهولتون ۽ وسيلا ملي رهيا هئا. سندس خيال ۾ اهو ڪو حقيقي ورهاڱو نه هو پر رڳو مادر وطن جي ڪجهه غريب ۽ ڏتڙيل علائقن جو ڇڄي ڌار ٿيڻ، جيڪي ٿوري عرصي کان پوءِ شايد ڪجهه سالن اندر وري پنهنجي مادر وطن سان اچي ملڻا هئا.

هميشه جيان جناح صاحب جو مقصد اهو هو ته مرڪز ۾ مناسب اثر رسوخ حاصل ڪيو وڃي، شايد هو مسلم اڪثريتي صوبن لاءِ برابري جي بنياد تي اختيار وٺڻ گهري پيو. انهن صوبن جي اها ئي حيثيت برقرار رکڻي هئي جيڪا کين برٽش انڊيا ۾ حاصل هئي، جنهن هيٺ انهن ۾ هندو، سکن ۽ ٻين برادرين تي ٻڌل اقليتن جو مناسب حصو ۽ آبادي رهائش پذير هئي ۽ ان کان مختلف گروپن ۾ توازن به برقرار ٿي رهيو ۽ مسلمانن کي ڪافي حد تائين تحفظ به مهيا ٿي پئي سگهيو. ورهاڱي کان بچڻ لاءِ جيڪو ڪانگريس جي تنهن وقت واري رويي سبب اڻٽر بڻجي ويو هو، جناح مختلف حڪمت عملين کي آزمايو. هو ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو سهروردي کي سرت ڀوس جهڙن هندو اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي، جيئن بنگال کي متحد رکي سگهجي. مئي 1947 ع ۾ هن اهو به مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ورهاڱو ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ پاڪستان جي ٻنهي بازن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ هڪ ”راهداري“ به ڏني وڃي. ان مطالبي کي سنجيدگي سان وٺڻ ممڪن نه هو پر ان مان يقيني طور تي اهو اشارو ملي رهيو هو ته جناح صاحب ڳالهين ۽ مذاڪرات جي دروازن کي اڃان بند نه سمجهيو هو ۽ هن پنهنجا آپشن اڃان تائين کليل رکيا هئا.

پر مائونٽ بيٽن صاحب نهروءَ صاحب ۽ خود پٽيل صاحب سان جيڪي ڳجهيون ڳالهيون ڪري رهيو هو تن جي پيش نظر جناح صاحب جون اهي سڀ حڪمت عمليون اجايون ثابت ٿيون. نهرو صاحب انگريز سرڪار کي جيڪي تجويزون ڏيئي رهيو هو اهي سڀ سندس فائدي جون هيون ۽ جناح صاحب کي انهن تجويزن جي ڀُڻڪ به نه ڏني ويئي ۽ اهي تجويزون ايتري دير سان سندس سامهون آيون جو انهن تي سندس رايو وٺڻ جو وقت به نه رهيو هو. هندستان جي ورهاڱي ۽ انگريزن جي واپسيءَ جي منصوبي ٽين جون 1948 ع رٿا کي برطانيه حڪومت جي صلاح مشوري بعد واپس مائونٽ بيٽن صاحب ڏانهن موڪليو ويو ۽ هن 2  جون تي اهو ملڪي قيادت کي ڏيکاريو ۽ کين ٻڌايو ته اها رٿا ٻئي ڏينهن پڌري ڪئي ويندي. جناح صاحب چيو ته هو تيستائين ان تي رضامندي ظاهر نه ڪندو جيستائين هو ان تي مسلم ليگ ڪائونسل کان صلاح مشورا وٺي. مائونٽ بيٽن صاحب جناح صاحب کي گهربل وقت ڏيڻ کان نابري واري ۽ چيو ته هو مسلم ليگ پاران منظوريءَ جي ذميواري پاڻ کڻي، بعد ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن جناح صاحب کي ان ڏس ۾ ڪي اعتراض به هيا ته به هو انهن کي ظاهر نه پئي ڪري سگهيو ۽ جڏهن مائونٽ بيٽن صاحب هن ڏانهن منظوري وٺڻ لاءِ نهاريو ته هن هاڪار ۾ مٿو لوڏيو. اها مزاحمت نه ڪرڻ واري راهه وٺڻ کان پوءِ اڳتي هلي جيڪي قانوني نڪتا ۽ اعتراض آيا انهن جي مخالفت ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. مائونٽ بيٽن صاحب مسلم ليگ جي وڏي ڪمزوري ڳولي هٿ ڪئي ۽ هن ان کي بي رحمي سان استعمال ڪيو.

مائونٽ بيٽن صاحب اعلان ڪيو ته 5 1  آگسٽ 1947ع هندستان جي آزاديءَ جي تاريخ هوندي، پهريان جون 1948 ع جو جيڪو اعلان ڪيو ويو نئين تاريخ ان کان 9  مهينا پهريان پئي آئي ۽ جنهن تاريخ تي اهو اعلان ڪيو ان کان 9  هفتا پوءِ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻو هو. ان يقين نه اچڻ جهڙي مختصر مدي ۾ اختيار مڪمل نموني منتقل ٿيڻا هئا ۽ ٻه نيون رياستون وجود ۾ اچڻيون هيون، جن ۾ اثاثن ۽ فوج جي ورهاست ٿيڻي هئي، سرڪاري ملازمن کي ڪنهن به هڪ ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ جي رضامندي جو اظهار ڪرڻو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سڄي ساري انتظاميه کي بنان ڪنهن وسيلن جي نئين سري کان جوڙڻو هو. پاڪستان جي نئين رياست کي پنهنجي گاديءَ واري هنڌ کي ڳولڻو هو، نئين حڪومت جوڙي ڪم شروع ڪرڻو هو. ٻن وڏن صوبن پنجاب ۽ بنگال کي ورهاڱي جي عمل مان لنگهڻو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ تمام وڏي پيماني تي فرقيوار رتو ڇاڻ ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ جي عمل کي منظر عام تي اچڻو هو. نين رياستن کي اهو ڄاڻڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو ڪم شروع ڪرڻو هو ته سندس سرحدون ڪهڙيون آهن ۽ جيئن بعد ۾ ٿيو ته جڏهن ڪميشن جو ايوارڊ يا سرحدن بابت فيصلو اچي ويو ته پاڪستان کي اهو جيئن جو تيئن قبول ڪرڻو پيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ننڍي کنڊ جي اقليتن جي سلسلي ۾ ذميوارين نڀائڻ کان بدترين ڪن لاٽار ڪئي ويئي هئي.

سنڌ ۾ مسلم ليگي اڳواڻن کي 3  جون واري اهم اعلان کان اڳ اهو وهم گمان به نه هو ته ڪو اهڙي ريت پاڪستان ٺهي ويندو ۽ انهن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا وهي واپري رهيو آهي. 3  جون واري پلان تي رد عمل ماٺو رهيو. ايتري تائين جو سنڌ جا هندو به گهڻو پرجوش نظر نه پئي آيا. رياست جي ڪم ڪار بابت رسمي بحث مباحثا به ايستائين شروع نه ٿيا جيستائين جناح صاحب هدايت الله صاحب کي گهرائي کيس چيو ته ڪراچي نئين رياست جي عارضي گادي وارو هنڌ هوندو. هدايت الله صاحب هاڪار ڪئي ۽ اهو پڻ چيائين ته سنڌ حڪومت جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي. بعد ۾ گورنر صاحب کي ان غير عملي رٿ تي احتجاج ڪرڻو پيو:

”غلام حسين صاحب دهليءَ ۾ ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته پاڪستان جو عارضي گادي وارو شهر ڪراچيءَ کي بڻايو وڃي ۽ خبر ناهي هن ڪهڙن سببن جي ڪري هن اهو به چيو ته سنڌ حڪومت کي حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو وڃي جيڪو ڪم ناممڪن آهي ۽ ان جي غلام حسين صاحب کي به خبر هوندي ته اسان حيدرآباد ۾ ضلعي عملدارن کي مناسب رهائش فراهم ڪري نه ٿا سگهون. تنهن ڪري پاڪستان ۽ سنڌ ٻنهي جون گاديون ڪراچيءَ ۾ هجن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن فوج کان ملير ڇانوڻي خالي ڪرائي ويندي. گذريل رات مان ڪابينه جو اجلاس سڏايو هو ۽ سنڌ حڪومت جو موقف اهو رهندو ته ان ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ بنائڻ لاءِ جيڪو قول ڏنو آهي هو ان تي قائم رهندي ۽ ڪراچيءَ ۾ ملير کي به شامل ڪري ليکڻو پوندو ۽ سنڌ حڪومت جو ملير ڏانهن منتقل ٿيڻ ناممڪن آهي.

پاڪستان حڪومت آفيسرن کان سواءِ 0 0 0 4  ڪلارڪ به آڻڻ گهري ٿي. ڪراچيءَ مان 0 0 0 4  ڪلارڪن کي جيڪي گهڻي ڀاڱي هندو آهن، پنهنجي خاندان سميت ڪراچي جي گهرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي جاءِ تي 0 0 0 4  مسلمانن کي جيڪي گهڻي ڀاڱي پنجاب ۽ يوپي کان آيل هوندا رهائڻ وارو ڪم، هڪ مهيني جي مدي ۾ انتظامي طور تي ناممڪن آهي ۽ اهو ڪم رڳو جنگي بنيادن تي ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ائين  ڪيو به وڃي ته اها هڪ سياسي چريائپ ليکبي. تنهن ڪري جيستائين وزارت پنهنجي سوچ کي بدلائي، تيستائين اسان اڄ خاص مئنيجر ذريعي اهو پيغام موڪلي رهيا آهيون ته پاڪستان حڪومت کي ملير ۾ وڃڻو پوندو. جيتوڻيڪ اسان وفاقي وزارتن ۽ اهلڪارن جي اهڙن وڏن اٽالن کي ڪراچيءَ ۾ رهائش ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“

نئين انتظاميه جي جوڙجڪ ۾ ڪيترا مسئلا درپيش اچڻا هئا. موڊي صاحب جو خط انهن جي رڳو مٿاڇري جهلڪ پيو ڏيکاري. ڊيولپمينٽ ۽ پبلڪ ورڪس جي وزير طور ۽ 4 1  آگسٽ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير طور کهڙي صاحب کي يڪسوئي سان انهن مسئلن کي منهن ڏيڻو هو. 3  جون کان 4 1  آگسٽ وارن هفتن ۾ پاٻوهه، خوشي ۽ غير يقيني واري جيڪا فضا هئي اها سنڌ کي پناهگيرن جي تمام وڏي انگ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ نئين مرڪزي حڪومت جوڙڻ واري سخت ۽ محنت طلب ڪم سبب بدلجي چڪي هئي. پر کهڙي صاحب کي اهو ڪم ڏکيو نه پئي لڳو ڇو ته اهو کيس آزاديءَ ۽ چوٿائي صدي جي ڪيريئر جي عروج تي پهچڻ جو احساس ڏياري رهيو هو. کهڙي صاحب کي اهڙي خوشي تنهن ڏينهن محسوس ٿي هئي جنهن ڏينهن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي هئي پر هاڻي کيس اميد هئي ته هن ڀيري ڪابه غداري نه ٿيندي. کهڙو صاحب سمجهي رهيو هو ته پاڪستان جو سپنو پنهنجي ساڀيان تائين پهچي چڪو آهي ۽ کيس اهڙي ڪا توقع نه هئي ته اهو خواب ڊيڄڙي ۾ بدلجي ويندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org