سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-10

صفحو : 10

باب ڏهون

 

مسجد منزل گاهه

 

سنڌوءَ جي ڪپ تي سکر ۾ اڪبر بادشاهه جي دور ۾ ٺهيل ڪجهه عمارتون اڄ به موجود آهن جيڪي منزل گاهه جي نالي سان منسوب آهن. اهي عمارتون هڪ سراءِ ۽ هڪ مسجد تي ٻڌل آهن. جيڪي ڄاڻ موجب اڪبر شاهيءَ دوران سنڌ جي گورنر سيد معصوم شاهه جوڙايون هيون. اُهي ٻه گنبذي عمارتون ساڌ ٻيلي واري ٻيٽ جي سامهون واري سنڌوءَ جي ڪناري تي اڏيل هيون. انهن مان هڪ عمارت ڪجهه وڏسري ۽ وڌيڪ چٽن گلن واري آهي ۽ 1589 ع جو سن لکيل اٿس. انهن مان هڪ عمارت جيڪا گنبذن واري هئي تنهن کي مسجد ڪري چيو ويندو هو ۽ ڊگهي عرصي کان ان مقصد واسطي مسلمانن جي استعمال هيٺ پڻ هئي. اوڻهويهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ جي فتح مهل اهي عمارتون انگريزن پنهنجي قبضي ۾ ڪيون ۽ ننڍي کنڊ تي انگريز جي قبضي کان پوءِ ٻين مقبرن ۽ عمارتن جيان ان کي به پنهنجي سکر ۾ مقرر فوجي ۽ سياسي عملدارن جي رهائش لاءِ استعمال ڪيائون. رچرڊ برٽن، جنهن پنهنجي نوڪريءَ جا شروعاتي سال سنڌ ۾ گذاريا. سندس لکتن مطابق انگريزن انهن گنبذن ۾ دريون جوڙيون ۽ انهن جاين جي ٻاهران مٽي ۽ گاري سان ورانڊا جوڙي انهن کي فوجن جي رهڻ لاءِ بنگلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.(1 )

عمارت جي هڪ ابتدائي مڪينن مان هڪ اي بي ايسٽ وِڪ هو، جيڪو 1839 ع ۾ چوويهن سالن جي ڄمار ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ آيو هيو ۽ سکر ۾ متعين سياسي آفيسر بڻيو. هو اڍائي سال هت رهيو ۽ تڏهوڪي سنڌ بابت هڪ انتهائي دلچسپ ڪتاب ”پراڻي مصر جا نوان ورق Dry leaves of young egypt)  لکيائين.

فارسي ڄاڻيندڙ ايسٽ وڪ  چڱي موچاري تحقيق ڪئي ۽ ان علائقي ۾ موجود مزارن ۽ تاريخي عمارتن تي ٿيل تحريرون نوٽ ڪيائين. اهي عمارتون آفيسرن طرفان خالي ٿيڻ کان پوءِ سرڪاري ڪنٽرول ۾ رهيون. بهرحال عمارت جي تحفظ يا مرمت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. سرڪاري رپورٽ هڪ مثال ڄاڻائي ٿي ته هڪ ڀيري اهي عمارتون هڪ واڻئي کي مسواڙ تي ڏنيون ويون، جنهن انهن کي گاسليٽ جي گودام طور استعمال ڪيو.(2 )

سکر جي مسلمانن جي ڪيتري عرصي کان گهر پئي رهي ته مسجد ۽ سراءِ سندن آباديءَ کي واپس ڪيون وڃن ۽ اهي انهن جي اصل مقصد لاءِ استعمال ڪيون وڃن. اها گهُر ڪو 1920 ع کان وقت بوقت ٿي رهي هئي. بهرحال ان تي همدرداڻو غور ان ڪري نه پئي ٿيو جو انهن جي سگهاري هندو آباديءَ طرفان مخالفت ٿيڻ جا امڪان هئا. ڇاڪاڻ ته اهي عمارتون ڪجهه سال اڳ درياءَ جي ٻيٽ ساڌ ٻيلي تي هندن جي جوڙايل مندرن جي بلڪل سامهون هيون. اهو ٻيٽ سندن اهم تيرٿ ياترا بڻجي چڪو هو. هندو آبادي عددي ۽ مالياتي لحاظ کان سکر ۾ انتهائي با اثر هئي ۽ ميونسپالٽيءَ تي پڻ ڌاڪو هئس. ان آباديءَ جي خيالن کان انتظاميا ڀليءَ ڀت واقف هئي جنهن 1930 ع واري ڏهاڪي جي ڇڪتاڻ ڀرئي ماحول ۾ وڌيڪ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ نه ٿي چاهيو.

پهرين مهاڀاري لڙائي وارن سالن کان پوءِ هندستان جو فرقيوار ماحول خلافت ۽ اڻ سهڪاري تحريڪ واري عرصي کان پوءِ انتهائي ڇڪتاڻ وارو هو. ان دوران شُڌي تحريڪ زورن تي هئي، جنهن ۾ مسلمانن ۽ ٻين غير هندن کي هندو بڻايو ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه مسلمان تنظيمن خاص طور تي پنجاب ۾ ان جو اهڙو ئي جواب ٿي ڏنو. اها ڇڪتاڻ سنڌ ڏانهن 0 2 9 1 ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن دوران منتقل ٿي ۽ 28 - 1929 ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ 1930 ع ۾ سکر ۾ اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا. ٽيهه واري ڏهاڪي دوران ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ هندو مهاسڀا سميت سياسي پارٽين انهيءَ فرقيوار ڇڪتاڻ تي ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو.

سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري جدوجهد جي آخري ۽ فيصلي ڪُن مرحلي دوران 30 - 1929 ع ۾ سائمن ڪميشن جاچ کان پوءِ سکر جي مسلمانن تحريڪي اڳواڻن کان ان تي چٽو موقف اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته مسجد منزل گاهه سنڌ حڪومت طرفان سندن حوالي ڪئي ويندي. جڏهن 1937 ع ۾ غلام حسين هدايت الله خود مختيار سنڌ جي پهرين حڪومت جوڙي ته سکر جي مسلمانن اهو مطالبو سندس آڏو رکيو، پر هن کين حرفتي انداز ۾ اها خاطري ڪرائيندي ته هو جلد کان جلد ان مامري جو نبيرو ڪندو، هُن انهيءَ معاملي کي اڻڄاڻايل مدي تائين ٽاري ڇڏيو. انتهائي تجربيڪار ۽ تيز ذهِن هدايت الله ڄاتو ٿي ته اهو مطالبو پورو ڪرڻ جي هندو پڪ سان مخالفت ڪندا، جيڪي سکر جي شهري آباديءَ جي اڪثريت ۾ هئا ۽ اهو ته مسجد جي بحالي فرقن وچ ۾ انتهائي حساس مسئلا پيدا ڪندي، جنهن کي نه رڳو حڪومت لاءِ منهن ڏيڻ ڏکيو ٿيندو پر خود سندس حڪومت پڻ لوڏن ۾ اچي سگهي ٿي. هدايت الله صاحب جي قدمن کان اڻواقف سکر جا مسلمان مسجد وارين عمارتن لاءِ پنهنجو دٻاءُ وجهندا رهيا. 1938 ع واري مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ پڻ اها گهر پيش ڪئي وئي (3 ) ۽ بحاليءَ جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

1939 ع جي شروعات ۾ مسلم ليگ جي سکر ضلعي واري شاخ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري پنهنجي صوبائي قيادت کي اهو مامرو پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ کهڙي صاحب کان سکر جا مسلمان اڳواڻ ڀليءَ ڀت واقف هئا. جو هُن 1930ع ۾ ضلعي اندر ٿيل وڳوڙن دوران ۽ انهن کان پوءِ سندن مناسب واهر ڪئي هئي. سکر جي مسلمانن جو کهڙي صاحب تي اعتماد ۽ اعتبار هو ۽ ان پتوڙ لاءِ سندس مستقل مزاجيءَ کان واقف هئا. مسلم حقن جي مقامي چيمپيئن ”سنڌ زميندار“ اخبار سندس ڪنٽرول هيٺ هئي ۽ حڪومتي دٻاءَ کي برداشت ڪرڻ وارو سندس حوصلو عالم آشڪار هو. پنهنجي ليکي کهڙي صاحب به محسوس ٿي ڪيو ته منزل گاهه جي بحالي نه رڳو مناسب ٿيندي پر اهو اهڙو مقصد ٿي پيو سگهي، جنهن پويان سنڌ جي مسلمانن کي ميڙي مٺ ڪرڻ به ممڪن هو. هن اهو مامرو پارٽيءَ آڏو آڻڻ ۽ ان جي حل لاءِ جوڳي حمايت حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ان عرصي ۾ کهڙو صاحب وقت بوقت دهليءَ جا دورا ڪري رهيو هو، جتي نه رڳو مسلم ليگ تنظيم سان لاڳاپيل معاملن ۽ پيدا ٿيندڙ مونجهارن بابت مسلم ليگ هاءِ ڪمان سان ڳالهيون ٿي ڪيائين پر خيرپور رياست ۾ زميندارن جي حقن جي ڏس ۾ پڻ رڌل ٿي رهيو.(5 ) 9 مارچ تي کهڙو صاحب اهڙن ئي دورن مان هڪ ۾ هو مسجد منزل گاهه جو مسئلو کڻڻ واسطي دهليءَ اسهيو. 16  مارچ تي هو واپس وريو ۽ ايندڙ ڏينهن 17  مارچ تي مسلم ليگ جي پارليامانيءَ پارٽيءَ جو هڪ اجلاس (6 ) ڪراچيءَ ۾ پٽيل پارڪ سامهون کهڙي صاحب جي گهر تي ٿيو. اسيمبليءَ ۾ کڄندڙ سوالن سان گڏوگڏ منزل گاهه واري مسئلي تي پڻ ويچاريو ويو. کهڙي صاحب کي اپريل جي ٻئي هفتي دوران دهليءَ جو هڪ وڌيڪ تڪڙو دورو ڪرڻو پيو ۽ واپسيءَ تي هن 1 1  اپريل تي صوبائي مسلم ليگ جي صدر هارون صاحب کي 3 2  اپريل تي صوبائي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ لکيو. ان گڏجاڻيءَ ۽ جون جولاءِ وارن گرميءَ جي ايندڙ مهينن ۾ ٿيندڙ ٻن اجلاسن ۾ ورڪنگ ڪميٽي اهو ويچاريندي ته ان جي پاران ڪن لاٽار صوبي ۾ تنظيم جي حيثيت کي ڇيهو رسائي سگهي ٿي، سکر شاخ جي گهر جي حمايت جو فيصلو ڪيو ته هارون صاحب ۽ کهڙي صاحب جي سربراهيءَ ۾ حڪومت سان ڳالهين واسطي هڪ وفد جوڙيو ويو.

سومري صاحب وڏو وزير ٿيڻ مهل نه رڳو هدايت الله صاحب جي هڪ پاسي ڪيل منزل گاهه واري ڏڦيڙ کي نئين سر ڇيڙيو پر جمعيت العلماءِ سنڌ، (جيڪا جمعيت العلماءِ هند کان اتساهيل ۽ انهيءَ طرز تي منظم ٿيل هئي ۽ قوم پرست لاڙي ۽ ڪانگريس پروگرام سان انتهائي همدردي رکندڙ هئي. پهرين مهاڀاري لڙائي دوران جمعيت العلماءِ سنڌ جي قيادت پير جهنڊي واري مذهبي مڪتب فڪر ۽ هندستان ۾ برطانوي راڄ خلاف انيڪ سازشن ۾ حصو وٺندڙ مولانا عبيد الله سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي برطانوي مخالف ٽولن سان سهڪاري ڪم ڪيو. ان ريت جمعيت العلماءِ  سنڌ اتحادي نه ته به انڊين نيشنل ڪانگريس ڏانهن همدرداڻو رويو رکندڙ ضرور هئي) کي خاطري ڪرائي هئائين ته هو منزل گاهه واري مسجد مسلمانن کي موٽائي ڏيندو. اهڙي ضمانت خاص طور تي ريشمي رومال تحريڪ ۾ سرگرم حصو وٺندڙ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي ويجهي ساٿي، نامياري عالم ۽ ڪراچيءَ جي کڏي واري مظهر العلوم مدرسي جي مولوي محمد صادق کي ڏني وئي هئي.

سومرو صاحب جيتوڻيڪ هدايت الله صاحب جي هڪ پاسي ڪيل مامري کي ٻيهر اٿارڻ ۾ ته ڪامياب ٿيو پر جمعيت العلماءِ سنڌ سان ڪيل ان بابت پنهنجو واعدو پاڙي نه سگهيو، جيڪي هو سکر وڃي اهو اعلان پڻ ڪري چڪا هئا ته مسجد کي سگهوئي بحال ڪيو ويندو.(7 )

اهو واضح هو ته سکر ۾ هڪ اهڙو گهوٽالو تيزيءَ سان پيدا ٿي رهيو هو جنهن جا اثر سڄي سنڌ تي پوڻا هئا ۽ اهو ڄاڻڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي ته وڏي وزير جي ڪمزور ۽ ڦرڻي گهرڻي پاليسي ئي صورتحال جي ابتريءَ لاءِ ذميوار هئي. نومبر 1939 ع ۾ جڏهن گهوٽالو گهڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪو هو، جج ويسٽن جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽيءَ ان لاءِ درست طور تي وڏي وزير کي ئي ذميوار ليکيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته هن واقع طور تي ڄاڻايو هو ته جيتوڻيڪ سندس کان اڳين حڪومت ان کي بند ڪري چڪي هئي پر کيس منزل گاهه جو معاملو نئين سر کولڻ جا سمورا حق هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته:

خان بهادر الله بخش چوي ٿو ”جيتوڻيڪ سر غلام حسين حڪم جاري ڪيو هو ته ”اتحاد“، ملت کي وراڻي نه ڏني وڃي ۽ معاملو هن طرفان داخل ڪيو ويو هو، مون کي ان معاملي کان روڪڻ لاءِ ڪو جواز نه هو.“ (8 )

”خان بهادر الله بخش پنهنجي پيشرو طرفان دفتر داخل ڪيل منزل گاهه وارو سوال پنهنجي وڏ وزارت سنڀالڻ جي فقط يارهن ڏينهن اندر ئي ٻيهر کوليو ۽ اهو به مقامي عملدارن جي صلاح مشوري کان سواءِ، نه وري هن آڏو انهيءَ مسئلي جي ارڙهن مهيني تائين پيو رهڻ دوران ئي ڪنهن مقامي عملدار سان ڪوصلاح مشورو ڪيائين. سندس شاهدي ۽ ضلعي مئجسٽريٽ جي شاهديءَ مان اها حقيقت ٿي سامهون اچي ته ضلعي آفيسر کي وزارتي آفيسر کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ڏيندي واقعن جي پيش اچڻ دوران ساڻس صلاح ڪرڻ ته پري جي ڳالهه رهي پر کيس خبردار به نه ڪيو ويو، رڳو کيس قلم 144  لاڳو ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا، جيڪا بنيادي طور تي سندس ئي ذميواري هئي ۽ کيس وڳوڙ جي اڻٽر مهل ئي صورتحال سنڀالڻ لاءِ چيو ويو.

ان عمل بيشڪ ضلعي مئجسٽريٽ جي عمومي اختيارن کي ڪمزور ڪيو ۽ مون کي ڪو شڪ ناهي ته سڄي ضلعي ۾ پيدا ٿيل وڳوڙن دوران امن امان جي صورتحال جو هڪ اهم سبب هو.“ (9 )

رپورٽ جمعيت العلماءِ سنڌ سان واعدو ڪري پوءِ ان کي پورو نه ڪرڻ جي حوالي سان الله بخش صاحب جي ڦرڻي گهرڻي انداز بابت وڌيڪ ڄاڻائي ٿي:

”جمعيت العلماءِ جي صدر کڏي واري محمد صادق صاحب جي ستيه گرهه ڪرڻ ۾ معاونت واسطي درخواست جي تعلق جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خان بهادر الله بخش شاهديءَ ۾ ڄاڻائي ٿو ته جمعيت العلماءِ (سنڌ) سندس حمايتي هئي. محمد صادق موجب هو خان بهادر الله بخش وٽ سندس وزارت جي پهرين هفتي دوران ويو ۽ لنواري حج بابت پنهنجي ڳڻتيءَ کان واقف ڪيائين ۽ حج تي پابنديءَ بابت سندس درخواست قبولي وئي. ساڳئي وقت هن ۽ سندس جمعيت سان تعلق رکندڙ ٻين همراهن خان بهادر الله بخش سان منزل گاهه واري معاملي تي به رابطو ڪيو.... هو ڄاڻائي ٿو ته خان بهادر الله بخش کيس ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي سر سکر وڃڻ ۽ اهو اطمينان ڪرڻ لاءِ چيو هو ته اها عمارت مسجد جي آهي. 14  اپريل تي محمد صادق صاحب کي ڪليڪٽر سکر نالي جاري ڪيل هڪ خط ۾ ڄاڻايو ويو ته هو ۽ حڪيم فتح محمد تڪراري عمارت جو جائزو وٺڻ چاهين ٿا ۽ وڏي وزير جي نالي تي کين سهولتون ڏيڻ لاءِ چيو ويو. محمد صادق ڄاڻائي ٿو ته هو سکر ويا ۽ مسجد جو معائنو ڪيائون. هنن سکر ۾ هڪ اجتماع ۾ تقرير ڪندي مسلمانن کي ڄاڻايو ته کين خان بهادر الله بخش جاچ لهڻ لاءِ چيو آهي ۽ کين اطمينان ٿيو آهي ته اها مسجد ئي آهي ۽ هو ان بابت خان بهادر الله بخش کي سربستي ڳالهه ڪندا ۽ مسلمان ان ڏس ۾ سندس فيصلي جو انتظار ڪن ... هڪ شاهد چوي ٿو ته هنن ڄاڻايو ته هو پنهنجي ڪراچيءَ واپسيءَ تي مسجد بحال ڪرائي وٺندا. هڪ ٻئي جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايو ته کين وڏي وزير اهو پيغام رسائڻ لاءِ چيو آهي ته مسجد کي سگهوئي بحال ڪيو ويندو. خان بهادر الله بخش نابري ٿو واري ته هن اهڙو ڪو پيغام اماڻيو هو يا هن محمد صادق صاحب ۽ سندس ساٿين آڏو پنهنجو ذاتي موقف بيان ڪيو هو، جيئن 3  اپريل واري لکپڙهه ۾ اظهار ٿيل آهي. مون کي ان تي ڏکيائي سان اعتبار ايندو ته مولوي پنهنجي سکر وڃڻ کان اڳ خان بهادر الله بخش جو ذاتي موقف ڄاڻڻ ۾ ناڪام ٿيا هوندا.(0 1 )

خان بهادر الله بخش 2 1  اپريل تي نوٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته هن تازو ئي انهن عمارتن جو جائزو ورتو آهي. اهو نوٽ انهيءَ ڪري به دلچسپيءَ ڀريو آهي ته اهو واقع طور تي خان بهادر الله بخش جي ان ذاتي موقف جي اپٽار ٿو ڪري ته اها عمارت مسجد هئي.“(1 1 )

خان بهادر الله بخش ڪو هڪ سال کان اهي عمارتون مسلمانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪندو رهيو پر واعدن جي باوجود ڪجهه به عملي طور تي نه ڪيائين.

جاچ لهندڙ عملدار پنهنجو موقف ڄاڻايو ته مئي 1938 ع کان پوءِ سومري کي احساس ٿيو ته مسجد جي بحاليءَ واري فيصلي سان هو نه رڳو سکر ۾ پر خود پنهنجي وزارت ۾ ۽ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي حمائتين منجهه به چڱي موچاري مخالفت پيدا ڪري وجهندو. هن اُها اميد ساري ڪو عملي قدم نه کنيو ته وڳوڙ پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو. (2 1 )

دراصل 1938 ع واري پوئين اڌ دوران وڳوڙ پنهنجي سگهه وڃائڻ لڳو هو. مولوي صادق پنهنجي شاهديءَ ۾ چيو ته اپريل 1938ع ۾ سومري صاحب کي پيش ڪيل سندس رپورٽ کان پوءِ هن ساڻس وقت بوقت رابطو ڪري خاطريون ٿي ڪرايون. سندس رپورٽ کان ڪو سال کن پوءِ سندس موقف قبول ڪري کيس خاطري ڏني ته ٽن چئن ڏينهن اندر مسجد بحال ڪئي ويندي. اپريل 1939 ع ۾ هن ڊاڪٽر يامين کي لکي ڄاڻايو ته کيس وزارت طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ۽ ان ڪري وڳوڙ يا ستيه ڳڙهه جو دڙڪو دهمان نه هئڻ گهرجي.

پر انهيءَ واعدي جي باوجود وڏي وزير ڪو فيصلو يا ڪا ڀڻڪ نه ڏني ته ان تي ڪڏهن عمل ٿيندو ۽ وڏي وزير طرفان دير جو سبب اهو ڄاڻايو ويو ته هو ستيه ڳڙهه جي ڌمڪيءَ تحت ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا جولاءِ ۾ ڏني وئي هئي، جيتوڻيڪ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته هن لنواريءَ حج ۽ اوم منڊليءَ جهڙن مامرن تي ستيه ڳڙهه جي ڌمڪين تي فيصلا ڪيا آهن. مئي 1939 ع ۾ وڳوڙ جي نئين سر ٿيڻ کان پوءِ سکر جي هندن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر جاچ عملدار جو ڪڍيل نتيجو هو ته:

”ڏچي جو اصل بنياد ڳالهين ٻولهين جي آخري حرفت ۾ نه پر غير عمليءَ جي ڊگهي عرصي ۾ لهي سگهجي ٿو، ان ڏس ۾ ڪو فيصلو آڪٽوبر ۽ نومبر 1939 ع ۾ پيش آيل وارداتن کي ٽاري پئي سگهيو.“(3 1 )

جون 1939 ع جي آخر ڌاري هارون صاحب ۽ کهڙو صاحب وڏي وزير سان مليا. هو معاملي تي شعوري طور تي ايمانداراڻي نظر نه وجهي رهيو هو ۽ ليگي عيوضي اهو تاثر کڻي واپس موٽيا ته منجهس پنهنجي واعدي کي مان ڏيڻ جي همت ناهي. ان عرصي دوران بحاليءَ لاءِ دٻاءُ وڌندو رهيو. مسلم ليگ وٽ بچيل هاڻ واحد دڳ پنهنجي دٻاءُ ڀريل قدمن کي جاري رکڻ وارو هو. اڳتي هلي مسلم ليگ جي صوبائي صدر هارون صاحب جي سربراهي ۽ کهڙي صاحب جي نائب صدارت ۾ هڪ بحالي ڪميٽي جوڙي وئي. ان ڪميٽيءَ جي ٻين اهم ميمبرن ۾ جي ايم سيد صاحب ۽ هاشم گذدر صاحب شامل هئا. پير علي محمد راشديءَ کي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري بڻايو ويو.

23  ۽ 24  جولاءِ تي کهڙي صاحب جي صدارت ۾ مسلم ليگي ميمبرن، عوامي عيوضين، اهم شهرين، مولوين، وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ نمائنده ميڙ سکر ۾ ٿيو.(4 1 ) گڏجاڻيءَ حڪومت جي مسجد مخالف پاليسيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مسجد منزل گاهه واريون عمارتون مسلمانن جي حوالي ڪرڻ بابت ڪيترائي ٺهراءُ بحال ڪيا. گڏجاڻيءَ گُهر ڪئي ته حڪومت طرفان مسجد جي بحاليءَ ۾ ناڪاميءَ تي سنڌ اسيمبليءَ جا مسلمان ميمبر حڪومت لاءِ پنهنجي حمايت واپس وٺن ۽ ڪنهن اهڙي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻين جيڪا اها گُهر پوري ڪري. جيڪي مسلمان ميمبر بحاليءَ جي حمايت نه ٿا ڪن تن کي ٻيهر نه چونڊيو وڃي. 18  آگسٽ منزل گاهه ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تي سڄي صوبي ۾ عوامي اجتماع ٿيڻا هئا ۽ اسيمبلي ميمبرن تي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو ويو. حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته مسجد جون عمارتون مسلمانن جي حوالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آڪٽوبر 1939 ع کان ستيه گرهه شروع ڪيو ويندو. مسلم ليگ جي ضلعي ۽ ٻين شاخن ۽ گڏوگڏ ٻين همدرد مسلمان تنظيمن کي رضاڪار ڀرتي ڪرڻ ۽ عطياتي رقمون گڏ ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن لاءِ پنج هزار رضاڪارن ۽ ڏهه هزار رپين جي فنڊ جو حدف مقرر ڪيو ويو. مسجد منزل گاهه ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن جو خزانچي کهڙي صاحب کي بڻايو ويو. جڏهن ته سندس پراڻي ساٿي ۽ سندس سکر مان نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ جي مينيجر آغا نظر علي صاحب کي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري بڻايو ويو. (5 1 )

جيتوڻيڪ مسلم ليگ منزل گاهه عمارتن جي بحاليءَ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ واسطي هاڻي خاموش مزاحمت، يا ستيه گرهه جي پاليسي اختيار ڪئي هئي، پر عمل جي انهيءَ طريقي جو خيال مسلم ليگ جو پيدا ڪيل نه هو.

دراصل ڪو 1937 ع ڌاري ئي سکر جي مسلمانن پاڻ ئي اهو دڙڪو ڏنو هو ته نئين خود مختيار سنڌ جي حڪومت جيڪڏهن مسجد متعلق واعدي تي عمل نه ڪندي ته ان خلاف ستيه گرهه ڪيو ويندو. (16)

ستيه گرهه ڪرڻ وارو فيصلو ڪندي سنڌ ۾ مسلم ليگ پنهنجي تاريخ جي هڪ غير معمولي ۽ انقلابي مرحلي ۾ داخل ٿي. ڪو ڏهن سالن تائين سنڌ جي مسلم قيادت صوبي جي عليحدگيءَ لاءِ هڪ انتهائي منظم ۽ سوچيل سمجهيل جدوجهد هلائي هئي ۽ سنڌ جي مسلمانن جي صفن ۾ ڪيترائي اهڙا تجربيڪار ۽ همت ڀريا همراهه هئا، جن حملي ۽ ٺاهه جا ٻئي فن ڄاتا ٿي. انهيءَ عرصي ڪيترائي مستقل مزاج ۽ وابستگي رکندڙ ڪارڪن پڻ پيدا ڪيا هئا، پر هنن ڪڏهن به اهڙا عمل نه ڪيا هئا، جن ۾ وقت جي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي پئي سگهي. جيتوڻيڪ ستيه گرهه مسلمان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ نئين ڪرت هئي پر وٽن ايتري افرادي قوت هئي جو ان کي هلائي سگهن ۽ هونئن به وٽن ان جي ڪاميابيءَ لاءِ گانڌيءَ جو مثال سامهون هو. گانڌيءَ واري طريقي تحت ستيه گرهه (بک هڙتال) هلائڻ وارو فيصلو انهن ڏينهن ۾ جڏهن يورپ ۾ مهاڀاري لڙائي اڻٽر هئي ۽ برطانوي حڪومت پنهنجي راڄ ۾ ڪو هلڪو ڦلڪو وڳوڙ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، هڪ انتهائي بهادريءَ وارو فيصلو هو. ان اهو ٿي ظاهر ڪيو ته مسلم ليگي قيادت مسلمانن جي هڪ مقبول عام مقصد لاءِ سامراجي حڪومت جون سختيون قبولڻ لاءِ تيار هئي ۽ ساڳئي وقت مختلف خيالن جي مسلمانن کي پنهنجي جهنڊي هيٺ منظم ڪرڻ جي اهل هئي ۽ مزاحمت جي پروگرام جي رٿابندي ڪري ۽ منظم ڪري ٿي سگهي. مسلم ليگ حڪومت ۽ ڪامورا شاهي ۽ انهن ٻنهي جي ڪنٽرول هيٺ سڌ سماءُ جي ذريعن جي دشمنيءَ کان ڊنل نه هئي. اهو گڏيل دٻاءُ ان کي پنهنجي مقصد تان ٿيڙي نه پئي سگهيو.

کهڙو صاحب هاڻ هڪ مقبول هنگامي ڀري تحريڪ جي سرواڻيءَ ۾ سکر جي سياست کان ڊگهي عرصي واري واقفيت ۽ شهر جي مسلم قيادت سان دوستي ۽ شهر ۾ سندس پنهنجي چڱي موچاري ساک، خاص طور تي ”سنڌ زميندار“ اخبار جي مالڪيءَ، جيڪا ڪراچيءَ واري ”الوحيد“ اخبار کان پوءِ صوبي ۾ انتهائي اهم مسلمان اخبار هئي، کيس سکر جي مسلمان رهواسين جو اعتماد ۽ ڀروسو بخشيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ سندس ئي ادراڪ موجب ان اها جدوجهد ڪاميابيءَ جي منزل تائين رسائڻ لاءِ ٻين مسلمان اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ سندس ڪلهن تي وڌيڪ بار ٿي وڌو. کيس مليل  عوامي ساک جو مظاهرو 2 2  ۽ 3 2  جولاءِ واري ان اهم گڏجاڻيءَ جي صدارت کيس سونپڻ سان پڻ ٿئي ٿو، جنهن کي سول نافرمانيءَ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻو هو. کهڙي صاحب منزل گاهه مسجد جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ پنهنجي شرڪت ان ڪري به ضروري ٿي ليکي جو علحدگيءَ واري  جدوجهد جي هڪ سرواڻ طور هن به منزل گاهه واريون عمارتون مسلمانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. هدايت الله صاحب جي حڪومت جنهن ۾ هو پاڻ به شامل هو، سميت هڪ ٻئي پويان ايندڙ حڪومتن جي ناڪامي مايوس ڪندڙ تجربو هو. هن سکر جي مسلمانن لاءِ پنهنجي هٿ وس سمورا قدم کڻڻ جو پڪو پهه ڪيو هو.

گڏجاڻيءَ جي پڌري ڪيل پروگرام کي سنڌ جي مسلمانن وٽان وڏي موٽ ملي ۽ حڪومت جي حمايت ڪندڙ عالمن سميت سمورن حڪومت نواز گروهن کي پوين پيرن ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌائين. (17) جولاءِ واري گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته معاملو جيڪڏهن خير سان نبري اچي ته ٽڪراءُ جي ڪا خاص ضرورت نه محسوس ڪئي وڃي. پهرين آڪٽوبر جي ڏنل تاريخ ۾ ايترو وقت هو جو حڪومت نبيري ۽ حل جوڳا دڳ وٺي پئي سگهي.

بهرحال سومرو حڪومت صورتحال کي ماٺو ڪرڻ واري موقعي مان فائدو وٺي نه سگهي. گورنر کان وٺي هيٺين سطح تائين مطالبي جي سنجيدگيءَ جو احساس ڪرڻ ۽ مسلمانن ۾ ڀڙڪيل جذبات جو ڪاٿو لڳائڻ جي اڻهوند هئي. گورنر سنڌ جي وڏي وزير جي حڪومت جو مڪمل حمايتي هو، جنهن تازو ئي محصولي ڪٿ وڌائڻ دوران پنهنجي مقبوليت ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. گهوٽالي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هن نومبر ۾ سومري صاحب جي حمايت ۾ وائسراءِ کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن ۾ سندس فيصلي نه ڪرڻ ۽ سست قدم کڻڻ کي نظر انداز ڪندي جج ويسٽن صاحب جي سربراهيءَ واري جاچ ڪميٽيءَ جي رپورٽ تي پڻ ڇوهه ڇنڊيائين، جنهن ۾ چيو ويو هو ته:

”9 1  نومبر وارو ڌماڪو دراصل حڪومت جي غير واضح ۽ ناڪام پاليسيءَ جو نتيجو هو، جنهن ساڍن ٽن مهينن ۾ حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪوبه عملي قدم نه کنيو هو. ان عرصي دوران وزارت جا وڳوڙي مسلمان اڳواڻن سان ناتا فيصلا نه ڪرڻ وارا هئڻ ۽ ڪن معاملن ۾ ته خود وزيرن ۾ اختلافن سبب ڪي فيصلا دير سان ٿيڻ جا مثال ملن ٿا.“ (8 1 )

ادراڪ جي اها ناڪامي نه رڳو وڏي وزير جي ڦرڻي گهرڻي ۽ ٻڏتر واري ڪيفيت مان ظاهر آهي پر ان حقيقت مان به واضح آهي ته گورنر صاحب ان ڏس ۾ وائسراءِ کي به ڄاڻ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. نومبر ڊسمبر 1993 ع ۾ صورتحال جي انتهائي ابتر ٿيڻ کان پوءِ ئي سندس رابطن ۾ تڪڙ محسوس ٿئي ٿي. وائسراءِ لارڊ لنلٿگو صاحب اهو تبصرو ڪرڻ تي مجبور هو:

”سندس ذهن جي اڻچٽائي سبب ساڻس منهن ڏيڻ ڪي قدر ڏکيو آهي، وڌيڪ اهو ته آءٌ اهو نه ٿو سمجهان ته پنهنجي رپورٽن يا صوبي جي وهنوار واري پنهنجي انداز لاءِ هو پنهنجو پاڻ کي هڪ پل لاءِ به مثالي ليکي ٿو.“ (9 1 )

درحقيقت آڪٽوبر جي شروعات ۾ ستيه گرهه تحريڪ شروع ٿيڻ کان ستت پوءِ وائسراءِ هڪ ٽيليگرام ذريعي گراهام صاحب کي چتاءُ ڏنو ته اهڃاڻ ڄاڻائين ٿا ته ڏڦيڙ ”صوبائي اهميت کان وڌيڪ“  ٿي سگهي ٿو.(20)

ايستائين جو ان کان اڳ سيپٽمبر ۾ هندستاني حڪومت سنڌ کان مناسب ڄاڻ جي اڻهوند ۽ گهوٽالي کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳيون تارون نه ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪي هئي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ وائسراءِ صاحب پنهنجي لکپڙهه ۾ منزل گاهه واري صورتحال جي ڏس ۾ گورنر صاحب وٽان ملندڙ ڄاڻ جي اڻهوند ۽ هندستاني حڪومت کي مڪمل طور تي اها خبر نه ڏيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.(1 2 ) جيئن ثابت به ٿيو ته هندستاني حڪومت اهڙي نازڪ دور ۾ اهڙي خطرناڪ صورتحال جي پيدا ٿيڻ جي اجازت تي پنهنجي ڳڻتيءَ جي اظهار لاءِ باجواز هئي. پر گورنر صاحب کي صورتحال جو صحيح اندازو لڳائڻ بابت خبردار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه قدم نه کنيو ويو. سمورن چتائن جي باوجود بهر صورت سنڌ حڪومت صورتحال کي تباهه ڪُن صورت اختيار ڪرڻ ڏنو، جنهن لاءِ ان کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي.

8 1  آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي گروهن انتهائي جوش و خروش سان منزل گاهه ڏينهن ملهايو. مسلم ليگي هيڊ ڪوارٽر ۾ سڄي سنڌ مان گڏجاڻيون ٿيڻ ۽ ٺهراءُ بحال ڪرڻ جا اطلاع آيا. ليگي اڳواڻن هاڻ اميد ٿي ڪئي ته سندن طاقت جو اهو مظاهرو حڪومت کي منزل گاهه جي معاملي جو نبيرو ڪرڻ تي مجبور ڪندو. ساڳئي وقت ”منزل گاهه ڏينهن“ تي مظاهرو ڪيل مسلم يڪجهتي حڪومت ۾ شامل مسلمانن تي به واضح ڪيو ته ماڻهو ساڻن گڏ ناهن ۽ سومرو صاحب جي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. انهن خواهشن ۾ ناڪاميءَ جي باوجود ”منزل گاهه ڏينهن“ آڪٽوبر ۾ رٿيل ستيه گرهه  ڏانهن وڌڻ لاءِ ماحول بنايو. جمعيت جي اڳواڻن سومري صاحب کي وڌيڪ وقت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن دليل مطمئن ڪرڻ جوڳا نه هئا ۽ حڪومت مسلمانن جي دٻاءُ ۽ هندو مخالفت وچ ۾ ٻڏتر جو شڪار بڻيل رهي.

3 - سيپٽمبر تي هارون صاحب ۽ کهڙو صاحب ٻيهر سومري صاحب سان مليا. جنهن کين خاطري ڪرائي ته منزل گاهه واريون عمارتون مسلمانن جي حوالي ڪيون وينديون. 6 1  سيپٽمبر تي سکر ۾ بحالي ڪميٽيءَ جو اجلاس رٿيو ويو، جنهن کان پوءِ ساڳئي رات هڪ عوامي ميڙ ٿيڻو هو. کهڙو صاحب جيڪو تازوئي شملا کان موٽيو هو جت جناح صاحب ۽ وائسراءِ صاحب جي عملي سان ملاقاتون ڪري کين صورتحال جي سنگينيءَ کان آگاهه ڪيو هئائين. جي ايم سيد صاحب ڏانهن لکيل خط ۾ مٿس گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ زور ڀريائين:

”مسجد منزل گاهه بحاليءَ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي 6 1 - تاريخ ساڍي پنجين وڳي شام سکر ۾ رکي وئي آهي. رات جو نوين وڳي عوامي ميڙ پڻ ٿيندو ۽ گڏجاڻي 7 1 - تي به جاري رهي سگهي ٿي. هيءَ انتهائي اهم گڏجاڻي آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن کي ان لاءِ دعوت ڏنل آهي. اوهان جي شرڪت تي ٿورائتو رهندس.

شملا کان 6 1  تاريخ واپس موٽيو آهيان ۽ اڄ شام لاڙڪاڻي پيو وڃان. لاڙڪاڻي کان 6 1 - جي صبح جو سکر روانو ٿيندس. اتي اوهان جي رهائش جو انتظام ڪيو ويو آهي.“ (3 2 )

9 2 - سيپٽمبر تائين سنڌ حڪومت خاموشيءَ جو شڪار هئي ۽ ڪو قدم نه کنيو هئائين. سنڌ مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ سکر ۾ هڪ خاص گڏجاڻي گهرائي. 5 2  سيپٽمبر تي کهڙي صاحب جي لکيل هڪ خط ۾ جي ايم سيد صاحب کي ڪي چتاوڻيون ڏنيون، جيڪو پنهنجي رضاڪار ٽولي سان وڏي طمطراق سان سن مان روانو ٿيڻ وارو هو:

”اوهان جو 3 2 - تاريخ وارو خط اڄ مليو اٿم. مون کي خدشو آهي ته اوهان کي صورتحال جو پتو ناهي ۽ ان ڪري فطري طور تي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري حيثيت ۾ به نه هوندا. ستيه ڳڙهه لاءِ انتظام مڪمل آهن. پر اسين ان بابت فيصلو 9 2 - تاريخ شام پنجين وڳي سکر ۾ ٿيندڙ صوبائي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ ڪنداسين ته آيا ستيه گرهه شروع ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ها ته ڪڏهن؟ بحالي ڪميٽيءَ جو به ساڳئي ڏينهن اجلاس آهي. گڏوگڏ حڪومت ان معاملي تي هڪ اعلان پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ مسلمانن تي ستيه گرهه ملتوي ڪري کين ٺاپر واري ماحول ۾ سوچڻ جي مهلت ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويو آهي، ان معاملي تي به ويچار ڪبو. اهو سوال ته اوهان ۽ اوهان جي جٿي کي ڪڏهن ستيه گرهه ڪرڻو پوندو، جو فيصلو به اتي ئي ٿيندو. جيڪڏهن پهرين آڪٽوبر کان ستيه گرهه شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿئي ٿو ته اوهان جي جٿي جي 5  تاريخ تائين ضرورت پوندي. ان ڏس ۾ اڳواٽ انتظام ڪري وٺو.“ (42 )

کهڙي صاحب جي خط ۾ ذڪر ڪيل سرڪاري پريس نوٽ پڇاڙيءَ ۾ اوڏي مهل جاري ٿيو هو، جڏهن ستيه گرهه جا سمورا انتظام مڪمل ٿي چڪا هئا، پر ان هوندي به مسلم ليگي قيادت، جيئن کهڙي صاحب جي خط مان ظاهر آهي، انهيءَ مرحلي تي به ان کي جوڳو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. پريس نوٽ ۾ زور ڀريو ويو هو ته ستيه گرهه تي عمل نه ڪيو وڃي ۽ حڪومت ان مامري تي جلد ڪو فيصلو ڪندي:

”ڪيترائي حلقا سکر ۾ هڪ سراءِ ۽ مسجد طور ليکجندڙ منزل گاهه وارين عمارتن بابت جلد فيصلو ڪرڻ لاءِ حڪومت سان لهه وچڙ ۾ آيا آهن. حڪومت اهو ڄاڻائڻ ٿي چاهي ته اهو معاملو ان جي ويچار هيٺ آهي ۽ ان جو جلد کان جلد نبيرو ڪيو ويندو.

حڪومت ڄاڻي ٿي ته منزل گاهه کي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ پهرين آڪٽوبر 1939 ع کان هڪ ستيه گرهه ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي. حڪومت ان ضرورت جو اظهار ڪرڻ ٿي چاهي ته منزل گاهه جهڙي تڪرار جو نبيرو پر سڪون ماحول ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ ان معاملي جي سمورين واسطيدار ڌرين جو موقف ٻڌڻ گهرجي. ان ڪري اهو حڪومت جوسوچيل سمجهيل موقف آهي ته ان مسئلي ۾ دلچسپي رکندڙ مسلمان اڳواڻن کي ستيه گرهه شروع ڪرڻ بدران حڪومتي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. حڪومت ان معاملي سان لاڳاپيل سمورن واسطيدارن کي درخواست ٿي ڪري ته اهڙو ماحول پيد اڪيو وڃي جيڪو اهڙي اهميت جوڳي مامري جي نبيري ۽ ويچار لاءِ ضروري آهي.“ (5 2 )

انهيءَ پريس نوٽ جو اجراءَ انهيءَ شڪ کي تهائين هٿي ٿو ڏئي ته حڪومت مسئلي جي حل لاءِ ڪو قدم کڻڻ بدران رڳو مهلت چاهي ٿي. مسلمانن تي ستيه گرهه نه ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ دوران اها ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين ۾ رڌل رهي. ماڳ جي ويجهو هئڻ طور سومرو صاحب 7 2 - سيپٽمبر تي شڪارپور پهتو. رضاڪارن جا ٽولا مسلم ليگي ڪارڪن واجد علي شيخ صاحب جي سرواڻيءَ ۾ شڪارپور کان روانا ٿيڻ جي تيارين ۾ هئا.

وڏي وزير ان کي پنهنجي لاءِ هڪ اڻوڻندڙ صورتحال ڀانيو هو. هو پنهنجي سر پنهنجي آباڻي شهر ۾ موجود رهي رضاڪارن کي نه وڃڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، پر ناڪام ٿيو.(6 2 ) سکر انتظاميا چئن کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ ۽ هٿيار پنهوار کڻڻ کان جهليندڙ قلم 4 4 1  ۽ هٿيار، لٺيون ۽ پٿر وغيره کڻڻ کان جهليندڙ قلم 2 4  نافذ ڪيو. منزل گاهه عمارتن جي چار ديواريءَ واري ميدان ۾ شيشي جا ٽڪر هنيا ويا يا نئين سر اڏايو ويو. ڀتين ۽ اوسي پاسي واري ميدان ۾ شيشي جا ٽڪر هنيا ويا. وڏي تعداد ۾ پوليس کي سکر ۾ متعين ڪيو ويو. حڪومت مسلم ليگ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ لڳي.

پنهنجي 9 2 - سيپٽمبر واري گڏجاڻيءَ ۾ ورڪنگ ڪميٽيءَ ان حقيقت جو شديد نوٽيس ورتو ته جيتوڻيڪ حڪومت کي ڪنهن فيصلي تي رسڻ لاءِ ٻن مهينن کان وڌيڪ جو عرصو ڏنو ويو ۽ مسلم ليگ قيادت  ٻه ڀيرا وڏي وزير سان ملاقاتون ڪيون پر هيل تائين معاملي جي حل لاءِ ڪو قدم نه کنيو ويو آهي. انتهائي دير سان سامهون ايندڙ پريس نوٽ ۾ ڪا ٺوس ڳالهه ناهي ۽ اهو عمومي ڳالهه تي ٻڌل آهي. انهن حقيقتن جي پيش نظر مسلم ليگ ۽ بحاليءَ ڪميٽيءَ وٽ عدم تشدد واري مزاحمتي تحريڪ جي هلائڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هو.

ستيه گرهه لاءِ تياريون مڪمل هيون، جيئن کهڙي صاحب سيد صاحب کي ڄاڻايو هو. ڪانگريس جي مثال کي سامهون رکندي وڏي تعداد ۾ رضاڪار ڀرتي ڪري کانئن مقصد سان سچو رهڻ جو حلف ورتو ويو هو. سڄي سنڌ سان تعلق رکندڙ رضاڪارن کي سندن فرضن بابت هدايتون ڏنيون ويون ۽ کين جٿن ۾ ورهائي مقرر تاريخن تي ئي سکر پهچڻ لاءِ چيو ويو ته جيئن ماڻهن ۾ مونجهاري جي موجودگيءَ ۾ حالتون هٿ وس رهن. رضاڪار عيد گاهه ميدان ۾ پنهنجي پنهنجي اڳواڻ جي سربراهيءَ ۾ گڏ ٿيا ۽ اتان انتهائي منظم انداز ۾ نعرا هڻندي جلوس جي شڪل ۾ منزل گاهه ڏانهن روانا ٿيا، جيڪا اتان چڱي فاصلي تي هئي. جڏهن هو درياءَ جي ڪپ تي منزل گاهه پهتا ته جلوس بيهي رهيو ۽ نفل پڙهڻ کان پوءِ رضاڪارن گرفتاريون ڏنيون، هر رضاڪار پنهنجو نالو ”مسلمان پٽ مسلمان جو“ ڄاڻايو. (7 2 )

ڪجهه رضاڪار موقعي جي پيدا ڪيل جذباتيت تي قابو پائي نه سگهيا ۽ مسجد جي ڀتين تي چڙهڻ لڳا ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي مسجد ۾ نماز پڙهي گرفتاري ڏنائون. هڪ ٽولي جي گرفتار ٿيڻ تي ٻئي ان جي جاءِ ٿي والاري. روز ٽي کان پنج سئو رضاڪار گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار هئا. اهو سمورو وهنوار انتهائي منظم ۽ ضابطي ڀريو هو. پهرين ڏينهن 9 3 3  رضاڪارن گرفتاريون پيش ڪيون جڏهن ته ٻئي ڏينهن اهو تعداد 0 5 5  تي بيٺو. ٽن ڏينهن کان گرفتار ٿيندڙ رضاڪارن جو تعداد هڪ هزار کان وڌي ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ رضاڪارن جا جٿا سکر اُسهڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. (8 2 )

سکر ۾ سون جي تعداد ۾ ترسايل رضاڪارن هڪ انوکي ضابطي جو مظاهرو ٿي ڪيو. صوبي جي تصور جو ادراڪ پئي ٿيو. سڄي سنڌ کان ماڻهن رڳو ستيه گرهه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه پر مسلمانن جي ستيه گرهه جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ به سکر جو سفر  ٿي ڪيو. اخبارن اتي پهچي نه سگهندڙن کي انهيءَ متاثر ڪندڙ مظاهري بابت ڄاڻ ٿي ڏني. انهن ڄاڻايو ته 3 - آڪٽوبر تي هارون صاحب ۽ کهڙي صاحب ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ رضاڪارن سان حال اوريائون. ائين ٿي لڳو ڄڻ اها تحريڪ اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندي. ان نه رڳو سنڌ ۾ پر ٻين صوبن ۾ به جوش ۽ جذبي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. ستيه گرهه شروع ٿيڻ کان رڳو ٻه ڏينهن پوءِ لاهور ۾ دانشور ۽ بااثر اخبار ”زميندار“ جي ايڊيٽر مولانا ظفر علي خان جي صدارت ۾ هڪ وڏو شاهي عوامي جلسو ٿيو. جنهن ۾ هن اعلان ڪيو ته ڏهه ڪروڙ هندستاني مسلمان سنڌي مسلمانن جي حمايت ۾ ستيه گرهه ڪندا. (0 3 )

ستيه گرهه جي حقيقتن کي پنهنجي اکين آڏو پروڙيندي حڪومت گوڏا کوڙيا. سڀني کي حيران ڪندي 3 - آڪٽوبر تي سکر جي ڪليڪٽر سمورن گرفتار ٿيل ستيه گرهين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. وڌيڪ گرفتاريون نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي منزل گاهه تي لڳايل پوليس چوڪيون هٽائڻ ۽ مسلمانن کي عمارتن ۾ ٿانيڪو رهڻ جي اجازت ڏني وئي. مسلم ليگي اڳواڻ ڪاميابيءَ جي جذبي سان ٽمٽار هئا. سندن تنظيم، ڪم ۽ سڀ کان وڌيڪ صفن ۾ اتحاد اهو ڏينهن ڏيکاريو هو. حڪومت پويان پير ڪري رهي هئي. سندن سوڀ بهرحال ڪو ڊگهو عرصو قائم نه رهڻي هئي. ڇاڪاڻ جو سرڪار طرفان کنيل اهي قدم هندن سميت سمورن مڪتب فڪر کي پسند نه ٿي آيا. هنن سگهو ئي هاءِ گهوڙا ڪري حڪومت تي اهو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. بقول جي ايم سيد صاحب جي:

”پر مسجد منزل گاهه جي بحالي بدقسمتيءَ سان ايڏي سولي ۽ تڪڙي حاصلات نه پئي ٿي. مسلمانن جي مختصر سرهائي تلخ مايوسيءَ ۾ تبديل ٿيڻ واري هئي. ان واسطي واقعن ۾ غير متوقع ڦيرو اڳتي هلي حڪومت جي هڪ حرفت ثابت ٿيو، جنهن جو مقصد مسلمانن جي ستيه گرهه ڪئمپ کي ٽوڙڻ ئي هو.

مسلمانن جي ستيه گرهه شروع ٿيڻ جي ٽن ڏينهن اندر حڪومت جي گوڏن کوڙڻ جو ماڻهن ۾ شروعاتي تاثر اهو پيو ته حڪومت آخرڪار مسلمانن جي دعويٰ کي مڃي ورتو آهي ۽ سکر جي ڪليڪٽر هٿان مسجد جو قبضو کين ڏيڻ واري آهي، پر سگهوئي اهو ڄاتو ويو ته وڏي وزير رڳو وقتي طور تي معاملو ٽاريو آهي، ڇاڪاڻ جو هو شايد مسلمانن جي تحريڪ جي سڌي سنئين ۽ کلي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته مسلمان ايڏي وڏي تعداد  ۾ حڪومت جي مخالفت ۾ گهرن کان نڪري گرفتاريون ڏيندا. حڪومت لاءِ سنڌ جي جيلن ۾ کين بند ڪرڻ ممڪن نه هو. وڏي وزير ان مقصدن کي ذهن ۾ رکي اها قلابازي کاڌي ته هو  پنهنجو پاڻ کي پنهنجي هزارين پرامن هم مذهب ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ واري لعنتاڻي کان بچندو ۽ گڏوگڏ هڪ فيصلي لاءِ کيس ڪجهه وقت پڻ ملي ويندو. کيس اميد هئي ته ائين ستيه گرهه تحريڪ به جهَڪي ٿي ويندي جو سندس خيال هو ته مسلمانن لاءِ ايڏي وڏي تعداد ۾ ستيه گرهي رضاڪارن کي ميدان ۾ رکڻ ڏکيو ٿيندو ۽ جوش و خروش جي جهڪي ٿيندي ئي تحريڪ مان هوا نڪري ويندي.“ (1 3 )

ڪانگريسي ۽ غير ڪانگريسي هندو راءِ عامه ۽ پريس حڪومت جي انهيءَ رعايت ڀري قدم تي باهوڙجي پئي. ”هندو ۽ ڪانگريسي پريس انهيءَ تي اڻ روڪ پروپيگنڊا شروع ڪئي ۽ هر قيمت تي مسلمانن کي منزل گاهه مان تڙڻ لاءِ حڪومت تي زور ڀريائون.“ (2 3 )

مسلمانن ان آسري ته حڪومت منزل گاهه جو قبضو سندن حوالي ڪندي، حڪومت تي ڪو گهڻو اعتبار نه ٿي ڪيو ۽ جيئن ته حڪومت ان ڏس ۾ کين ڪا سڌي سنئين خاطري يا ضمانت نه ڪرائي هئي، سو انهن عمارتن تي قبضو جاري رکيائون. حڪومتي قدمن تي سندن شڪ سچا ثابت ٿيا. 3 1 - آڪٽوبر کان 9 1 - نومبر تائين ستيه گرهن انتهائي نظم و ضبط جو مظاهرو ڪندي منزل گاهه تي پنهنجو قبضو برقرار رکيو. ان عرصي دوران ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو، ان سڄي عرصي ۾ نظم و ضبط ٽٽڻ جي ڪا شڪايت سامهون نه آئي. اهو هيل تائين ستيه گرهه تحريڪ هلائيندڙ کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين کي شاندار خراج جو اظهار هو. کهڙي صاحب ان دوران ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ۽ جناح صاحب سان صلاح مشوري لاءِ دهلي وڃڻ کان سواءِ سمورو وقت سکر ۾ گذاريو. 0 1  آڪٽوبر تي کهڙي صاحب جي ايم سيد صاحب کي لکيل هڪ خط ۾ کيس ان تحريڪ ۾ وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو:

”اها حيرت جي ڳالهه آهي ته اوهان سکر جي مسجد منزل گاهه ۾ ڪو سرگرم ڪردار ادا نه ڪيو آهي. اوهين ان بابت وقت بوقت پڙهندا رهندا هوندا. آءٌ چاهيان ٿو ته اوهين 2 1  تاريخ تي سکر اچي اسان سان ملو ته جيئن تازي ترين صورتحال تي ذاتي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون. اسين حڪومت جي جاري ڪيل اعلان نامي تي پڻ ويچارينداسين. ايڏي فاصلي تان رڳو لکت ۾ حڪم جاري ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي پر اسان کي پنهنجي خيالن کان ذاتي طور تي لاڀائتو ڪريو. آءٌ متان 5 1  تاريخ تي بحاليءَ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ڪراچي يا سکر ۾ گهرايان، سو ان ڏينهن لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه رکجو. جيڪڏهن اوهين 2 1  تاريخ کان ڪجهه ڏينهن سکر ۾ رهندا جنهن جي انتهائي ضرورت آهي ته اوهان جو ٿورائتو رهندس“. (3 3 )

سيد صاحب کهڙي صاحب جي سڏرايل گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ ويو ۽ ان بابت لکي ٿو:

”5 1  آڪٽوبر 1939 ع تي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ ويس. گڏجاڻي منزل گاهه واري معاملي بابت صورتحال جي جائزي ۽ مستقبل ۾ عمل جي واٽ طئي ڪرڻ لاءِ گهرائي وئي هئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اوستائين مون ستيه گرهه ۾ ڪو سرگرم حصو نه ورتو هو ۽ ان ڪري جڏهن ڪراچي آيس تڏهن به ان خيال جو هئس ته حڪومت کي ڪنهن حتمي فيصلي تي رسڻ لاءِ وقت جي ڪجهه جوڳي توسيع ڏيڻ گهرجي.“ (4 3 )

در حقيقت حڪومت هندن جي سمورن پرتن وٽان انتهائي دٻاءُ جو شڪار هئي. اخبارون ۽ گڏوگڏ حڪومت جا ڪانگريسي حمايتي ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا هئا ته مسلمانن کان منزل گاهه جو قبضو ڇڏرايو وڃي. اها ڳالهه ڪندي هندو منطق جو گهٽ مظاهرو ڪري رهيا هئا. اڃان ڪجهه مهينا اڳي جڏهن هندو برادري هنومان مندر ۽ اوم منڊلي (هنومان مندر ڪراچيءَ ۾ سرڪاري زمين تي غير قانوني قبضو ڪري ٺاهيو ويو هو. جڏهن حڪومت اها حد دخلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هندن وڳوڙ ڪري حڪومتي زمين واپس ڪرڻ جي سرڪاري ڪوشش ناڪام بڻائي. مسلمانن هندن جي مخالفت نه ڪئي ۽ حڪومت زمين تان هٿ کڻي ويئي. اوم منڊليءَ وارو معاملو ذري گهٽ مذهبي اسڪينڊل هو. هڪ هندو  سوامي دادا ليکراج ڪراچيءَ ۾ اوم منڊليءَ نالي هڪ آشرم قائم ڪيو جنهن ۾ هندو عورتون ڀڳتياڻيون بڻجي ٿي آيون ۽ ان عمل هندو برادريءَ کي مڇرائي وڌو ۽ هنن حڪومت تي اهو آشرم بند ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو) انهن حلقن هوندي به مسلمانن سندن مفادن جي مخالفت ڪرڻ يا سندن مخالف حڪومت تي زوربار وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ۽ ان معاملي کي مڪمل طور تي هندو برادري ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار ٿي ليکيائون. جيتوڻيڪ هنومان مندر واري معاملي ۾ هڪ سرڪاري زمين تي قبضو ڪري مندر ٺاهيو ويو هو. اهو مامرو هندن جي حق ۾ نبيريو ويو، پر مسلمانن ان تي ڪوبه اعتراض نه واريو  هو. تاريخي منزل گاهه جي معاملي ۾ مسلمانن جو قبضو حق بجانب هو ۽ اهو هندو مفادن سان سڌو سنئون ٽڪراءُ ۾ به نه ٿي آيو. ان آباديءَ طرفان اختيار ڪيل اهڙو ورتاءُ سندن اڻ سهپ کي ظاهر ٿو ڪري ۽ ان مسلمانن کي پنهنجي موقف ۾ اڃان وڌيڪ سختي آڻڻ تي مجبور ڪيو.

4 1  آڪٽوبر تي سنڌ جي گورنر منزل گاهه جي مامري تي مسلمانن جي وڳوڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه خاص اختيار ڏيندڙ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو. اهو آرڊيننس واضح طور تي مسلم قيادت کي ڀڙڪائڻ لاءِ هو، ڇاڪاڻ جو عمومي قانون ۾ پڻ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جو ست هو. وڏي وزير جي ڪٿ موجب اهو آرڊيننس هندو مخالفت کي ڪنهن حد تائين جهڪو ڪندو. ان ئي وقت غلام حسين هدايت الله صاحب (جيڪو سومرو صاحب حڪومت ۾ گهرو معاملن جو وزير هو) مسلم ليگي قيادت آڏو ڪجهه تجويزون رکيون. انهن تجويزن موجب مسجد گرائونڊ مسلمانن جي استعمال لاءِ ڪنهن لائبرري يا اهڙي ڪنهن ٻئي سيڪيولر ڪمن طور کولي سگهجي ٿو پر مسجد طور نه. ان دوران سنڌ مسلم ليگ جا اڳواڻ جناح صاحب کي مڪمل ڄاڻ ڏيندا رهيا. آڪٽوبر جي شروعات ۾ هارون صاحب ساڻس لکپڙهه ڪري وائسراءِ سان ڳالهائڻ لاءِ چيو هو.

”حڪومت ادراڪ ۽ بردباري جي مڪمل اڻهوند جو مظاهرو ڪري رهي هئي. کين اهو احساس ئي ناهي ته جيڪا قوت کين هٽلر خلاف استعمال ڪرڻ گهرجي سا هاڻ هو پنهنجي ماڻهن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.“ (6 3 )

کهڙو  صاحب تجويزون کڻي دهليءَ جناح صاحب ڏانهن ويو ۽ ميرينا هوٽل ۾ ترسيو جتي هارون صاحب به ترسيل هو. کهڙي صاحب هارون صاحب کي رٿ ڏني ته هو سنڌ واپس موٽي جتي سندس ضرورت هئي ۽ هارون صاحب جلد واپسيءَ جو واعدو ڪيو. کهڙو صاحب جناح صاحب جي 0 1  اورنگزيب روڊ واري گهر تي ساڻس ملڻ ويو، اهو گهر آزاديءَ واري جدوجهد جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل بڻجڻو هو. جناح صاحب اهي تجويزون قبولڻ ۽ مذهبي معاملن تي حڪومت سان جهيڙي ۾ نه اچڻ جي صلاح ڏني. هن هڪ نبيراڻو فارمولو رٿيو:

”حڪومت منزل گاهه واري مامري تي مسلمانن جي احساسن کان ڀلي ڀت واقف آهي ۽ هوءَ هڪ اهڙو نبيرو چاهي ٿي جيڪو مسلمانن جي خواهشن ۽ احساسن جو مظهر هجي. ان ڪري حڪومت اها خاطري ٿي ڪرائي ته اڄوڪي تاريخ جي هڪ مهيني اندر پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪندي ۽ بحالي ڪميٽي ستيه گرهه معطل ڪرڻ ۽ فيصلي جي منتظر عمارت ۽ مسجد خالي ڪرڻ تي راضپو ٿي ڏيکاري.

۽ حڪومت آرڊيننس واپس وٺڻ جي به خاطري ٿي ڪرائي جنهن جي هاڻ ضرورت نه رهي آهي.“ (7 3 )

دهليءَ ۾ جناح صاحب سان صلاح مشورو ڪري موٽي اچڻ کان پوءِ کهڙي صاحب لاڙڪاڻي مان جي ايم سيد صاحب کي لکيو:

”آءٌ هاڻي ئي دهليءَ مان وريو آهيان ۽ صبح واري ريل گاڏي ذريعي ڪراچيءَ روانو ٿيندس. سر عبدالله هارون صاحب به عزت ماب گورنر جنرل جي هدايت تي 28  تاريخ اتي پهچندو. جناح صاحب هڪ فارمولو تيار ڪيو آهي. جيڪو ٺاهه واسطي حڪومت کي پيش ڪيو ويندو. جيڪڏهن حڪومت ان تي راضپو ڏيکاريو ته ٺاهه ٿي سگهندو ٻي صورت ۾ اسين پنهنجو پروگرام اڳتي وڌائينداسين. ڪراچيءَ ۾ اوهان جي موجودگي انتهائي اهم آهي ان ڪري دير ۾ دير آچر 9 2  تاريخ تائين اتي پهچو.“ (8 3 )

هارون صاحب گڏجاڻيءَ لاءِ ڪراچي پهچي نه سگهيو پر ٻين ليگي اڳواڻن ۽ بحالي ڪميٽيءَ جي ميمبرن ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ڪئي. سيد صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب سميت اڪثر ميمبرن ۽ شيخ واجد علي، نعمت الله قريشي، پير غلام مجدد سرهندي سميت بحاليءَ تحريڪ جي سرگرم همراهن جناح صاحب جي رٿيل ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيو ۽ زور ڀريو ته منزل گاهه واريون عمارتون غير مشروط طور تي مسلمانن جي حوالي ڪيون وڃن، نه ته جدوجهد جا مقصد پنهنجي وصف وڃائي ويهندا. ان ريت بحالي ڪميٽي پنهنجي اصلوڪن مقصدن سان ئي سلهاڙيل رهي.“ (9 3 )

ان حقيقت جي باوجود ته سکر ۾ ماحول انتهائي حساس ۽ ڇڪتاڻ ڀريو هو، هندو مهاسڀا 2 1  کان 4 1  نومبر تي اتي هڪ ڪانفرنس گهرائي جنهن لاءِ انتها پسند مهاسڀائي اڳواڻ ڊاڪٽر مونجيءَ کي دعوت ڏنائون. ان ڪانفرنس ۾ منزل گاهه متعلق حڪومت جي ڪمزور ۽ ٻڏتر واري پاليسيءَ کي ننديندي هڪ ٺهراءُ منظور ڪري حڪومت کي منزل گاهه کي هڪدم پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ چيو ويو. ڪانفرنس اها به گُهر ڪئي ته هندو وزير، هندو پارلياماني سيڪريٽري ۽ هندو ڊپٽي اسپيڪر احتجاج طور پنهنجي عهدن تان استعفائون ڏين. اخباري اطلاعن موجب ڊاڪٽر مونجيءَ ڄاڻايو ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻن هندو وزيرن خاطري ڪرائي آهي ته 7 1  نومبر تائين منزل گاهه خالي نه ڪرائڻ جي صورت ۾ هو استعفائون ڏيندا.(0 4 )

اهڙي موقعي تي خاص طور تي سکر ۾ ٿيندڙ انهيءَ ڪانفرنس ڇڪتاڻ کي تهائين وڌائي ڇڏيو. ان حقيقت ته هڪ هندو وزير جي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت وڏي وزير کي نه رڳو ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو. پر ان سندس راڄ جي حياتي پڻ جوکم ۾ وجهي ڇڏي هئي. حڪومت کي احساس ٿيو ته آرڊيننس پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ويو آهي. جو اهو نه مسلم ليگ کي گهيري ۾ آڻي سگهيو ۽ نه ئي وري هندو عام راءِ کي ٺاري سگهيو. سومري صاحب جي حڪومت کي انتهائي دٻاءُ هيٺ کيس پنهنجو ڪو رستو نظر ڪونه پئي آيو. ان کان پوءِ 19   آڪٽوبر تي حڪومت اوچتو ستيه گرهه ڪندڙن تي مارو ڪيو. منزل گاهه عمارتون خالي ڪرائڻ لاءِ بي رحم قدم کنيو ويو. پوليس جي وڏي تعداد کي رضاڪارن کي زوريءَ هٽائڻ لاءِ اماڻيو ويو. عمارتون خالي ڪرائڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لاٺي چارج استعمال ڪيا ويا. ان دوران ڪيترائي ڦٽيا جڏهن ته انيڪ کي جيلن ۾ واڙيو ويو.

اڳواڻن ۽ اهم منتظمين کي هڪدم گرفتار ڪيو ويو. ان ڏينهن سکر ۾ موجود جي ايم سيد صاحب ۽ مقامي آرگنائزرن آغا نظر علي خان پٺاڻ، ڊاڪٽر يامين صاحب ۽ نعمت الله قريشيءَ کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل اماڻيو ويو. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ موجود کهڙي صاحب کي سندس ڳوٺ نظربند ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کهڙي صاحب جي ساٿي قاضي فضل الله صاحب سان گڏوگڏ ٻين سرواڻ شخصيتن آغا غلام نبي پٺاڻ، شڪارپور جي شيخ واجد علي صاحب ۽ پير غلام مجدد سرهندي کي به گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. (1 4 )

فوج جي مدد طلبي وئي جيڪا هندستاني حڪومت گورنر صاحب جي حوالي نه ڪئي. لنلٿگو کي لکيل هڪ خط ۾ لارڊ زيٽلينڊ ڪمانڊر انچيف جو موقف ڄاڻائيندي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي. ”جيڪڏهن سنڌ پوليس جي طاقت کي مناسب طور تي استعمال ڪيو وڃي ها ته فوجي مدد جي جيڪر ضرورت ئي نه پوي ها.“

نومبر کان پوءِ منزل گاهه تي فوج لاڳو ڪرڻ واري حقيقت مرڪز کي قبول نه هئي، جيڪو مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هو. وائسراءِ سان لکپڙهه دوران سنڌ جي تجربي مان ڪي عملي سبق اخذ ڪندي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو:

”مون تائين سنڌ مان پهتل تازي ترين خبر اهو واضح ٿي ڪري ته ان صوبي بابت منهنجو اهو خيال ته هو پر امن هئڻ کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه درست ثابت ٿيو آهي. مامري جنهن منزل گاهه بحاليءَ ڪميٽيءَ جي سرگرمين ۾ مرڪزي نڪتو ماڻيو، لڳي ٿو ته فرقيوار ڏڦيڙ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال اثرائتو ٿو لڳي ۽ ان موقعي تي ماڻيل ڪاميابي  ان اميد جو ڏس ٿي ڏي ته اهو سول نافرمانيءَ واري مهم ۾ رڌل هجوم سان منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتو هٿيار ٿي سگهي ٿو.“ (2 4 )

لنلٿگو ۽ هندستاني حڪومت سڌي سنئين مداخلت جو نه چاهيندي، صورتحال کي ڀلي ڀت سمجهيو ٿي ۽ ان جو اظهار ڪجهه مهينا پوءِ گورنر کي لکيل وائسراءِ جي خط مان ٿئي ٿو:

”مختصر طور تي منزل گاهه تڪرار جي تاريخ اها آهي ته اهو ڪجهه سالن کان وقفي وقفي سان وڌي رهيو هو پر آگسٽ1939 ع کان پوءِ هيٺين ڳالهين سبب چوٽ چڙهي ويو:

(الف) سنڌ مسلم ليگ طرفان وڏي وزير کي هيسائڻ (جنهن ليگ ۾ شموليت کان نابري واري) ۽ سندس حڪومت ڊاهڻ جي ڪوشش

(ب) سکر ۽ ان جي پسگردائي ۾ سدائين هندن ۽ مسلمانن ۾ ڏڦيڙ ته پيدا ٿيندا رهيا، پر انهن تي ٻرندي باهه تي تيل جو ڪم ڏيندڙ واقعا جولاءِ (دراصل آگسٽ) ۾ پير آف ڀرچونڊي جي پٽ عبدالرحيم کي سکر ۾ مارڪٽ، 3  آڪٽوبر تي منزل گاهه تي مسلمانن جو قبضو، پهرين نومبر تي هڪ هندو بزرگ ڀڳت ڪنور رام جو قتل* ۽ 2 1  کان 4 1  نومبر تائين سکر ۾ هندو مها سڀا جي ڪانفرنس ثابت ٿيا. 9 1  نومبر کان پوءِ شروع ڪيل حڪومت جون نظم و ضبط کي بهتر بنائڻ واريون تجويزون ناڪام ويون، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ساڍن ٽن مهينن تائين حڪومت ان ڏس ۾ ڪن لاٽار ڪندي رهي. حڪومت جا مسلم اڳواڻن سان ناتا انهيءَ دوران حڪومت جو پاڻ ۾ ڏڦيڙ هئڻ ڪري گهڻي ڀاڱي غير يقيني ۽ اڻ وڻندڙ هئا.“(3 4 )

منزل گاهه جي قابض مسلمانن تي حڪومتي ماري تي هندو پريس هنڀوڇيون هنيون. جنهن مسلمانن جي زخمن تي ڄڻ لوڻ ٻرڪيو. مسلمان واقعن جي انهيءَ اوچتي ڦيري تي دنگ رهجي ويا. ”شڪارپور جي آمر“(44) سڏجندڙ شيخ واجد علي صاحب سميت ڪيترائي ستيه گرهي اڳواڻ پوليس ڪاروائي ۾ زخمي ٿيا. منزل گاهه تان ڊوڙائي ڪڍيل رضاڪار پوليس جي ڏاڍائي ۽ هندن جي چڙ ڏياريندڙ ورتاءُ جي قصن سان چوطرف پکڙجي ويا.

”افواهه جيڪي مڪمل طور تي غلط به نه هئا اوسي پاسي پکڙجي ويا ته حڪومت طرفان مسجد خالي ڪرائڻ کان پوءِ هندن سکر شهر ۾ مسلمانن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سندن شڪار ٿيلن ۾ هڪ مولوي ۽ سندس زال پٽ شامل آهن.“ (5 4 )

سکر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تشدد ۽ وڳوڙ جا ڪيترائي واقعا ٿيا جن ۾ نه رڳو شهر متاثر ٿيو پر اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ هندن کان ڦرلٽ ڪري واڻين کي اتان ڊوڙائي ڪڍيو ويو. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.1930 ع وارن وڳوڙن جون يادون اڃان تازيون هيون جن بابت جاچ آفيسر تڏهن چيو هو:

”سکر شهر ۾ وڳوڙ پنهنجي انداز جي لحاظ کان خالص فرقيوار هئا. هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ ورتاءُ جيڪو گذريل ڪجهه عرصي کان گرم جوشي وارو نه هو، ڪانگريسي سرگرمين سبب تهائين ڏڦيڙ ڀريو ٿيو ۽ هڪ هندو ڪانگريسي جلوس ۽ مسلمانن ۾ ٽڪراءُ ذريعي وڳوڙ  شروع ٿيا. ان کان پوءِ سکر ۾ اڻ روڪ قتل عام ۽ ڦر لٽ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هندن ان ۾ وڌيڪ نقصان سٺو. اها خبر سڄي ضلعي ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي. سکر ۾ مزدور طور ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻي علائقن سان تعلق رکندڙ مسلمان ڦرجي سامان سوڌو پنهنجي گهر پهتا ۽ هندن تي حملن ۽ ڦرلٽ جا قصا ٻڌايائون. اهي افواهه پکڙجڻ شروع ٿيا ته حڪومت مسلمانن کي هندن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني آهي. اها ڳالهه مسلمان آبادگارن لاءِ هرکائيندڙ هئي جيڪي هندن جا قرضي هئا. ان ڪري مسلمانن انهن جي افواهه کي ويچارڻ کان سواءِ سچو سمجهڻ شروع ڪيو.“ (6 4 )

جج ويسٽن صاحب پنهنجي جاچ ۾ هڪ ڏهاڪو کن اڳ ٺاهيل گرين رپورٽ جي نتيجن سان سهمت ظاهر ڪئي ۽ چيو ته1939  ع وارن وڳوڙن پويان به ساڳيائي سبب هئا. سکر شهر جي 0 7  هزار آباديءَ مان 0 4  هزار کن هندو هئا.

”هندن کي نه رڳو تعداد جو پر پنهنجي دولت جو پڻ ٽيڪو آهي. ميونسپالٽيءَ ۾ سندن اڪثريت آهي ۽ هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي هو اقليت ۾ آهن، مسلمان اهو مشاهدو ڪرڻ لاءِ باجواز آهن ته هو پنهنجي مقامي اڪثريت کي پنهنجي ڀرپور مفادن لاءِ استعمال ٿا ڪن. ٻنهي برادرين ۾ ناتا گذريل ڪجهه سالن کان ابتريءَ جو شڪار پئي رهيا ۽ 1930ع وارن وڳوڙن کي وساري نه سگهيا آهن.“

”جن هندن زندگيءَ ۾ وڌيڪ ڀوڳيو ۽ اهي جن کي رڳو ملڪيتن جو نقصان ٿيو، همدردي لائق آهن. صورتحال گهڻي ڀاڱي سندن پيدا ڪيل نه هئي. منزل گاهه جي منتقلي بابت سندن مخالفت سندن مفادن جي خلاف هئڻ جو ڏس ٿي ڏئي. آءٌ اهو نه ٿو چوان ته هندن ۾ تنگ نظر فرقيوار رويو آهي، پر سکر جي وڏي آبادي هئڻ ناتي اهو چئي سگهجي ٿو ته سندن ذميواري به وڏي هئي ته هو برداشت جي جذبي جو مظاهرو ڪن ها ۽ اهڙي جذبي جي اڻهوند ۾ شهر ۽ ضلعي جو ڏيک ڪنهن به ريت سهائيندڙ نه ٿو ٿي سگهي. 1930 ع وانگر1939 ع ۾ به سکر ۾ چڻنگ مان ڀنڀٽ ٻاريندڙ دونهين موجود هئي.“ (7 4 ) جاچ اهو واضح ڪيو ته انهن واقعن کي ”بغاوت“ نه ٿو ليکي سگهجي ۽ اهي رٿابندي ڪيل يا طئي ٿيل نه هئا:

”جيتوڻيڪ سکر ۾ گڙٻڙ کي بغاوت سڏيو پئي ويو آهي، پر اهي حقيقتاً بدامنيءَ جا ايڪڙ ٻيڪڙ مظاهرا هئا. ڪجهه ڪيسن ۾ اهو چيو ٿو وڃي ته ماڻهن جا هشام ملوث رهيا پر اختياري وارن سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ لاءِ ڪابه گڏيل ۽ کلي مخالفت نه هئي ۽ گهن تڻن ڪيسن ۾ ٿيل ڏوهه نسبتاً ننڍن ٽولن جي ڪرت رهيا. ڪجهه ڪيسن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڏوهن ۾ ملوث هئڻ بابت ماڻهن جي ٽولن يا ڪنهن خاص فرد بابت گهٽ شڪ آهي.“(8 4 )

منزل گاهه جي سوڀ تيزيءَ سان هندو برادريءَ جي وات ۾ ڦلهير ۾ تبديل ٿي. هو سومري صاحب مان انتهائي مايوس ٿيا ۽ کيس ئي مڪمل طور تي ذميوار ليکڻ لڳا. نه رڳو منزل گاهه وارو مامرو نئين سر سامهون اچي ويو هو پر ان جي وارتا ۾ هندن کي ئي جاني ۽ مالي لحاظ کان گهڻي ڀاڱي نقصان سهڻو پيو. هندو راءِ عامه، خاص طور تي سکر ۽ اتر سنڌ جي سومري صاحب جي خلاف ٿي وئي. هندن اهڙي حڪومت ٿي چاهي جيڪا سندن تحفظ جي ضمانت ڏئي سگهي. سو آهستي آهستي سندن ذهنن مسلم ليگ قيادت سان ٺهڪجڻ شروع ڪيو. جنهن  مسلمانن ۾ وڏي شاهي مقبوليت ٿي ماڻي ۽ خاص طور تي منزل گاهه واري واقعي کان پوءِ ان ۾ ويتر اضافو ٿيو هو.

مسلم ليگ جا گهڻي ڀاڱي اڳواڻ مهينو کن نظربند هيا. پنهنجي ڳوٺ تائين محدود بڻايل کهڙي صاحب پنهنجي زمينداريءَ تي ڌيان ڏنو، جيڪا منزل گاهه تحريڪ دوران نظر انداز پئي رهي. هاڻ هن وٽ لاڙڪاڻي سان گڏوگڏ خيرپور جي معاملن لاءِ به وقت هو. سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري تي سندس ڳوٺ عاقل مان جتي سندس اباڻو گهر هو، هو روز صبح جو بچاءُ بند تي پسار ڪرڻ ٿي ويو. پسگردائي سياري جي انهن ٽن مهينن ۾ شاندار روپ ٿي پسايو، جتي سرنهن جا ڳنر (جيڪي ٻاڦي ۽ لوڻ لڳائي کائڻ سندس سڄي زندگيءَ جو شوق بڻيل رهيو) ۽ ڪڻڪ جي لاباري نه ٿيل ٻنين جا نظارا روح کي راحت رسائي رهيا هئا. تازو ئي لٿل چاڙهه زرخيز لٽ جو پنهنجي پويان اهڙو تهه ڇڏيو هو، جنهن تي ٻج جو ڇنڊڪو ڀلوڙ فصل جي خاطري هو ۽ صبح سوير وهٽن ۽ ڍڳي گاڏين جي سنڌ جي اصلوڪن مظهرن جي آوازن ۾ پسار پنهنجي جذبن کي نئون ريج ڏيڻ لاءِ مناسب وکر هو.

پر ڪم لاءِ پنهنجي اڻٿڪ طلب رکندڙ کهڙي صاحب انهيءَ هڪ مهيني کي ضائع ٿيڻ نه ڏنو. نظربنديءَ واري هڪ مهيني جو گهڻو حصو سنڌ جي کاٻي ڪپ تي خيرپور ۾ گذاريائين. جت نظربنديءَ جا حڪم لاڳو نه پئي ٿيا. خيرپور ۾ پنهنجي زمينداريءَ جي معاملن سان گڏوگڏ کهڙي صاحب سدائين زميندارن ۽ رياست جي معاملن ۾ گهري دلچسپي ٿي ورتي جتي هن محسوس ٿي ڪيو ته هو حاڪمن جي چهبڪ ڀري انتظاميا ۽ ڏاڍ ڏمر ۾ گهاريندڙ غلام آهن. هن خيرپور جي زميندارن ۽ آبادگارن جو مامرو اڳيئي پنهنجي هٿن ۾ کڻي خيرپور زميندار ايسوسيئيشن ٺاهي هئائين ۽ سندن پاران نه رڳو سنڌ حڪومت کي پر هندستاني حڪومت کي به عرضداشتون پيش ڪيون هئائين. جتي هن سفر ڪري ڪيئي ڀيرا مقامي رياستن جي انچارج ايگزيڪيٽو ڪائونسلر سان ملاقاتون ڪيون هيون. نومبر ۽ ڊسمبر1939 ع واري عرصي جي دوران کهڙي صاحب رياست ۾ پنهنجي ڪم ۽ دوستن ۾ مصروف ٿي ويو. جيپ تي سفر کان اڳ وارن انهن ڏينهن ۾ هو سنڌو تائين وڃي ڪنهن سهڻي ٻيڙيءَ ۾ دريا جهاڳي خيرپور اسهندو هو. خيرپور جي طرف درياهه جي ڪپ تي کهڙو ڪيٽي (9 4 )هئي. اتي ڪچي جي وڏي شاهي ايراضي هئي جيڪا هر سال ايندڙ چاڙهه جي نتيجي ۾ انتهائي زرخيز هئي ۽ ڪڻڪ ۽ دالين جي وڏي شاهي فصل سان گڏوگڏ سياري ۾ سرنهن جي پيلن گلن سان سٿيل هوندي هئي. کهڙو صاحب گاڏيءَ وسيلي يا سندس پسنديده مهري نسل جي اٺ تي چڙهي ائين اخبار پڙهندو هو ڄڻ اها سندس رولس رائس ڪار هجي.

پر انتهائي شاندار آرام ۽ زمينداري ڪم ۽ خيرپور جي معاملن جي پنهنجي سر پيدا ڪيل سرگرميءَ هوندي به کهڙي صاحب سياسي اٿل پٿل کان ٻاهر هئڻ کي محسوس ٿي ڪيو. عام طور تي پنهنجي خطن ۾ مختصر طور تي علامتي انداز ۾ لکندڙ کهڙي صاحب نظربنديءَ دوران پنهنجي جيوت بابت جي ايم سيد صاحب کي ڪجهه تفصيل سان لکيو:

”اوهان جي باندي بڻجڻ ۽ منهنجي چرپر تي روڪ کان وٺي اوهان وٽان ڪجهه به نه ٻڌو اٿم. 20   تي حيدرآباد ۾ پنهنجي آخري ملاقات تي اوهان چاڪ نه ٿي لڳا (سيد صاحب کي 9 1  تاريخ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ بخار هوندي به کيس ٻه سئو ميل پري حيدرآباد جيل آندو ويو) اُميد اٿم ته ڊگهي عرصي کان گهربل آرام ملڻ جي نتيجي ۾ اوهان جي صحت ٺيڪ ٿي وئي هوندي. سڄا سارا ٻه هفتا درياءَ جي هن پار پنهنجي ٻنين تي هئس ۽ هاڻ برطانوي ايراضيءَ ۾ عاقل موٽي آيو آهيان. چرپر کان روڪ وارن حڪمن موجب آءٌ برطانوي ايراضيءَ تي رڳو عاقل رهي سگهان ٿو يا وري خيرپور رياست جا وڻ وسائي سگهان ٿو. اهو حڪم خيرپور ۾ مون تي لاڳو نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ جو اهو سنڌ حڪومت جي حدن کان ٻاهر آهي. اوڏانهن گهوڙي تي ويس ۽ هڪ ٻيڙيءَ وسيلي سنڌو درياءَ  کي پار ڪيم. خيرپور رياست جي حد عاقل ڳوٺ کان چئن ميلن کن جي فاصلي تي آهي. اميد اٿم ته اوهان سان جلد گڏبس. نيڪ خواهشن ۽ سنگت لاءِ سلامن سان.“ (0 5 )

هڪ مهيني کان پوءِ 1 2  ڊسمبر تي کهڙي صاحب جي نظربندي ختم ٿي. 9  جنوريءَ تي جي ايم سيد صاحب کي حيدرآباد جيل مان آزاد ڪيو ويو ۽ آهستي آهستي ٻين اڳواڻن کي پڻ آزاد ڪيو ويو. 4 2  ڊسمبر تي کهڙي صاحب سيد صاحب کي لکيو:

”اوهان جي 7 1  تاريخ واري خط جا ٿورا. منهنجي چرپر خلاف حڪمنامو 1 2  تي ختم ٿي ويو. 3 2  تاريخ تي خيرپور رياست کان موٽيس ۽ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ لاڙڪاڻي ويس. ڪرسمس جي موڪلن ڪري ڪراچي وڃڻ جو ڪو فائدو ناهي. بهرحال ٽين تاريخ تي حيدرآباد اچي اوهان سمورن دوستن سان ملندس ۽ ان کان پوءِ ڪراچيءَ روانو ٿيندس. منهنجي خيال ۾ سر عبدالله هارون صاحب ڪراچيءَ موٽي آيو آهي. گذدر صاحب ٻه ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ هو پر آءٌ خيرپور هئس، ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. اهو پتو پيم ته هو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سکر ويو ۽ اتان ڪراچي موٽي ويو. سر عبدالله هارون صاحب کان مليل هڪ خط وسيلي ڄاڻ ٿي اٿم ته جناح صاحب سکر جي ڏڦيڙ تي جاچ لاءِ سر ڪريم ڀائي ابراهيم ۽ نواب سر شاهنواز ممدوٽ کي مقرر ڪيو آهي. اوهان سان سگهوئي ملاقات جي اميد اٿم.“(1 5 )

منزل گاهه واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل هئڻ سبب مسلم ليگي اڳواڻن هندستان جي اڪثر صوبن ۾ ڪانگريسي راڄ ختم ٿيڻ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر طرفان 2 2  ڊسمبر تي ”نجات جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جي سنڌ پاران مناسب موٽ ڏئي نه سگهيا. آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر طور جناح (ڪانگريس طرفان1936  ع وارين چونڊن کان پوءِ صوبن ۾ ٺاهيل پنهنجي حڪومت تان استعيفيٰ ڏيڻ تي) ”نجات جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو سڏ ڏنو. انهن استعيفائن جو سبب هندستان جي سياسي موقف ڄاڻڻ کان سواءِ هندستاني حڪومت طرفان مهاڀاري لڙائيءَ ۾ شامل ٿيڻ خلاف احتجاج هو.” نجات وارو ڏهاڙو“ ڪانگريسي حڪومتن هٿان مسلمانن سان ٿيل زيادتين جو اظهار هو. اهي زيادتيون يوپيءَ ۾ خاص طور تي پيرپور ۽ ٻين رپورٽن جي ظاهر ٿيڻ سان تفصيلي طور تي سامهون آيون. گهڻي ڀاڱي سنڌ جا مسلم ليگي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ هئا. خود کهڙو صاحب به ان کان هڪ ڏينهن اڳ 2 1  ڊسمبر تي آزاد ٿيو هو ۽ هو به سنڌ جي ڏورانهين علائقي ۾ هو ان ڪري گورنر صاحب هندستاني حڪومت کي اها رپورٽ اماڻي ته:

”مسلم ليگ جو نجات وارو ڏهاڙو سنڌ ۾ انتهائي ناڪام رهيو ۽ ان دراصل ڪوبه جوش و خروش پيدا نه ڪيو. اسان سکر جي ضلعي مئجسٽريٽ کي ڄاڻايو ته سندس ضلعي ۾ ان ڏهاڙي جي اجازت ڏيڻ سندس صوابديد تي هوندو ۽ هن اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اڄ صبح جو ئي وٽائنس هڪ خط مليو اٿم. جنهن ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته رعايا ۾ گڏجاڻين ۽ جلوسن تي پابنديءَ جي حوالي سان ڪوبه جوش و خروش نه هو.“ (2 5 )

بهر صورت سنڌ جي مسلمانن ڪنهن به ريت پنهنجي ”نجات“ نه ٿي محسوس ڪئي ۽ ان ڪري هو نجات جو ڏهاڙو ملهائڻ جي موڊ ۾ نه هئا. منزل گاهه واريون عمارتون هڪ ڀيرو ٻيهر سندن هٿن مان نڪري چڪيون هيون. سوين ستيا گرهي ڪارڪن ۽ ليڊر جيلن ۾ بند هئا. هر روز وڳوڙ، قتل ۽ ڦرلٽ جي الزام هيٺ گرفتاريون ٿي رهيون هيون. مسلم ليگي قيادت انتهائي دٻاءَ هيٺ هئي. اها هڪ ويري ۽ پلاند وٺندڙ حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ ۽ ڪارڪنن ۽ عام مسلمانن جي مايوسيءَ جي ٻٽي پيڙا جو شڪار هئي.

آزاد ٿيندي ئي کهڙو صاحب پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. سندس فوري قدم ڪنهن فرق ڦير کان سواءِ اڻ سهائيندڙ قدم کڻندڙ حڪومت کان ڪنهن حد تائين مسلمانن کي بچائڻ هو. مسلمانن کي درپيش مسئلن جي ڏس ۾ پنهنجي دوستن سان صلاح مشوري ۽ گڏوگڏ سر سڪندر حيات صاحب کان هدايت وٺڻ واسطي لاهور ويندي جي ايم سيد صاحب کي لکيل هڪ خط ۾ هن پنهنجي ذهن ۾ واسو ڪيل اهم مسئلن جو ذڪر ڪيو:

”ريل مان 2 1  جنوري 1940  ع.

0 1  تاريخ سکر ۾ ڄاتم ته بحاليءَ ڪميٽيءَ جي سمورن ميمبرن ۽ ڪجهه ٻين خلاف منزل گاهه تي زوريءَ قبضي بابت شڪايت درج ڪئي وئي آهي. اها انڊين پينل ڪوڊ جي شق 7 1 1  ۽ 8 4 4  تحت داخل ٿي آهي. 8  تاريخ ”سنڌ زميندار“ جي جهڙتي ورتي وئي ۽ اسان جي ڪميٽيءَ جا سمورا فائل پوليس کڻي وئي آهي.

2 - توهان ڪراچيءَ جون سڀئي اخبارون پڙهندا هوندا. اوهان حڪومت کي ڏنل هندن جا چوڏهن شرط ڏٺا آهن. اهي قبول ٿيڻ تي سنڌ جي مسلمان آباديءَ کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيندا. ان ڪري گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سر عبدالله هارون صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ گذدر صاحب جي صلاح مشوري سان هڪ مختصر بيان جاري ڪيم ته جيتوڻيڪ آءٌ موجوده حالتن ۾ ان جو حمايتي آهيان پر اسان نئين حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن هندو يا ڪانگريس پارٽيءَ سان ڳالهيون نه ڪيون آهن.

3 - اوهان ڏسو پيا ته سنڌ ۾ هندو پريس پنهنجي مسلم ليگي قيادت ۽ سکر ۾ گرفتار ٿيل ٻين همراهن خلاف ڪيتري بي روڪ پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني آهي؟ هو اسان کي ڪچلڻ چاهين ٿا، مهرباني ڪري 1 1  ۽ 2 1  جنوري جي ”سنڌ آبزرور“، ضرور پڙهو.

4 - هيل تائين سکر ۾ 0 0 3 1  کن مسلمان ڳوٺاڻا گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. دل ڀريو پيو اٿم، پر هينئر ڪجهه نه ٿو چوڻ چاهيان.

3 2  تاريخ ڪراچيءَ ۾ گڏجڻ تي صورتحال بابت ڳالهائينداسين. مون کي ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان کي اسيمبليءَ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

آءٌ هڪ اهم سياسي ڪم سان لاهور پيو وڃان ۽ 6 1  تاريخ تي لاڙڪاڻي موٽندس.“(3 5 )

           هندو وڳوڙن لاءِ ذميوار ماڻهن ۽ خاص طور تي مسلم ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي لاءِ سومري تي انتهائي دٻاءُ وجهي رهيا هئا. جيتوڻيڪ سومري صاحب جي غير يقيني پاليسين بابت منجهن عمومي بيچيني هئي ۽ سندن چوڻ موجب هن جي ڪمزورين سبب ئي هندن جي ملڪيت ۽ جانين کي نقصان رسيو. ڪانگريسي هندو اڃان تائين ساڻس وهنوار رکڻ جا خواهشمند هئا جو ڄاتائون ٿي ته هو کيس بهتر انداز ۾ ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا. بهرحال آزاد هندو گروپ ۽ پئنچائت جي فيڊريشن ذريعي نمائندگي رکندڙ ڀائي بند برادريءَ ۽ واقعن جو خاص طور تي نشانو بڻجندڙ اتر سنڌ جي هندن جي اڪثريت مسلمان اڳواڻن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ وڌيڪ آتا هئا، جن لاءِ محسوس ڪيائون ته مسلمانن جي اڪثريت جو اعتماد حاصل اٿن. ان دوران نئين سر هندن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ سومرو صاحب پنهنجي هٿ وس هر قدم کڻي رهيو هو. هن سکر ضلعي ۾ 1872ع ۽ 1892 ع جي فرنٽيئر ريگيوليشن متعلق هڪ بل پڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڳوڙن لاءِ ذميوار فردن جي خلاف تڪڙا قدم کڄي سگهن. ان جي مسلم ليگي قيادت شديد مخالفت ڪئي. کهڙي صاحب جناح صاحب کي هڪ ٽيليگرام اماڻي هندستاني حڪومت وٽ مداخلت ڪرڻ لاءِ چيو:

”سنڌ حڪومت ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن جي پٺڀرائيءَ سان 1872ع ۽ 1892 ع وارن فرنٽيئر ريگيوليشن کي سکر ضلعي ۾ لاڳو ڪرڻ جو بل آڻي رهي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر اڳوڻي منظوري کي رد ڪري ڇڏيو. ضروري اجازت کي روڪڻ لاءِ اسان طرفان گورنر جنرل کي وينتي ڪريو، مسلمان راءِ عامه انهيءَ آپيشاهاڻي ۽ غير مناسب قدم جي انتهائي مخالف آهي ۽ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت به انهيءَ خلاف آهي. سوين معصوم ماڻهن کي ان جي آڙ ۾ نشانو بڻايو ويندو. الله بخش حڪومت پنهنجي اقتدار کي جاري رکڻ لاءِ هندن ۽ ڪانگريس کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي.“ (4 5 )

3 1  جنوري تي جناح صاحب لنلٿگو سان ملاقات ڪري سنڌ جي معاملن بابت ساڻس ڳالهايو. لنلٿگو جناح صاحب سان پنهنجي ملاقات بابت زيٽلينڊ کي رپورٽ ڏني:

”ان کان پوءِ هن سنڌ جو مسئلو اٿاريو. هن چيو ته هو ان معاملي جي غلط يا صحيح هئڻ تي اڃان واضح ناهي پر اهي ته وڏي وزير تازو تقريرون ڪيون آهن، جن جا نقل هو مون کي اماڻي ڏيندو، جن وڏي وزير جي اقتدار ۾ رهڻ بابت سنڌ ۾ ناممڪن صورتحال پيدا ڪئي، مون وراڻيو مانس ته آءٌ انهن جو مواد ڏسڻ تائين انتظار ڪندس.“

جيئن کهڙي صاحب جو 2 1  جنوري تي سيد صاحب کي لکيل خط به واضح ٿو ڪري ته بحاليءَ ڪميٽيءَ جي اڳواڻن جي آزاد ٿيڻ جي باوجود سنڌ ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ ڀري هئي. اهم مسئلن کي اڃان تائين مخاطب نه ڪيو ويو هو. منزل گاهه جي قبضي، مسجد مان گرفتار ٿيلن ۽ گڏوگڏ خاص طور تي سکر  ۽ شڪارپور جي اوسي پاسي وارن ڳوٺاڻن علائقن ۾ پيش آيل ڪجهه واقعن جي نتيجي ۾ هندو آباديءَ ۾ پيدا ٿيل عدم تحفظ جا مامرا اڃان تائين موجود هئا. سنڌ جي هندن ۾ عددي لحاظ کان اڪثريتي شهرن سکر، شڪارپور، حيدرآباد ۾ بالادستي ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن شهرن ۾ چڱي موچاري تعداد ۾ رهندڙ، وڻج واپار واري طبقي تي ٻڌل هئڻ سبب شاهوڪار ڀائي بند ذات وارا انتهائي پريشان هئا. هو سنڌ جي وڏن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ به ٿانيڪو نه هئا جتي دڪان ٿي هلايائون يا وري وياج تي رقمون ٿي ڏنائون. واڻين مسلمانن جي وچ ۾ رهندي پنهنجو پاڻ کي سڻڀو گرهه ٿي ليکيو، ڇاڪاڻ جو مسلمان نه رڳو کانئن وڌيڪ غريب هئا پر سندن قرضي پڻ هئا.

ڀائي بند برادري هاڻ ذميوار مسلمانن سان جن کي هنن مسلم ليگي ڪري ٿي ڄاتو، ڪو نبيرو  ڪرڻ لاءِ آتي هئي. ٽياڪڙ، تازو ئي جيل مان آزاد ٿيل ۽ اڃان تائين پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ۾ ئي موجود جي ايم سيد صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويا. سيد صاحب پنهنجي شروعاتي سياسي دور ۾ ڪانگريسي هو ۽ ساڻس ملاقات لاءِ ويل هندو سياستدانن ۾ ڪيترائي سندس دوست پڻ هئا. هنن نبيري ۽ افهام تفهيم واسطي مسلم ليگي اڳواڻن سان سندن ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيو. سکر ۽ شڪارپور جي پئنچائتن جي مکين ۽ اهم مسلم ليگي اڳواڻن سر عبدالله هارون صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب، کهڙي صاحب ۽ جي ايم سيد صاحب وچ ۾ هڪ ملاقات جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کلئي دل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مکين هڪ جوڳي افهام تفهيم ۽ سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي تحفظ جي خاطري ڏياريندڙ هڪ ٺاهه تي رسڻ لاءِ پنهنجي خواهشن جو اظهار ڪيو. نومبر وارا واقعا خاص طور تي ان حوالي سان هنن لاءِ حيرت جوڳا هئا جو هنن سمجهيو ٿي ته جنهن حڪومت جي هو حمايت ڪري رهيا آهن، سا کين تحفظ پڻ مهيا ڪندي. هاڻ هو ان نتيجي تي پهتا هئا ته هو سومرو حڪومت تي انحصار نه ٿا ڪري سگهن.

هندو برادريءَ ۾ سومري صاحب جي مخالفت وڌڻ لڳي جيڪا ڪجهه هندو گروپن کانئس اجايون وڌيڪ رعايتون ماڻڻ لاءِ استعمال ڪئي. پنهنجي حمايت لاءِ قيمت وصول ڪرڻ واري ڳالهه خاص طور تي ڪانگريس تي پوري ٿي لهي. بهرحال اتر سنڌ جي پئنچائتن جو ان تي زور هو ته هو سومري صاحب کي وڏي وزير طور وڌيڪ برداشت نه ڪندا. سنڌ پئنچائتن جي فيڊريشن هڪ ڪميٽي جوڙي ان کي سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي مفادن جي تحفظ لاءِ هر واسطيدار ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جو اختيار ڏنو. انهن ڳالهين ڊيگهه ڪئي ڇاڪاڻ جو پئنچائت ڪميٽيءَ انهن مان وڌ کان وڌ لاڀ پرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ٿي ڪئي. هندن جا اهم مطالبا هيءُ هئا:

1 - هيٺين ڳالهين جي جاچ لاءِ هڪ ٽربيونل جوڙڻ

(الف) سکر جي وڳوڙن جا سبب

(ب) منزل گاهه جي مسجد هئڻ يا نه هئڻ جي صفائي ڪرڻ

2 - سکر جي وڳوڙن جي متاثر ٿيلن کي معاوضي جي ادائيگي

3 - سکر جي وڳوڙن جي ڏس ۾ قانوني وهنوار ۾ مداخلت نه ڪرڻ

4 - نوڪرين ۾ فرقن جي بنياد تي نمائندگيءَ جو تناسب

5 - ڏڦيڙي علائقن ۾ جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ مناسب اپاءُ

6 - سکر ۽ شڪارپور ميونسيپالٽين ۾ گڏيل چونڊ سرشتو متعارف ڪرائڻ.

انهن ڳالهين هلڻ دوران سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس فيبروريءَ 1940ع ۾ ٿيو. وڳوڙن جو پيش خيمو بڻجندڙ سکر جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهائيندي کهڙي صاحب پنهنجو تجزيو پيش ڪيو ته هاڃي جو بنيادي سبب سنڌ حڪومت جو فيصلو نه ڪرڻ هو:

”سکر ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو بنيادي سبب حڪومت طرفان درست وقت تي درست فيصلو نه ڪرڻ هو. اسان منزل گاهه واري مامري تي جون 1939 ع ۾ گُهر ڪئي هئي. وڏو وزير مارچ 1938 ع کان ان عهدي تي فائز آهي ۽ هن 1938ع ۾ ئي اهو معاملو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو. جيڪڏهن هو ان سان سهمت هو ته اها مسجد هئي ۽ اهو مسلمانن جو حق هو، ته کيس پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪري، اها سکر جي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ کپندي هئي. کيس هنن کي ايترن مهينن تائين دلاسن تي نه رکڻ کپندو هو. ٻئي پاسي جيڪڏهن کيس پڪ هئي ته اها مسجد ناهي ته پوءِ کيس اهو چوڻ نه کپندو هو ته هو منزل گاهه مسلمانن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي.

ان سوال تي خود ڪانگريس پارٽي پنهنجو فيصلو ڪيو ته هو ڪو فيصلو ڪرڻ لاءِ شاهي (امپيرئل) ٽربيونل جوڙي...“(6 5 )

هندن سيد صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب کي خاطري ڪرائي هئي ته هو سومري صاحب جي حمايت تان دستبردار ٿيڻ ۽ مسلم ليگ سان گڏجي مخلوط حڪومت ٺاهڻ لاءِ تيار آهن. بس رڳو ڪنهن به صورت ۾ کهڙي صاحب کي وڏو وزير نه بڻايو وڃي، جيڪو تمام گهڻو مسلم حمايتي آهي.(57) (کهڙو صاحب سنڌ اسيبمليءَ ۾ مسلم ليگ جو اڳواڻ هو ۽ ان ريت ڪنهن به مسلم ليگي حڪومت ٺهڻ ڪري وڏ وزارت جو اميدوار هو) کهڙو صاحب ڪانگريسي سهڪار تي انتهائي شڪي هو. هن محسوس ٿي ڪيو ته حڪومت ان جي هٿن ۾ کيڏندي. سيد صاحب ۽ شيخ صاحب هر صورت ۾ زور ڀريندا رهيا ۽ واضح ٿي ڪيائون ته ٺاهه گهڻي ڀاڱي آزاد هندو ميمبرن سان هوندو ۽ ڪانگريس سان ان جو ڪو تعلق نه هوندو. کهڙي صاحب کانئن لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن کهڙي صاحب کي گورنر صاحب جي گارڊن پارٽي ۾ اچي هٿ ڪيو ۽ ٻڌايائونس ته جي ايم سيد صاحب جي گهر کان ٻه گهر اڳتي سندس پٽيل پارڪ واري گهر تي هندن سان ٺاهه بابت هڪ گڏجاڻي رکي وئي آهي، جنهن ۾ سندس شرڪت ضروري آهي. کهڙو صاحب انهن سان گڏجي وڃڻ کان انڪار نه ڪري سگهيو. سندن رٿيل تجويز اها هئي ته مير بنده علي ٽالپر کي مخلوط حڪومت جو وڏو وزير بڻائجي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب، جي ايم سيد صاحب ۽ کهڙو صاحب مسلمان وزير ۽ نهلچداس وزيراڻي ۽ هيمن داس واڌواڻي هندو وزير هجن.

کهڙو صاحب پنهنجي ساٿين جي زور ڀرڻ ۽ منزل گاهه واري مامري کان پوءِ مسلمانن جي مفادن جي تحفظ کي ذهن ۾ رکندي اها تجويز قبولي. ٺاهه جي اهم ڳالهين تي سهمت کان پوءِ پئنچائت جي مکيه ميمبرن جو ڪراچيءَ ۾ اجلاس ٿيو جن هندو ميمبرن کي ڪابينا تان دستبردار ٿيڻ لاءِ چيو. ڪي قدر هٻڪ کان پوءِ هندو وزيرن اها ڳالهه مڃي ۽ اچي مخالف ڌر سان گڏيا. سومري صاحب کي هاڻ ايوان ۾ اڪثريت حاصل نه هئي ۽ هڪ ننڍڙي ترميم تي شڪست کان پوءِ هن ايوان ۾ اعلان ڪيو ته هو اڪثريت جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. هن ايوان جو اجلاس ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اعلان ڪيائين ته گورنر صاحب کي استعيفيٰ پيش ڪندو. ايوان جو اجلاس ته ملتوي ٿيو پر حڪومت پنهنجي اڪثريت وڃائڻ کان پوءِ به مهينو کن ڪم ڪندي رهي. (8 5 )

گورنر صاحب سومري صاحب کي اضافي وقت ڏنو جنهن اهڙو سهڪاري ۽ لچڪدار وڏو وزير وڃائڻ نه ٿي چاهيو. سومري صاحب ڪٿ جي معاملي ۽ ڪانگريس جي سرڪاري پاليسيءَ جي ابتڙ جنگي ڪوشش ۾ گورنر صاحب جو پورو پورو ساٿ ڏنو هو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ پنهنجو پاڻ به سهڪار جي آڇ ساراهيندي وائکو ڪيو: ”مون  غير مشروط طور تي سنڌ جا سمورا وسيلا آڇڻ تي هز مئجسٽي گورنر صاحب پاران مڃتا طور مون انڊيا آفيس کان هڪ اعلان نامو جاري ڪرڻ لاءِ پتوڙيو.“ (9 5 )

گورنر لاءِ اهڙي ڪارائتي وڏي وزير مان هٿ ڪڍڻ انتهائي ڏکيو هو. هن ڪاوڙ وچان لکيو:

”حڪومت ڊاهڻ لاءِ سازشون جاري آهن ۽ دراصل سنڌ ۾ هن وقت ان کان سواءِ ذري گهٽ ٻيو ڪجهه به نه پيو ٿئي. اهو عمومي طور تي ليکيو ٿو وڃي ته ٻي ڪابه حڪومت جيڪڏهن وڌيڪ نه ته به هاڻوڪي حڪومت جيتروئي عدم تحفظ جو شڪار هوندي ۽ هندو مون کي آئين معطل ڪرڻ ڏانهن ڌڪين پيا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جوڳي حمايت سان ڪا اهل حڪومت جي جڙڻ جي اميد ناهي. مون کي حيرت ٿيندي ته منهنجي حڪومت جيڪا سمورن پاسن کان غير مقبول ٿي نظر اچي، ايندڙ اجلاس تائين بچي سگهي ۽ منهنجو وڏو وزير جيڪو هڪ مهينو اڳ انتهائي پر اعتماد هيو، سو هاڻ ايترو اعتماد نه ٿو رکي.“

هندستاني حڪومت پڻ سومري کي دل گهريو وڏو وزير ٿي ليکيو. 1 2  فيبروريءَ تي لنلٿگو، زيٽلينڊ کي لکيو:

”جنهن رات اهو ڄاتم ته الله بخش صاحب جي صورتحال ڌماڪيدار  آهي، ڪي قدر پريشان ٿيس. هيءُ لکڻ مهل معاملا وڌيڪ سولا ٿيل آهن ۽ کيس (گراهام صاحب کي) منهنجي هدايت اها آهي ته متبادل انتظام ڪرڻ تائين هو سندس حڪومت جي استعيفيٰ نه قبولي.“

هڪ هفتي کان پوءِ ڄڻ سامت ۾ اچي ٻيهر لکيائين:

”گراهام صاحب جي ڪوششن ڪجهه پوين ڏينهن دوران مون لاءِ وڏو ڏچو ڪيو، پر اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته هاڻ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويل لڳي ٿو، بي اعتماديءَ واري رٿ، جيئن اوهان ڏانهن ورجايل منهنجي ٽيليگرام مان پروڙي چڪا هوندا، اسپيڪر جي صدارتي ووٽ وسيلي رد ٿي وئي ۽ الله بخش صاحب پنهنجي استعيفيٰ واپس ورتي. اميد ڪرڻ گهرجي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ (1 6 )

گورنر صاحب جو ورتاءُ ۽ سومرو حڪومت جي جانبداري ڏسندي کهڙو صاحب ان ڳالهه سان وڌيڪ سهمت ٿي ويو ته سومرو جي حڪومت کي ڊاهڻ مسلمانن جي مفادن وٽان آهي. ڳالهيون کڙ تيل ڪڍي رهيون هيون. ڀائي بند برادري ڪنهن نبيري تي پهچڻ لاءِ آتي هوندي جيتوڻيڪ ڪانگريس ٻٽي نه پر ٽئين پاسي راند ڪري رهي هئي، جو هڪ پاسي مسلم ليگ کي ٻڌايائين ٿي ته سومري صاحب کي ڏنل حمايت واپس وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي ساڳئي وقت سومري صاحب سان به ساڳين شرطن تي ڳالهين ۾ رڌل هئي ۽ ٽين پاسي گورنر صاحب کي آئين معطل ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏئي رهي هئي. آخري متبادل ان ڪري ڪانگريس کي ٺهڪي ٿي آيو جو ان سان مسلمان چونڊيل عيوضين مان جان ڇٽي پوي ها ۽ ڪامورا شاهي، جنهن ۾ عامل هندن جي وڏي اڪثريت هئي، ڪنهن چونڊيل حڪومت جي لوازمات کان سواءِ صوبي تي ڪنٽرول ڪري سندن مقصدن جو پورائو ڪري ها.

مسلم ليگي، ڪانگريس جي سوچ کان ڀليءَ ڀت واقف هئا پر وٽن ڪو ٻيو متبادل نه هو سو ڳالهيون جاري رکيائون. منزل گاهه واري هنگامي کان پوءِ مسلمانن جي حالت ڪنهن همدرد حڪومت جي گهرجائو هئي، هڪ اهڙي ضرورت جيڪا کهڙي صاحب پنهنجي عملي ذهن ۽ تجربي جي نتيجي ۾ ڀليءَ ڀت ڄاتي ٿي. جيڪڏهن ان جو مطلب هندن جي تمام گهڻن شرطن کي قبولڻو هو ته کيس ان جي قيمت به چڪائڻي هئي. ان ڏس ۾ هو 2 1  جنوريءَ تي جي ايم سيد صاحب کي لکيل خط کان وٺي، جنهن ۾ هندن طرفان رکيل شرط کيس سنڌ جي مسلمان آباديءَ لاءِ هاڃيڪار ٿي لڳا، ڪجهه اڳڀرو ٿي چڪو هو. مسلمانن طرفان پنهنجو پاڻ کي سوين ڪارڪنن جي گرفتاري، وڳوڙ ۽ قتل جي الزامن هيٺ مٿن هلندڙ امڪاني ڪيسن ۽ موت يا ڊگهي عرصي جي سزائن جي امڪان واري صورتحال ۾ ڏسندي ڪي سياسي قدم کڻڻ ضروري ٿي ليکيائون، منزل گاهه ستيه گرهه جو شاندار سياسي قدم ۽ هڪ سوڀارو تنظيمي مظاهرو مسلم ليگي اڳواڻن جي چهري تي ڪنهن داغ جيان به لڳي پئي سگهيو.

کهڙي صاحب جي ذهن ۾ اهي ئي مسئلا هئا جن جي ڪري هو پنهنجي اڳوڻي موقف تان هٽي هندن سان ڳالهين ۽ هڪ مخلوط حڪومت ٺاهڻ کي مسلمان آباديءَ جي صحتمند سياسي مستقبل لاءِ خاطريءَ ڀريو سمجهڻ جي نتيجي تي پهتو هو. ساڳئي وقت کهڙي صاحب محسوس ٿي ڪيو ته صوبي ۾ مسلمانن جي وڏي شاهي اڪثريت سبب مسلم حقن ماڻڻ لاءِ ڪو طويل مدتي مسئلو نه هوندو. هو مصر جي زيغلل پاشا جي مثال کان انتهائي متاثر هو جيڪو جناح 1930ع ۾ سکر ۾ پنهنجي پهرين تقرير دوران کين ٻڌايو هو. انهيءَ عظيم اڳواڻ مصر جي قبطي اقليت کي ڪاغذ تي پنهنجا شرط لکڻ لاءِ چئي مصر جي قومي جدوجهد لاءِ سندن سهائتا ماڻي هئي. 3  فيبروريءَ تي کهڙي صاحب ان معاملي تي پنهنجا احساس ڄاڻائيندي جناح صاحب کي ٽيليگرام اماڻيو، جنهن جي ڪاپي سر سڪندر حيات صاحب ۽ هارون صاحب کي به اماڻيائين.

”مسلمان راءِ عامه ۽ منهنجي اسيمبلي پارٽي ڪانگريس سان ڪنهن سنوت ڀريل ٺاهه جا سرگرم حمايتي آهن. صوبن ۾ قومي پروگرامن جي پوئواريءَ ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جون گڏيل حڪومتون ٺهڻ سان ئي اڪثريتي صوبن ۾ مسلمانن جي حالت بهتر بڻائي سگهجي ٿي. هتي الله بخش صاحب حڪومت ٻنهي پارٽين وچ ۾ اختلافن جو فائدو ورتو. احترام سان عزت ڀرئي نبيري ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ زور ٿو  ڏجي.“ (2 6 )

سنڌ اسيمبليءَ جو فيبروريءَ وارو بجيٽ اجلاس مسلم ليگ ۽ هندو ميمبرن طرفان سومرو حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جي ڪوشش جي حوالي سان جوڳا نتيجا نه ڏئي سگهيو. ٻيهر مارچ ۾ گهرايل اسيمبلي اجلاس دوران هنن پنهنجون ڪوششون جمع ڪيون. ڀائي بند پئنچائت طرفان حڪومت مان جان ڇڏرائڻ لاءِ پڪو پهه ڪرڻ تي سومرو پنهنجي حڪومت کي مصنوعي ٽيڪو ملڻ جي باوجود بچائي نه سگهيو. هندن پنهنجي 1 2  نڪتن تي مسلم ليگ اڳواڻن جو راضپو حاصل ڪري ورتو. کهڙو صاحب واحد ماڻهو هو جيڪو انهن شرطن تي ڇرڪيل هو پر محسوس ٿي ڪيائين ته سکر جي مسلمانن جي بحالي گهربل ٺاهه جي لاءِ  ضروري آهي. هندن مختلف معاملن جي جاچ واسطي حڪومت طرفان ٽربيونل قائم ڪرڻ واري ڳالهه مڃرائڻ ۾ وسان نه گهٽايو. انهن ۾ منزل گاهه عمارتن جي جهڳٽي ۾ مسجد آهي يا نه، نومبر 1939  ع جي وڳوڙن جا سبب لهڻ ۽ انهن جا جوابدار هٿ ڪري يا سزا ڏيڻ لاءِ هڪ ڌار جاچ ڪرائڻ، متاثرين کي روڪ رقم جي صورت ۾ معاوضي جي ادائگي، سکر جهڙي صورتحال جي پيدا ٿيڻ تي معاملي جي نبيري لاءِ ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن واسطي وڏي وزير جي سربراهي ۽ هڪ هندو وزير ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جي اڳواڻ جي ميمبريءَ واري هڪ صلاحڪار ڪميٽي قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ هندن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ پوليس جو تعداد وڌائڻ ۽ پوليس ۾ وڌيڪ هندو ڀرتي ڪرڻ، نوڪرين ۾ اقليتن کي 0 4  سيڪڙو حصو ڏيڻ، هر ضلعي ۾ آفيسرن جي مقرريءَ مهل ان ڳالهه جو خيال رکڻ ته هر برادريءَ جي نمائندگي ٿيڻ سان گڏوگڏ عدالتي، روينيو ۽ پوليس کاتي جي اقليتي عملدارن کي ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڏي پئماني تي مقرر ڪري 0 4  سيڪڙو عهدا کين ڏنا وڃن، وڳوڙن جي ڳوٺاڻي متاثر ٿيل (واڻين) کي جيڪڏهن هو ڳوٺن کان شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ چاهين ته سرڪاري پلاٽ ڏنا وڃن، شامل هيون.

1929 ع وارن وڳوڙن واري کهڙي صاحب جي اڳوڻي رڪارڊ کي ذهن ۾ رکندي جڏهن هن وڳوڙن جي الزام هيٺ سمورن گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائي ورتو هو، هندو ٽياڪڙن اهو شرط رکيو ته ضلعي مئجسٽريٽ ۽ ڪمشنر طرفان جرڳي ۾ سماعت لاءِ جوڳو ليکجندڙ ڪيسن کان سواءِ سکر جي وڳوڙن سان لاڳاپيل ڪوبه ڪيس واپس نه ورتو ويندو. هندو عيوضي پئنچائتن لاءِ هٿيارن جا لائسنس به  گهري رهيا هئا ۽ رٿيائون ٿي ته حڪومت جي حمايت ڪندڙ پارٽين جي صلاح مشوري کان سواءِ حڪومت ڪوبه بل اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪري. هڪ نڪتو اهو به هو ته مڪاني ادارن جون چونڊون گڏيل چونڊ سرشتي تحت ٿين ۽ آخر۾ هي به ته حڪومت موجوده پارٽين جي مخلوط نه پر نيشنل پارٽيءَ جي بڻجي. بهرحال عملي طور تي نئين حڪومت جي ميمبرن کي نئين نيشنل پارٽيءَ جي ميمبري ماڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پراڻين پارٽين جي ميمبرشپ برقرار رکي پئي سگهيا. (3 6 )

8 1  مارچ 1940  ع تي مير بنده علي ٽالپر جي وڏ وزارت هيٺ مخلوط حڪومت قائم ٿي. کهڙو صاحب پبلڪ ورڪس جو وزير بڻيو. وڏي وزير گهرو معاملن وارو کاتو پاڻ وٽ رکيو پر کهڙي صاحب کي مٿس سکر جي مسلمانن لاءِ ڪجهه رعايتون ڏيڻ واسطي راضي ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي نه ٿي.

کهڙي صاحب جي چوڻ مطابق:

 ”اسان جي اقتدار سنڀالڻ تائين ٽن مسلمانن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. وڌيڪ ٻن ٽن سون مسلمانن تي قتل، ڦر، وڳوڙ ۽ ڌاڙن جهڙا سنگين ڪيس داخل ٿيل هئا. سکر جو جج ويلس صاحب مسلمانن لاءِ غير همدرداڻا احساس رکندڙ هو. بنده علي صاحب جو جيتوڻيڪ ذاتي دوست هو پر هن لاءِ مسلمانن جي حمايت ۾ ڪو قدم کڻڻ انتهائي ڏکيو هو. مون رٿيو ته سکر ۾ مئجسٽريٽن جي تبديلي مناسب قدم ٿيندو ۽ هن پنهنجي وسان نه گهٽائڻ جو واعدو ڪيو. ان کان پوءِ آءٌ سنڌ جي چيف جج سرگاڊ فري ڊيوس سان ملاقات ڪرڻ ويس ۽ کيس جج جي مخالفاڻي ورتاءُ بابت ٻڌايم. سر گاڊ فري انتهائي شفاف ۽ ڏاهپ ڀريو شخص هو. مون جج جي ورتاءُ جي شڪايت ڪندي دليل ڏنو ته وڳوڙ جي صور ت ۾ ڪنهن هڪ فرد کي جوابدار بنائڻ ذري گهٽ ناممڪن هوندو آهي. هن مون کي ڪن ڏئي ٻڌو ۽ مئجسٽريٽن جي تبديليءَ تي سهمت ظاهر ڪيائين. ان کان پوءِ هن جج کي چانهن تي گهرايو جتي آءٌ به موجود هئس ۽ اسان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نيٺ سمورن مسلمانن کي خطرناڪ ڪيسن مان بري ڪيو ويو. هاڻ سوال رڳو انهن جو باقي هو جن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.“ (4 6 )

نئين حڪومت مسلمان ميمبرن جي تبديلي ۽ جي ايم سيد صاحب جي غير حقيقي آدرش - پرستيءَ سان گڏوگڏ ڪانگريسي اڳواڻن جي اڻ سهپ سبب ٿورڙوئي عرصو هلي سگهي پر اقتدار ۾ رهڻ جي مختصر عرصي دوران کهڙي صاحب سکر جي مسلمانن کي آيل ڦاسيءَ جي سزا تبديل ڪرائي سندن زندگيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سو ان ريت هندن ۽ عملدارن جي پرايل ڪاوڙ کيس ايندڙ وقت ۾ ڏکيا ڏينهن ڏيکارڻ واري هئي.

مسجد منزل گاهه وارو واقعو 1947 ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي تاريخ جو انتهائي خطرناڪ فرقيوار ٽڪراءُ هو. انهيءَ واقعي جو ٻنهي ڌرين لاءِ سبق اهو هو ته امن جي بحاليءَ لاءِ ڪو نبيرو واحد ممڪن حل هو. انهيءَ واقعي کان ترت پوءِ ان سبق کي هيئن سان هنڊايو ويو ۽ ٻنهي برادرين ۾ ٺاهه ٿيو. با اثر هندو گروپن کي احساس ٿيو ته ڪو ڪٺ پتلي وڏو وزير سندن مفادن جي نگهباني نه ٿو ڪري سگهي ۽ اڪثريتي برادريءَ جي اصل نمائندن سان سمجهوتو ضروري آهي. اهو هندو ۽ مسلمان ٻنهي طرفان قبوليل هڪ سهمتي فارمولي جي صورت ۾ سامهون آيو. جنهن مسلمان ٽياڪڙن وٽان ڏاهپ ۽ ڪشاده دلي ۽ هندن طرفان فرقيوار هم آهنگيءَ جي ايمانداراڻي خواهش جو اظهار ٿي ڪيو. انهيءَ ڊگهي عرصي تائين ڪم نه ڪري سگهڻ جو اهم سبب ڪانگريس طرفان نه رڳو حڪومت ۾ حصو ڏيڻ لاءِ زور ڀرڻ پر، ان تي بالادستي رکڻ جي هوڏ هو. مسلمان اڪثريتي صوبي ۾ اهو ناممڪن ثابت ٿيو ۽ مسلمانن کي مايوس ڪندي کين ڪانگريسي غرور جي موٽ ۾ مسلم ليگ جو ڀرجهلو ڪندي مستقل فرقيوار ڇڪتاڻ جو پيش خيمو بڻيو. ان حقيقت جي باوجود ته سنڌ ۾ ٻئي برادريون وقت بوقت سهمت ٿيڻ ڏانهن وڌيون ۽ ايستائين جو نبيري وارن ٺاهن تي به پهريون جيڪي موقعو ملڻ تي عمل ڀريا ثابت ٿي پئي سگهيا، پر اهي ڪاوشون ڪانگريس طرفان حڪومت کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ، هندو برادريءَ ۾ وڌيڪ حقيقت پسند عنصرن جي پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي سامهون نه آڻڻ ۽ مسلمان سياستدانن جي اڪثريت ۾ ڊگهي عرصي واري تصور جي اڻهوند سبب ناڪام ٿيون.


*  آگسٽ 1939ع ۾ مبينه طور تي ڪجهه هندن پير ڀرچونڊيءَ جي پٽ عبدالرحيم کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو. اهي افواهه هئا ته آڪٽوبر ۾ ريل ۾ سفر دوران ڀڳت ڪنور رام جو قتل ڀرچونڊيءَ جي مريدن طرفان پلاند ڪرڻ جو نتيجو هو، گورنر صاحب ڏانهن پنهنجي خط ۾ وائسراءِ انهن واقعن جو ذڪر ڪري رهيو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org