سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:23 

حافظ حيات شاهه جي نثري آثارن ۾ ٻه ڪتاب ”سلطانه بيگم عرف داستانِ غم“ (1965ع) ۽ ”وڇڙيلن جو ميلو“ (1964ع) آهن. پهريون سندس ئي داستانِ حيات آهي، جنهن کي اصل حالات موجب ناول جي بياني انداز ۾ لکيو اٿس. ٻيو هڪ ناول آهي. حافظ صاحب جي مشحوري شاعريءَ جي ڪري آهي. ديوان حافظ جو هڪ حصو ڇپجي چڪو آهي. حافظ حيات شاهه جي غزل ۾ هڪ طرف داخليت وڌيڪ آهي ۽ ٻئي طرف درد جا داستان سمايل آهن. عشق حافظ صاحب کي جيڪي ذهني عذاب ڏنا اُنهن جو عڪس ديوان حافظ ۾ موجود آهي. اُنهن دردن کيس ننڍپڻ جي مٺڙن ڏينهن جي ياد وري وري ڏياري. اُن ياد کي مختلف حوالن سان بيان ڪري ٿو:

هاءِ مٺڙا ڏينهن سي جن ۾ ڪا بيماري نه هئي،

ڪاڻ هئي ڪنهن جي نه ڪنهن سان دشمني ياري نه هئي.

نه رڳو ايترو پر معصوميت ۾ نه حسن جي گرمي لڳي نه عشق جو واءُ لڳو. اُن ڪري شاعر اُنهن ڏينهن کي ساري ٿو جن ۾ نه انتظار هو نه آه و زاري هئي:

حُسن جي گرمي اڃان دل تي نه ڪئڙو هو اثر،

سوز ۽ سڪ جي بدن تي باهه ڪنهن ٻاري نه هئي.

 فڪر هو تارن ڳڻڻ واٽن نهارڻ جو نه ڪو،

انتظاري اک ۾چپ تي آه و زاري نه هئي.

رات مٺڙي ننڊ لئه ۽ ڏينهن کل چچرچي لئه هو،

ڪنهن ڏي دل مائل نه هئي ۽ ڪنهن ڪنان عاري نه هئي.

خون جا قطرا نه ڳڙيا ٿي هنئين گهايل منجهان،

نير جي نينڻ نماڻن مان ندي جاري نه هئي.

حافظ به محبوب جو اڱڻ تي پير ڀري اچڻ جي تمنا روايتي انداز ۾ ڪر ٿو. هن غزل ۾ هجر و وصال جا رنگ جرڪن پيا:

اي يار ڀري پير ملڻ لاءِ ڪڏهن اچ،

بيمار پيو آهيان پڇڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

ڪاتي ڪا ڪڍي قرب جي يا ناز جو خنجر،

جلاد ڪري جلد ڪُهڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

آرهڙ جا گرم ڏينهن لڳي واءُ به ڪوسو،

برسات ۾ ڪا رات رهڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

وسڪار ڪيا مينهن ٿيا ڏينهن به ٿڌڙا،

هٿ هٿ ۾ ڏيئي باغ گهمڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

ساغر به صراحي به تيار آهه،

گڏ پرت جو ڪو جام پيڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

جند جان ۽ ايمان مون قربان ڪيو آهه،

منظور اهو تحفو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

حافظ کي تپِ هجر ۾ ڪي سال لنگهي ويا،

بچندو يا مري ويندو ڏسڻ لاءِ ڪڏهن اچ.

محبت جا ناز انداز ۽ معصوميت سان دل کسڻ ته مجبورين جو شيوو آهي، پر عاشق زار شڪايت ڪرڻ تي ته قادر آهي:

اسان جي خواب ۾ دلڙي کسي اشارن سان،

وڃي تو نينهن اڙايو ٻين پيارن سان.

-

رکي اڏيءَ تي مٿو جو ڊڄي ٿو ڪاتن کان،

ڪجي نه چڻنگ جو سانگو ويهي لُهارن سان.

ملڻ جو آسرو رکي عاشق پنهنجي بخت کي شاباس ٿو ڏي. اُهو هن طرح:

دلبر جو اڱڻ منهنجي اچڻ ٿئي ته وڏو بخت،

يا منهنجو سندس در تي وڃڻ ٿئي ته وڏو بخت.

يا زهرِ محبت سان مرڻ ٿئي ته وڏو بخت،

يا قرب جي ڪاتيءَ سان ڪُسڻ ٿئي ته وڏو بخت.

پڪ آهي مئي روح ته روحن کي ملن ٿا،

پر جيئري اِنهيءَ جڳ ۾ملڻ ٿئي ته وڏو بخت.

جيئري سو ستمگر نه ڪڏهن آيو پڇڻ لئه،

ڪانڌي جي مرڻ بعد سڄڻ ٿئي ته وڏو بخت.

محبوب جو حسن اهڙو آهي جو اُن مان دنيا منور ٿي ٿئي:

نور تنهنجي مان ٿيا يار منور سج چنڊ،

عشق تنهنجي ۾ گرفتار برابر سج چنڊ.

حافظ حيات شاهه جي زندگيءَ ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين جو گهڻو دخل رهيو. سڄي عمر هُو انهن ڏينهن کي ساريندو رهيو، جن ۾ غمن جو بار دل تي نه لٿو هو. اُهي ڏينهڙا املهه هئا. ملهه سان خريد ٿي نٿي سگهيا. حافظ اُنهن ڏينهن کي ياد ڪندي آسان ۽ موثر زبان ۽ چوي ٿو:

ياد پلپل ٿا پون ننڍپڻ جا مٺڙا ڏينهنڙا،

ملهه وٺا جيڪر ملن ننڍپڻ جا مٺڙا ڏينهڙا.

هاءِ والد ري جا غربت ۾ مصيبت مون ڏٺي،

مان ڪٿي ۽ ڪٿ وطن ننڍپڻ جا مٺڙا ڏينهڙا.

اهو صحيح آهي ۽ فطري آهي ته انسان پنهنجي اصل وطن کي ياد ڪري ٿو، پر حافظ حيات شاهه پنجاب مان سنڌ ۾ آيو ته سنڌ کي حيدرآباد کي پنهنجو وطن ڄاتائين:

مون کي سرزمينِ سنڌ ۽ هند مان،

وڻي سڀن کان حيدرآباد سنڌ.

پرسرام ”ضيا“ (1911-1958ع):

پراسرام اصل ٽنڊي آدم جو هو (22)، پوءِ لڏي نواب شاهه هليو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪو وقت رهيو. گهڻي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. عربي فارسي به ڄاڻندو هو ۽ سنڌي فائنل پاس ڪيائين (23) هن خانگي نوڪري به ڪئي ۽ پنهنجو دوڪان به کوليائين. ادبي سرگرميون جاري رکيائين ۽ مل جي ورهاڱي کان اڳ نواب شاهه هليو ويو. هُو مراد علي ڪاظم جو شاگرد ٿيو 1943ع ۾ پراسرام ضيا جو پهريون مجموعو ”تصوير احساس“ شايع ٿيو. ”ادبي گل“ 1978ع ۾ ڀارت مان ڇپيو. جتي هو ورهاڱي بعد هليو ويو هو. اجمير ۾ وفات ڪيائين. ضيا جو نعتيه ڪلام به آهي. اُن ڪري پروفيسر اجواڻي ۽ پوءِ اُن جي پيروي ڪندي پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ادبي تاريخن ۾ اُن ڪلام کي غير فطري سڏيو آهي(42). اُن ڪري ته ضيا هندو هوندي مسلمانن جي جذبات سان پاڻ کي هم آهنگ رکيو هو. ضيا جو باقي ڪلام ديال آشا آلاپ ضيا جي عنوان سان اُلهاس نگر مان شايع ڪرايو. پرسرام ضيا جي گهڻي مشهوري ماسٽر چندر طرفان سندس ڪلام ڳائڻ ڪري به ٿي.

پرسرام ضيا جي اهميت غزل جي ڪري به آهي. هونئن نثر ۾ طنزيه ڪالم ۽ مزاحيه ڪلام ٻين ٻين تخلصن سان لکيائين. سُوٽائي جي تخلص سان ضيا جو ورهاڱي جي ردعمل ۾ نظم ”پو هُوءَ ماءُ“ تمام مقبول ٿيو. اُن ۾ لڏي ويل هندن جي بي گهر ٿيڻ ۽ مسئلن جي ور چڙهڻ جو ذڪر آهي:

پٽي ٿي پو هُوءَ ماءُ

ڪنڌ ڀڄي شل ڪانگريسن جو، ڪيو اٿسن ڪنياءُ

پِٽي ٿي پو هُوءَ ماءُ.

پنهنجي وطن کان اسين ويسين، ڪني ملڪ ۾ اچي پياسين،

رُکا هتي جا ماڻهو آهن، ڪهڙو مُئن ۾ ساءُ،

پٽي ٿي پو هُوءَ ماءُ.

ضيا تي ورهاڱي جي پيدا ڪيل صورت حال جو گهڻو اثر هو. ان موضوع تي ٻيا نظم به لکيائين.

هن نظم جا سورهن بند آهن. غزل ۾ ضيا جا عشقيه جذبا تمام نمايان آهن. هُو چوي ٿو:

وسارڻ سان نه وسرن ڪين پنهنجي يار جون ڳالهيون،

سدائين ياد رهنديون سي محبت پيار جون ڳالهيون.

سُڃو مئخانو ٿي پيو ڪين ٿو پير مغان ڏسجي،

ٻڌي اڄ ڪير ساقيءَ کانسواءِ ميخوار جون ڳالهيون.

-

نظر بلبل ۾ موڳائي اچي ٿي جي خزان آئي،

ضيا ڪهڙيون بهاريءَ بن ڪن گلزار جون ڳالهيون.

حسن ۽ عشق جو تذڪرو ئي غزل جو ڪل حاصل آهي. ضيا اُن ۾ پنهنجو رنگ هيئن ڄمائي ٿو:

مان به هڪ تنهنجي خريدارن مان هوس،

توکي جن طلبيو طلبگارن مان هوس،

جيڪي تنهنجي دل تان ويا وسري صفا،

مان به تن وسري ويل يارن مان هوس.

جن کي زر هو تن ڪري سودو ڇڏيو،

واءِ مان ڀي ڇونه زردارن مان هوس،

بي خطا هوندي به جي بخشيا نه ويا،

اي ضيا مان تن گنهگارن مان هوس.

شاههِ خُوبان جي حضور حاضر ٿيندي ضيا چوي ٿو:

شاههِ خوبان حسنجي صدقي گدا کان منهن نه موڙ،

مان طلبگار وفا آهيان وفا کان منهن نه موڙ.

خنجر اَبرُو سان بسمل جي ڪرڻ چاهين ته ڪر،

پر خدا جي واسطي مشقِ جفا کان منهن نه موڙ.

همنشين جي سچ پڇين ٿو حسن آ شانِ خدا،

تنهن ڪري بهر خدا شانِ خدا کان منهن نه موڙِ.

جي محبت ڏوه آهي ڏوهه اهڙو ڪر مدام،

دل لڳائڻ جي خطا آهي، خطا کان منهن نه موڙ.

وقت ايندو جو ضيا لاءِ هٿ هڻندين پيو،

تنهن ڪري منهن کي مٽڻ وارا ضيا کان منهن نه موڙ.

 

محمد عمر اختر هالائي (1917-1959ع):

هالا جي اهم شخصيت ۽ شاعر خليفو محمد عمر اختر ولد عبدالرحمان مقفي غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. کيس عربي فارسيءَ جي تعليم ملي. هُو هڪ صحافي ۽ حڪيم به هو. هالا ۾ سندس مطب هو. اختر هالائيءَ جو قومي ڪلام به لکيل آهي:

مان مردِ مجاهد ٿي دنيا کي مڃائيندس،

شمشيرِ شجاعت سان دشمن کي هٽائيندس.

-

الاهي غيرتِ فردوس ڪر گلزار پاڪستان،

ثمر آور هجن هروقت اشجار پاڪستان.

سوسين ۽ گربين جو ڪاروبار ڪيائين ۽ حڪمت کانسواءِ کيس هوميوپيٿڪ سان دلچسپي هئي. حڪمت ۽ شاعري اختر هالائيءَ جي مشهوري آهي. سندس ڪلام جو مجموعو تسبيح محبت سنڌي ادبي بورڊ 1992ع ۾ شايع ڪيو آهي. اختر هالاڻيءَ جو هالن جي علمي محفلن ۾ خاص طور مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ سان ارادت ۽ محبت جو رستو رهيو:

طالب الموليٰ جي صحبت ڪيو اثر،

نڪته سنج و نڪته دان ڳولي لڌم.

اختر جي ڪلام ۾ حمد، نعت، غزل، نظم ۽ قطعا وغيره شامل آهن. نظم مختلف موضوعن تي آهن. نظم ”ماءُ“ شاعر جي جذبن جو چمڪندڙ آئينو آهي:

مدفون دلِ مادر ۾ محبت جو خزانو،

شوڪت جو خزانو ۽ شفقت جو خزانو،

پيرن جي تريءَ هيٺ رهي ماءُ جي محفوظ،

اولاد جي لاءِ شرف و سعادت جو خزانو.

ننڍپڻ کان وٺي ناز نزاڪت سان نپائي،

جا خرچ ڪري رات جي راحت جو خزانو.

اختر ٿي چيو مون کي امان وقتِ مبارڪ،

فردوس اٿئي ماءُ جي خدمت جو خزانو.

قطعن ۾ حڪمت ۽ عقل جو خزانو هوندو آحي. اختر هالائيءَ جي قطعن ۾ به اهڙي حڪمت موجود آهي:

ڍڳن ڍورن ڪُهڻ مان ڇا بنا مفهوم مطلب جي،

فقط صدين کان هلندي ٿي اچي رسمِ مسلماني.

-

اٿئي اي جوان قربان ڪرڻو نفس جو گابو،

کڻي اڄ عرش تان پيغام آئي عيد قرباني.

-

محمود پيو غلام ٿي دربارِ ناز ۾،

اهڙو ته رنگِ حُسن هو زلفِ اياز ۾.

آيس مان حسرتن کي وٺي پيش يار جي،

گويا هلي امام ٿي بيٺس نماز ۾.

غزل ۾ اختر هالائي هڪ طرف حسن جي بزم آرائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ته ٻئي طرف حديث دل کولي بيان ڪئي اٿس:

خوب ڄاڻن ٿا هي سهڻا سيم تن چوري ڪري،

هڪ نظر ۾ گوهرِ دل ٿا وڃن چوري ڪري.

هي نزاڪت هي تبسم هي ادا هي حسن و ناز،

منهنجي سهڻي کان سکيو آهي گُلن چوري ڪري.

ڇا به دنيا چئي مگر ان جو قِسم هي رنگ و بُو،

آندي زلف يار کان مشڪ ختن چوري ڪري.

بوالهوس آيا شهيدِ عشق جي مدفن تي رات،

ويا محبت جي جنازي تان ڪفن چوري ڪري.

-

”ڏاڍي ٿي“ محاورو هيئن ڪم آڻين ٿو:

عزيزو رات مئخاني جي مهمانن سان ڏاڍي ٿي!

صنم خنجر ڪڍي بيٺو ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي!

-

ڪتاب رخ جو هڪڙو ورق شايد آهه شايع ٿيو،

اديبن جي ادب آموز افسانن سان ڏاڍي ٿي!

ڏاڍي ٿي، رديف وانگر اختر هالائيءَ ٻيا به دلچسپ رديف ڪم آندا آهن. هڪ مثال هي آهي:

اي صنم ڪر ڪا عطا ڪجهه هِن طرف ڪجهه هُن طرف،

در تي گڏ ٿيا ڪئين گدا ڪجهه هِن طرف ڪجهه هُن طرف.

-

رقص ڪن جوڳين اڳيان جئن نانگ ڪارا ڦڻ ڪڍيو،

يار جا زلف دوتا ڪجهه هِن طرف ڪجهه هُن طرف.

-

هٽايو مھ جبين منهن تان نقاب آهسته آهسته،

سيھ ڪڪرن مان نڪتو ماهتاب آهسته آهسته.

-

قيامت پيو اٿئي اُن جو شباب آهسته آهسته،

وڃي اُميد ٿيندي اضطراب آهسته آهسته.

ڪٿي ڪٿي شاعر جي روايتي اسلوب ۽ انداز ۾ مشڪل لفظن ۽ فقرن سان به مکا ميلو ٿئي ٿو. اُن جا موضوع جي لهاظ کان گهڻا رخ آهن:

بي درد بنجي بزم ۾ قاتل تمام رات،

خنجر بڪف ٿي بيٺو مقابل تمام رات.

رندن جي تشنگي کان صراحي ٿي سجده ريز،

مئخانو ٿيو نماز جي قابل تمام رات.

خلوت نشين زاهدِ شب خيز خوش رهي،

حورن جي آسري ۾ جو غافل تمام رات،

اختر اسان جو پيرِ حرم اڄ اچي ٿيو،

بتخانه ضمير ۾ شامل تمام رات.

-

جتي قتل ٿيندا رهن قرب وارا،

اُتي تنهنجي اختر پڇا ٿي رهي آهي..

اخترهالائيءَ جو فرزند عبدالحميد شهيد به شاعر آهي.

نواز علي نياز (1892-1959ع):

نواز علي ولد محمد آچر سومرو (نياز) لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هُو اڃان ڇهن مهينن جو هو ته سندس والد گذاري ويو، جنهن کي ادبي ذوق به هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ معاشي حالتن سبب ماستريءَ جي نوڪري ڪيائين. مئٽرڪ کانپوءِ روينيو کاتي ۾نوڪري ڪيائين. اُتان مختيارڪار جي حيثيت ۾ 1947ع ۾ رٽائر ٿيو. اُن کانپوءِ حڪمت جو پيشو اختيار ڪيائين(25).

نواز علي نياز هڪ پختو  ۽ پُرگو شاعر هو. غزل جي روايتي انداز موجب اُن جا سڀ لوازمات ڪاميابيءَ سان نڀايائين. کيس ذاتي صفما پهتا، اُنهن بابت لکيائين. درد جي شدت جو اظهار نياز وٽ پوري زور سان نظر اچي ٿو:

چشم خوني تي قضا سان دل جو مائل ٿي وئي،

خون منهنجي به دل خونيءَ سان شامل ٿي وئي.

-

موت کان پوءِ بوءِ گل بلبل کي حاصل ٿي ويئي،

خاڪ گلشن جي سنس مدفن ۾ داخل ٿي ويئي.

صدمن جو بيان نياز نهايت ئي پُر درد ۽ رقت آميز انداز سان ڪري ٿو:

ڇڏي ويا مون کي غربت ۾ زمين وارا زمان وارا،

ڏسي مون تي ستارا ڀي کِلن ٿا آسمان وارا،

سدا منهنجي ئي گهر تي ڇو فلڪ بجلي ٿو ڪڙڪائي،

رهن ٿا باغ عالم ۾ ٻيا ڀي آشيان وارا،

اندر کي آسرو ج جو ۽ دل کي ڀروسو جن جو،

الائي ويا هليا ڪاڏي اُهي شيرين زبان وارا.

پڇتاءُ جو انداز به نياز وٽ آهي. چوي ٿو:

ڪيم ڪجهه ڪين دنيا ۾ ڪندو ڪو ياد ڇا مون کي،

ڪري ويا خدمتِ خلقِ خدا نام و نشان وارا.

-

نياز آهين تڏهن هو يار توکي آزمائي ٿو،

نهايت عجز سان هل ڏينهن پنهنجي امتحان وارا.

غزل سان گڏ نياز نظم جو شاعر به آهي. قومي نظمن ۾ سندس معيار اعليٰ آهي:

آهي ڏس بي نور نرگس ۽ اٿس ڪو انتظار،

ڪين پيڇو ٿو ڇڏي گل جو ڪڏهن منحوس خار،

آهه سوسن ۽ سمن سنبل جو توڙي حال زار،

سڀ شريڪ آهن خوشيءَ ۾ تون به پنهنجو غم وسار،

اڄ نظر توڙي اچي لاله جي دل ۾ توکي داغ،

داغ هر ڪنهن جا وساري ٿي خوشيءَ کي باغ باغ.

-

رز و شب عرضِ نياز آهي خدا کي بار بار،

شال آزادي رهي هردم اسان جي برقرار،

پيو اچي گلزار پاڪستان ۾ اهڙو بهار،

سڀ چون: هن تان ڪنداسين باغ جنت جو نثار،

ملڪ جا دائم رهنپير و جوان ٿي پاسبان،

ساه سر ڏيئي رکن پنهنجي وطن جو شان مان.

نواز علي نياز جو ڪلاسڪ نظم ”جذبات فطرت“ آهي. جنهن ۾ هن فطرت جي مختلف عناصرن جي جذبات جي ترجماني ڪئي آهي. مثمن بند ۾ موزون ڪيل هي نظم نئين زندگيءَ ۾ قسطوار ڇپيو. عناصر مان ڪي هي آهن: چنڊ، سج، اڌ رات، بهار، سمنڊ،، گل ۽ شبنم وغيره. سج جو پيغام هي آهي:

عطا ٿيو چنڊ کي مون کان اِهو حسن و جمال آهي،

سوا منهنجي گلن ٻوٽن جو اُڀرن ئي محال آهي،

رکان قبضو ٿو ڏينهن ۽ رات تي اِهو ڪمال آهي،

سڄو معلوم مون کي سربسر هر ڪنهنجو حال آهي،

مگر ظاهر نٿوڪيان ڪجهه جو حڪم ذوالجلال آهي،

کڻي اک ڪو ڏسي مون ڏي ڀلا ڪنهن جي مجال آهي،

ڪڍي نقاشِ فطرت منهنجي ڇا تصوير اي شاعر.

ڏسي تصوير سا ڪونظم ڪو تحرير اي شاعر (26).

نواز علي نياز بابت اهو حتمي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته هُو نظم جو شاعر آهي يا غزل جو. هُو ٻنهي صنفن ۾ هڪ جيترو ڪامياب شاعر آهي. آخر ۾ غزل جا ٽي شعر:

اجائي ٿو جڏهن جڏهن تولئه صبا جو جستجو سمجهان،

ڏکيو مون خاڪ جو تو وٽ ٿو پهچڻ ماهرو سمجهان.

گناهن جو جهڪي ٿو شرم کان سر هي عبادت آهه،

پشيمانيءَ جي ڳوڙهن سان ڌوئڻ منهن ٿو وضو سمجهان.

سڏائڻ پاڻ وٽ مون کي گهري ٿو، تنهن ڪري شايد،

لکيائين تنهنجي قاصد جي نه ٿو مان گفتگو سمجهان.

محمود خادم (1895-1960ع):

حاجي محمود خدم ولد محمد بچل تنيو، ڳوٺ بٺي تعلقي ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والدين غريب هئا. محمود خادم پنهنجي ڳوٺ بٺي ۾ ابتدائي ۽ قرآن ڪريم جي تعليم ورتي. هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، پر پوءِ انگريزي تعليم جي خلاف جذبات سبب اسڪول ڇڏي ڏنائين. نواب امير علي لاهوري، ميان علي محمد ۽ غلام سرور قادريءَ سان گڏ حج ۽ پوءِ ڪربلا ۽ نجف جون زيارتون ڪيائين.سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر ۽ پوءِ تپيداري تربيت وٺي تپيدار، سپروائيزر ۽ سرويئر ٿيو.

بزمِ مشاعره جو سيڪريٽري رهيو. علمي ادبي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. کيس لاڙڪاڻي  ۽ ڀرپاسي جي شاعرن جو تعاون حاصل رهيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ جو شاگرد ٿيو. عروض جا مستند ڪتاب پڙهيو. اُن ڪري اڃان به سندس ڪلام ۾ پختگي آئي. مختلف علمي انجمنن ۾ ڪم ڪيائين. سندس ڪلام وقت جي اهم جريدن ۾ ڇپيو. جميعت الشعرا ۾ سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين. علم عروض جي باري ۾ هڪ ننڍو ڪتاب ”رياض البلاغت“ لکيائين. خادم هڪ شاعر جي حيثيت سان پنهنجي دور جو هڪ وڏو ۽ اهم شاعر هو. سندس جذبن جي ترجمانيءَ لاءِ هن جو ڪلام موجود آهي:

گهر ۾ دل جو ٿو رهي دلدار مثلِ بوءِ گُل،

عاشقو مون کي ته اهڙو آ مليو اُن جو سراغ.

محمود خادم نثر ۾ به ڪي ڪتاب لکيا جن مان اخلاقي خون، رياض البلاغت، ظهور مهدي ۽ شمشير اسلام ڇپيل آهن. سندس سرگذشت ۽ محمود اللغات ۽ ڪجهه ٻيا اڻ ڇپيل آهن. محمود خادم غزل ۾ ڪامياب شاعر آهي. هن شاعريءَ جي باغ بهار ماحول توڙي حرمان نصيبيءَ جي بيان ۾ معيار قائم رکيو آهي. عاشق ۽ عدوءَ جي جنگ ۽ چپقلش وارو وايو منڊل محمود خدم وٽ هيئن نظر اچي ٿو:

عدو چونڊي وري گل ٿو وجهي دلبر جي دامان ۾،

لڳي ٿو ڇو نه يا رب باهه اڄ صحب گلستان ۾،

هُو گل رخ آهه ۽ گلگون سندس آهي گلن سان دل،

مثالِ بوءِ گل يا رب وڃان مان بزم جانان ۾.

خواب جي دنيا به پنهنجا رنگ ڏيکاري وقتي انسان کي ٺڳيو وٺي:

اڄ تصور خواب ۾زلف دوتا جو ٿي ويو،

دل پريشان ۾ گذر ڪاري بلا جو ٿي ويو.

زلف ان جي کي ڏسي موسيٰ عصا سوڌو ڀڳو،

ڇو ته حضرت کي گمان ڪنهن ازدها جو ٿي ويو.

لُڙ بتن ۾ پيو نه خادم بت پرستي کي ڇڏيو،

ڇوٽڪارو نيٺ هن مردِ خدا جو ٿي ويو.

شايد موجوده دور ۾ مشرقي معاشري ۾ ڪي ماڻهو شاعريءَ کي دماغ جو خلل ڄاڻندا هجن، پر مقصديت واري شاعري معاشري جو مان مٿانهون ڪري ٿي ۽ پڙهندڙن کي صحيح سوچ کان وقف ڪري ٿي. محمود اهڙي پُر مقصد شعر لاءِ چوي ٿو:

خدا جو فضل شاملِ حال آهي طبع موزون آهه،

ته پوءِ توکي خيالِ شاعري بيشڪ ڪرڻ گهرجي.

جي پيدا شعر جي طاقت نه آهي طبع ۾ تنهنجي،

ته اهڙي مغز ماريءَ کان چڱو آ چپ رهڻ گهرجي.

شعر جي وصف ۽ بيان ڪرڻ بابت چٽي ريت خبردار ڪري ٿو؛

اجايا لفظ ڀرتيءَ جا نه وجهه تون شعر ۾ هرگز،

سدائين حشو کان هر شعر آجو رکڻ گهرجي.

اهي وصفون اگر تون ۾ خدا پيدا ڪيون آهن،

ته پوءِ توکي بلاشڪ شعر اي خادم چوڻ گهرجي.

لاڙڪاڻو حاجي محمود خادم جي دور ۾ نه رڳو شعر و سخن جو مرڪز هو. پر اُن دور ۾ جيڪي شاعر هئا تن محمود خادم جو پورو پورو قدر ڪيو ۽ سندس اهليت جو ڀرپور فائدو ورتو ويو. محمود خادم جي وفات تي ڪيترن شاعرن ڏک جو اظهار ڪيو. ڪن سندس ماده تاريخ ڪڍيا. اظهار گيلاني قطع تاريخ هي ڪڍيو:

تيستائين رهندين زنده دهر ۾،

آهه جيتر گردش ليل  و نهار،

سال رحلت جو پڇيم هاتف چيو،

مصدر خدمات خادم ذي وقار.

محمد صديق مسافر (1879-1961ع):

محمد صديق مسافر جو والد سنڌ ۾ غلام جي حيثيت ۾ آيو. سندس نالو هڪڙي مالڪ بلاول رکيو ۽ ٻئي گلاب رکيو، جيڪو آخر تائين رهيو. هُو اصل زنجبار (آفريڪا) جو هڪ حبشي ڇوڪر هو، جڏهن اُتان وڪامي مسقط (اومان) ۾ شيخ حسن وٽ پهتو. اُتان قدرت کيس ٺٽي ۾ آندو. اُتي غلام علي سنگتراش وٽ رهيو. اُهو جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏ ٽنڊي باگي ۾ مير ولي محمد جي حويلي تعمير ڪرڻ لاءِ پهتو ته بلال کي به سان ٽنڊي باگي  وٺي آيو. هڪ ڏينهن بلال کان مڇي ڌوئندي واه ۾ ڪري پيئي ۽ هٿين خالي گهر آيو. غلام عليءَ جڏهن گهر اچي اهو معلوم ڪيو ته ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو  ۽ بلال کي ڪن مان جهلي بازار ۾ اچي وڪيو. کيس مخدوم حُر عليءَ خريد ڪيو.اُن وٽ بلال عزت سان رهيو. سندس نالو گلاب رکيو ويو. وڏو ٿيو ته سندس شادي ڪرايائون. اُها مائي به حبشياڻي هئي. جيڪا پئسن تي مخدوم حُر عليءَ خريد ڪئي. اُن مائي سليمت مان ارڙهن ٻار ڄاوا پر اُهي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا. اُن کانپوءِ گلاب جي مائي بيگم سام شادي ڪرائي ويئي، جنهن مان محمد صديقي (مسافر) ۽ ٻيا يارهن ڀائر ڀينر ڄاوا، مسافر جي لکڻ موجب 1955ع ڌاري اُنهن مان فقط پاڻ زنده هو(28.) مسافر پنهنجي بيشتر ڪتابن تي پنهنجو نالو هن ريت لکيو آهي: ”ماستر محمد صديق گلاب خان (مسافر)“. سندس والد نيڪ نمازي محنت ڪش انسان هو. اسي ورهن جي عمر (1888ع) ۾وفات ڪيائين.

مسافر صديق ابتدائي تعليم، قرآن شريف جي تعليم ۽ دستوري تعليم حاصل ڪئي. 1896ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري ماستر ٿيو. ٽنڊي آدم ۽ ٻين هنڌن تي ماستريءَ جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ٽريننگ ڪاليج لاءِ چونڊجي حيدرآباد آيو. اُتي فاضل شاهه فاضل سان واقفيت ٿيس. اُن جو شاگرد ٿيو. عربي فارسي پڙهيو. فاضل جو ديوان مرتب ڪيائين. شعر جي باريڪين کان واقف ٿيو. جڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ آيو هو ته پرنسپال ديوان ڪوڙو مل کلناڻي هو. اُن کانپوءِ تاراچند شوقيرام آڏواڻي آيو. جنهن 1901ع ۾ تربيت جا ٽي سال مڪمل ڪرڻ تي مسافر کي اُتي ئي اُستاد ڪري رکيو(29). مسافر ٽي شاديون ڪيون.

مسافر صاحب جو تعليمي خدمتون ٽريننگ ڪاليج کان سواءِ ٽنڊي باگي ۾ به رهيون. هُو مير غلام محمد ٽالپر جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. پاڻ شعر سان گڏ تعليمي، سماجي ۽ اسلامي موضوعن تي ڪتاب به لکيائين، جن سان نثر ۾ سندس خدمتون نمايان آهن. نثر ۾ ترجمان به ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ مهرور بانو، جوهر اسلام، سڄاڻ زالون، ڦول داني ۽ غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا مشهورا ٿيا. آخري ڪتاب ۾ آفريڪا مان غلام بنجي آيل شيدين جي زندگي ۽ آئيندي لاءِ سڌاري جون تجويزون پيش ڪيون اٿس.

هتي سندس شاعريءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪليات مسافر مان ڪي مثال وٺون ٿا. مسافر غزل توڙي نظم جو بهترين شاعر آهي. هُو پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ سيد فاضل شاهه جي شاگرديءَ مان شعر جي فن جو ڄاڻو بنيو. زبان ۽ بيان ۾ هڪ منفرد انداز جو مالڪ ٿيو. اُن سلسلي ۾ سندس نظم ۽ غزل اعليٰ معيار جا آهن.مسافر جي ڪلام ۾ غزل کانسواءِ نظم، مسدس، رباعيون، قطعا ۽ مثنويون شامل آهن.د رسي ڪتابن ۾ سندس نظم به نمايان حيثيت جا آهن. نظمن ۾ سڌاري لاءِ تمنا ايتري قدر سگهاري آهي، جو مسافر سماج سڌارڪ پهرين ۽ شاعر پوءِ لڳي ٿو. نظمن ذريعي هُن نئين ٽهيءَ ۾ اسلام ۽ اخلاق جا اُصول ڏسيا آهن. مسدس ”رات راڻي ۽ ڏينهن شينهن“ اسلوب بيان ۽ زبان جو بهترين نمونو آهي. اٺن بندن جي هن مسدس ۾ دليل ۽ جوابي دليل ڏي ٿو:

ڪنهن شام جو شفق ٿي ويئي شيش محل ساري،

سج ويو سمهڻ انهيءَ ۾ پوري ڪري سواري،

جا اُن جي منهن تي چادر موڱي اچي پڌاري،

تنهن جڳ جهان ۾ ڪئي اونداهي ٻاڏ ڪاري،

اُت دٻدٻي سان ڌوڪيندي آئي رات راڻي،

ماٺي ٿي موج دريا جي دهلجي ويو پاڻي.

رات جا دليل ٻڌي ڏينهن خاموش نه رهيو ۽ جواب ڏنائين ته:

ڊپ ڊاءُ سان دنيا جون دلڙيون سدا ڀرين تون،

چورن لُچن لفنگن جي پٺ سدا ڀرين تون،

راهي رهيا جي رڻ ۾ تن جا هنيا هرين تون،

ننڊ ڀيڻ موت جي تي هٿڙا اچيو ڌرين تون،

سڀ مرد زالون مون ۾ ڪن پورهيو ڪمائي،

هيڻا هنيون وڏو ڪن منهنجي پسي صفائي.

ٻنهي پاسن کان دوبدو جنگ هلي، مسافر اهو جهيڙو هيئن ٽاري ٿو:

ڪنهن موج ۾ مسافر ڪٿ هو پيو دڙو ٿيو،

سڻندي ئي هل هنگامو مهٽي اکيو کڙو ٿيو،

چيائين ته: رات مائي ڇو ڏينهن تي ڪڙو ٿيو،

تون جي بڙي ته ڇا پر، ڇا جي هوئي بڙو ٿيو،

هڪ سج سندا ٻه پاڇا آهيو اوهين برابر،

سرندي نه آن بنهي ري هرگز اسان کي ڪنهن پر (30).

ان کانپوءِ آخري بند ۾ چوي ٿو ته دل تي هٿ رکي ڏسو ته جي ”زال زال آهي ته به مرد مُور نه آهي.“ اهڙي طرح مختلف موضوعن تي مختلف عروضي صنفن ۾ نظم مسافر جي ادبي اهميت ظاهر ڪن ٿا. غزل ۾ اڪثر تي عنوان لڳل آهن. ڪي غزل جي هيئت وارا شعر به نظر آهن. ان هوندي به مسافر جا گهڻا غزل. غزل جي اُصلون جي تڪميل ڪن ٿا. ڪي ٿورا مثال هي آهن:

ٺهن دردمندن سان دم ڪهڙا ڪهڙا،

ڪجن غير محرم سان غم ڪهڙا ڪهڙا.

نه جن جي ڪڏهن درد دلڙي دکائي،

اُنهن ساڻ اوريون اَلم ڪهڙا ڪهڙا.

چيم ٿي لکان حال ِ دل سڀ دل جي رَتَ سان،

چيو دل ته وهندا قلم ڪهڙا ڪهڙا.

مڙهج من ۾ معنيٰ مسافر نه صورت،

ڪيا قرب وارن ته ڪم ڪهڙا ڪهڙا.

محبوب بابت شاعرن مختلف اشارن ۽ ڪناين سان ڳالهه ڪئي. دل جو بيان ڪري نٿا سگهن.

آهي عجيب يار جي ياري عجب عجب،

معلوم ٿم ڳجهارت سارين عجب عجب.

-

دڙڪا ڏي مسافر ڪنهن وقت جي مُحب،

حڪمت تنهن ۾ آهه هزاري عجب عجب.

-

برحق رکي عجيب اثر عشق جو شراب،

سياڻا ڪري ٿو  خاڪ بسرعشق جو شراب.

سڀ عقل ۽ هيا جون گهٽيون بند ڪري ڇڏي،

ڏي ٿو ڀُلايو مائٽ گهر عشق جو شراب.

-

بي وفا انسان کي صد حيف حيف،

جو جفا ڏي جان کي صد حيف حيف.

آسمان سان شاعر شڪايت هيئن ڪري ٿو:

تنهنجي ناز ۽ نعمتن تي آهه ڪهڙو اعتبار،

صبح جو پسجين اڇو ۽ شام احمر اي فلڪ،

جن گهرن ۾ گيت گانا کاجھ کانا بي غمي،

سائي ساعت ڪن گهرن ۾ روڄ محشر اي فلڪ.

مسافر رباعيءَ جو به سهڻو شاعر آهي. ڪليات ۾ ڪُل 24 رباعيون آهن. هڪڙي ٻيءَ کان بهتر:

جي مسافر توکي ارجمندي گُهرجي،

جي توکي دنيا ۾ حق پسندي گُهرجي.

وٺ جان ۽ دل سان خاڪساريءَ جي واٽ،

نِوِڙي هل جي توکي بلندي گُهرجي.

-

طوفان لڳن سخت ڪرن وڻ مضبوط،

بڙ ٻيڙ ٻٻر توڙي وڏا شاهه بلوط،

پر ڪانهه سر ۽ ٻانس نمن واءُ اڳيان،

ٿئي وار نه تن جو ڪو ونگو ساڻ مشروط.

مسافرن جي ڪلام جو تفصيلي جائزو همعصر دور ۾ گدا، سانگي ۽ فاضل سان وٺجي ته اِهي هڪ اهم تحقيقي موضوع بنجي ويندا. ڪلياتِ مسافر ۾ هُو کُلي ظاهر ٿيو آهي.

عزيز الله مجروح (1928-1962ع):

عزيز الله ابڙو مجروح، ڳوٺ جادو ڪلهوڙو تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جو هو. هو سنڌي، عربي ۽ فارسي پڙهيل هو. سندس ڪلام جي اصلاح جمع خان غريب ڪندو هو. عزيز الله مجروح جو موت نهايت درد ناڪ ٿيو. اٺين آگسٽ 1962ع تي رات جو ڪنهن مٿس ننڊ جي حالت ۾ بندوق جا ٻه فائر ڪيا ۽ بروقت دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس شعر جا ٻه ڪتاب، ناهلاءِ دل (ديوان) ۽ قطعات مجروح شايع ٿيل آهن. غزل جي پراڻي روايت موجب غزل موزون ڪيا اٿس. چوي ٿو:

برباد محبت سان تڪرار جو ڇا باعث،

بي جرم خطا رنجش ۽ خار جو ڇا باعث.

سيکاري سڄڻ توکي ڪنهن وعده فراموشي،

اقرار ڪري ۽ پوءِ انڪار جو ڇا باعث.

هي دل جي لڳي ناهي مجروح ڀلا ڇا هي،

ديوان جو ڇا باعث اشعار جو ڇا باعث.

حسن و عشق جون رومان پرور ڳالهيون ۽ رسواءِ عام جو منصب گڏ گڏ آهن. هن سلسلي ۾ عزيز الله مجروح چيو:

اي نسيمِ صبح آهي گلبدن گلفارم ڪٿ،

مضطرب دل جو سهارو دافع آلام ڪٿ،

واعظا ارشاد تنهنجو ٺيڪ آ پر هڪ عرض آ،

عشق جو ڪافر ڪٿي ۽ دين ڪٿ اسلام ڪٿ،

اي اکيون ڪجهه هوش ڌاريو لڙڪ هاريو ڪينڪي،

خوف دامنگير آهي ٿيو متان بدنام ڪٿ،

قيس جيان ٿئي زندگي صحرا نورديءَ ۾ گذر،

ڏينهن ڪٿ ۽ رات ڪٿ صبح ۽ شام ڪٿ.

سخت مشڪل آ ٿيڻ پرده نشين سان هم جليس،

ڪٿ اُهو مستور ۽ مجروح رسوا عام ڪٿ.

چوٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويل مجروح ۾ گهڻيون اُميدون هيون. سندس ڪلام جي پختگي اهو ظاهر ڪري ٿي.

گل نصرپوري (1937-1965ع):

سنڌي ادبي جي گلشن جو سدا بهادر گل هو، پر بهار ڏيکاريندي ئي ڪومائجي ويو ته به رگ ۽ خوشبوءِ پويان ڇڏي ويو. منهنجو پيارو دوست گُل حسن گل نصرپوري علم بديع، علم عروض ۽ شعر جي حسن ڪارين کي سمجهڻوارو هو. سندس ڪچهريءَ ۾ محبت جا مڻ هئا ۽ سراپا شعر هئي. گل حسن اصل نصرپور جو هو. پو حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولي محمد ۾ پنهنجي ڪٽب سان اچي رهيو. ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ۽ اُن کانپوءِ ٽنڊي الهيار ۾ مليس. اعليٰ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪيائين. گل جهڙو تعليم يافته ۽ شائستگيءَ جو قطب مينار مون ٻيو ڪو نه ڏٺو. چوندو هو ته مخالف راءِ رکڻ واري ۽ چچڙ ٽائپ دشمن کي وساري ڇڏيو پاڻهي ختم ٿي ويندو. مون کيس 1963ع ۾ ڏٺو ۽ منهنجي دل وٺي ورتائين. گل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي (سنڌي) ۾ سنڌي شعبي سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. آءٌ اتي ڪجهه مهينا اڳ ليڪچرر ٿيو هوس. گل کان گهڻو سکيم. ايم. اي فائنل ۾ نصاب جي تقاضا موجب چوٿين پيپر بدران نواب ولي محمد لغاريءَ جي شاعريءَ تي مونو گراف (مقالو) لکيائين، جنهن جو پوءِ هڪ باب ڪافيءَ جي گهاڙيٽن بابت ماهنامه نئين زندگي ۾ ڇپيو. اُن کان سواءِ گل جو ناول درياءَ جي ڪپ تي چپيل هو ۽ ڪلام رسالن ۾. ڪلام جي مجموعي جي تيارين ۾ هئاسين ته ناکئي اچي سڏ ڪيو. سائيءَ جي بيماريءَ تي گلاب کي اڳ ئي ڪومائي ڇڏيو هو. 29 سيپٽمبر 1965ع ۾مون کي چين اُماڻڻ لاءِ هوائي اڏي تي هلڻ لاءِ پئي تيار ٿيو! جناب غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جو انتساب گل جي نالي ڪيو. مولانا غلام محمد گراميءَ جي قلم بي ساخته رڙ ڪئي: اي موت! مَن ڪو موت پويئي! شل مري وڃين! وڌيڪ لکيائين ته اڃان شاخ حيات تي هوُ نوشگفته گُل وانگر مکڙي صورت ۾ ئي هو(31).

گُل ۾ ڪنهن غزل ۽ بيت وغيره تي برجسته پئروڊي جي به قابليت هئي. هڪ ڀيري پنهنجي ئي غزل تي چند پئروڊيءَ جا شعر برجسته  چيائين. اُهي لکيا ڪو نه ويا. اُنهن مان فقط هڪ غزل ۾ شامل رهيو. اُهو سڄو غزل هي آهي:

قدم اوهان جا بهارن جا رازدار آهن،

اکيون اسان جون سراپا انتظار آهن.

اوهان جي شوخ نگاهن جي مهرباني ٿي،

خزان رشيد دليون هاڻي پُر بهار آهن.

جتي اوهان جا قدم ٿيا، اُتي اسان جون اکيون،

اچو قريب هتي ڏاڍا انتظار آهن.

ٿڏيو ٿُڏي ئي ڇڏيو پر وري به پيا اينداسين،

ڪڏهن ته نيٺ مڃيندو ته جانثار آهن.

هتي نه تخت نه دولت نه عظمتون نه جلال،

غريب دل ۾ فقط پيار ئي پيار آهن.

اسان کي عشق جو آخر ڀرم ته رکڻو هو،

وگر نه درد جا درمان ته بيشمار آهن.

رقيب سان به کليو پيا سلام نياز ڪريون،

اسان جا سائين ٿين جو اوهان جا يار آهن (32).

اسان جي آهه ڪرڻ تي به آهي پابندي،

اوهان کي ليڪ ڪُهڻ تائين اختيار آهن (33).

اوهان ته روز گُلن ۾ تُرو ۽ عطر ۾ وهنجو،

اوهان کي ڪهڙي خبر ڪير بيقرار آهن.

غزل وانگر گل وٽ نظم لکڻ جو به ڏانءُ هو. سندس نظم بهار نه رڳو نظم جو هڪ بهترين مثال آهي، پر اُن جي اسلوب ۽ انداز ۾ هري دلگير ۽ نواز علي نياز جو اثر نمايان آهي. گل جي اسلوب ۽ جذبن کي سمجهڻ لاءِ سڄي نظم جو مطالعو بهتر ٿيندو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org