سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-2

صفحو :2

باب ٻيون

 

سنڌي زميندار

محترم محمد ايوب کهڙو 1901ع ۾ 4 1  آگسٽ تي ڄائو هو. هو وڏيري شاهه محمد کهڙي صاحب جو وڏو پٽ هو. وڏيرو شاهه محمد، کهڙا قوم جو پڳدار ۽ اتر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ضلعن جو زميندار هو.

محترم محمد ايوب کهڙي جو خاندان، سماٽ نسل مان هو. سماٽ اصل ۾ انڊو ورسي راجپوتن جي يادو قبيلي جي هڪ شاخ، سمن راجپوتن مان آهن. ڏند ڪٿائن ۾ آهي ته سمون خاندان ڀڳوان ڪرشن عرف شاما ۽ سميءَ نالي هڪ عورت جو اولاد آهي.

کهڙا، سمن جي ابڙي پاڙي مان آهن ۽ پاڻ کي کُهرِ جي آڪهه سان ڳنڍين ٿا، جيڪو ٽن ڀائرن مان وڏو ڀاءُ هو، جنهن جا ٻيا ٻه ڀائر هڪ ٻئي پٺيان کهاوڙ ۽ ڇٽو هئا، جن جي پٺيان به سندن اولاد کهاوڙ ۽ ڇٽو ذاتين سان سڏائي ٿو.*

کهڙا شريف جي مخدومن وٽ ڪجهه ارڙهين صديءَ جا قلمي ڪتاب موجود آهن، جن ۾ کهڙن جي حسب نسب متعلق مواد موجود آهي. انهيءَ مواد مطابق کهڙا اصل ۾ امر، جيڪو ابوالحڪم سڏيو ويندو هو، تنهن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جو اصل ۾ حضرت محمدﷺ جن جي خاندان جو فرد هو، جنهن کي ابوجهل نالي سان سڃاتو ويندو آهي. اصل ۾ کهڙا ابوجهل جي پوٽي سمون جو اولاد آهن، جيڪو حضرت علي ڪرم الله وجه جي خلافت جي زماني ۾ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. امام حسين جي شهادت کان پوءِ سمون مدينة المنوره کي ڇڏي شام طرف هليو ويو ۽ اتي وڃي مروان اُميه خاندان جي حڪمران جي نوڪري اختيار ڪيائين، جيئن ته سمون تمام هوشيار ۽ ذهين ماڻهو هو ۽ مروان تمام عقلمند هو، تنهن ڪري جلد سمون سندس پسنديده شخصيت بڻجي ويو. وليد بن مالڪ جي وقت ۾ هو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ کي فتح ڪرڻ آيو ۽ اِتي ئي شهيد ٿيو.

سمي جا چار پٽ هئا: انڙ، پنهور، لاڙڪ ۽ کهڙو. انهيءَ حساب سان سندس آخري پٽ جو اولاد کهڙا سڏجڻ ۾ آيو. کهڙن جو قبيلو کهڙا شهر آباد ڪرڻ کان پوءِ جيڪو خيرپور جي گمبٽ تعلقي ۾ آهي، سنڌوندي جي کاٻي ڪناري تي آباد ٿي ويا. سترهين صديءَ ۾ کهڙن جو شهر تمام سرسبز ۽ آباد شهر هو. 2 6 0 1 - 1 4 0 1  هه سن جي وچ ۾ کهڙن جا مخدوم خليفي معتصم باالله جي وقت ۾ بغداد کان هجرت ڪري هتي اچي آباد ٿيا ۽ اڄ تائين اتي ئي آباد آهن.

محترم محمد ايوب جو والد، کهڙن جي قبيلي جو پڳدار يا وڏو هو. ان خاندان اهڙي هنڌ تي پنهنجو ڳوٺ عاقل آباد ڪيو، جنهن جي هڪ پاسي درياءَ جو ڦاٽ، الهندو درياهه وهندو هو ۽ ٻئي پاسي مشهور گهاڙ واهه هو. عاقلائي کهڙا وچٿرا زميندار، محنتي ۽ آسودا هوندا هئا. بهرحال اهي کهڙا زميندار، اشراف ۽ انصاف پرور هئا ۽ اتر سنڌ ۾ ان وقت موجود جنگين ۽ جهيڙن جي عام عادتن کان پاسيرا رهندا هئا. هو ڪچي ۽ پڪي ۾ زمينون آباد ڪندا هئا، ڪلهوڙن جي وقت ۾ توڙي پوءِ ٽالپرن جي دور ۾ کهڙن جي پڳدارن جو چڱو مرتبو رهيو ۽ کين وقت بوقت حيدرآباد درٻار ۾ سلامي ڀرڻ لاءِ طلب ڪيو ويندو هو. ان طرح ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏيرو جان محمد ۽ ٽالپر دور ۾ وڏيرو دوست محمد اڪثر ڪري حيدرآباد ڏانهن ويندا هئا. ان ڊگهي سفر کان اڳ پنهنجي تياري ڪندا هئا ۽ الوداع ڪري وڃي پنهنجي دريائي ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا هئا. جن کي جهمٽيون به چئبو هو. اهي مسافريون سياري جو ٿينديون هيون، جڏهن ٻوڏيون لهي وينديون هيون ۽ فصلن جا لابارا به لهي ويندا هئا ته ڏوڪڙ پئسو به جهجهو ٿي پوندو هو ۽ ميرن لاءِ مناسب سوکڙيون کڻي وڃڻ جي لائق ٿي سگهبو هو. اهو سفر ٿورن هفتن جو هو، تنهن ڪري اميد هوندي هئي ته وڏيرو درياءَ جي ايندڙ  سال جي چاڙهه کان گهڻو ڪري اڳ واپس پهچي ويندو هو. وڏيرو درٻار ۾ ڪجهه وقت ترسندو هو ۽ ميرن کي حال احوال يا حالتن بابت معلومات پيش ڪندو هو ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪي دلچسپ ڳالهيون به ٻڌائيندو هو. ان موقعي تي انعام طور کيس ڪا لونگي يا اعزازي پوشاڪ ۽ ڪڏهن تلوار ملندي هيس ۽ ان بعد جيترو جلد ٿي سگهندو هوس اوترو جلد پنهنجي ڳوٺ موٽندو هو.

ٽالپر دور ۾ چانڊڪا پرڳڻو (لاڙڪاڻو) نواب ولي محمد لغاريءَ جي گورنريءَ هيٺ هو. هو هڪ عام مشهور ۽ قابل منتظم هو، جيڪو سنڌ پيدا ڪيو. سندس دور ۾ لاڙڪاڻي گهڻي آسودگي ماڻي ۽ اهو نتيجو نواب صاحب جي ورتل اپائن جو هو. بيشڪ بئراج کان اڳ وارن وقتن ۾ سموريءَ سنڌ ۾ اهو علائقو سڀ کان وڌيڪ سکيو ستابو ۽ اپتائتو زرعي حصو هو.2

انگريز حڪومت جي اچڻ ۽ نيپيئر جي اوائلي انتظامن کان هڪدم پوءِ عاقل ۾ چوريءَ جو هڪ واقعو ٿيو. چور کي بر وقت جهليو ويو ۽ نئين اعلان ڪيل قانون مطابق ڳوٺ جي چڱي مڙس پاران چور کي ويجهي ۾ ويجهي شهر لاڙڪاڻي جي پوليس حوالي ڪرڻو هو. اهي ڳوٺاڻا جن تي ان چور کي لاڙڪاڻي پوليس حوالي ڪرڻ لاءِ ڪم سونپيل هو، تن رستي ۾ ان شخص کي ماريو ڪٽيو تان جو چور سندن ئي قبضي ۾ هو ته واٽ تي مري پيو. ان غلط ڪم تي اختياري وارن ڳوٺ جي راڄ جي چڱي مڙس محمد ايوب کهڙي کي جوابدار بڻايو ۽ وڏيري محمد ايوب کي گرفتار ڪيو. پوءِ ان کي ڊسٽرڪٽ جيل جيڪو تنهن وقت شڪارپور ۾ هو، تنهن ۾ قيد رکيو. اتي هو ڪيترائي مهينا مقدمي هلائڻ جي انتظار ۾ پيو رهيو. پر جيئن ته هن لاءِ جيل ۾ پوڻ ئي بي عزتي هئي ۽ ٻيو ته جيل جون حالتون هن لاءِ ناسازگار هيون، تنهن ڪري کهڙو صاحب بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪري ويو.

هن جي بيماريءَ وقت سندس وڏو پٽ محترم شاهه محمد جيڪو اڃان ٻارهن تيرهن سالن جو ننڍو ٻار هو، شڪارپور ۾ اچي ترسيو ته جيئن پنهنجي والد جي ويجهو هُجي. جنهن ڪري شڪارپور ۾ رهائش اختيار ڪرڻ ۽ پوليس ۽ جيل اختيارين کي رشوتون ڏيڻ ۾ چڱو خاصو خرچ ٿي ويو، جيئن ته محترم محمد ايوب کهڙو پنهنجي خاندان توڙي املاڪ جي سار سنڀال لاءِ اڪيلو مرد هو، سو ٻاهر رهڻ ڪري ۽ زمينداري کان ڪجهه وقت مڪمل طور دور ٿي وڃڻ ڪري، خاندان کي لاچاري سبب ڏوڪڙ پئسو قرض وٺڻو پيو. محمد ايوب کهڙي جي وفات سبب سندس جوان زال ۽ پٽن کي ويجهن مائٽن جي مدد کان سواءِ سخت مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هو قرض جي ڪوٽن هيٺ دٻجي ويا.

محترم محمد ايوب کهڙي جي گهر واري ايمڻا، هڪ تمام همت واري ڏاهي زال هئي. هن ڏٺو ته خاندان جو آئيندو توڙي مان مرتبو مٿس ئي مدار پيو رکي، تنهن ڪري هن پنهنجي وسيلن ۽ هوش ۽ حواس کي سنڀالي اهو طئي ڪيائين ته حالتن کي چڱيءَ طرح منهن ڏيندي. خوش قسمتيءَ سان ايمڻا ۾ ايترو حوصلو ۽ گڻ هئا جن جي آڌار تي هن پنهنجي خاندان لاءِ اهو ڪم سرانجام ڏنو. هن جي دور ۾ جڏهن ته عورتون زمينداريءَ جي ڪم ڪار کان پري هونديون هيون، تڏهن به هن صورتحال تي سوچ ويچار ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ته خاندان کي تباهه ڪندڙ مسئلن مان ضرور ڪاميابيءَ سان ٻاهر ڪڍڻو آهي.

هن مقامي واڻئي کي (جيڪو وياج تي قرض ڏيندو هو) سڏايو ۽ پردي جي پٺيان ويهي ساڻن ڏيتي ليتي ۽ قرض جي باري ۾ ڳالهايائين. هن باقاعدي پنهنجي زيورات کي گروي رکيو ۽ قرض کڻي پاڻ وٽ پئسو هٿ ڪيائين. ان طرح زمينداريءَ جي ننڍي وڏي ڪم کي سنڀالڻ لڳي. هن پنهنجي پٽ کي ڪم لاءِ همٿايو ۽ ڪمدارن جي ذري پرزي ڪم تي ڪرڙي نظر رکڻ سان گڏ ڪم بابت کين حڪم احڪام به ڏيندي هئي. هارين کي ٻج لاءِ پئسا ڏيندي هئي ۽ ڍل ڏيڻ جي وقت لاءِ گهربل رقمون هٿ ۾ موجود رکندي هئي. جڏهن ته حال اهو هوندو هو جو سندس دور جا اڪثر خانداني زميندار ڍل جي نون قانونن جي سختيءَ ڪري مورڳو ئي نابود ٿي ويا. هن نه رڳو زمينن کي بچائڻ ۽ پنهنجي قرضن ادا ڪرڻ جو بندو بست ڪيو، پر پنهنجي پٽن کي به همت ڏيارڻ  سان املاڪ ۾ اڃان اضافو آندائين. پٽن کي چوندي هئي ته سرڪار کان زمين مقاطعي تي حاصل ڪريو ته جيئن اتي آبادي ڪئي وڃي ۽ موقعي اچڻ تي اها خريد ئي ڪري وٺجي! هن پنهنجو خرچ پکو تمام خبرداريءَ سان هلايو ۽ پنهنجي ٻارن کي قناعت ۽ محنت ڪرڻ لاءِ ذهن نشين ڪرايائين، جيڪي اڳتي هلي لاڙڪاڻي جي اتهاس ۾ افسانوي حيثيت اختيار ڪرڻ وارا هئا. توڙي جو سخت پردي ۾ رهندي هئي پر پوءِ به پنهجي زمينن ۽ راڄ تي دٻدٻي سان ضابطو رکيائين. هوءَ پنهنجي سر فيصلا ڪندي هئي. (جن ۾ جهيڙي جو نبيرو، صلح ڪرائڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ شامل هو)

پنهنجي عمر جي آخري گهڙيءَ تائين هن اهو عمل جاري رکيو. سال ۾ هڪ ڀيرو ڍڳي گاڏيءَ يا ڇڪڙي ۾ ٻاهران پردي سان ۽ اندر غاليچن ۽ طول وهاڻن تي ويهي سڄي راڄ جو دورو ڪندي هئي. پاڻ سان ڪڻڪ ۽ کنڊ جون ڳوڻيون کڻائيندي هئي ۽ سال جي دوران ۾ جن وٽ جيڪي موت ٿيا هوندا هئا يا جن جا (وهانءَ) شاديون ٿيا يا ختُنه يا طوهر ٿيا، تن سڀن وٽ ويندي هئي. جن جو قضيو ٿيو تن سان عذر خواهي ڪندي هئي، جن وٽ خوشيون ٿيون تن کي مبارڪباد ڏيندي هئي. ان طرح ريت رواج موجب ڪڻڪ ۽ کنڊ جو مقدار انهن کي ڏيندي ويندي هئي.

پاڻ جڏهن وفات ڪيائين تڏهن سندس پٽ شاهه محمد کهڙو صاحب ۽ جان محمد کهڙو صاحب ضلعي جي وڏن زميندارن مان ليکبا هئا ۽ جڏهن ته شاهه محمد پنهنجو سڄو ڌيان زمينداري کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ تي پئي ڏنو ۽ جان محمد سماجي ۽ سياسي طور ضلعي ۾ اهم جاءِ والارڻ لڳو. هو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر بڻيو، جيڪي لارڊ رپن جي سڌارن تحت 5 8 - 4 8 8 1 ع جي وچ ڌاري وجود ۾ آيا. انهن سڌارن ذريعي هندستان جي ماڻهن لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويو ته هو سياسي نمائنده حيثيت ۾ ڪم ڪري سگهن. جنهن جي ڪري انهيءَ دور ۾ هندستاني ماڻهن کي فقط ايتري ئي نمائندگي يا نيم سياسي حيثيت ملي پئي سگهي. وڏيرو جان محمد پنهنجي آخري حياتيءَ تائين اها ميمبر شپ ماڻيندو آيو ۽ نيٺ پنهنجي ڀائٽي محترم محمد ايوب کهڙي جي حمايت ۾ ئي ان سيٽ تان دست بردار ٿيو.

محترم محمد ايوب، وڏيري شاهه محمد کي 1 0 9 1 ع ۾ تڏهن ڄائو، جڏهن هو پنجاهه ورهين کان مٿي عمر جو هو ۽ جيڪا عمر تنهن وقت گهڻي وڏي ليکي ويندي هئي. توڙي جو هن کي ٽي وڌيڪ پٽ ٿيا. جن جا نالا محمد نواز، محمد مراد ۽ علي گوهر هئا، ۽ ڪيتريون نياڻيون به هيون پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس پهريون ڄاول پٽ بهرحال کيس گهڻو پيارو هو. هن کي شادي شده زندگيءَ جي چاليهه ورهين تائين رڳو نياڻيون ڄايون هيون. ڪوبه پٽ نه ڄائو هو، اها ڳالهه به غير رواجي آهي ته هڪ مسلمان زميندار هوندي به کيس رڳو  هڪ زال هئي. هو  پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻي زال نه پرڻيو، پر تنهن هوندي به بزرگن ۽ مرشدن وٽ وڃي دعائون گهرائيندو هو ۽ فقيرن درويشن جي صحبت ۾ راتيون جاڳي ڌڻيءَ در پٽ جي اولاد لاءِ دعا پيو گهرندو هو. فقيرن هن کي واعدو ڏنو هو ته کيس هڪ پٽ ٿيندو، جيڪو خاندان جو نانءُ روشن ڪندو ۽ پنهنجي غريب ماڻهن لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏيندو. اتفاق سان اهو واعدو پورو ٿيو ۽ هن کي 1 0 9 1 ع جي اونهاري ۾ هڪ پٽ ڄائو. وڏيرو شاهه محمد جيستائين به جيئرو رهيو، تيستائين بزرگن ۽ فقيرن ڏانهن پيو پنڌ ڪندو هو ۽ پٽ کي به باقاعدي انهن وٽ وٺي ويندو هو. هو هميشه خيال رکندو هو ته نيڪ ماڻهن کي ناراض نه ڪجي، هميشه کين راضي رکجي. هو هن ڳالهه جو به خاص خيال رکندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ نيڪ فقير سندس ڳوٺ ۾ دائمي برڪت طور رهڻ کپي. محترم محمد ايوب جڏهن 2 1  سالن جو هو، تڏهن عاقل ڳوٺ جي ٻاهران اهڙو فقير، فقير شهاب الدين هوندو هو، جيڪو ننڍڙي ڀونگيءَ ۾ رهندو هو. جيڪو گهڻو  وقت منههَ تي ويٺو هوندو هو. ماڻهو کيس کاڌو ڏيئي ويندا هئا، جيڪو جهوپڙيءَ ٻاهران رکيل ڪُنيءَ ۾ رکي ويندا هئا. هر ڪا خيرات انهيءَ  ٿانوَ ۾ وجهبي هئي. توڙي جو چانور هجن يا مهريءَ جي دال،  ٻاڪرو گوشت يا مڇي، ڪير به هن کي کائيندي ڪونه ڏسندو هو، پر انومان اهو  آهي ته هو کائيندو هو، رات جو هو جاڳي عبادت ڪندو هو ۽ محترم محمد ايوب پيءُ سان گڏجي وٽس ويندو هو. هن وٽ ويهي هن جو ڏاڍو ادب ڪندا هئا. فقير ڪڏهن ڪڏهن منههَ تان هيٺ لهي اچي هنن سان ويهندو هو. هڪ ڀيري فقير شاهه محمد کهڙي صاحب سان ناراض ٿي پيو ته ڳوٺ کي پاراتو ڏيندي چيائين ”باهه لڳيس، باهه لڳيس“ ۽ يقين ڪيو وڃي ته ڳوٺ کي واقعي باهه لڳي وئي ۽ ڏاڍي تباهي آئي.

فقيرن بزرگن ۽ نيڪ ماڻهن جي ادب ڪرڻ ۽ انهن جي مڃوتي ڪرڻ جو سلسلو هن خاندان ۾ هلندو رهيو ۽ سختيءَ سان ان عقيدي تي اعتقاد ڪيو ويندو هو ته فقيرن جي نه هئڻ ڪري الله سائينءَ جي رحمت کان محروم رهجي ٿو وڃجي.

محترم محمد ايوب کي شروعاتي تعليم سندس ڳوٺ ۾ ڏياري وئي. هن جي سنڌي چئن درجن پاس ڪرڻ کان پوءِ پاسي واري دودا ڳوٺ جي هڪ ماستر کي هن لاءِ انگريزي ۽ فارسي سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن جي 2 1  سالن جي عمر تي پهچڻ وقت چاچنهس خيال ڪيو ته لاڙڪاڻي جي ڪنهن اسڪول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ هو هاڻي لائق ٿي ويو آهي. لاڙڪاڻا مدرسو اسڪول 1 0 9 1  ۽ 2 0 9 1 ع کان قائم ٿي چڪو هو. اهو اسڪول ڪليڪٽر ائبٽ جي اپاءُ سان قائم ٿيو هو. ڇو ته هن صاحب جو اهو پڪو ارادو هو ته زميندارن جي اولاد لاءِ جديد تعليم ضروري آهي. تنهن کانئن چندا وٺي تيار ڪرايو ۽ اهو سنڌ ۾ بهترين اسڪولن مان هڪ هو. پنهنجي وقت ۾ ائبٽ صاحب ۽ انهيءَ کان پوءِ ايندڙ هر هڪ ڪليڪٽر زميندارن کي پنهنجو اولاد انهيءَ اسڪول ۾ پڙهائڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ هڪ طريقو اختيار ڪيو، جنهن مطابق هو وٽن ايندڙ هر ملاقاتي زميندارن کان اهو پڇندا هئا ته گهڻا ٻار اٿس ۽ ڪيتري عمر جا آهن، گهڻو ڪري سڀ زميندار هر ٻئين ٽئين مهيني ته لازمي ڪليڪٽر سان ملاقات لاءِ ايندا هئا. تڏهن سندس اڳيان ٻارن جي تعليم جو مسئلو کڻندا هئا ۽ پوءِ زميندارن کي چوندا هئا ته پنهنجي پٽن کي لاڙڪاڻي مدرسي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جيڪڏهن ڪو داخل ڪرائڻ کان ڪيٻائيندو هو ته ڪليڪٽر ڀڃڪڙي ڪندڙ اهڙي زميندار لاءِ ڪليڪٽر جي درٻار ۾ مليل ڪرسيءَ جي رعايت ختم ڪرڻ جو حڪم صادر ڪندو هو ۽ ملاقات تي بندش پوندي هئي. قدرتي طرح زميندار ان صورتحال تي دٻجي ويندو هو ۽ جلدي جلدي ۾ پنهنجا پٽ مدرسي ۾ پڙهائڻ لاءِ راضي ٿي ويندو هو.

جڏهن محترم محمد ايوب کهڙو اسڪول ۾ هو تڏهن زميندارن جي ٻارن جي زوريءَ داخلائن جا ڪيترائي واقعا پئي ٿيا. تان جو خيرپور ميرس جيتري پري مفاصلي کان به زميندارن پنهنجا پٽ لاڙڪاڻي مدرسي ۾ داخل ڪرايا. لاڙڪاڻي مدرسي ۽ اسڪول جي معاملن جي ڀليءَ ڀت سنڀال ڪرڻ لاءِ باقاعدي هڪ اسڪول بورڊ قائم ڪيل هو، جنهن ۾ مکيه زميندار ۽ سرڪاري عملدار ميمبر هئا ۽ چيئرمين لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هوندو هيو، جيڪو ان وقت هڪ آءِ - سي - ايس عملدار ڊبليو هڊسن هو. اسڪول بورڊ جي ميمبرن ۾ سر شاهنواز ڀٽو به شامل هو جيڪو ڀٽن جي وڏي برادريءَ جو چيف ته نه هو،  پر مشهور ۽ اثر رسوخ وارو زميندار هو. مدرسي بورڊ جو ٻيو به هڪ ناليوارو مڪاني ميمبر سرائي شاهه محمد لاهوري هو، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جو وڏو زميندار هو. مدرسي ۾ اعليٰ لياقت وارو عملو خدمت سرانجام ڏيندو هو. پاڻ ارپڻ وارا ماستر هوندا هئا. هيڊ ماستر شڪارپور وارو قاضي جان محمد هو، جيڪو محمد ايوب جي داخلا کان جلد ئي پوءِ رٽائر ٿيو ۽ هن جي جاءِ تي لاهور کان چوڌري عبدالغني مقرر ٿيو. هو به هڪ بي مثال استاد هو ۽ مدرسي کي جيڪي قابليت وارا هيڊ ماستر مليا تن مان هو هڪڙو ليکجي ٿو. ٻين استادن ۾ نيڪ محمد جيڪو انگريزي پڙهائيندو هو، سبحان علي شاهه سکر وارو رياضي سيکاريندو هو، غلام سرور قادري سنڌي استاد هو، نواز علي جعفري تواريخ ۽ جاگرافيءَ جو انچارج هو. اهي هڙئي سٺا ۽ پاڻ ارپيندڙ استاد هئا.

محترم محمد ايوب سنڌ مدرسي ۾ ٿرڊ اسٽينڊرڊ ۾ شامل ٿيو. پنهنجي ڪلاس ۾ سڀ کان گهٽ عمر جو شاگرد هو. سندس اسڪول جي دور وارا دوست هئا: خان صاحب ڪيهر جيڪو ڀر واري ڳوٺ جو هو  ۽ سردار واحد بخش ڀٽو - هي هڪ ڪلاس کانئس مٿي هئا ۽ عمر بن محمد دائود پوٽو جيڪو بعد ۾ عربي ۽ فارسي ۾ دنيا جو مشهور عالم بڻيو ۽ هڪ جڳ مشهور تعليم دان پڻ. دائود پوٽو صاحب مدرسي اسڪول ۾ داخلا لاءِ سڌو سنئون  پنهنجي ڳوٺان آيو، جتي مڪاني استادن ۽ تعليمي آفيسرن هن جي ذهانت کي تسليم ڪيو هو ۽ انهن ئي دائود پوٽي لاءِ لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ”فري بورڊنگ شپ“ حاصل ڪرڻ جو اڳواٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو. دائود پوٽو هڪ غريب ڪٽنب جو ٻار هو ۽ اهو سڀ ان وقت جي تعليمي سرشتي جو ڪمال هو جو هن جي قابليت کي تسليم ڪيو ويو ۽ کيس پنهنجي محنت جو ڦل حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. دائود پوٽو هڪ هاريءَ جو پهريون پٽ هو، جيڪو لاڙڪاڻي جي مدرسه اسڪول ۾ داخل ٿيو هو نه ته هيل تائين اهو اسڪول ڄڻ ته زمينداري ٻارن جي لاءِ غير معمولي طرح جي رياست جي حيثيت رکندڙ هو. دائود پوٽو پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ مدرسي ۾ اچڻ جو احوال اجهو هيئن لکي ٿو:

”ته آءٌ ٿلهي بافتي جي ڪپڙي جي قميص پاتل هوس، نيري رنگ ڏنل سلوار هئم ۽ ان جي پاچن تي ڀرت ڀريل هو، اڇو پٽڪو ٻڌل هوم. ڳوٺ جي موچيءَ جا ٺاهيل گهيتلا پيرن ۾ هئا ۽ گهر ۾ ٺاهيل پٺاڻڪي نموني جي واسڪوٽي هئم. پنهنجي مٿي تي ٽين جي ٽرئنڪ رکي دائود پوٽو اچي اسڪول ۾ رسيو ته هڪدم اعليٰ ڊريس پهريل زميندارن جي وڏائي خور پٽن اڳيان چٿر جو نشانو ٿيو. مگر اها مذاق مسخري زياده هلي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻي ٻار پاڻ کي اسڪول جي ٻين سمورن ڇوڪرن کان تمام وڌيڪ هوشيار ثابت ڪري ڇڏيو.“ (دائود پوٽو جي ڪيترن ئي ماڻهن مدد به ڪئي هئي، جن ۾ محترم شاهه محمد کهڙي جو نالو به هن اهڙي فهرست ۾ ڄاڻايو آهي)

ننڍڙي محترم محمد ايوب، هوشيار شاگرد دائود پوٽي جي موجودگيءَ مان فائدو ورتو ۽ هن کان فارسي ۽ عربي سکيو. ننڍي لاءِ ٻنهي ۾ جيڪا دوستي شروع ٿي سا سندن سڄي عمر لاءِ هلندي رهي ۽ دائود پوٽي صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ جو ذڪر به ڏاڍو گرم جوشيءَ سان ڪيو آهي.

دائود پوٽو عربيءَ جو هڪ برک عالم ٿي ويو، هن ڪئمبرج ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي جنهن سلسلي ۾ ان وقت بمبئي جي قانون ساز ڪائونسل جي ميمبر هئڻ سبب کهڙي صاحب سندس اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ جوڳي مدد ڪئي هئي.

محترم جان محمد جو خيال هو ته پراڻي دنيا پنهنجي نه ڦرندڙ گهرندڙ اصول سميت هاڻي ختم پئي ٿئي ۽ هن دور ۾ وجود برقرار رکڻ جو واحد رستو تعليم حاصل ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهيو ٿي. خاص طور انگريزي ڳالهائي سگهڻ تمام ضروري ٿي پيو هو ته جيئن انگريز سرڪار سان لهه وچڙ ۾ آساني رهي. هن ان ڪري ڪوشش ڪري پنهنجي ڀاءُ کي راضي ڪيو ته پنهنجي پٽ کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ موڪلي. جتي ساڳئي وقت گڏوگڏ فارسيءَ جي روايتي تعليم به پڙهائي وڃي پئي، جيڪا پڙهڻ ان وقت عام رواج ۾ هئي.

پهريائين کهڙي صاحب کي اسڪول جي هاسٽل ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي جي شاگردي زندگيءَ وارو روزمرهه جو احوال اجهو هيئن لکيو اٿس:

”مدرسي ۾ روزمرهه جو ماحول مڙيوئي سخت هو ۽ انتظام رکڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو. صبح جو سوير فجر جي نماز لاءِ اٿاريو ويندو هو. جيڪڏهن فجر جي نماز نه پڙهي وئي ته نيرن به نه ملندي هئي. اسڪول مان پڙهي ايندا هئاسون، جنهن کان اڳ نماز پڙهي پوءِ منجهند جي ماني کائيندا هئاسون. شام جي وقت لاءِ اسان راند ۽ اڀياس لاءِ تمام خبرداري سان وقت مقرر ڪري ڇڏيا هئا. فٽبال راند ڪرڻ وقت مٿان نظرداري رکي ويندي هئي، پر وڏن ڇوڪرن لاءِ ٽينس راند به هئي.“

وڏيرو شاهه محمد جيڪو پنهنجي پٽ کي اسڪول موڪلڻ جي لاءِ ئي تيار نه هو، تنهن کي وري هاسٽل ۾ رهائڻ ڏکيو مرحلو هو. ڇو جو هن چاهيو ته سندس پٽ پنهنجي اکين آڏو رهي. اهو هنڌ البت اسڪول کي و ساهر ويجهو هجي، تنهن ڪري ڇوڪري کي خاندان جي اوطاق تي آندو ويو، جتان اسڪول لاءِ ٿورو پنڌ ڪرڻو ٿي پيو. رستي تي سٽي ڪورٽ جي احاطي وٽان لنگهڻو هوندو هوس. اتي هو روزانو ڪورٽ جي بيلفن جون رڙيون ٻڌندو هو. فلاڻن ۽ فلاڻن جون زمينون قرض جي بدلي يڪ طرفو ضبط ڪيون ويون. ڪورٽن جي ٻاهرين درين وٽ ۽ آس پاس اِن وقت صفا اڻ پڙهيل هارين ۽ کاتيدارن يا ننڍن زميندارن جا ميڙ ڏسبا هئا. اهي پنهنجي زمينن جي ضبطيءَ کي روڪائڻ ۾ بلڪل بيوس نظر ايندا هئا. ان ريت سندن زندگي ۽ آئندو برباد پئي ٿيا، جن کي بچائڻ کان هو بنهه لاچار هئا.

جيڪو به وقت محترم محمد ايوب لاڙڪاڻي مدرسي ۾ گذاريو، اهو دور سندس لاءِ نهايت خوشيءَ وارو دور هو. جو هن تاحيات خان صاحب غلام رسول ڪيهر سان دوستي ڳنڍي ۽ ڦل خاندان سان به اتي دوستي ٿيس ۽ تنهن سميت ٻيا به ڪيترائي  همعصر جيڪي سندس زميندار، سياستدان ۽ مدبر هئڻ واري ساري زندگيءَ جي رفتار ۾ شامل رهيا، سي اصل ۾ لاڙڪاڻي جي شاگردي واري دور ۾ ئي سندس دوست ٿيا هئا. هي اهو ئي وقت هو جڏهن پاڻ چوٿون درجو انگريزي اتي پڙهندو هو ۽ تڏهن هو پهريون ڀيرو شاهنواز ڀٽي سان به مليو. جتان پوءِ هوبه سندس ڪڏهن سٺو دوست ته ڪڏهن کهڙي خاندان جو سياسي حريف رهيو. ڀٽو مشهور زميندار خاندان جي هڪ ننڍي شاخ جو ميمبر هو. توڙي سندس خاندان جي ٻين ميمبرن جي ڀيٽ ۾ زمين گهٽ هيس ته انگريزي ٻولي جي ٿوري گهڻيءَ ڄاڻ سبب ضلعي اندر کيس چڱي اهميت پئي رهي ۽ انگريزي عملدارن سان لهه وچڙ سان ڏاهپ واري نموني هن پنهنجو اثر رسوخ ايترو  وڌايو جو کيس بمبئي سرڪار ۾ وڃڻ جو موقعو مهيا ٿيو. ڀٽو بورڊ آف دي گورنرس آف دي اسڪول جو ميمبر به هو ۽ اهو رواج به هو، ته ڪڏهن ميمبر اچي اسڪول جو معائنو به ڪندا هئا ۽ ڪن ڪلاسن جو اورل (زباني) امتحان به وٺندا هئا. اهڙي طرح جڏهن هڪ موقعي تي ڀٽو صاحب سندس ڪلاس ۾ آيو هو، تڏهن کهڙي صاحب سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران هن کان واقف ٿي خوش ٿيو. هن کان وڏن جو حال پڇيائين، سندس والد ۽ چاچي لاءِ سلام ڏنائينس ۽ ڪلاس ۾ کيس سڀ کان گهڻيون مارڪون ڏئي پاس ڪيائين. بعد واري دور ۾ کهڙو هميشه ياد ڪري ائين چوندو هو ته حالتون ڪهڙيون به مشڪل هجن پر شاهنواز ڀٽي ڪڏهن به پنهنجي منهن تي رنج ۽ ناراضگيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ نه ڏنا ۽ ساڻس هميشه چڱو ورتاءُ رکيائين. گهڻو ڪري دنيا جي ڪاروبار بابت ته صلاح ڏيڻ جو فائدو پهچائيندو هو.

ان وقت لاڙڪاڻي وارو مدرسو ميٽرڪ جي امتحان لاءِ شاگرد موڪلڻ لاءِ تسليم نه ٿيل هو. تنهن ڪري پويان ٻه سال محترم محمد ايوب کي سنڌ مدرسه ڪراچيءَ وڃڻو پيو. اهو مدرسو 5 8 8 1 ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي ڪوششن سان قائم ٿيو هو، ته جيئن مسلمانن کي پنهنجا ٻار اتي نئين تعليم انگريزي پڙهائڻ جي لاءِ سهولت ڪري ڏجي. اهو اسڪول پنهنجي رهائشي عمارتن ۽ شاندار چئو ڪُنڊياري بناوٽ ۾ پراڻي دور جي مسلم يونيورسٽين جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽين جي طرز تي ٺهيل آهي ۽ سنڌ صوبي ۾ هن اداري  تعليم جي ڏس ۾ نهايت شاندار ڪارناما ڪيا آهن. محمد علي جناح به هتي پڙهيو ۽ 7 8 8 1 ع ۾ هتي داخلا ورتي هئائين ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اتي پڙهيا آهن، جن سنڌ جي نئين دور ۾ مکيه ڪم ڪيا. جن مان کهڙي صاحب جو سهرو محمد پريل پنهور به هن اسڪول جو پهريون مئٽرڪ پاس ڪندڙ شاگرد هو.

کهڙي صاحب 0 2 9 1 ع ۾ ميٽرڪ جو  امتحان آنرس سان پاس ڪيو ۽ پوءِ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج (ڊي- جي- سنڌ ڪاليج) ۾ داخل ٿيو. اهو ڪاليج سنڌ ۾ تمام مکيه تعليمي ادارو  ليکبو هو، پر بهرحال کهڙي صاحب جو والد بدستور هن جي وڌيڪ تعليم لاءِ راضي نه هو. هو چوندو هو ته مسلم ٻار لاءِ انگريزي جي ايتري تعليم ۽ ٻين لاديني شعبن پڙهڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي ۽ ان تعليم سان پاڻ ٻار جو حوصلو خراب ٿيندو ۽ مزاج بگڙندو ۽ خاص ڳالهه ته اها جو هڪ زميندار جي ٻار کي اها تعليم بگاڙي ڇڏيندي، جنهن جو اصلي فرض ئي زمينداري سنڀالڻ آهي. پر وري به سندس ننڍي ڀاءُ جان محمد صاحب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محترم محمد ايوب کي تعليم جاري رکڻ کپي ۽ زمين سنڀالڻ جو وقت اڃان پوءِ ايندو. ان وقت ڊي - جي سنڌ ڪاليج جو پرنسيپل هڪ اهڙو فولادي شخصيت وارو نهايت قابل انسان ايس- سي- شاهاڻي هو جنهن جهڙو پرنسيپل ان ڪاليج کي وري ڪو  ورلي نصيب ٿيو هوندو. هو خود هڪ زميندار هو ۽ بعد ۾ جڏهن وري وائسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو تڏهن هو سياستدان به بڻجي ويو. هيءُ ئي هو جنهن اهو نظريو پيش ڪيو ته سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ سکر بئراج جي تعمير وقت سنڌ ۾ پنهنجن مڪاني انجنيئرن جي جيڪا ضرورت پوندي تنهن لاءِ اڳواٽ ئي سنڌ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج جو وجود ضروري آهي، پوءِ سندس ئي ڪوششن سان اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج 2 2 9 1 ع ۾ برپا ٿيو. 6 2 9 1 ع ۾ ڪراچي ۾ لا ڪاليج جو باني به اهو ئي هو، تنهن ڪري ان ڪاليج جو نالو ئي ايس سي شاهاڻي ڪاليج رکيو ويو هو. هو صاحب کهڙي صاحب کي هڪ اڻ لڀ شخصيت محسوس ڪندي منجهس گهڻي دلچسپي وٺندو هو. ڇو ته هن ڏٺو ته هڪ مسلمان زميندار جو پٽ ڪيئن نيٺ ڪاليج سطح تائين پهتو ۽ سڀن کان اعليٰ اهليت جو شاگرد به ثابت ٿيو هو. کهڙي صاحب جي ڪلاس ۾ اسي شاگردن مان رڳو ست شاگرد مسلمان هئا. کهڙي صاحب کي ميٺارام هاسٽل ۾ ڪاليج جي سامهون بهترين روم ڏنو ويو هيو. جتي باورچيءَ سميت هو پنهنجا نوڪر چاڪر رکي پئي سگهيو. هو شاهاڻيءَ جي گهر به عام جام اچي وڃي سگهندو هو، جيڪو خود به ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هو.

اهو ڊي جي ڪاليج ئي هو جتي کهڙي صاحب جي واقفيت ڊاڪٽر هوتچد مولچند گربخشاڻيءَ سان ٿي، جيڪو سنڌي ۽ فارسي جو تمام وڏو عالم هو ۽ ان وقت سڀ کان صحيح ڪيل شاهه جو رسالو تيار ڪيائين. ڊاڪٽر تنهن وقت ڪاليج ۾ فارسيءَ جو پروفيسر هو. ڊاڪٽر صاحب کهڙي صاحب جو حياتيءَ تائين دوست بڻجي ويو ۽ جيستائين جيئرو هو، تيستائين سندس گهاٽو دوست رهيو.

شاهاڻي صاحب رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ کهڙو هائوس ڀرسان پٽيل پارڪ جي ئي پاسي ۾ رهندو هو. تڏهن جيڪڏهن کهڙو صاحب ڪراچيءَ ۾  هوندو هو ته روزانو هن سان ملڻ لاءِ ايندو هو. هو صاحب شام جو پٽيل پارڪ اورانگهي ٻه ٽي ڪلاڪ  کهڙي صاحب سان ويهي سياست ۽ سنڌي، فارسي شاعريءَ تي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو. بدقسمتيءَ سان کهڙي صاحب جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جون اميدون  پوريون نه ٿيون، جو ڊي - جي ڪاليج ۾ داخلا جي هڪ سال کان پوءِ ئي سندس والد ٿوريءَ بيماري کان پوءِ 1 2 9 1 ع ۾ گذاري ويو، جنهن ڪري هن کي واپس گهر پهچي والد صاحب جي ڇڏيل ڪم ڪار کي منهن ڏيڻو پيو.

وڏيرو جان محمد اڃان حيات هو پر گهڻو پوڙهو ٿي ويو هو ۽ حالتون اهڙيون هيون جو محمد ايوب کهڙي کي زمينداري ڪم سنڀالڻ بنا ٻيو ڪو چارو ڪونه سُجهيو. چاچي جي مدد سان اهي معاملا ته هنن جلدئي طئي ڪري ڇڏيا. کهڙي صاحب کي انگن اکرن سان به هڪ خاص نسبت هئي. ڪمدارن وٽان ڪهڙا به منجهيل حساب ڪتاب وٽس آندا ويندا هئا، پر انهن کي هو چپٽي وڄائڻ سان سمجهي ويندو هو ۽ پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ انهن حسابن ڪتابن جي باري ۾ ڪنهن ٿورڙي فرق کي به ڳولي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو هو ۽ حساب صاف ڪرڻ کان سواءِ اهو وسوسو ختم نه ٿيندو هوس. توڙي هو سياسي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ ڊگهين مدتن لاءِ ٻنين جي ڪم کان پري رهندو هو، پر ته به ڪمدار ۽ ڪاراوا کانئس ڪو حساب ڪتاب لڪائي رکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا هئا. هو پنهنجي اصلي زمينن کي چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو ۽ انهن جي آباد ڪندڙ هارين کي به سڃاڻندو هيو. صبح جو سوير گهوڙي تي سوار ٿي عاقل بند تي پهچندو هو ۽ هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرو ٻيڙيءَ رستي ڪچي مان لنگهندو هو، جتي ٻوڏ کان پوءِ آباد ٿيل ڀلا فصل ڏسندو هو. ننڍپڻ ۾ اها عادت کيس پيءَ ۽ چاچي سان ائين گڏجي گهمڻ جي ڪري پيل هئي. ان بعد ڪي عملدار جيڪي فصلن جي معائني لاءِ ايندا هئا، تن سان به ان ريت اتي چڪر ڏيندو هو. اهڙن آفيسرن بابت کهڙو صاحب لکي ٿو ته ”انگريز ضلعي عملدار پنهنجي فرض ادائگيءَ ۾ تمام خدا ترس ۽ ايماندار هوندا هئا. مون کي اسڪولي زماني جو هڪ انگريز اسسٽنٽ ڪليڪٽر ياد ٿو اچي، جيڪو گهوڙي تي سوار ٿي ٻنين جي پڙتال تي ايندو هو. بابو مون کي ساڻس موڪليندو هو. ۽ آءٌ ڏسندو هوس ته ٻنين ۽ واهن جي پوري پوري چڪاس ڪندو هو.“

کهڙو صاحب عوامي معاملن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندو هو ۽ هر وقت ان کي وقت ۽ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار هوندو هو. هو ان وقت جي مسئلن کان اڳ ئي واقف هو ۽ انهيءَ وقت جي اهم سياستدانن سان به سڃاڻپ ۽ دوستي هيس. هو اڳ ۾ خلافت تحريڪ دوران ڪن عظيم ليڊرن کي ڏسي چڪو هو ۽ ڪن سان مليو به هو، نيٺ هو سياست جي دنيا ڏانهن ڇڪجي ويو. هن محسوس ڪيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جتي گهڻي قدر رڳو غريب مسڪين مسلمان ئي رهن ٿا رڳو اتي ئي مسئلا حل نه ٿيندا. ٻهراڙين يا ڳوٺن بدران انهن مشڪلاتن جو اصل حل شهري دنيا وٽ آهي، جتي قانون جُڙن ٿا ۽ پاليسيون ٺهن ٿيون. جن جي نتيجي ۾ سر زمين سنڌ تي بيوس آبادگارن لاءِ بيحد گهڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا.

ان طرح نه رڳو کهڙو صاحب پاليسي ساز ادارن ڏانهن زوردار نموني ڇڪجي ويو، پر سندس تربيت جيڪا سندس چاچي جي زير سايه ٿي هئي تنهن مان اها اميد هئي ته هو سياسي دنيا ۾ ضرور شامل ٿيندو. خوش قسمتيءَ سان محترم محمد ايوب جي ننڍي ڀاءُ محمد نواز ۾ روايتي زميندار بڻجڻ جون سڀ صلاحيتون ۽ نشانيون ڏسڻ ۾ آيون، تنهن ڪري اهو طئي ڪيو ويو ته زمينداري ڪم ان جي حوالي ڪيو وڃي ۽ وڏو ڀاءُ رڳو وقت بوقت انهن معاملن جي نگهباني ڪندو.

 

----------


 


*  چون ٿا ته ٻيو ڀاءُ کهاوڙ، ڪچي ۾ وڃي رهيو ۽ سندس پونير اڃان اتي موجود واهن ذريعي پوک هيٺ آيل ڪچي واري پکيڙ ۾ آباد آهن. ڇٽو ڪجهه وڌيڪ اولهه ڏي لهي ويو ۽ سندس پونير کيرٿر جبلن جي قطار جي دامن ۾ ڏسجن ٿا ۽ اڃان ڪي گهڻو لس ٻيلي ۾ رهن ٿا.

2  - لاڙڪاڻي يا چانڊڪا ۾ نواب ولي محمد پنهنجي دور جو آخري حاڪم هو. هُو لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو ۽ پهرين هن کي تجرباغ يا ”قبي واري باغ“ جي ٻاهران هڪ باغ ۾ دفن ڪيو ويو هو. ان باغ جو نالو هاڻي ڦيرائي جناح باغ رکيو ويو آهي ۽ اڄڪلهه اهو به لاڙڪاڻي شهر جي وچ ۾ اچي ويو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org